بَراءَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ إِلَى الَّذينَ عٰهَدتُم مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 1) |
بيزار ٿي وڃڻ جو اعلان آهي، الله ۽ سندس رسول جي طرفان انهن مشرڪن کان جن سان توهان معاهدا ڪيا هئا |
فَسيحوا فِى الأَرضِ أَربَعَةَ أَشهُرٍ وَاعلَموا أَنَّكُم غَيرُ مُعجِزِى اللَّهِ وَأَنَّ اللَّهَ مُخزِى الكٰفِرينَ (آيت : 2) |
توهان ملڪ ۾ باقي چار مهينا گهمي گهتي وٺو ۽ اها خبر هجيوَ ته توهان الله کي عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو ۽ اها به ته الله حق جي منڪرن کي خوار خراب ڪرڻ وارو آهي |
وَأَذٰنٌ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ إِلَى النّاسِ يَومَ الحَجِّ الأَكبَرِ أَنَّ اللَّهَ بَريءٌ مِنَ المُشرِكينَ وَرَسولُهُ فَإِن تُبتُم فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَإِن تَوَلَّيتُم فَاعلَموا أَنَّكُم غَيرُ مُعجِزِى اللَّهِ وَبَشِّرِ الَّذينَ كَفَروا بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 3) |
عام اطلاع آهي، الله ۽ سندس رسول جي پاران حج اڪبر جي ڏينهن، سڀني ماڻهن لاءِ ته الله تي مشرڪن جو ڪوبه ذمو ڪونهي ۽ سندس رسول به (ذمي کان آجو آهي) پوءِ هاڻي جي توبــھ ڪندؤ ته توهان لاءِ ئي چڱو آهي ۽ جي منهن موڙيندؤ ته سمجهي ڇڏيو ته توهان الله کي عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو ۽ اي نبي ! انڪار ڪندڙن کي سخت عذاب جي خوشخبري ڏي |
إِلَّا الَّذينَ عٰهَدتُم مِنَ المُشرِكينَ ثُمَّ لَم يَنقُصوكُم شَيـًٔا وَلَم يُظٰهِروا عَلَيكُم أَحَدًا فَأَتِمّوا إِلَيهِم عَهدَهُم إِلىٰ مُدَّتِهِم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 4) |
انهن مشرڪن کي ڇڏي جن سان توهان معاهدا ڪيا آهن ۽ پوءِ انهن پنهنجن عهدن کي پورو ڪرڻ ۾ توهان سان ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي آهي ۽ نڪي توهان جي خلاف ڪنهن جي ڪا مدد ڪئي اٿن ته پوءِ اهڙن سان توهان به معاهدي جي مدت تائين نڀائجو، ڇو ته الله پرهيزگارن کي ئي پسند ڪندو آهي |
فَإِذَا انسَلَخَ الأَشهُرُ الحُرُمُ فَاقتُلُوا المُشرِكينَ حَيثُ وَجَدتُموهُم وَخُذوهُم وَاحصُروهُم وَاقعُدوا لَهُم كُلَّ مَرصَدٍ فَإِن تابوا وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ فَخَلّوا سَبيلَهُم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
پوءِ جڏهن حرام (عزت وارا) مهينا گذري وڃن ته مشرڪن کي قتل ڪريو، جتي به لهونِ ۽ کين پڪڙيو ۽ سندن گهيرو ڪريو ۽ کين سيکت ڏيڻ لاءِ هرهنڌ سندن گهٽَ جهلي ويهو، پوءِ جيڪڏهن توبــھ تائب ٿين ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ادا ڪن ته ڇڏي ڏيونِ، الله بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي |
وَإِن أَحَدٌ مِنَ المُشرِكينَ استَجارَكَ فَأَجِرهُ حَتّىٰ يَسمَعَ كَلٰمَ اللَّهِ ثُمَّ أَبلِغهُ مَأمَنَهُ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعلَمونَ (آيت : 6) |
۽ جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو شخص پناهه وٺي تو وٽ اچڻ گهري (ته جيئن الله جو ڪلام ٻڌي) ته انکي ايستائين پناهه ڏي جو هو الله جو ڪلام ٻڌي وٺي، پوءِ کيس سندس سلامتيءَ واري هنڌ تي پهچائي ڇڏ. اهو انڪري ڪرڻ گهرجي، جو انهن ماڻهن کي علم ڪونهي |
كَيفَ يَكونُ لِلمُشرِكينَ عَهدٌ عِندَ اللَّهِ وَعِندَ رَسولِهِ إِلَّا الَّذينَ عٰهَدتُم عِندَ المَسجِدِ الحَرامِ فَمَا استَقٰموا لَكُم فَاستَقيموا لَهُم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 7) |
انهن مشرڪن لاءِ الله ۽ سندس رسول وٽ ڪو عهد اقرار آخر ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ باقي انهن جي ڳالهه ٻي آهي جن سان توهان مسجد حرام (ڪعبي) وٽ معاهدو ڪيو هو. پوءِ جيستائين هو توهان سان سڌا هلن ته توهان به سڌا هلونِ، ڇو ته الله پرهيزگارن کي پسند ڪندو آهي |
كَيفَ وَإِن يَظهَروا عَلَيكُم لا يَرقُبوا فيكُم إِلًّا وَلا ذِمَّةً يُرضونَكُم بِأَفوٰهِهِم وَتَأبىٰ قُلوبُهُم وَأَكثَرُهُم فٰسِقونَ (آيت : 8) |
مگر انهن کان سواءِ ٻين مشرڪن سان ڪو عهد اقرار ڪيئن ٿي ٿو سگهي، جڏهن ته سندن حالت اها آهي، جو جيڪڏهن توهان تي غالب ٿي وڃن ته توهانجي باري ۾ نه ڪنهن مٽي مائٽيءَ جو لحاظ ڪن ۽ نڪي ڪنهن معاهدي جي ذميواريءَ جو. هو پنهنجي زبانن سان توهانکي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر سندن دليون انڪار ڪن ٿيون، انهن مان گهڻا نافرمان آهن |
اشتَرَوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا فَصَدّوا عَن سَبيلِهِ إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 9) |
انهن الله جي آيتن جي عيوض ٿورو ملهه قبول ڪيو آهي، پوءِ الله جي رستي ۾ روڪ بڻجي ويا آهن. ڏاڍا بڇڙا ڪم هئا، جيڪي ڪندا رهيا آهن |
لا يَرقُبونَ فى مُؤمِنٍ إِلًّا وَلا ذِمَّةً وَأُولٰئِكَ هُمُ المُعتَدونَ (آيت : 10) |
ڪنهن به مؤمن جي باري ۾ نڪي مٽي مائٽيءَ جو ٿا لحاظ ڪن ۽ نه ڪنهن عهد جي ذميواريءَ جو ۽ ڏاڍائي هميشه سندن طرفان پئي ٿي آهي |
فَإِن تابوا وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ فَإِخوٰنُكُم فِى الدّينِ وَنُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 11) |
پوءِ جيڪڏهن توبه تائب ٿين، نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ته توهانجا ديني ڀائر آهن ۽ ڄاڻ وارن لاءِ اسان پنهنجا حڪم چٽيءَ ريت بيان ٿا ڪري ڇڏيون |
وَإِن نَكَثوا أَيمٰنَهُم مِن بَعدِ عَهدِهِم وَطَعَنوا فى دينِكُم فَقٰتِلوا أَئِمَّةَ الكُفرِ إِنَّهُم لا أَيمٰنَ لَهُم لَعَلَّهُم يَنتَهونَ (آيت : 12) |
۽ جيڪڏهن عهد ڪرڻ کان پوءِ اهي پنهنجا قسم ڀڃي وجهن ۽ توهانجي دين تي حملا ڪرڻ لڳن ته ڪفر جي اڳواڻن سان جنگ ڪريو، ڇو جو انهن جي قسمن تي ڪوبه اعتبار ڪونهي ته مــَـنَ (ائين ڪو تلوار جي ئي زور تي) مڙي وڃن |
أَلا تُقٰتِلونَ قَومًا نَكَثوا أَيمٰنَهُم وَهَمّوا بِإِخراجِ الرَّسولِ وَهُم بَدَءوكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ أَتَخشَونَهُم فَاللَّهُ أَحَقُّ أَن تَخشَوهُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 13) |
