| لا أُقسِمُ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 1) |
|
هن شهر (مڪي) جو قسم آهي. |
| وَأَنتَ حِلٌّ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 2) |
|
جو تون هن شهر ۾ (جدوجهد جي عملي زندگيءَ سان) رهندڙ آهين. |
| وَوالِدٍ وَما وَلَدَ (آيت : 3) |
|
۽ ڄڻيندڙ ۽ ڄڻيل (آدم ۽ سندس اولاد) جو (قسم آهي). |
| لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى كَبَدٍ (آيت : 4) |
|
ته بيشڪ اسان انسان کي (وحي جي تابع رهي هڪ متوازن زندگي گذارڻ جي) مشقت ۾ (گذارڻ لاءِ) پيدا ڪيو آهي. |
| أَيَحسَبُ أَن لَن يَقدِرَ عَلَيهِ أَحَدٌ (آيت : 5) |
|
ڇا هو خيال ڪري ٿو ته، مٿس ڪابه قابض ۽ ضابطي واري قوت ناهي (جنهن جي قانونن جي اطاعت کيس ڪرڻ گهرجي.) |
| يَقولُ أَهلَكتُ مالًا لُبَدًا (آيت : 6) |
|
چوي ٿو ته، مون (دنيا جي حياتيءَ ۾) مال جا ڍير لٽايا آهن. |
| أَيَحسَبُ أَن لَم يَرَهُ أَحَدٌ (آيت : 7) |
|
ڇا هو خيال ڪري ٿو ته، (جن شين ۽ مصارفن تي هن ڍير لٽايا آهن) ان کي ڪنهن به نه ڏٺو آهي. |
| أَلَم نَجعَل لَهُ عَينَينِ (آيت : 8) |
|
ڇا (شين کي ڏسڻ جي تميز ۽ مشاهدي لاءِ) اسان سندس ٻه اکيون (نه جوڙيون آهن)! |
| وَلِسانًا وَشَفَتَينِ (آيت : 9) |
|
۽ (پڇڻ ٻڌائڻ کيس) زبان ۽ ٻه چپ نه بنايا آهن! |
| وَهَدَينٰهُ النَّجدَينِ (آيت : 10) |
|
۽ اسان ان کي (وحي جي تعليم ذريعي چڱائيءَ برائيءَ جا) ٻه شاهي رستا نه ڏيکاري ڇڏيا آهن! |
| فَلَا اقتَحَمَ العَقَبَةَ (آيت : 11) |
|
پوءِ به هو همت ڪري (ذاتي مفاد جي عيش پرستيءَ واري رستي کي ڇڏي عام انساني مفاد جي) سخت لڪ ۾ نه گهڙيو. |
| وَما أَدرىٰكَ مَا العَقَبَةُ (آيت : 12) |
|
۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته سخت لڪ ڇا آهي. (جيڪو آهي ته صبر آزما، پر انسان کي بلندين جي طرف وٺي وڃي ٿو.) |
| فَكُّ رَقَبَةٍ (آيت : 13) |
|
(ٻڌو اهو رستو هي آهي ته) ٻانهن کي ( هر قسم جي غلامين مان) آزاد ڪرائڻو آهي، (جيئن هرهڪ ماڻهوءَ کي جسماني، ذهني ۽ قلبي آزادي هجي ۽ هو خدا کان سواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ ۾ نه هجي). |
| أَو إِطعٰمٌ فى يَومٍ ذى مَسغَبَةٍ (آيت : 14) |
|
يا بک جي ڏينهن ۾ کاڌو کارائڻو آهي. |
| يَتيمًا ذا مَقرَبَةٍ (آيت : 15) |
|
مٽيءَ مائٽيءَ واري يتيم کي. |
| أَو مِسكينًا ذا مَترَبَةٍ (آيت : 16) |
|
يا (توڙي) مٽيءَ هاڻن (سڀني) مسڪينن کي. |
| ثُمَّ كانَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَتَواصَوا بِالصَّبرِ وَتَواصَوا بِالمَرحَمَةِ (آيت : 17) |
|
وري انهن ماڻهن مان ٿئي جن (الله جي پالڻهاريءَ وارن ٺوس قانونن تي) ايمان آندو ۽ هڪ ٻئي کي صبر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي رحم ڪرڻ جي وصيت ڪئي آهي. |
| أُولٰئِكَ أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 18) |
|
اهي ئي سڀاڳا آهن، (جن کي هر قسم جون برڪتون حاصل ٿينديون). |
| وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا هُم أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 19) |
|
۽ جن اسان جي (پالڻهاريءَ وارين) آيتن جو انڪار ڪيو سي ئي نڀاڳا آهن. (۽ بي برڪتي انهن جي مقدر آهي). |
| عَلَيهِم نارٌ مُؤصَدَةٌ (آيت : 20) |
|
انهن تي (هن دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به) باهه دميل هوندي. |