| لا أُقسِمُ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 1) |
|
قسم آهي مون کي هن عظمت واري شهر (مڪه مڪرمه) جو |
| وَأَنتَ حِلٌّ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 2) |
|
۽ رسولِ عربي توهان هن عظمت واري شهر ۾ رهندڙ آهيو |
| وَوالِدٍ وَما وَلَدَ (آيت : 3) |
|
قسم آهي رسولِ عربي جو ۽ ان جي امت جو |
| لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى كَبَدٍ (آيت : 4) |
|
بيشڪ تحقيق اسان انسان کي تڪليف لاءِ پيدا ڪيو |
| أَيَحسَبُ أَن لَن يَقدِرَ عَلَيهِ أَحَدٌ (آيت : 5) |
|
ڇا اهو (ڪافر) ڀانئين ٿو ته ڪوبه هڪڙو ان تي قادر نه ٿيندو |
| يَقولُ أَهلَكتُ مالًا لُبَدًا (آيت : 6) |
|
اهو چوي ٿو مون تمام گھڻو مال وڃايو |
| أَيَحسَبُ أَن لَم يَرَهُ أَحَدٌ (آيت : 7) |
|
ڇا پوءِ اهو ڀانئي ٿو ته ان کي ڪوبه نٿو ڏسي |
| أَلَم نَجعَل لَهُ عَينَينِ (آيت : 8) |
|
ڇا اسان ان لاءِ ٻه اکيون پيدا نه ڪيون؟ |
| وَلِسانًا وَشَفَتَينِ (آيت : 9) |
|
۽ زبان ۽ ٻه چپ پيدا نه ڪيا؟ |
| وَهَدَينٰهُ النَّجدَينِ (آيت : 10) |
|
۽ اسان ان کي (خير ۽ شر جون) ٻه واٽون نه ڏيکاريون |
| فَلَا اقتَحَمَ العَقَبَةَ (آيت : 11) |
|
پوءِ عَقبه ۾ ٽپو نه ڏيو |
| وَما أَدرىٰكَ مَا العَقَبَةُ (آيت : 12) |
|
۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته عَقبهه ڇا آهي؟ |
| فَكُّ رَقَبَةٍ (آيت : 13) |
|
ٻانهي کي آزاد ڪرڻ |
| أَو إِطعٰمٌ فى يَومٍ ذى مَسغَبَةٍ (آيت : 14) |
|
يا بک واري ڏينهن طعام کارائڻ |
| يَتيمًا ذا مَقرَبَةٍ (آيت : 15) |
|
ان يتيم کي جيڪو ويجھو مائٽ هجي |
| أَو مِسكينًا ذا مَترَبَةٍ (آيت : 16) |
|
يا ان مسڪين کي جيڪو مِٽيءَ ۾ رهندڙ هجي |
| ثُمَّ كانَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَتَواصَوا بِالصَّبرِ وَتَواصَوا بِالمَرحَمَةِ (آيت : 17) |
|
پوءِ اهو اهڙن ماڻهن مان هجي جن ايمان آندو ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي رحم و ڪرم جي وصيت ڪئي |
| أُولٰئِكَ أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 18) |
|
اهي ساڄي پاسي وارا (بهشتي) آهن |
| وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا هُم أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 19) |
|
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو اهي کاٻي پاسي وارا (دوزخي) آهن |
| عَلَيهِم نارٌ مُؤصَدَةٌ (آيت : 20) |
|
انهن تي دم ڏنل باه هوندي |