ڇا توهان اهڙن ماڻهن سان جنگ نه ڪندؤ، جيڪي پنهنجا ڪيل عهد ٽوڙيندا رهيا آهن ۽ جن رسول کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ ڏاڍائيءَ ۾ اڳرائي ڪرڻ وارا به اهي ئي هئا؟ ڇا توهان انهن کان ڊڄو ٿا؟ جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو ته الله ان جو وڌيڪ حقدار آهي ته توهان ان کان ئي ڊڄو |
قٰتِلوهُم يُعَذِّبهُمُ اللَّهُ بِأَيديكُم وَيُخزِهِم وَيَنصُركُم عَلَيهِم وَيَشفِ صُدورَ قَومٍ مُؤمِنينَ (آيت : 14) |
انهن سان وڙهو، الله توهان جي هٿان کين سزا ڏياريندو ۽ کين ذليل ۽ خوار ڪندو ۽ انهن جي مقابلي ۾ توهانجي مدد ڪندو ۽ گهڻن ئي مؤمنن جون دليون ٺاريندو |
وَيُذهِب غَيظَ قُلوبِهِم وَيَتوبُ اللَّهُ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 15) |
۽ سندن دلين جي ڪاوڙ ٺاري ڇڏيندو ۽ جنهن کي گهرندو توبه تائب ٿيڻ جي توفيق به ڏيندو. الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ داناءُ آهي |
أَم حَسِبتُم أَن تُترَكوا وَلَمّا يَعلَمِ اللَّهُ الَّذينَ جٰهَدوا مِنكُم وَلَم يَتَّخِذوا مِن دونِ اللَّهِ وَلا رَسولِهِ وَلَا المُؤمِنينَ وَليجَةً وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 16) |
ڇا توهان ائين سمجهيو آهي ته بس توهان ائين ئي ڇڏي ڏنا ويندؤ، حالانڪه الله ته اڃان اهو پرکيو ئي نه آهي ته توهان مان اهي ڪهڙا آهن جن (سندس راهه ۾) پاڻ پتوڙيو ۽ الله ۽ سندس رسول ۽ مؤمنن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به جگري دوست نه بڻايائون، جيڪي به توهان ڪريو پيا، الله ان کان باخبر آهي |
ما كانَ لِلمُشرِكينَ أَن يَعمُروا مَسٰجِدَ اللَّهِ شٰهِدينَ عَلىٰ أَنفُسِهِم بِالكُفرِ أُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم وَفِى النّارِ هُم خٰلِدونَ (آيت : 17) |
مشرڪن جو اهو ڪم ئي نه آهي ته هو الله جي مسجدن جا مجاور ۽ خدمتگار بڻجي ويهن، حالانڪه هو پاڻ ئي ٿا پنهنجي مٿان ڪفر جي شاهدي ڏين، انهن جا ته سمورا عمل چٽ ٿي ويا ۽ جهنم ۾ هنن کي هميشه رهڻو آهي |
إِنَّما يَعمُرُ مَسٰجِدَ اللَّهِ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَأَقامَ الصَّلوٰةَ وَءاتَى الزَّكوٰةَ وَلَم يَخشَ إِلَّا اللَّهَ فَعَسىٰ أُولٰئِكَ أَن يَكونوا مِنَ المُهتَدينَ (آيت : 18) |
الله جون مسجدون آباد ڪندڙ اهي ماڻهو ٿي سگهن ٿا، جيڪي الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيندا هجن ۽ نماز قائم ڪن، زڪوات ڏين ۽ الله کانسواءِ ڪنهن کان به نه ڊڄن، انهن کان ئي اميد آهي ته سڌي راهه تي هلندا |
أَجَعَلتُم سِقايَةَ الحاجِّ وَعِمارَةَ المَسجِدِ الحَرامِ كَمَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَجٰهَدَ فى سَبيلِ اللَّهِ لا يَستَوۥنَ عِندَ اللَّهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 19) |
ڇا توهان ماڻهن حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ مسجد حرام (ڪعبي) جي مجاوري ڪرڻ کي انهيءَ شخص جي ڪم جي برابر ڪيو آهي، جنهن ايمان آندو الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ جنهن جهاد ڪيو الله جي راهه ۾؟ الله جي نظر ۾ ته اهي ٻئي برابر نه آهن ۽ الله ظالمن کي هدايت نه بخشيندو آهي |
الَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم أَعظَمُ دَرَجَةً عِندَ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 20) |
الله وٽ ته انهن ئي ماڻهن جو وڏو درجو آهي، جن ايمان آندو ۽ جن سندس راهه ۾ گهرگهاٽ ڇڏيا ۽ پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪيو. اهي ئي ڪامياب آهن |
يُبَشِّرُهُم رَبُّهُم بِرَحمَةٍ مِنهُ وَرِضوٰنٍ وَجَنّٰتٍ لَهُم فيها نَعيمٌ مُقيمٌ (آيت : 21) |
سندن رب کين پنهنجي رحمت ۽ کانئن راضي هجڻ ۽ اهڙين جنتن جي خوشخبري ٿو ڏئي، جتي انهن لاءِ دائمي آرام جا سامان آهن |
خٰلِدينَ فيها أَبَدًا إِنَّ اللَّهَ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 22) |
انهن ۾ هو سدائين رهندا، بيشڪ الله وٽ اجورا ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا ءاباءَكُم وَإِخوٰنَكُم أَولِياءَ إِنِ استَحَبُّوا الكُفرَ عَلَى الإيمٰنِ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِنكُم فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
اي ايمان وارؤ! پنهنجن پيئرن ۽ ڀائرن کي به پنهنجو ساٿي نه بڻايو جيڪڏهن اهي ايمان تي ڪفر کي پسند ڪندا هجن. توهان مان جيڪي کين ساٿي بڻائيندا، اهي ئي ظالم هوندا |
قُل إِن كانَ ءاباؤُكُم وَأَبناؤُكُم وَإِخوٰنُكُم وَأَزوٰجُكُم وَعَشيرَتُكُم وَأَموٰلٌ اقتَرَفتُموها وَتِجٰرَةٌ تَخشَونَ كَسادَها وَمَسٰكِنُ تَرضَونَها أَحَبَّ إِلَيكُم مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَجِهادٍ فى سَبيلِهِ فَتَرَبَّصوا حَتّىٰ يَأتِىَ اللَّهُ بِأَمرِهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 24) |
اي نبي! کين ِٻڌائي ڇڏ ته جيڪڏهن توهانجا پيئر ۽ توهانجا پٽ ۽ توهان جا ڀائر ۽ توهانجون زالون ۽ توهانجا مٽ مائٽ ۽ توهانجا اهي مال جيڪي توهان ڪمايا آهن ۽ توهانجا واپار وڙا جن جي بيهجي وڃڻ جو توهان کي ڊپ آهي ۽ توهانجا اهي گهر جيڪي توهانکي ڏاڍا وڻندا آهن، توهانکي الله ۽ سندس رسول ۽ سندس واٽ ۾ جهاد ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آهن ته پوءِ تيستائين انتظار ڪريو جو الله پنهنجو فيصلو آڻي توهانجي آڏو ظاهر ڪري ۽ الله فاسقن کي سنئين واٽ نه وٺائيندو آهي |
لَقَد نَصَرَكُمُ اللَّهُ فى مَواطِنَ كَثيرَةٍ وَيَومَ حُنَينٍ إِذ أَعجَبَتكُم كَثرَتُكُم فَلَم تُغنِ عَنكُم شَيـًٔا وَضاقَت عَلَيكُمُ الأَرضُ بِما رَحُبَت ثُمَّ وَلَّيتُم مُدبِرينَ (آيت : 25) |
الله هن کان اڳ به گهڻن ئي موقعن تي توهانجي مدد ڪري چڪو آهي. تازو حـُـنين واري ڏينهن (سندس مدد جو شان توهان ڏسي چڪا آهيو) انهيءَ ڏينهن توهانکي پنهنجي گهڻائيءَ تي ڏاڍو ناز هو، مگر اها توهانجي ڪنهن ڪم نه آئي ۽ زمين ڪشادي هجڻ جي باوجود توهان لاءِ تنگ ٿي پئي ۽ توهان پٺي ڏئي موٽيؤ |
ثُمَّ أَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَعَلَى المُؤمِنينَ وَأَنزَلَ جُنودًا لَم تَرَوها وَعَذَّبَ الَّذينَ كَفَروا وَذٰلِكَ جَزاءُ الكٰفِرينَ (آيت : 26) |
