| لا أُقسِمُ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 1) |
|
نه، مان قسم ٿو کڻان هن شهر جو |
| وَأَنتَ حِلٌّ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 2) |
|
۽ (اي نبي) توکي هن شهر ۾ رهاڪو بڻايو ويو آهي |
| وَوالِدٍ وَما وَلَدَ (آيت : 3) |
|
۽ مان قسم ٿو کڻان، پيءُ (يعني آدم ؑ) جو ۽ ان اولاد جو، جيڪا ان مان پيدا ٿي آهي |
| لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى كَبَدٍ (آيت : 4) |
|
حقيقت ۾ اسان انسان کي ڪَشالي ۾ پيدا ڪيو آهي |
| أَيَحسَبُ أَن لَن يَقدِرَ عَلَيهِ أَحَدٌ (آيت : 5) |
|
ڀلا ائين کڻي سمجهيو اٿائين ڇا ته مٿس ڪوبه سوڀارو نه ٿي سگهندو؟ |
| يَقولُ أَهلَكتُ مالًا لُبَدًا (آيت : 6) |
|
چوي ٿو ته مون ته مال جا ڍڳ اڏائي ڇڏيا |
| أَيَحسَبُ أَن لَم يَرَهُ أَحَدٌ (آيت : 7) |
|
ائين ٿو سمجهي ڇا ته ڪنهن به کيس نه ڏٺو آهي؟ |
| أَلَم نَجعَل لَهُ عَينَينِ (آيت : 8) |
|
ڇا اسان کيس ٻه اکيون نه ڏنيون آهن؟ |
| وَلِسانًا وَشَفَتَينِ (آيت : 9) |
|
۽ هڪ زبان ۽ ٻه چپ (نه ڏنا آهن) |
| وَهَدَينٰهُ النَّجدَينِ (آيت : 10) |
|
۽ وري کيس (نيڪي ۽ بدي جا) ٻئي پڌرا رستا (نه) ڏيکاري ڇڏيا آهن؟ |
| فَلَا اقتَحَمَ العَقَبَةَ (آيت : 11) |
|
پوءِ به هن ڏکي لــَـڪَ مان لنگهڻ جي همت نه ٻڌي |
| وَما أَدرىٰكَ مَا العَقَبَةُ (آيت : 12) |
|
۽ توکي ڪهڙي خبر ته ڏکيو لـَـڪُ ڇا آهي؟ |
| فَكُّ رَقَبَةٍ (آيت : 13) |
|
ڪنهن ڪنڌ کي غلاميءَ مان آجو ڪرڻ |
| أَو إِطعٰمٌ فى يَومٍ ذى مَسغَبَةٍ (آيت : 14) |
|
يا بک واري ڏينهن کاڌو کارائڻ |
| يَتيمًا ذا مَقرَبَةٍ (آيت : 15) |
|
ڪنهن مائٽ يتيم کي |
| أَو مِسكينًا ذا مَترَبَةٍ (آيت : 16) |
|
يا ڌوڙ ۾ ويٺل مسڪين کي |
| ثُمَّ كانَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَتَواصَوا بِالصَّبرِ وَتَواصَوا بِالمَرحَمَةِ (آيت : 17) |
|
پوءِ (تنهن سان گڏ) انهن ماڻهن ۾ شامل ٿئي، جن ايمان آندو ۽ جن هڪ ٻئي کي صبر ڪرڻ ۽ (الله جي مخلوق تي) ترس کائڻ جي تلقين ڪئي |
| أُولٰئِكَ أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 18) |
|
اهي ماڻهو آهن ساڄي پاسي وارا |
| وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا هُم أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 19) |
|
۽ جن اسان جي آيتن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو، اهي کاٻي پاسي وارا آهن |
| عَلَيهِم نارٌ مُؤصَدَةٌ (آيت : 20) |
|
مٿن باهه ڇانيل هوندي |