| لا أُقسِمُ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 1) |
|
مون کي هن شهر (مڪي) جو قسم آهي، |
| وَأَنتَ حِلٌّ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 2) |
|
۽ تون هن شهر ۾ رهين ٿو، |
| وَوالِدٍ وَما وَلَدَ (آيت : 3) |
|
۽ تنهنجي پيءُ (آدم) ۽ ان جي اولاد جو قسم، |
| لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى كَبَدٍ (آيت : 4) |
|
ته اسان انسان کي مشقت ۾ (رهڻ وارو) ڪري پيدا ڪيو آهي. |
| أَيَحسَبُ أَن لَن يَقدِرَ عَلَيهِ أَحَدٌ (آيت : 5) |
|
ڇا هو خيال ڪري ٿو ته مٿس هرگز ڪنهن جو زور هلي نه سگهندو. |
| يَقولُ أَهلَكتُ مالًا لُبَدًا (آيت : 6) |
|
چوي ٿو ته: مون مال جا (ڪيئي) ڍير ضايع ڪيا آهن. |
| أَيَحسَبُ أَن لَم يَرَهُ أَحَدٌ (آيت : 7) |
|
ڇا هو خيال ڪري ٿو ته ان کي ڪنهن به نه ڏٺو آهي، |
| أَلَم نَجعَل لَهُ عَينَينِ (آيت : 8) |
|
ڇا اسان سندس ٻه اکيون |
| وَلِسانًا وَشَفَتَينِ (آيت : 9) |
|
۽ زبان ۽ ٻه چپ نه بنايا آهن، (ضرور بنايا) |
| وَهَدَينٰهُ النَّجدَينِ (آيت : 10) |
|
۽ کيس (چڱي ۽ بري) ٻئي راهون (واٽون) به ڏيکاري ڇڏيون. |
| فَلَا اقتَحَمَ العَقَبَةَ (آيت : 11) |
|
پوءِ به هو همت ڪري سخت لڪ مان (ڇو) لنگهي پار نه پيو؟ |
| وَما أَدرىٰكَ مَا العَقَبَةُ (آيت : 12) |
|
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته سخت لڪ ڇا آهي؟ |
| فَكُّ رَقَبَةٍ (آيت : 13) |
|
ڪنهن (غلام يا قرضدار کي) ڇڏائڻو آهي، |
| أَو إِطعٰمٌ فى يَومٍ ذى مَسغَبَةٍ (آيت : 14) |
|
يا بک جي ڏينهن کاڌو کارائڻو آهي، |
| يَتيمًا ذا مَقرَبَةٍ (آيت : 15) |
|
مٽيءَ مائٽيءَ واري يتيم کي، |
| أَو مِسكينًا ذا مَترَبَةٍ (آيت : 16) |
|
يا مٽيءَ ۾ رليل مسڪين کي. |
| ثُمَّ كانَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَتَواصَوا بِالصَّبرِ وَتَواصَوا بِالمَرحَمَةِ (آيت : 17) |
|
پوءِ تون انهن ماڻهن ۾ (شامل) ٿي وڃين ها جن ايمان آندو ۽ صبر جي نصيحت ۽ ترس کائڻ جي وصيت ڪندا رهن ٿا. |
| أُولٰئِكَ أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 18) |
|
اهي ئي شخص خوش نصيب آهن. |
| وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا هُم أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 19) |
|
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو آهي سي بدبخت آهن. |
| عَلَيهِم نارٌ مُؤصَدَةٌ (آيت : 20) |
|
جو انهن کي باھ ۾ وجهي (اها) باھ هر طرف کان بند ڪئي ويندي. |