| وَالشَّمسِ وَضُحىٰها (آيت : 1) |
|
شاهد آهن؛ سج ۽ سندس روشني. |
| وَالقَمَرِ إِذا تَلىٰها (آيت : 2) |
|
کانئس پٺيان ايندڙ چنڊ. |
| وَالنَّهارِ إِذا جَلّىٰها (آيت : 3) |
|
روشن ٿيل ڏينهن. |
| وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰها (آيت : 4) |
|
کيس ڍڪي ڇڏيندڙ رات، |
| وَالسَّماءِ وَما بَنىٰها (آيت : 5) |
|
آسمان ۽ کيس بڻائيندڙ، |
| وَالأَرضِ وَما طَحىٰها (آيت : 6) |
|
زمين ۽ کيس پکيڙيندڙ. |
| وَنَفسٍ وَما سَوّىٰها (آيت : 7) |
|
انسان ۽ جنهن کيس برابر ٺاهيو. |
| فَأَلهَمَها فُجورَها وَتَقوىٰها (آيت : 8) |
|
پوءِ کيس سندس چڱن ۽ بُرن ڪمن جي سمجهه ڏني، |
| قَد أَفلَحَ مَن زَكّىٰها (آيت : 9) |
|
ته بيشڪ جنهن روح کي پاڪ ڪيو تنهن مراد ماڻي، |
| وَقَد خابَ مَن دَسّىٰها (آيت : 10) |
|
۽ جنهن ان کي خراب ڪيو سو نقصان ۾ پيو. |
| كَذَّبَت ثَمودُ بِطَغوىٰها (آيت : 11) |
|
ثمود جي قوم سندس سرڪشيءَ سبب (رسول کي) ڪوڙو بڻايو. |
| إِذِ انبَعَثَ أَشقىٰها (آيت : 12) |
|
جڏهن منجهس هڪ نڀاڳو ساماڻو. |
| فَقالَ لَهُم رَسولُ اللَّهِ ناقَةَ اللَّهِ وَسُقيٰها (آيت : 13) |
|
پوءِ کين الله جي رسول چيو ته، ”الله جي ڏاچيءَ ۽ سندس پيئڻ جي واري (کان پاسو ڪريو)“ |
| فَكَذَّبوهُ فَعَقَروها فَدَمدَمَ عَلَيهِم رَبُّهُم بِذَنبِهِم فَسَوّىٰها (آيت : 14) |
|
مگر هنن کيس ڪوڙو سڏيو ۽ ان جون کچون ڪپي وڌائون، پوءِ سندس گناهه سبب سندس رب مٿن عذاب موڪليو ۽ پوءِ سڀني کي برابر ڪيائين. |
| وَلا يَخافُ عُقبٰها (آيت : 15) |
|
۽ کيس سندس بدلي وٺڻ جو ڪو ڊپ ناهي! |