| لا أُقسِمُ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 1) |
|
آءٌ هن شهر (مڪي) جو قسم ٿو کڻان. |
| وَأَنتَ حِلٌّ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 2) |
|
ان حال ۾ جو تون (اي نبي) هن شهر ۾ رهندڙ آهين. |
| وَوالِدٍ وَما وَلَدَ (آيت : 3) |
|
۽ (قسم آهي انساني) پيءُ جو ۽ اولاد جو. |
| لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى كَبَدٍ (آيت : 4) |
|
ته بيشڪ اسان انسان کي تڪليف ۾ (مبتلا رهڻ لاءِ) پيدا ڪيو آهي. |
| أَيَحسَبُ أَن لَن يَقدِرَ عَلَيهِ أَحَدٌ (آيت : 5) |
|
ڇا هُو خيال ڪري ٿو ته هرگز ان تي ڪنهن جو زور هلي نه سگهندو. |
| يَقولُ أَهلَكتُ مالًا لُبَدًا (آيت : 6) |
|
چوي ٿو ته: ”مون مال جا انبار خرچ ڪيا آهن“. |
| أَيَحسَبُ أَن لَم يَرَهُ أَحَدٌ (آيت : 7) |
|
ڇا هُو سمجهي ٿو ته ان کي ڪنهن به نه ڏٺو آهي. |
| أَلَم نَجعَل لَهُ عَينَينِ (آيت : 8) |
|
ڇا اسان ان جون ٻه اکيون نه ٺاهيون آهن. |
| وَلِسانًا وَشَفَتَينِ (آيت : 9) |
|
۽ هڪ زبان ۽ ٻه چپ (نه بنايا آهن). |
| وَهَدَينٰهُ النَّجدَينِ (آيت : 10) |
|
۽ اسان کيس (خير ۽ شر جا) ٻه رستا ڏيکاريا آهن. |
| فَلَا اقتَحَمَ العَقَبَةَ (آيت : 11) |
|
پوءِ هوُ (صالح عملن جي) مشڪل لَڪَ کان نه لنگھيو. |
| وَما أَدرىٰكَ مَا العَقَبَةُ (آيت : 12) |
|
۽ تو کي ڪنهن ڄاڻايو ته اُها گهاٽي ڇا آهي؟ |
| فَكُّ رَقَبَةٍ (آيت : 13) |
|
ڪنهن ڪنڌ کي (غلامي مان) آزاد ڪرائڻ آهي. |
| أَو إِطعٰمٌ فى يَومٍ ذى مَسغَبَةٍ (آيت : 14) |
|
يا بک واري ڏينهن کاڌو کارائڻ آهي. |
| يَتيمًا ذا مَقرَبَةٍ (آيت : 15) |
|
رشتيدار يتيم کي. |
| أَو مِسكينًا ذا مَترَبَةٍ (آيت : 16) |
|
يا خاڪ نشين مسڪين کي. |
| ثُمَّ كانَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَتَواصَوا بِالصَّبرِ وَتَواصَوا بِالمَرحَمَةِ (آيت : 17) |
|
پوءِ انهن ماڻهن مان ٿئي جن ايمان آندو ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي نصيحت ڪيائون ۽ هڪ ٻئي کي رحم ڪرڻ جي وصيت ڪيائون. |
| أُولٰئِكَ أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 18) |
|
اُهي ماڻهو ساڄي پاسي وارا (خوشبخت) آهن. |
| وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا هُم أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 19) |
|
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن سان ڪفر ڪيو اُهي کاٻي پاسي وارا (بدبخت) آهن. |
| عَلَيهِم نارٌ مُؤصَدَةٌ (آيت : 20) |
|
انهن تي دَمِيَلَ باهه هوندي. |