| لا أُقسِمُ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 1) |
|
نه، آئون قسم کڻان ٿو هن شهر (مڪي) جو |
| وَأَنتَ حِلٌّ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 2) |
|
۽ تنهنجو حل هي آهي (اي نبي!) توکي حلال بڻايو ويو آهي هن شهر ۾ |
| وَوالِدٍ وَما وَلَدَ (آيت : 3) |
|
۽ قسم آهي پيءُ آدم ۽ ان جي اولاد جو |
| لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى كَبَدٍ (آيت : 4) |
|
بيشڪ پيدا ڪيوسين انسان کي مشقت ۾ |
| أَيَحسَبُ أَن لَن يَقدِرَ عَلَيهِ أَحَدٌ (آيت : 5) |
|
ڇا هو سمجهي ٿو مٿس غالب نه ايندو ڪير به؟ |
| يَقولُ أَهلَكتُ مالًا لُبَدًا (آيت : 6) |
|
چوي ٿو ته مون اُڏايا مال تمام گهڻا |
| أَيَحسَبُ أَن لَم يَرَهُ أَحَدٌ (آيت : 7) |
|
ڇا هو سمجهي ٿو ته ان کي ڏٺو ناهي ڪنهن به؟ |
| أَلَم نَجعَل لَهُ عَينَينِ (آيت : 8) |
|
ڇا نه ڏنيون سين ان کي ٻه اکيون؟ |
| وَلِسانًا وَشَفَتَينِ (آيت : 9) |
|
۽ هڪ زبان ۽ ٻه چپ ڏنا آهن؟ |
| وَهَدَينٰهُ النَّجدَينِ (آيت : 10) |
|
۽ ڏيکارياسين ان کي (نه) ٻه رستا (نيڪي بديءَ جا)؟ |
| فَلَا اقتَحَمَ العَقَبَةَ (آيت : 11) |
|
پر (نه) لنگهيو اهو ڪنهن ڏکئي لڪ مان؟ |
| وَما أَدرىٰكَ مَا العَقَبَةُ (آيت : 12) |
|
۽ ڇا ڪهڙي خبر توکي ڇاهي اهو ڏکيو لڪ؟ |
| فَكُّ رَقَبَةٍ (آيت : 13) |
|
ڪنهن غلام کي آزاد ڪرائڻ |
| أَو إِطعٰمٌ فى يَومٍ ذى مَسغَبَةٍ (آيت : 14) |
|
يا کاڌو کارائڻ ان زماني ۾ جڏهن ڏڪار هجي |
| يَتيمًا ذا مَقرَبَةٍ (آيت : 15) |
|
ڪنهن ڇوري ٻار کي جيڪو مائٽ هجي |
| أَو مِسكينًا ذا مَترَبَةٍ (آيت : 16) |
|
يا ڪنهن غريب کي جيڪو مٽيءَ ۾ ڀڀوت هجي |
| ثُمَّ كانَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَتَواصَوا بِالصَّبرِ وَتَواصَوا بِالمَرحَمَةِ (آيت : 17) |
|
پوءِ اهو هجي انهن مان جن ايمان آندو ۽ تلقين ڪئي صبر جي ۽ پارت ڪئي رحم ۽ ٻاجهه ڪرڻ جي |
| أُولٰئِكَ أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 18) |
|
اهي ئي ماڻهو آهن ساڄي پاسي وارا |
| وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا هُم أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 19) |
|
۽ جن ماڻهن انڪار ڪيو اسان جي آيتن کي مڃڻ کان، اهي ماڻهو آهن کاٻي پاسي وارا |
| عَلَيهِم نارٌ مُؤصَدَةٌ (آيت : 20) |
|
انهن تي باهه ڇانيل هوندي |