| لا أُقسِمُ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 1) |
|
نه، مان هن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو. |
| وَأَنتَ حِلٌّ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 2) |
|
هن شھر ۾ توکي (تڪليف ڏيڻ ڪافرن جي طرفان) حلال ڪيو ويو آهي. (حالانڪه هن شھر ۾ ڪنھن به جاندار کي تڪليف پھچائڻ حرام آهي) |
| وَوالِدٍ وَما وَلَدَ (آيت : 3) |
|
قسم آهي (نسل انساني جي) پيءُ ۽ ان مان پيدا ٿيل اولاد جو. |
| لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى كَبَدٍ (آيت : 4) |
|
بيشڪ اسان انسان کي (دنيا ۾) تڪليف ۾ پوڻ لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي. |
| أَيَحسَبُ أَن لَن يَقدِرَ عَلَيهِ أَحَدٌ (آيت : 5) |
|
ڇا (انسان) سمجهي ٿو ته کيس ڪير به قابو نٿو ڪري سگهي؟ |
| يَقولُ أَهلَكتُ مالًا لُبَدًا (آيت : 6) |
|
چوي ٿو ته مون گهڻو ئي مال اُڏائي ڇڏيو آهي. |
| أَيَحسَبُ أَن لَم يَرَهُ أَحَدٌ (آيت : 7) |
|
ڇا هو اهو به سمجهي ٿو ته ان کي ڪنھن به نه ڏٺو آهي؟ |
| أَلَم نَجعَل لَهُ عَينَينِ (آيت : 8) |
|
ڇا اسان کيس ٻه اکيون نه ڏنيون آهن؟ |
| وَلِسانًا وَشَفَتَينِ (آيت : 9) |
|
هڪڙي زبان ۽ ٻه چپ نه ڏنا آهن؟ |
| وَهَدَينٰهُ النَّجدَينِ (آيت : 10) |
|
۽ ان کي (زندگي گذارڻ لاءِ) ٻه (واضح) رستا نه ڏيکاريا آهن؟ |
| فَلَا اقتَحَمَ العَقَبَةَ (آيت : 11) |
|
پر هُن انتھائي مشڪل گهاٽيءَ مان لنگهڻ جي همت ئي نه ڪئي. |
| وَما أَدرىٰكَ مَا العَقَبَةُ (آيت : 12) |
|
توکي ڪهڙي خبر ته اها مشڪل گهاٽي ڪهڙي آهي؟ |
| فَكُّ رَقَبَةٍ (آيت : 13) |
|
ڪنھن غلام کي آزاد ڪرائڻ. |
| أَو إِطعٰمٌ فى يَومٍ ذى مَسغَبَةٍ (آيت : 14) |
|
يا بک جي وقت (ڪنهن کي) کاڌو کارائڻ. |
| يَتيمًا ذا مَقرَبَةٍ (آيت : 15) |
|
يا ڪنھن رشتيدار يتيم کي کاڌو کارائڻ. |
| أَو مِسكينًا ذا مَترَبَةٍ (آيت : 16) |
|
يا ميرڙي سيرڙي مسڪين کي کاڌو کارائڻ (اها آهي مشڪل گهاٽي) |
| ثُمَّ كانَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَتَواصَوا بِالصَّبرِ وَتَواصَوا بِالمَرحَمَةِ (آيت : 17) |
|
(اهي ڪم ڪرڻ کان پوءِ) وري هي انهن ماڻهن ۾ شامل ٿي وڃي جن ايمان آندو ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي تلقين ۽ هڪ ٻئي تي رحم ڪرڻ جو تاڪيد ڪندا رهيا. |
| أُولٰئِكَ أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 18) |
|
(پوءِ) اهڙا ئي ماڻهو ساڄي پاسي وارا آهن. |
| وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا هُم أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 19) |
|
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو، سي کاٻي پاسي وارا (بدبخت) آهن. |
| عَلَيهِم نارٌ مُؤصَدَةٌ (آيت : 20) |
|
انهن جي مٿان باهه وڪوڙيل هوندي. |