| وَالشَّمسِ وَضُحىٰها (آيت : 1) |
|
قسم آهي سج ۽ ان جي روشنيءَ جو. |
| وَالقَمَرِ إِذا تَلىٰها (آيت : 2) |
|
قسم آهي چنڊ جو جڏهن هو ان جي پويان ايندو آهي. |
| وَالنَّهارِ إِذا جَلّىٰها (آيت : 3) |
|
قسم آهي ڏينھن جو جڏهن هو اُن (سج) کي ظاهر ڪندو آهي. |
| وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰها (آيت : 4) |
|
قسم آهي رات جو جڏهن اُها اُن (سج) کي ڍڪي ڇڏيندي آهي. |
| وَالسَّماءِ وَما بَنىٰها (آيت : 5) |
|
قسم آهي آسمان جو ۽ اُن ذات جو جنھن ان کي بڻايو آهي. |
| وَالأَرضِ وَما طَحىٰها (آيت : 6) |
|
قسم آهي زمين جو ۽ اُن هستيءَ جو جنھن اُن کي وڇايو آهي. |
| وَنَفسٍ وَما سَوّىٰها (آيت : 7) |
|
۽ قسم آهي نفس جو ۽ ان جو جنھن اُن کي برابر ڪيو آهي. |
| فَأَلهَمَها فُجورَها وَتَقوىٰها (آيت : 8) |
|
پوءِ ان کي برائي ۽ ڀلائي جي سڃاڻڻ جي پرک عطا ڪئي. |
| قَد أَفلَحَ مَن زَكّىٰها (آيت : 9) |
|
بيشڪ اهوئي ڪامياب ٿي ويو جنھن ان (نفس) کي پاڪ رکيو. |
| وَقَد خابَ مَن دَسّىٰها (آيت : 10) |
|
۽ اهوئي ناڪام رهيو جنھن ان (نفس) کي گناهن ۾ ٻوڙي ڇڏيو. |
| كَذَّبَت ثَمودُ بِطَغوىٰها (آيت : 11) |
|
ثمود قوم پنھنجي بغاوت جي ڪري (رسول کي) ڪوڙو ڪيو. |
| إِذِ انبَعَثَ أَشقىٰها (آيت : 12) |
|
جڏهن انهن مان هڪ انتھائي بدبخت شخص (ڏاچيءَ کي قتل ڪرڻ لاءِ) اٿيو. |
| فَقالَ لَهُم رَسولُ اللَّهِ ناقَةَ اللَّهِ وَسُقيٰها (آيت : 13) |
|
ته الله تعالى جي رسول سڳوري انهن ماڻهن کي چيو ته (خبردار!) هن ڏاچي جي اڳيان نه اچجو ۽ نه ئي هن جي پاڻي پيئڻ ۾ ڪا رنڊڪ وجهو. |
| فَكَذَّبوهُ فَعَقَروها فَدَمدَمَ عَلَيهِم رَبُّهُم بِذَنبِهِم فَسَوّىٰها (آيت : 14) |
|
پر انهن ماڻهن رسول سڳوري کي ڪوڙو ڪيو پوءِ ڏاچيء کي لُولو لنگڙو ڪري ماري ڇڏيو.پوءِ سندن پالڻھار سندن گناهن جي ڪري مٿن (اهڙو) عذاب موڪليو جو (کين مٽيءَ ۾ ملائي) برابر ڪري ڇڏيو. |
| وَلا يَخافُ عُقبٰها (آيت : 15) |
|
الله تعالى کي انهن جي سزا جي نتيجي جو ڪوبه خوف ناهي. |