| وَالشَّمسِ وَضُحىٰها (آيت : 1) |
|
قسم آهي سج جو ۽ان جي روشنيءَ جو . |
| وَالقَمَرِ إِذا تَلىٰها (آيت : 2) |
|
۽ چنڊ جو جڏهن ان جي پويان اچي . |
| وَالنَّهارِ إِذا جَلّىٰها (آيت : 3) |
|
۽ ڏينهن جو جڏهن ان کي روشن ڪري . |
| وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰها (آيت : 4) |
|
۽ رات جو جڏهن ان تي ڇائنجي وڃي . |
| وَالسَّماءِ وَما بَنىٰها (آيت : 5) |
|
۽ آسمان جو ۽ ان جو جنهن ان کي ٺاهيو . |
| وَالأَرضِ وَما طَحىٰها (آيت : 6) |
|
۽ زمين جو ۽ ان جو جنهن ان کي پکيڙيو . |
| وَنَفسٍ وَما سَوّىٰها (آيت : 7) |
|
۽ نفس جو ۽ جنهن ان کي برابر بنايو . |
| فَأَلهَمَها فُجورَها وَتَقوىٰها (آيت : 8) |
|
۽ پوءِ الهام ڪيائين ان کي ان جي برائي ۽ ان جي تقوى . |
| قَد أَفلَحَ مَن زَكّىٰها (آيت : 9) |
|
تحقيق ڪامياب ٿيو جنهن ان کي صاف ڪيو . |
| وَقَد خابَ مَن دَسّىٰها (آيت : 10) |
|
۽ تحقيق نقصان وارو ٿيو جنهن ان کي گناهن ۾ پوري ڇڏيو . |
| كَذَّبَت ثَمودُ بِطَغوىٰها (آيت : 11) |
|
ڪوڙو چيو ثمود پنهنجي سرڪشيءَ جي ڪري . |
| إِذِ انبَعَثَ أَشقىٰها (آيت : 12) |
|
جڏهن اٿيو وڏو بدبخت انهن مان . |
| فَقالَ لَهُم رَسولُ اللَّهِ ناقَةَ اللَّهِ وَسُقيٰها (آيت : 13) |
|
پوءِ چيو انهن کي الله جي رسول ته الله جي ڏاچيءَ ۽ ان جي پاڻي پيئڻ کي آڏو نه ٿيو . |
| فَكَذَّبوهُ فَعَقَروها فَدَمدَمَ عَلَيهِم رَبُّهُم بِذَنبِهِم فَسَوّىٰها (آيت : 14) |
|
پوءِ ان کي ڪوڙو چيائيون پوءِ ان (ڏاچيءَ) جون ٽنگون وڍيائون پوءِ پلٽيو انهن تي سندن رب (عذاب) سندن گناهن جي ڪري پوءِ انهن کي برابر ڪيائين . |
| وَلا يَخافُ عُقبٰها (آيت : 15) |
|
۽ نه ٿو خوف رکي ان جي انجام جو. |