پوءِ الله پنهنجو آٿت پنهنجي رسول تي ۽ مؤمنن تي نازل ڪيو ۽ اهي لشڪر لاٿائين، جيڪي توهانکي نظر نه ٿي آيا ۽ حق جي منڪرن کي سزا ڏنائين، جو اهوئي بدلو آهي، انهن ماڻهن جو جيڪي حق جو انڪار ڪندڙ آهن |
ثُمَّ يَتوبُ اللَّهُ مِن بَعدِ ذٰلِكَ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 27) |
وري (توهان اهو به ڏسي چڪا آهيو ته) اهڙيءَ طرح سزا ڏيڻ کان پوءِ الله جنهن کي گهري توبه ڪرڻ جي توفيق به ڏئي ٿو، الله معاف ڪري ڇڏيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّمَا المُشرِكونَ نَجَسٌ فَلا يَقرَبُوا المَسجِدَ الحَرامَ بَعدَ عامِهِم هٰذا وَإِن خِفتُم عَيلَةً فَسَوفَ يُغنيكُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ إِن شاءَ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 28) |
اي ايمان آڻڻ وارؤ! مشرڪ پليد آهن، تنهنڪري هن سال کانپوءِ اهي مسجد حرام جي ويجهو ئي نه اچن ۽ جيڪڏهن توهانکي سڃي ٿي وڃڻ جو ڊپ آهي ته ستت ئي الله جي گهريو ته توهانکي پنهنجي فضل سان آسودو ڪري ڇڏيندو، الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ حڪمت وارو آهي |
قٰتِلُوا الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلا بِاليَومِ الءاخِرِ وَلا يُحَرِّمونَ ما حَرَّمَ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَلا يَدينونَ دينَ الحَقِّ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ حَتّىٰ يُعطُوا الجِزيَةَ عَن يَدٍ وَهُم صٰغِرونَ (آيت : 29) |
جنگ ڪريو اهل ڪتاب مان انهن ماڻهن سان، جيڪي الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان نٿا آڻين ۽ جيڪي ڪجهه الله ۽ سندس رسول حرام ڪيو آهي، تنهن کي حرام نٿا ڪن ۽ سچي دين کي پنهنجو دين نٿا بڻائين (انهن سان لڙو) تانجو اهي پنهنجي هٿ سان جزيو ڏين ۽ پــَـست ٿي رهن |
وَقالَتِ اليَهودُ عُزَيرٌ ابنُ اللَّهِ وَقالَتِ النَّصٰرَى المَسيحُ ابنُ اللَّهِ ذٰلِكَ قَولُهُم بِأَفوٰهِهِم يُضٰهِـٔونَ قَولَ الَّذينَ كَفَروا مِن قَبلُ قٰتَلَهُمُ اللَّهُ أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 30) |
يهودي ٿا چون ته عــُـزير الله جو پٽ آهي ۽ عيسائي چون ٿا ته مسيح الله جو پٽ آهي، اهي بي بنياد ڳالهيون آهن، جيڪي هو پيا ٿا پنهنجي واتان ڪڍن، انهن ماڻهن سان ريس ڪندي جيڪي کانئن اڳ ڪفر ۾ پيل هئا. الله جي مار پوين! ڪيئن ابتا پيا وڃن |
اتَّخَذوا أَحبارَهُم وَرُهبٰنَهُم أَربابًا مِن دونِ اللَّهِ وَالمَسيحَ ابنَ مَريَمَ وَما أُمِروا إِلّا لِيَعبُدوا إِلٰهًا وٰحِدًا لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ سُبحٰنَهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 31) |
انهن الله کي ڇڏي پنهنجن عالمن ۽ بزرگن کي پنهنجو رب بڻايو آهي ۽ اهڙيءَ طرح مسيح پٽ مريم جي کي پڻ، حالانڪه کين هڪڙي معبود کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي به بندگي ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو ويو هو، اهو جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق ناهي، اهو پاڪ آهي انهن شرڪ وارين ڳالهين کان جيڪي اهي ماڻهو ڪن ٿا |
يُريدونَ أَن يُطفِـٔوا نورَ اللَّهِ بِأَفوٰهِهِم وَيَأبَى اللَّهُ إِلّا أَن يُتِمَّ نورَهُ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 32) |
اهي ماڻهو چاهن ٿا ته الله جي نور کي پنهنجي ڦوڪن سان اُجهائن، مگر الله پنهنجي روشنيءَ کي توڙ رسائڻ کانسواءِ نه رهندو، پوءِ کڻي اهو ڪافرن کي ڪيڏو به اڻ وڻندڙ ڇونه لڳي |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَلَو كَرِهَ المُشرِكونَ (آيت : 33) |
اهو الله ئي آهي، جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو آهي ته جيئن ان کي هرهڪ دين تي غالب ڪري، پوءِ کڻي مشرڪن کي اها ڳالهه نه وڻي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ كَثيرًا مِنَ الأَحبارِ وَالرُّهبانِ لَيَأكُلونَ أَموٰلَ النّاسِ بِالبٰطِلِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ يَكنِزونَ الذَّهَبَ وَالفِضَّةَ وَلا يُنفِقونَها فى سَبيلِ اللَّهِ فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 34) |
اي ايمان وارؤ! انهن اهل ڪتاب جي اڪثر عالمن ۽ بزرگن جي حالت اها آهي ته هو ماڻهن جا مال باطل طريقن سان کائن ٿا ۽ کين الله جي راهه کان روڪين ٿا.، دردناڪ سزا جي خوشخبري ڏي انهن کي، جيڪي سون ۽ چاندي گڏ ڪري رکن ٿا ۽ انهن کي الله جي راهه ۾ خرچ نٿا ڪن |
يَومَ يُحمىٰ عَلَيها فى نارِ جَهَنَّمَ فَتُكوىٰ بِها جِباهُهُم وَجُنوبُهُم وَظُهورُهُم هٰذا ما كَنَزتُم لِأَنفُسِكُم فَذوقوا ما كُنتُم تَكنِزونَ (آيت : 35) |
هڪڙو ڏينهن ايندو جو انهيءَ سون ۽ چانديءَ کي دوزخ جي باهه ۾ تپايو ويندو ۽ پوءِ ان سان انهن ماڻهن جي پيشانين، پاسن ۽ پٺين کي ڏنڀيو ويندو. هيءُ اٿوَ اهو خزانو جيڪو توهان پنهنجي لاءِ گڏ ڪيو هو، هاڻي چکو مزو پنهنجي ميڙيل دولت جو |
إِنَّ عِدَّةَ الشُّهورِ عِندَ اللَّهِ اثنا عَشَرَ شَهرًا فى كِتٰبِ اللَّهِ يَومَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ مِنها أَربَعَةٌ حُرُمٌ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ فَلا تَظلِموا فيهِنَّ أَنفُسَكُم وَقٰتِلُوا المُشرِكينَ كافَّةً كَما يُقٰتِلونَكُم كافَّةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 36) |
حقيقت ۾ مهينن جو تعداد جڏهن کان الله آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي، الله جي لکئي اندر ٻارنهن ئي آهي ۽ انهن مان چار مهينا حرام (عزت وارا) آهن، اهوئي صحيح قاعدو آهي. تنهنڪري انهن چئن مهينن ۾ پاڻ تي ظلم نه ڪريو ۽ مشرڪن سان سڀئي گڏجي وڙهو، جيئن هو سڀئي گڏجي توهان سان وڙهندا آهن ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته الله متقين سان ئي گڏ آهي |
إِنَّمَا النَّسيءُ زِيادَةٌ فِى الكُفرِ يُضَلُّ بِهِ الَّذينَ كَفَروا يُحِلّونَهُ عامًا وَيُحَرِّمونَهُ عامًا لِيُواطِـٔوا عِدَّةَ ما حَرَّمَ اللَّهُ فَيُحِلّوا ما حَرَّمَ اللَّهُ زُيِّنَ لَهُم سوءُ أَعمٰلِهِم وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 37) |
