| وَالشَّمسِ وَضُحىٰها (آيت : 1) |
|
قسم سج جو ۽ ان جي اُس (روشنيءَ) جو |
| وَالقَمَرِ إِذا تَلىٰها (آيت : 2) |
|
قسم چنڊ جو جڏهن اهو ان جي پويان اچي |
| وَالنَّهارِ إِذا جَلّىٰها (آيت : 3) |
|
قسم ڏينهن جو جڏهن ان کي (سج) چٽو ڪري |
| وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰها (آيت : 4) |
|
قسم رات جو جڏهن (سج) ان کي ڍڪي ڇڏي |
| وَالسَّماءِ وَما بَنىٰها (آيت : 5) |
|
قسم آسمان جو ۽ ان کي قائم ڪندڙ ذات جو |
| وَالأَرضِ وَما طَحىٰها (آيت : 6) |
|
قسم زمين ۽ ان ذات جو جنهن ان کي پکيڙيو |
| وَنَفسٍ وَما سَوّىٰها (آيت : 7) |
|
قسم ان جيءَ ۽ ان ذات جو جنهن ان کي سڌو ڪيو |
| فَأَلهَمَها فُجورَها وَتَقوىٰها (آيت : 8) |
|
پوءِ الهام ڪيو ان تي بدڪاري ۽ پرهيزگاري جو |
| قَد أَفلَحَ مَن زَكّىٰها (آيت : 9) |
|
بيشڪ ڪامياب ٿيو اهو جنهن ان (نفس) کي پاڪ ڪيو |
| وَقَد خابَ مَن دَسّىٰها (آيت : 10) |
|
۽ نامراد رهيو اهو جنهن ان کي پوري ڇڏيو (براين ۾) |
| كَذَّبَت ثَمودُ بِطَغوىٰها (آيت : 11) |
|
ڪوڙو چيو ثمود پنهنجي سرڪشي سببان |
| إِذِ انبَعَثَ أَشقىٰها (آيت : 12) |
|
جڏهن اٿيو ان قوم مان سڀ کان وڏو نڀاڳو (نامراد) |
| فَقالَ لَهُم رَسولُ اللَّهِ ناقَةَ اللَّهِ وَسُقيٰها (آيت : 13) |
|
پوءِ چيو انهن کي رسول الله ته (خبردار) ڏاچي الله جي کي ڇڏيو ان جي پاڻي پيئڻ لاءِ |
| فَكَذَّبوهُ فَعَقَروها فَدَمدَمَ عَلَيهِم رَبُّهُم بِذَنبِهِم فَسَوّىٰها (آيت : 14) |
|
پوءِ ڪوڙو ڪيو ان کي پوءِ ڪٺائون (ڏاچيءَ کي)، نيٺ تباهي آندي انهن تني سندن رب سندن ڏوهه سبب، پوءِ سڀني کي مٽي ڪري ڇڏيو |
| وَلا يَخافُ عُقبٰها (آيت : 15) |
|
۽ ناهي ان کي خوف بري نتيجي جو |