| وَالشَّمسِ وَضُحىٰها (آيت : 1) |
|
سج ۽ اُن جي سوجھري جو قسم آھي. |
| وَالقَمَرِ إِذا تَلىٰها (آيت : 2) |
|
۽ چنڊ جوقسم آھي جڏھن ان جي پوئتان اچي. |
| وَالنَّهارِ إِذا جَلّىٰها (آيت : 3) |
|
۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن سج کي روشن ڪري. |
| وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰها (آيت : 4) |
|
۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن سج کي ڍڪي. |
| وَالسَّماءِ وَما بَنىٰها (آيت : 5) |
|
۽ آسمان جو ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن اُن کي بڻايو. |
| وَالأَرضِ وَما طَحىٰها (آيت : 6) |
|
۽ زمين جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي پکيڙيو. |
| وَنَفسٍ وَما سَوّىٰها (آيت : 7) |
|
۽ (ماڻھوءَ جي) جيءُ جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي جوڙي برابر ڪيو. |
| فَأَلهَمَها فُجورَها وَتَقوىٰها (آيت : 8) |
|
پوءِ سندس بدڪاري ۽ سندس پرھيزگاريءَ (جي سڃاڻ) اندر ۾ وڌائينس. |
| قَد أَفلَحَ مَن زَكّىٰها (آيت : 9) |
|
جنھن اُن (نفس) کي (بدڪاريءَ کان) پاڪ ڪيو سو بيشڪ ڇٽو. |
| وَقَد خابَ مَن دَسّىٰها (آيت : 10) |
|
۽ جنھن اُن کي (گناھن ۾) پوري ڇڏيو سو بيشڪ ٽوٽي وارو ٿيو. |
| كَذَّبَت ثَمودُ بِطَغوىٰها (آيت : 11) |
|
(قوم) ثمود پنھنجي سرڪشيءَ سببان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو. |
| إِذِ انبَعَثَ أَشقىٰها (آيت : 12) |
|
جڏھن منجھانئن بلڪل نڀاڳو اُٿيو. |
| فَقالَ لَهُم رَسولُ اللَّهِ ناقَةَ اللَّهِ وَسُقيٰها (آيت : 13) |
|
پوءِ الله جي پيغمبر کين چيو ته الله جي ڏاچي ۽ اُن جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه ٿيو. |
| فَكَذَّبوهُ فَعَقَروها فَدَمدَمَ عَلَيهِم رَبُّهُم بِذَنبِهِم فَسَوّىٰها (آيت : 14) |
|
پوءِ پيغمبر کي ڪوڙو ڀانيائون پوءِ ڏاچيءَ جو کُچون ڪپيائون، پوءِ سندن گناھن سببان سندن پالڻھار مٿن عذاب پلٽيو پوءِ اُن (سزا) کي (سڀني) تي ھڪ جھڙو ڪري ڇڏيائين. |
| وَلا يَخافُ عُقبٰها (آيت : 15) |
|
۽ (الله) اُن (سزا) جي پڇاڙيءَ کان نه ٿو ڊڄي. |