نسيءُ (حرام ڪيل مهينن کي اڳ پوءِ ڪرڻ) ته ڪفر ۾ اڃان به وڌيڪ ڪفر واري حرڪت آهي، جنهن وسيلي اهي ڪافر گمراهيءَ ۾ ٿا وڌا وڃن. ڪنهن سال ڪنهن مهيني کي ٿا حلال ڪن ۽ وري ڪنهن سال انکي حرام ٿا ڪري ڇڏين تانته الله جي حرام ڪيل مهينن جو تعداد به پورو ڪن ۽ الله جي حرام ڪيل کي حلال به ڪن! سندن بڇڙا ڪم انهن لاءِ ڏسڻ ۾ سهڻا بڻايا ويا آهن ۽ الله حق جي منڪرن کي هدايت نه ڏيندو آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا ما لَكُم إِذا قيلَ لَكُمُ انفِروا فى سَبيلِ اللَّهِ اثّاقَلتُم إِلَى الأَرضِ أَرَضيتُم بِالحَيوٰةِ الدُّنيا مِنَ الءاخِرَةِ فَما مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا فِى الءاخِرَةِ إِلّا قَليلٌ (آيت : 38) |
اي ايمان وارؤ! توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو جڏهن توهانکي الله جي راهه ۾ نڪري پوڻ لاءِ چيو ويو ته توهان زمين سان چنبڙي ســُـڪ ٿي ويؤ؟ ڇو ڀلا توهان کي آخرت جي مقابلي ۾ دنيا جي زندگي وڻي وئي ڇا؟ ائين آهي ته پوءِ توهان کي معلوم هجي ته دنيا واريءَ زندگيءَ جو اهو سمورو سامان آخرت ۾ ته تمام ٿورڙو لڳندو |
إِلّا تَنفِروا يُعَذِّبكُم عَذابًا أَليمًا وَيَستَبدِل قَومًا غَيرَكُم وَلا تَضُرّوهُ شَيـًٔا وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 39) |
توهان نه نڪرندؤ ته الله توهان کي دردناڪ سزا ڏيندو ۽ توهان جي بدران ڪنهن ٻئي ٽولي کي آڻيندو ۽ توهان الله جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندؤ. هو هر شيءِ تي قادر آهي |
إِلّا تَنصُروهُ فَقَد نَصَرَهُ اللَّهُ إِذ أَخرَجَهُ الَّذينَ كَفَروا ثانِىَ اثنَينِ إِذ هُما فِى الغارِ إِذ يَقولُ لِصٰحِبِهِ لا تَحزَن إِنَّ اللَّهَ مَعَنا فَأَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلَيهِ وَأَيَّدَهُ بِجُنودٍ لَم تَرَوها وَجَعَلَ كَلِمَةَ الَّذينَ كَفَرُوا السُّفلىٰ وَكَلِمَةُ اللَّهِ هِىَ العُليا وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 40) |
توهان نبيءَ جي مدد نه ڪئي ته پرواهه ناهي. الله ته سندس مدد ان وقت به ڪري چڪو آهي، جڏهن ڪافرن کيس ڪڍي ڇڏيو هو. جڏهن هو ٻن مان ٻيو هو، جڏهن جو ٻئي غار ۾ هئا، تنهن وقت هو پنهنجي ساٿيءَ کي چئي رهيو هو ته، "غم نه ڪر الله اسان سان گڏ آهي". ان وقت الله مٿس پنهنجي طرفان آٿت نازل ڪئي ۽ سندس مدد اهڙن لشڪرن سان ڪيائين، جيڪي توهانکي نظر نٿي آيا ۽ ڪافرن جي ڳالهه گهٽ ڪيائين ۽ الله جي ڳالهه ته مٿانهين ٿيڻي آهي، الله زبردست ۽ دانائيءَ وارو آهي |
انفِروا خِفافًا وَثِقالًا وَجٰهِدوا بِأَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم فى سَبيلِ اللَّهِ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 41) |
نڪري پئو هلڪا هجو توڙي ڳورا ۽ جهاد ڪريو الله جي راهه ۾ پنهنجي مالن ۽ پنهنجي جانين سان، اهو توهان لاءِ ڏاڍو چڱو آهي، جيڪڏهن توهان ڄاڻو |
لَو كانَ عَرَضًا قَريبًا وَسَفَرًا قاصِدًا لَاتَّبَعوكَ وَلٰكِن بَعُدَت عَلَيهِمُ الشُّقَّةُ وَسَيَحلِفونَ بِاللَّهِ لَوِ استَطَعنا لَخَرَجنا مَعَكُم يُهلِكونَ أَنفُسَهُم وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 42) |
اي نبي! جيڪڏهن فائدو سولو ملي سگهي ها ۽ سفر سڻائو هجي ها ته هو ضرور تنهنجي ڪڍ لڳي پون ها، پر مٿن اهو رستو ڏاڍو اڙانگو ٿي پيو. هاڻي هو الله جا قسم کڻي چوندا ته جيڪڏهن اسان هلي سگهون ها ته ضرور توهان سان گڏ هلون ها. هو ته پاڻ ٿا پاڻ کي تباهيءَ ۾ وجهن، الله خوب ٿو ڄاڻي ته هو ڪوڙا آهن |
عَفَا اللَّهُ عَنكَ لِمَ أَذِنتَ لَهُم حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكَ الَّذينَ صَدَقوا وَتَعلَمَ الكٰذِبينَ (آيت : 43) |
اي نبي ! الله توکي معاف ڪري، انهن کي موڪل ڇو ڏنئه؟ (توکي کين موڪل ڏيڻ نه کپندي هئي) تانته اها ڳالهه توتي کلي پوي ها ته ڪير سچا هئا ۽ تون ڪوڙن کي به ڄاڻي وٺين ها |
لا يَستَـٔذِنُكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ أَن يُجٰهِدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالمُتَّقينَ (آيت : 44) |
جن ماڻهن جو الله ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان آهي، اهي ته ڪڏهن به توکان اها اجازت نه گهرندا ته کين پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪرڻ کان معاف ڪيو وڃي، الله متقين کي چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي |
إِنَّما يَستَـٔذِنُكَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَارتابَت قُلوبُهُم فَهُم فى رَيبِهِم يَتَرَدَّدونَ (آيت : 45) |
اهڙيون اجازتون ته فقط اهي ماڻهو گهرندا آهن، جن جو الله ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان ڪونهي، سندن دلين ۾ شڪ پيل آهي ۽ هو پنهنجي شڪ ۾ ئي پيا ٿا دليون هڻن |
وَلَو أَرادُوا الخُروجَ لَأَعَدّوا لَهُ عُدَّةً وَلٰكِن كَرِهَ اللَّهُ انبِعاثَهُم فَثَبَّطَهُم وَقيلَ اقعُدوا مَعَ القٰعِدينَ (آيت : 46) |
جيڪڏهن سندن ارادو سچ پچ نڪرڻ جو هجي ها ته هو ان لاءِ ڪا تياري ڪن ها پر الله کي ته سندن اٿڻ پسند ئي نه هو، تنهنڪري کين سست ڪري ڇڏيائين ۽ چيو وينِ ته ويٺا رهو ويٺلن سان گڏ |
لَو خَرَجوا فيكُم ما زادوكُم إِلّا خَبالًا وَلَأَوضَعوا خِلٰلَكُم يَبغونَكُمُ الفِتنَةَ وَفيكُم سَمّٰعونَ لَهُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 47) |
جيڪڏهن هو توهان سان گڏجي نڪرن ها ته توهان ۾ خرابيءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن به شيءِ جو واڌارونه ڪن ها، هو توهانجي وچ ۾ فتنو کڙو ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪن ها ۽ توهان جي جماعت جي حالت اها آهي، جو منجهس گهڻا ئي اهڙا ماڻهو موجود آهن،جيڪي انهن جون ڳالهيون ڪـَـن لائي ٻڌن ٿا. الله انهن ظالمن کي خوب ٿو ڄاڻي |
لَقَدِ ابتَغَوُا الفِتنَةَ مِن قَبلُ وَقَلَّبوا لَكَ الأُمورَ حَتّىٰ جاءَ الحَقُّ وَظَهَرَ أَمرُ اللَّهِ وَهُم كٰرِهونَ (آيت : 48) |
