لا أُقسِمُ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 1) |
گُواھ ڪريان هِن گام کي، |
وَأَنتَ حِلٌّ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 2) |
جڏهن مَنجھسِ، تون موجود، |
وَوالِدٍ وَما وَلَدَ (آيت : 3) |
۽ ساکي آهِن سَگھ تي، والِد ۽ مَولُود، |
لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى كَبَدٍ (آيت : 4) |
ته اُهکِي وِچ اِنسان کي، خلقيو سون خُوشنود، |
أَيَحسَبُ أَن لَن يَقدِرَ عَلَيهِ أَحَدٌ (آيت : 5) |
هَرگز نه پُڄندسِ هيڪڙو، ڇا، ڀانئي ٿو بي سُود؟، |
يَقولُ أَهلَكتُ مالًا لُبَدًا (آيت : 6) |
مِوٽي هَڻندو هَٿڙا، ته تَرڪ ڪيو مُون طُود، |
أَيَحسَبُ أَن لَم يَرَهُ أَحَدٌ (آيت : 7) |
ڇا، ڀانئـِين ٿو بِيهُود، ته هرگز ڏِسيسِ نَه هيڪڙو؟ |
أَلَم نَجعَل لَهُ عَينَينِ (آيت : 8) |
ڇا، ٻَه اکيون اُن جون، ڪيون سون ئـِي ڪِين؟ |
وَلِسانًا وَشَفَتَينِ (آيت : 9) |
۽ زبان ذَوق ذِڪر لئي، بِه لَب لَعل رَنگِين، |
وَهَدَينٰهُ النَّجدَينِ (آيت : 10) |
۽ ڏَسيا سُونسِ ڏُک سُک جا، اَحوال ۽ آئـِين، |
فَلَا اقتَحَمَ العَقَبَةَ (آيت : 11) |
پوءِ بِه پَڇاڙِي ڳالھ جِي، نه جاچئـِين ساڻ يَقِين، |
وَما أَدرىٰكَ مَا العَقَبَةُ (آيت : 12) |
۽ ڪِنهن پَتو ڏِنئـِي اِن ڳالھ جو؟ ته ڇا آهي سا اَمِين! |
فَكُّ رَقَبَةٍ (آيت : 13) |
ڪَڍڻ ڳَٽ ڳِچِئ مان، گولي ڪِنهن غمگين، |
أَو إِطعٰمٌ فى يَومٍ ذى مَسغَبَةٍ (آيت : 14) |
يا ڏِيَڻ ڏُکـئي ڏِينهن ۾، حالت مَنجھ حَزِين، |
يَتيمًا ذا مَقرَبَةٍ (آيت : 15) |
يا قُوْت قَرِيب، يَتِيم کي، |
أَو مِسكينًا ذا مَترَبَةٍ (آيت : 16) |
يا مِٽي ڀَريل مِسڪِين، |
ثُمَّ كانَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَتَواصَوا بِالصَّبرِ وَتَواصَوا بِالمَرحَمَةِ (آيت : 17) |
تِنهان پوءِ رهيو، تِن م، جي مُؤمِن مُسلِمين، سَبق ڏِنائون صَبر جو، پڻ تَرس سَندِي تَلقِين، |
أُولٰئِكَ أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 18) |
اُهي آهن اَهل يـَمِين، سائـِين سائي هَٿ جا. |
وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا هُم أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 19) |
۽ اَسان جي آيتن کان، جِن اَنڌن ڪيو اِنڪار، اُهي نڀاڳا نِڪڻي، هَٿ کٻي جا حَقدار، |
عَلَيهِم نارٌ مُؤصَدَةٌ (آيت : 20) |
ويڙهيل ويرو تار، آهي آگ اُنهن تان. |