| لا أُقسِمُ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 1) |
|
شاهد ٿو واريان هيءُ شهر، |
| وَأَنتَ حِلٌّ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 2) |
|
۽ توتي هن شهر جي روڪ نه رهندي. |
| وَوالِدٍ وَما وَلَدَ (آيت : 3) |
|
۽ پيءُ ۽ سندس اولاد به، |
| لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى كَبَدٍ (آيت : 4) |
|
ته اسان بيشڪ انسان کي تڪليفن وارو بڻايو آهي. |
| أَيَحسَبُ أَن لَن يَقدِرَ عَلَيهِ أَحَدٌ (آيت : 5) |
|
ڇا هو ڀانئي ٿو، ته مٿس ڪو به پُڙي نه سگهندو؟ |
| يَقولُ أَهلَكتُ مالًا لُبَدًا (آيت : 6) |
|
هو ٿو چوي ته ”مون گهڻو ئي مال اُڏايو آهي.“ |
| أَيَحسَبُ أَن لَم يَرَهُ أَحَدٌ (آيت : 7) |
|
ڇا، هو ٿو ڀانئي ته”کيس ڪو به ڪو نه ٿو ڏسي؟“ |
| أَلَم نَجعَل لَهُ عَينَينِ (آيت : 8) |
|
ڇا اسان کيس اکيون نه ڏنيون آهن؟ |
| وَلِسانًا وَشَفَتَينِ (آيت : 9) |
|
۽ ڄڀ ۽ چپ (نه ڏنا آهن؟) |
| وَهَدَينٰهُ النَّجدَينِ (آيت : 10) |
|
اسان کيس ٻئي رستا ڏيکاريا. |
| فَلَا اقتَحَمَ العَقَبَةَ (آيت : 11) |
|
پوءِ به هو ”لَڪ“ نه لنگهي سگهيو! |
| وَما أَدرىٰكَ مَا العَقَبَةُ (آيت : 12) |
|
۽ ڪنهن تو کي پروڙايو ته ”لَڪ“ ڇا آهي؟ |
| فَكُّ رَقَبَةٍ (آيت : 13) |
|
اهو آهي ڪنهن جو ڪنڌ آزاد ڪرڻ. |
| أَو إِطعٰمٌ فى يَومٍ ذى مَسغَبَةٍ (آيت : 14) |
|
يا سخت بک وقت ماني کارائڻ |
| يَتيمًا ذا مَقرَبَةٍ (آيت : 15) |
|
ڪنهن يتيم مائٽ کي |
| أَو مِسكينًا ذا مَترَبَةٍ (آيت : 16) |
|
يا مٽيءَ ۾ پيل مسڪين کي |
| ثُمَّ كانَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَتَواصَوا بِالصَّبرِ وَتَواصَوا بِالمَرحَمَةِ (آيت : 17) |
|
پوءِ انهن ۾ به شامل ٿئي، جن ايمان آندو، ۽ صبر ۽ مهرباني ڪرڻ جي نصيحت ڪندا رهيا. |
| أُولٰئِكَ أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 18) |
|
اهي سڀاڳا شخص آهن. |
| وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا هُم أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 19) |
|
۽ جن اسان جي آيتن کي نه مڃيو، سي نڀاڳا شخص آهن. |
| عَلَيهِم نارٌ مُؤصَدَةٌ (آيت : 20) |
|
اُهي باهه ۾ بند ٿيندا. |