هن کان اڳ به انهن ماڻهن فتنا کڙا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آهن ۽ توکي ناڪام بڻائڻ لاءِ هر طرح جون اٽڪلون هلائي چڪا آهن، تانجو انهن جي مرضيءَ جي خلاف حق اچي ويو ۽ الله جو حڪم غالب ٿيو |
وَمِنهُم مَن يَقولُ ائذَن لى وَلا تَفتِنّى أَلا فِى الفِتنَةِ سَقَطوا وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحيطَةٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 49) |
انهن مان ڪو اهڙو به آهي، جيڪو چوي ٿو ته "مونکي موڪل ڏي ۽ مونکي فتني ۾ نه وجهه". ٻڌي ڇڏيو، فتني ۾ ته اهي پيل آهن ۽ جهنم انهن ڪافرن کي وڪوڙي ويو آهي |
إِن تُصِبكَ حَسَنَةٌ تَسُؤهُم وَإِن تُصِبكَ مُصيبَةٌ يَقولوا قَد أَخَذنا أَمرَنا مِن قَبلُ وَيَتَوَلَّوا وَهُم فَرِحونَ (آيت : 50) |
تنهنجو ڀلو ٿو ٿئي ته انهن کي ڏک ٿو ٿئي ۽ توتي ڪا مصيبت ٿي اچي ته پوئين پيرين موٽي خوشيون ڪندا چوندا وڃن ٿا ته ڏاڍو چڱو ٿيو جو اسان اڳيئي پنهنجو معاملو ٺيڪ ڪري ڇڏيو هو |
قُل لَن يُصيبَنا إِلّا ما كَتَبَ اللَّهُ لَنا هُوَ مَولىٰنا وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 51) |
چوين ته، "اسانکي ڪڏهن به ڪا (برائي يا ڀلائي) نٿي رسي پر اهائي جيڪا الله اسان لاءِ لکي ڇڏي آهي. الله ئي اسانجو مولا آهي ۽ مؤمنن کي مٿس ئي ڀاڙڻ گهرجي" |
قُل هَل تَرَبَّصونَ بِنا إِلّا إِحدَى الحُسنَيَينِ وَنَحنُ نَتَرَبَّصُ بِكُم أَن يُصيبَكُمُ اللَّهُ بِعَذابٍ مِن عِندِهِ أَو بِأَيدينا فَتَرَبَّصوا إِنّا مَعَكُم مُتَرَبِّصونَ (آيت : 52) |
چوين ته "توهان اسانجي باري ۾ جنهن ڳالهه جو انتظار ٿا ڪريو سا ته رڳو ٻن ڀلاين مان هڪڙي ڀلائي آهي ۽ اسين توهانجي باري ۾ جنهن ڳالهه جو انتظار ٿا ڪيون، اُها ته اِها آهي ته الله پاڻ ٿو توهانکي سزا ڏئي يا اسانجي هٿان ٿو ڏياري؟ چڱو ڀلا هاڻي توهان به انتظار ڪريو ۽ اسان به توهان سان گڏ ٿا انتظار ڪريون" |
قُل أَنفِقوا طَوعًا أَو كَرهًا لَن يُتَقَبَّلَ مِنكُم إِنَّكُم كُنتُم قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 53) |
چوين ته، "پنهنجا مال خوشيءَ سان خرچ ڪريو يا مجبوريءَ سان اهي قبول نه پوندا، ڇاڪاڻ ته توهان فاسق ماڻهو آهيو" |
وَما مَنَعَهُم أَن تُقبَلَ مِنهُم نَفَقٰتُهُم إِلّا أَنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَبِرَسولِهِ وَلا يَأتونَ الصَّلوٰةَ إِلّا وَهُم كُسالىٰ وَلا يُنفِقونَ إِلّا وَهُم كٰرِهونَ (آيت : 54) |
سندن ڏنل مال قبول نه پوڻ جو ڪارڻ ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه نه آهي ته انهن الله ۽ سندس رسول سان ڪفر ڪيو آهي، نماز لاءِ اچن ٿا ته آرس ڀڃندا اچن ٿا ۽ الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا ته دل نه گهرندي خرچ ڪن ٿا |
فَلا تُعجِبكَ أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم بِها فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَتَزهَقَ أَنفُسُهُم وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 55) |
سندن مال ۽ اولاد کي ڏسي دوکو نه کاءُ، الله ته گهري ٿو ته انهن ئي شين جي وسيلي سندن دنيا واري زندگيءَ ۾ به کين عذاب ڀوڳائي ۽ ساهه ڏين ته به ڪفر جي حالت ۾ ڏين |
وَيَحلِفونَ بِاللَّهِ إِنَّهُم لَمِنكُم وَما هُم مِنكُم وَلٰكِنَّهُم قَومٌ يَفرَقونَ (آيت : 56) |
هو الله جا قسم کڻي چون ٿا ته اسان توهان مان آهيون، حالانڪه هو هرگز توهان مان ناهن. دراصل هو توهان کان ڊڄن ٿا |
لَو يَجِدونَ مَلجَـًٔا أَو مَغٰرٰتٍ أَو مُدَّخَلًا لَوَلَّوا إِلَيهِ وَهُم يَجمَحونَ (آيت : 57) |
جيڪڏهن هو ڪا پناهه وٺڻ جي جاءِ يا ڪا چــُـرَ يا لڪي ويهڻ جو ڪو هنڌ لهن ته ڀڄي وڃي ان ۾ لڪن |
وَمِنهُم مَن يَلمِزُكَ فِى الصَّدَقٰتِ فَإِن أُعطوا مِنها رَضوا وَإِن لَم يُعطَوا مِنها إِذا هُم يَسخَطونَ (آيت : 58) |
اي نبي، انهن مان ڪي ماڻهو صدقن جي ورهاست جي باري ۾ توتي اعتراض ڪن ٿا. جيڪڏهن انهيءَ مال مان ڪجهه ملين ٿو ته راضي ٿي پون ٿا ۽ نٿو ملين ته وٺي ٿا ڪاوڙ ڪن |
وَلَو أَنَّهُم رَضوا ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَقالوا حَسبُنَا اللَّهُ سَيُؤتينَا اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَرَسولُهُ إِنّا إِلَى اللَّهِ رٰغِبونَ (آيت : 59) |
ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جو الله ۽ سندس رسول جيڪي کين ڏنو هو، انهيءَ تي ئي راضي ٿي ويهن ها ۽ چون ها ته، "الله اسان لاءِ ڪافي آهي، هو پنهنجي فضل مان اسانکي ٻيو به گهڻو ڪجهه ڏيندو ۽ سندس رسول به اسانتي مهرباني ڪندو، اسان ته الله ڏانهن ئي اميد لڳايو ويٺا آهيون" |
إِنَّمَا الصَّدَقٰتُ لِلفُقَراءِ وَالمَسٰكينِ وَالعٰمِلينَ عَلَيها وَالمُؤَلَّفَةِ قُلوبُهُم وَفِى الرِّقابِ وَالغٰرِمينَ وَفى سَبيلِ اللَّهِ وَابنِ السَّبيلِ فَريضَةً مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 60) |
اهي صدقا ته اصل ۾ غريبن ۽ ضرورتمندن لاءِ آهن ۽ انهن لاءِ جيڪي زڪوات جي ڪم تي لڳايل آهن ۽ انهن لاءِ به جن جون دليون وٺڻيون هجن ۽ (غلاميءَ کان) ڪنڌ آزاد ڪرائڻ لاءِ ۽ قرضدارن جي مدد ڪرڻ لاءِ ۽ الله جي واٽ ۾ ۽ مسافرن جي پرگهور لاءِ، اهو فرض ٿيل آهي الله جي طرفان ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ داناءُ آهي |
وَمِنهُمُ الَّذينَ يُؤذونَ النَّبِىَّ وَيَقولونَ هُوَ أُذُنٌ قُل أُذُنُ خَيرٍ لَكُم يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَيُؤمِنُ لِلمُؤمِنينَ وَرَحمَةٌ لِلَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَالَّذينَ يُؤذونَ رَسولَ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 61) |
انهن مان ڪي ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي ڳالهين سان نبيءَ کي ايذائن ٿا ۽ چون ٿا ته هو ڪَنن جو ڪچو آهي. چوين ته، "هو توهانجي ڀلائيءَ لاءِ آهي، الله تي ايمان اٿس ۽ مؤمنن تي ويساه، هو ته سراسر رحمت آهي انهن ماڻهن لاءِ جن توهان مان ايمان آندو آهي ۽ جيڪي ماڻهو رسول کي ڏکوئن ٿا، انهن لاءِ دردناڪ سزا آهي" |
يَحلِفونَ بِاللَّهِ لَكُم لِيُرضوكُم وَاللَّهُ وَرَسولُهُ أَحَقُّ أَن يُرضوهُ إِن كانوا مُؤمِنينَ (آيت : 62) |
