| لا أُقسِمُ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 1) |
|
هن شهر (مڪي) جو قسم آهي |
| وَأَنتَ حِلٌّ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 2) |
|
۽ تون هن شهر ۾ رهندڙ آهين |
| وَوالِدٍ وَما وَلَدَ (آيت : 3) |
|
۽ ڄڻيندڙ ۽ ڄڻيل جو (قسم آهي) |
| لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى كَبَدٍ (آيت : 4) |
|
ته بيشڪ اسان انسان کي مشقت ۾ (پوڻ لاءِ) پيدا ڪيو آهي |
| أَيَحسَبُ أَن لَن يَقدِرَ عَلَيهِ أَحَدٌ (آيت : 5) |
|
ڇا هو خيال ڪري ٿو ته مٿس هرگز ڪنهن جو زور هلي نه سگهندو |
| يَقولُ أَهلَكتُ مالًا لُبَدًا (آيت : 6) |
|
چوي ٿو ته مون مال جا ڍير لٽايا آهن. |
| أَيَحسَبُ أَن لَم يَرَهُ أَحَدٌ (آيت : 7) |
|
ڇا هو خيال ڪري ٿو ته ان کي ڪنهن به نه ڏٺو آهي. |
| أَلَم نَجعَل لَهُ عَينَينِ (آيت : 8) |
|
ڇا اسان سندس ٻه اکيون |
| وَلِسانًا وَشَفَتَينِ (آيت : 9) |
|
۽ زبان ۽ چپ نه بنايا آهن؟ |
| وَهَدَينٰهُ النَّجدَينِ (آيت : 10) |
|
۽ اسان ان کي (خير ۽شر جا) ٻه شاهي رستا ڏيکاري ڇڏيا آهن |
| فَلَا اقتَحَمَ العَقَبَةَ (آيت : 11) |
|
پوءِ به هو همت ڪري سخت لڪ ۾ نه گهڙيو. |
| وَما أَدرىٰكَ مَا العَقَبَةُ (آيت : 12) |
|
۽ (اي پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر ته سخت لڪ ڇا آهي ؟ |
| فَكُّ رَقَبَةٍ (آيت : 13) |
|
اهو ٻانهي کي آزاد ڪرائڻو آهي |
| أَو إِطعٰمٌ فى يَومٍ ذى مَسغَبَةٍ (آيت : 14) |
|
يا بک جي ڏينهن کاڌو کارائڻو آهي |
| يَتيمًا ذا مَقرَبَةٍ (آيت : 15) |
|
مٽيءَ مائٽي واري يتيم کي |
| أَو مِسكينًا ذا مَترَبَةٍ (آيت : 16) |
|
يا مٽيءَ ۾ رَليل مسڪين کي |
| ثُمَّ كانَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَتَواصَوا بِالصَّبرِ وَتَواصَوا بِالمَرحَمَةِ (آيت : 17) |
|
وري انهن مان ٿئي جن ايمان آندو ۽ هڪ ٻئي کي صبر ڪرڻ جي وصيت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي رحم ڪرڻ جي وصيت ڪئي آهي. |
| أُولٰئِكَ أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 18) |
|
اهي ئي سڀاڳا آهن |
| وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا هُم أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 19) |
|
۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي ئي نڀاڳا آهن |
| عَلَيهِم نارٌ مُؤصَدَةٌ (آيت : 20) |
|
انهن تي باهه دميل هوندي. |