| وَالشَّمسِ وَضُحىٰها (آيت : 1) |
|
قسم آهي سِج جو ۽ ان جي روشني جو |
| وَالقَمَرِ إِذا تَلىٰها (آيت : 2) |
|
قسم آهي چنڊ جو جڏهن مڪمل روشني ڪري ٿو |
| وَالنَّهارِ إِذا جَلّىٰها (آيت : 3) |
|
قسم آهي ڏينهن جو جڏهن اهو سج کي روشن ڪري ٿو |
| وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰها (آيت : 4) |
|
قسم آهي رات جو جڏهن اها سج کي لڪائي ٿي |
| وَالسَّماءِ وَما بَنىٰها (آيت : 5) |
|
قسم آهي آسمان جو ۽ ان جي بنائيندڙ جو |
| وَالأَرضِ وَما طَحىٰها (آيت : 6) |
|
قسم آهي زمين جو ۽ ان جي پکيڙيندڙ جو |
| وَنَفسٍ وَما سَوّىٰها (آيت : 7) |
|
قسم آهي انسان جو ۽ ان جي درست ڪندڙ جو |
| فَأَلهَمَها فُجورَها وَتَقوىٰها (آيت : 8) |
|
پوءِ ان جي برائي ۽ چڱائي ان جي دل ۾ وِڌائين |
| قَد أَفلَحَ مَن زَكّىٰها (آيت : 9) |
|
بيشڪ ڪامياب ٿيو اهو شخص جنهن پنهنجي نفس کي پاڪ ڪيو |
| وَقَد خابَ مَن دَسّىٰها (آيت : 10) |
|
۽ بيشڪ ناڪام ٿيو اهو شخص جنهن پنهنجي نفس کي (گناهن ۾) لڪايو |
| كَذَّبَت ثَمودُ بِطَغوىٰها (آيت : 11) |
|
ثمود وارن پنهنجي سرڪشيءَ جي ڪري (پيغمبر (حضرت) صالح) کي نه مڃو |
| إِذِ انبَعَثَ أَشقىٰها (آيت : 12) |
|
جڏهن اهو شخص (ڏاچي کي مارڻ لاءِ) اُٿيو جيڪو وڏو بدبخت هو |
| فَقالَ لَهُم رَسولُ اللَّهِ ناقَةَ اللَّهِ وَسُقيٰها (آيت : 13) |
|
پوءِ انهن کي (حضرت) صالح چيو الله جي ڏاچي ۽ ان جي پاڻي پيئڻ جي واري کان پاسو ڪريو |
| فَكَذَّبوهُ فَعَقَروها فَدَمدَمَ عَلَيهِم رَبُّهُم بِذَنبِهِم فَسَوّىٰها (آيت : 14) |
|
پوءِ انهن ان کي ڪوڙو سمجھو، پوءِ انهن ڏاچيءَ کي هلاڪ ڪيو، پوءِ انهن کي سندن رب سندن گناه جي ڪري هلاڪ ڪيو پوءِ انهن کي برابر ڪيائين |
| وَلا يَخافُ عُقبٰها (آيت : 15) |
|
۽ الله تعالى کي انهن جي تباهي جي پرواهه نه هئي |