اهي ماڻهو توهانجي سامهون قسم ٿا کڻن ته جيئن توهانکي راضي ڪن، حالانڪه جيڪڏهن مؤمن آهن ته الله ۽ سندس رسول ان ڳالهه جا وڌيڪ حقدار آهن ته هو کين راضي ڪن |
أَلَم يَعلَموا أَنَّهُ مَن يُحادِدِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَأَنَّ لَهُ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدًا فيها ذٰلِكَ الخِزىُ العَظيمُ (آيت : 63) |
ڇا کين ڄاڻ نه آهي ته جيڪو الله ۽ سندس رسول جو مقابلو ڪندو، ان لاءِ جهنم جي باهه آهي، جنهن ۾ هو هميشه رهندو؟ اها تمام وڏي خواري آهي |
يَحذَرُ المُنٰفِقونَ أَن تُنَزَّلَ عَلَيهِم سورَةٌ تُنَبِّئُهُم بِما فى قُلوبِهِم قُلِ استَهزِءوا إِنَّ اللَّهَ مُخرِجٌ ما تَحذَرونَ (آيت : 64) |
اهي منافق ڊڄن ٿا ته متان مسلمانن تي ڪا اهڙي سورت نه نازل ٿي پوي، جيڪا سندن دلين جا پول پڌرا ڪري ڇڏي، اي نبي چوين ته، "اڃان ڪريو ٺٺوليون، الله ته اها ڳالهه ظاهر ڪرڻ وارو آهي جنهن جي کلي پوڻ جو توهان کي ڊپ آهي" |
وَلَئِن سَأَلتَهُم لَيَقولُنَّ إِنَّما كُنّا نَخوضُ وَنَلعَبُ قُل أَبِاللَّهِ وَءايٰتِهِ وَرَسولِهِ كُنتُم تَستَهزِءونَ (آيت : 65) |
جيڪڏهن پڇندينِ ته ڪهڙيون پئي ڳالهيون ڪـيوَ ته جهٽ چوندا ته اسان ته پئي مڙيئي کل ڀوڳ ۽ چرچا ڪيا. چوين ته ڇا توهان جي ٺٺولبازيءَ جو هنڌ به الله، سندس آيتون ۽ سندس رسول ئي هئا؟ |
لا تَعتَذِروا قَد كَفَرتُم بَعدَ إيمٰنِكُم إِن نَعفُ عَن طائِفَةٍ مِنكُم نُعَذِّب طائِفَةً بِأَنَّهُم كانوا مُجرِمينَ (آيت : 66) |
هاڻي بهانا نه گهڙيو، توهان ايمان آڻي پوءِ وري ڪفر ڪيو آهي. جيڪڏهن اسان توهان مان هڪڙي ٽولي کي معاف ڪيو به، ته ٻئي ٽولي کي ته ضرور سزا ڏينداسون، ڇو جو هو ڏوهاري آهن |
المُنٰفِقونَ وَالمُنٰفِقٰتُ بَعضُهُم مِن بَعضٍ يَأمُرونَ بِالمُنكَرِ وَيَنهَونَ عَنِ المَعروفِ وَيَقبِضونَ أَيدِيَهُم نَسُوا اللَّهَ فَنَسِيَهُم إِنَّ المُنٰفِقينَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 67) |
منافق مرد توڙي عورتون مڙئي هڪجهڙا آهن. برائيءَ جو حڪم ڏين ٿا ۽ ڀلائيءَ کان روڪن ٿا ۽ پنهنجا هٿ ڀلائي ڪرڻ کان سوگها جهلي ٿا ڇڏين. هنن الله کي وساريو ته الله به کين وساري ڇڏيو، بيشڪ اهي منافق ئي نافرمان آهن |
وَعَدَ اللَّهُ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالكُفّارَ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها هِىَ حَسبُهُم وَلَعَنَهُمُ اللَّهُ وَلَهُم عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 68) |
انهن منافق مردن ۽ منافق عورتن ۽ ڪافرن لاءِ الله جهنم جي باهه جو وعدو ڪيو آهي، جنهن ۾ هو هميشه رهندا، اهائي سندن سزا آهي، مٿن الله جي لعنت آهي ۽ انهن لاءِ دائمي عذاب آهي |
كَالَّذينَ مِن قَبلِكُم كانوا أَشَدَّ مِنكُم قُوَّةً وَأَكثَرَ أَموٰلًا وَأَولٰدًا فَاستَمتَعوا بِخَلٰقِهِم فَاستَمتَعتُم بِخَلٰقِكُم كَمَا استَمتَعَ الَّذينَ مِن قَبلِكُم بِخَلٰقِهِم وَخُضتُم كَالَّذى خاضوا أُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 69) |
توهان جا عمل به اهڙا ئي آهن، جهڙا توهان کان اڳين جا هئا. هو توهان کان طاقت ۾ زور هئا ۽ مال ۽ اولاد ۾ به گهڻا هئا، پوءِ انهن دنيا ۾ پنهنجي ڀاڱي جا مزا ورتا ۽ توهان به پنهنجي حصي جا مزا ائين ئي ورتا آهن، جيئن انهن ورتا هئا ۽ اهڙن ئي بحثن ۾ توهان به پيئو جهڙن بحثن ۾ هو پوندا هئا، پوءِ سندن پڇاڙي اها ٿي جو دنيا توڙي آخرت ۾ سندن سڀ عمل برباد ٿي ويا ۽ اهي ئي نقصان وارا آهن |
أَلَم يَأتِهِم نَبَأُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَقَومِ إِبرٰهيمَ وَأَصحٰبِ مَديَنَ وَالمُؤتَفِكٰتِ أَتَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 70) |
ڇا انهن ماڻهن کي کانئن اڳ ٿي گذريل ماڻهن جي خبر نه پهتي آهي؟ نوح جي قوم، عاد، ثمود، ابراهيم جي قوم، مدين وارا ماڻهو ۽ اهي ڳوٺ جيڪي اونڌا ڪيا ويا، سندن رسولن وٽن پڌريون نشانيون آنديون، پوءِ اهو الله جو ته ڪم ئي نه هو، جو هو مٿن ظلم ڪري ها، مگر هو پاڻ تي پاڻ ظلم ڪرڻ وارا هئا |
وَالمُؤمِنونَ وَالمُؤمِنٰتُ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ يَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَيُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَيُطيعونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ سَيَرحَمُهُمُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 71) |
مؤمن مرد ۽ مؤمنياڻيون، اهي سڀئي هڪ ٻئي جا مددگار آهن، ڀلائيءَ جو حڪم ڏين ٿا ۽ برائيءَ کان روڪن ٿا، نماز قائم ڪن ٿا، زڪوات ڏين ٿا ۽ الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪن ٿا، اهي ئي ماڻهو آهن، جن تي الله جي رحمت ٿيڻ واري آهي، بيشڪ الله سڀني تي غالب ۽ وڏو داناءُ آهي |
وَعَدَ اللَّهُ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فى جَنّٰتِ عَدنٍ وَرِضوٰنٌ مِنَ اللَّهِ أَكبَرُ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 72) |
انهن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين سان الله جو وعدو آهي ته هو کين اهڙا باغ ڏيندو، جن جي هيٺان واهيون پيون وهنديون ۽ هو منجهن سدائين رهندا. انهن سدا بهار باغن ۾ انهن لاءِ نهايت پاڪ صاف رهڻ جون جايون هونديون ۽ سڀ کان وڌيڪ هي ته کين الله جي رضا حاصل ٿيندي، اهائي ته تمام وڏي ڪاميابي آهي |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ جٰهِدِ الكُفّارَ وَالمُنٰفِقينَ وَاغلُظ عَلَيهِم وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 73) |
اي نبي! ڪافرن ۽ منافقن ٻنهي جو پوريءَ طاقت سان مقابلو ڪر ۽ مٿن سختي ڪر، سندن ٺڪاڻو نيٺ جهنم آهي ۽ اهو بڇڙي ۾ بڇڙو رهڻ جو هنڌ آهي |
يَحلِفونَ بِاللَّهِ ما قالوا وَلَقَد قالوا كَلِمَةَ الكُفرِ وَكَفَروا بَعدَ إِسلٰمِهِم وَهَمّوا بِما لَم يَنالوا وَما نَقَموا إِلّا أَن أَغنىٰهُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ مِن فَضلِهِ فَإِن يَتوبوا يَكُ خَيرًا لَهُم وَإِن يَتَوَلَّوا يُعَذِّبهُمُ اللَّهُ عَذابًا أَليمًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم فِى الأَرضِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 74) |
