لا أُقسِمُ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 1) |
ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو. |
وَأَنتَ حِلٌّ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 2) |
۽ تون ھن شھر ۾ (ته) رھندڙ آھين. |
وَوالِدٍ وَما وَلَدَ (آيت : 3) |
۽ ڄڻيندڙ جو (قسم کڻان ٿو) ۽ ان جو جيڪو ڄايو. |
لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى كَبَدٍ (آيت : 4) |
ته بيشڪ ماڻھو کي ڏک ۾ (پوڻ لاءِ) خلقيوسون. |
أَيَحسَبُ أَن لَن يَقدِرَ عَلَيهِ أَحَدٌ (آيت : 5) |
(ماڻھو) ڀانئيندو آھي ڇا ته مٿس ڪوبه غالب نه ٿيندو؟ |
يَقولُ أَهلَكتُ مالًا لُبَدًا (آيت : 6) |
چوي ٿو ته مون تمام گھڻو مال کپايو. |
أَيَحسَبُ أَن لَم يَرَهُ أَحَدٌ (آيت : 7) |
ڀانئيندو آھي ڇا ته ڪنھن ڪونه ڏٺو اٿس؟ |
أَلَم نَجعَل لَهُ عَينَينِ (آيت : 8) |
کيس ٻه اکيون نه ڏنيون اٿون ڇا؟ |
وَلِسانًا وَشَفَتَينِ (آيت : 9) |
۽ ڄڀ ۽ ٻه چَپ به؟ |
وَهَدَينٰهُ النَّجدَينِ (آيت : 10) |
۽ ٻه رستا ڏيکارياسونس. |
فَلَا اقتَحَمَ العَقَبَةَ (آيت : 11) |
پوءِ ڪوبه سخت لَڪ نه لنگھيو. |
وَما أَدرىٰكَ مَا العَقَبَةُ (آيت : 12) |
۽ ڪنھن سمجھايئي ته سخت لَڪّ ڇا آھي؟ |
فَكُّ رَقَبَةٍ (آيت : 13) |
ٻانھو آجو ڪرڻ آھي. |
أَو إِطعٰمٌ فى يَومٍ ذى مَسغَبَةٍ (آيت : 14) |
يا بُک جي ڏينھن ۾ کاڄ کارائڻ. |
يَتيمًا ذا مَقرَبَةٍ (آيت : 15) |
مائٽي واري ڇوري ٻار کي. |
أَو مِسكينًا ذا مَترَبَةٍ (آيت : 16) |
يا مٽيءَ ۾ رُلندڙ محتاج کي. |
ثُمَّ كانَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَتَواصَوا بِالصَّبرِ وَتَواصَوا بِالمَرحَمَةِ (آيت : 17) |
ان کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون. |
أُولٰئِكَ أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 18) |
اُھي نيڪ بخت سڄي پاسي وارا آھن. |
وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا هُم أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 19) |
۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي بدبخت کٻي وارا آھن. |
عَلَيهِم نارٌ مُؤصَدَةٌ (آيت : 20) |
مٿن دميل باھ چوڌاري ويڙھيل (موڪلبي) آھي. |