اهي ماڻهو الله جا قسم کڻي ٿا چون ته، اها ڳالهه نه چئي اٿن، حالانڪه انهن اها ڪفر واري ڳالهه ضرور چئي آهي، هنن اسلام آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪيو ۽ اهو ڪجهه ڪرڻ جو ارادو ڪيائون، جيڪو ڪري نه سگهيا. اهو سندن سارو وير رڳو انهيءَ ڳالهه جي ڪري آهي ته الله ۽ سندن رسول پنهنجي فضل سان کين آسودو ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي جيڪڏهن اهي پنهنجي روش کان باز آيا ته پاڻ لاءِ چڱو اٿن ۽ جيڪڏهن باز نه آيا ته الله کين ڏاڍي دردناڪ سزا ڏيندو، دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به ۽ زمين ۾ ڪوبه نه آهي جيڪو سندن واهرو ۽ مددگار هجي |
وَمِنهُم مَن عٰهَدَ اللَّهَ لَئِن ءاتىٰنا مِن فَضلِهِ لَنَصَّدَّقَنَّ وَلَنَكونَنَّ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 75) |
انهن مان ڪي اهڙا به آهن، جن الله سان عهد ڪيو هو ته جيڪڏهن اسانکي پنهنجي فضل سان نوازيائين ته اسان خيرات ڏينداسون ۽ صالح ٿي رهنداسون |
فَلَمّا ءاتىٰهُم مِن فَضلِهِ بَخِلوا بِهِ وَتَوَلَّوا وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 76) |
پر پوءِ جڏهن الله پنهنجي فضل سان کين شاهوڪار ڪري ڇڏيو ته بخيل ٿي پيا ۽ پنهنجي قول کان ائين ڦري ويا جو ڪَا پرواه ئي ڪانه اٿن |
فَأَعقَبَهُم نِفاقًا فى قُلوبِهِم إِلىٰ يَومِ يَلقَونَهُ بِما أَخلَفُوا اللَّهَ ما وَعَدوهُ وَبِما كانوا يَكذِبونَ (آيت : 77) |
نتيجو اهو نڪتو ته انهيءَ قول نه نباهڻ جي ڪري، جيڪو الله سان ڪيو هئائون ۽ انهيءَ ڪري جو هو ڪوڙ پئي هڻندا هئا، الله انهن جي دلين ۾ نفاق وجهي ڇڏيو، جيڪو سندس اڳيان پيش ٿيڻ جي ڏينهن تائين انهن جي جند نه ڇڏيندو |
أَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ سِرَّهُم وَنَجوىٰهُم وَأَنَّ اللَّهَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 78) |
ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته الله سندن ڳجهن رازن ۽ سندن سـُـس پُـس کي به ڄاڻي ٿو ۽ سڀني غيب جي ڳالهين جو پوريءَ طرح ڄاڻو آهي؟ |
الَّذينَ يَلمِزونَ المُطَّوِّعينَ مِنَ المُؤمِنينَ فِى الصَّدَقٰتِ وَالَّذينَ لا يَجِدونَ إِلّا جُهدَهُم فَيَسخَرونَ مِنهُم سَخِرَ اللَّهُ مِنهُم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 79) |
(هو انهن ڪنجوس دولتمندن کي چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي) جيڪي دل جي حضور سان مالي قربانيون ڪندڙ مؤمنن کي ٿا مهڻا ڏين ۽ انهن ماڻهن تي ٿا چٿرون ڪن، جن وٽ (الله جي واٽ ۾ ڏيڻ لاءِ ) سواءِ محنت مزوريءَ جو ڪم ڪري ڏيڻ جي ٻيو ڪجهه به ناهي، الله انهن ٽوڪون ڪندڙن تي ٿو ٽوڪون ڪري ۽ انهن لاءِ دردناڪ سزا آهي |
استَغفِر لَهُم أَو لا تَستَغفِر لَهُم إِن تَستَغفِر لَهُم سَبعينَ مَرَّةً فَلَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 80) |
اي نبي! تون اهڙن ماڻهن لاءِ معافي گهرين يا نه گهرين، جيڪڏهن تون ستر ڀيرا به انهن لاءِ معافي گهرندين ته به الله انهن کي اصلي معاف نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته انهن الله ۽ سندس رسول سان ڪفر ڪيو آهي ۽ الله فاسق ماڻهن کي ڇوٽڪاري واري واٽ نه ڏيکاريندو آهي |
فَرِحَ المُخَلَّفونَ بِمَقعَدِهِم خِلٰفَ رَسولِ اللَّهِ وَكَرِهوا أَن يُجٰهِدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ وَقالوا لا تَنفِروا فِى الحَرِّ قُل نارُ جَهَنَّمَ أَشَدُّ حَرًّا لَو كانوا يَفقَهونَ (آيت : 81) |
جن ماڻهن کي پوئتي رهي پوڻ جي موڪل ڏني وئي هئي، اهي الله جي رسول جو ساٿ نه ڏيڻ ۽ گهر ۾ ويهي رهڻ تي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ اهو نه وَڻين ته الله جي راهه ۾ مالن ۽ جانين سان جهاد ڪن. اُنهن ٻين کي به چيو ته، "هن سخت گرميءَ ۾ نه نڪرو". چوين ته، "جهنم جي باهه ته اڃان به وڌيڪ گرم آهي". جيڪر ته انهن کي ان ڳالهه جي سمجهه هجي ها |
فَليَضحَكوا قَليلًا وَليَبكوا كَثيرًا جَزاءً بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 82) |
هاڻي انهن کي گهرجي ته کلن ٿورو ۽ روئن گهڻو. ڇو جو جيڪا برائي ڪمائي اٿن، ان جو بدلو اهڙو آهي (جو ان تي روئڻ ئي گهرجي) |
فَإِن رَجَعَكَ اللَّهُ إِلىٰ طائِفَةٍ مِنهُم فَاستَـٔذَنوكَ لِلخُروجِ فَقُل لَن تَخرُجوا مَعِىَ أَبَدًا وَلَن تُقٰتِلوا مَعِىَ عَدُوًّا إِنَّكُم رَضيتُم بِالقُعودِ أَوَّلَ مَرَّةٍ فَاقعُدوا مَعَ الخٰلِفينَ (آيت : 83) |
جيڪڏهن الله توکي انهن وٽ موٽائي آڻي ۽ آئنده انهن مان ڪو ٽولو توکان جهاد لاءِ نڪرڻ جي اجازت گهري ته صاف چئي ڇڏجانءِ ته، "هاڻي توهان مون سان گڏ ڪنهن به صورت ۾ نٿا هلي سگهو ۽ نه مون سان گڏ ڪنهن دشمن سان لڙي سگهو ٿا، توهان اڳي ويهي رهڻ پسند ڪيو هو ته هاڻي گهر ويهي رهڻ وارن سان ئي گڏ توهان به ويٺا رهو" |
وَلا تُصَلِّ عَلىٰ أَحَدٍ مِنهُم ماتَ أَبَدًا وَلا تَقُم عَلىٰ قَبرِهِ إِنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَماتوا وَهُم فٰسِقونَ (آيت : 84) |
۽ اڳتي انهن مان ڪو مري ته ان جي جنازي نماز به ڪڏهن نه پڙهجانءِ ۽ نڪي سندس قبر تي وڃي بيهجانءِ ، ڇو ته انهن الله ۽ سندس رسول سان ڪفر ڪيو آهي ۽ اهي مئا به ان حالت ۾ جو هو فاسق هئا |
وَلا تُعجِبكَ أَموٰلُهُم وَأَولٰدُهُم إِنَّما يُريدُ اللَّهُ أَن يُعَذِّبَهُم بِها فِى الدُّنيا وَتَزهَقَ أَنفُسُهُم وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 85) |
سندن شاهوڪار هجڻ ۽ اولاد وارو هجڻ توکي دوکي ۾ نه وجهي، الله ته ارادو ڪري ڇڏيو آهي ته انهيءَ مال ۽ اولاد جي وسيلي هن دنيا ۾ ئي کين سزا چــَـکائي ۽ سندن ساهه ان حالت ۾ نڪرن جو هو ڪافر ئي هجن |
وَإِذا أُنزِلَت سورَةٌ أَن ءامِنوا بِاللَّهِ وَجٰهِدوا مَعَ رَسولِهِ استَـٔذَنَكَ أُولُوا الطَّولِ مِنهُم وَقالوا ذَرنا نَكُن مَعَ القٰعِدينَ (آيت : 86) |
جڏهن به ڪا سورت انهيءَ مضمون جي نازل ٿي ته الله کي مڃيو ۽ سندس رسول سان گڏجي جهاد ڪريو ته تو ڏٺو ته انهن مان جيڪي دولتمند هئا، اهي ئي توکان اجازت گهرڻ لڳا ته کين جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ کان معاف رکيو وڃي ۽ چيائون ته اسانکي ڇڏيو ته ويهي رهندڙن سان گڏ هجون |
رَضوا بِأَن يَكونوا مَعَ الخَوالِفِ وَطُبِعَ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَفقَهونَ (آيت : 87) |
انهن ماڻهن گهرن ۾ ويهڻ وارين (زائفن) ۾ شامل ٿيڻ پسند ڪيو ۽ سندن دلين تي مهر هنئي وئي، تنهنڪري هاڻي ڪجهه به سمجهي نٿا سگهن |
لٰكِنِ الرَّسولُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ جٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم وَأُولٰئِكَ لَهُمُ الخَيرٰتُ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 88) |
ان جي ابتـڙ رسول ۽ انهن ماڻهن جن ساڻس گڏ ايمان آندو هو، پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪيو ۽ هاڻي سموريون ڀلايون انهن لاءِ ئي آهن ۽ اهي ئي ڪاميابي حاصل ڪندڙ آهن |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 89) |
الله انهن لاءِ اهڙا باغ تيار ڪيا آهن، جن جي هيٺان واهيون وهن ٿيون. انهن ۾ هو هميشه رهندا. اها ئي آهي تمام شاندار ڪاميابي |
وَجاءَ المُعَذِّرونَ مِنَ الأَعرابِ لِيُؤذَنَ لَهُم وَقَعَدَ الَّذينَ كَذَبُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ سَيُصيبُ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 90) |
ٻهراڙيءَ وارن (بدوي عربن) منجهان به ڪيترائي عذر کڻي آيا ته انهن کي به پوئتي رهڻ جي اجازت ڏني وڃي. اهڙيءَ طرح جن الله ۽ سندس رسول سان ايمان آڻڻ جو ڪوڙو قول ڪيو هو اهي به ويٺا رهيا، انهن مان جن ماڻهن ڪفر جو طريقو اختيار ڪيو آهي، اهي ستت ئي دردناڪ سزا ڀوڳيندا |
لَيسَ عَلَى الضُّعَفاءِ وَلا عَلَى المَرضىٰ وَلا عَلَى الَّذينَ لا يَجِدونَ ما يُنفِقونَ حَرَجٌ إِذا نَصَحوا لِلَّهِ وَرَسولِهِ ما عَلَى المُحسِنينَ مِن سَبيلٍ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 91) |
ڪمزور ۽ بيمار ۽ اهي جن کي جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ثمر ميسر ناهي، جيڪڏهن پوئتي رهن ته ڀولو ناهي، جڏهن جو هو سچيءَ دل سان الله ۽ سندس رسول جا وفادار هجن. اهڙن ڀلارن تي آڱر کڻڻ جو ڪوبه سبب ڪونهي ۽ الله بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي |
وَلا عَلَى الَّذينَ إِذا ما أَتَوكَ لِتَحمِلَهُم قُلتَ لا أَجِدُ ما أَحمِلُكُم عَلَيهِ تَوَلَّوا وَأَعيُنُهُم تَفيضُ مِنَ الدَّمعِ حَزَنًا أَلّا يَجِدوا ما يُنفِقونَ (آيت : 92) |
اهڙيءَ طرح انهن تي به ڪا مــَـيار ڪانهي، جن پاڻ تو وٽ اچي عرض ڪيو هو ته کين سواري مهيا ڪئي وڃي ۽ تو چيو هونِ ته مان توهان لاءِ سواريءَ جو بندوبست ڪري نٿو سگهان، ته لاچار هو هليا ويا پر سندن اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا ۽ ان ڳالهه جو ڏاڍو ڏک هونِ ته هنن کي پنهنجي خرچ تي جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ جي طاقت ڪانهي |
إِنَّمَا السَّبيلُ عَلَى الَّذينَ يَستَـٔذِنونَكَ وَهُم أَغنِياءُ رَضوا بِأَن يَكونوا مَعَ الخَوالِفِ وَطَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 93) |
مــَـيار ته انهن تي آهي جيڪي مالدار آهن، پوءِ به اچي ٿا توکان اجازت گهرن ته کين جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ کان ڇڏيو وڃي. انهن گهرن ۾ ويهڻ وارين ۾ شامل ٿيڻ پسند ڪيو، ۽ الله سندن دلين تي مهر هڻي ڇڏي آهي جو ڪا خبر ئي نٿي پوين (ته الله وٽ سندن انهيءَ روش جو نتيجو ڇا نڪرندو) |
يَعتَذِرونَ إِلَيكُم إِذا رَجَعتُم إِلَيهِم قُل لا تَعتَذِروا لَن نُؤمِنَ لَكُم قَد نَبَّأَنَا اللَّهُ مِن أَخبارِكُم وَسَيَرَى اللَّهُ عَمَلَكُم وَرَسولُهُ ثُمَّ تُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 94) |
توهان جڏهن وٽن موٽي ايندؤ ته اهي قسمين قسمين عذر پيش ڪندا پر تون چئي ڏجانءِ ته "بهانا نه ڪريو، اسان توهان جي ڪا ڳالهه نه مڃينداسون، الله اسانکي توهانجون سڀ خبرون ڏئي ڇڏيون آهن، هاڻي الله ۽ سندس رسول توهان جي هلت ڏسندا، پوءِ توهان انهيءَ ڏانهن موٽايا ويندؤ، جيڪو لڪل توڙي ظاهر سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي ۽ هو توهانکي ٻڌائيندو ته توهان ڇا ڇا ڪندا رهيا آهيو" |
سَيَحلِفونَ بِاللَّهِ لَكُم إِذَا انقَلَبتُم إِلَيهِم لِتُعرِضوا عَنهُم فَأَعرِضوا عَنهُم إِنَّهُم رِجسٌ وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ جَزاءً بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 95) |
توهان جي موٽي اچڻ تي هو توهان جي سامهون قَسم کڻندا ته جيئن توهان کانئن مڙي وڃو. سو ڀل توهان کانئن منهن موڙيو، ڇو جو هو ته گندگي آهن ۽ سندن جاءِ جهنم آهي، جيڪو سندن ڪمائيءَ جي بدلي کين پلئه پوندو |
يَحلِفونَ لَكُم لِتَرضَوا عَنهُم فَإِن تَرضَوا عَنهُم فَإِنَّ اللَّهَ لا يَرضىٰ عَنِ القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 96) |
هي توهان جي آڏو قَسم کڻندا ته جيئن توهان ساڻن پرچو، حالانڪه جيڪڏهن توهان ساڻن پرچي به ويا، تڏهن به الله ڪنهن به حالت ۾ اهڙن فاسقن کان راضي نه ٿيندو |
الأَعرابُ أَشَدُّ كُفرًا وَنِفاقًا وَأَجدَرُ أَلّا يَعلَموا حُدودَ ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 97) |
اهي بدوي عرب (ڳوٺاڻا) ڪفر توڙي نفاق ۾ وڌيڪ سخت آهن ۽ تنهنڪري گهڻو امڪان آهي ته انهيءَ دين جي حدن کان اڻ واقف رهجي وڃن، جيڪو الله پنهنجي رسول تي نازل ڪيو آهي. الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏو داناءُ آهي |
وَمِنَ الأَعرابِ مَن يَتَّخِذُ ما يُنفِقُ مَغرَمًا وَيَتَرَبَّصُ بِكُمُ الدَّوائِرَ عَلَيهِم دائِرَةُ السَّوءِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 98) |
انهن ڳوٺاڻن (بدوين) ۾ اهڙا به ماڻهو آهن، جيڪي الله جي واٽ ۾ جيڪي ڪجهه خرچ ڪن ٿا، تنهن کي پاڻ تي چٽي ٿا سمجهن ۽ توهان جي باري ۾ زماني جي گردش جو ٿا انتظار ڪن (ته توهان ڪنهن چڪر ۾ ڦاسي پئو ته هو انهيءَ نظام جي تابعداريءَ کان جان ڇڏائي وڃن جنهن ۾ تو کڻي سوگهو ڪيو اٿن) حالانڪه برائيءَ جو چڪر ته خود مٿن مڙهيل آهي ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي |
وَمِنَ الأَعرابِ مَن يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَيَتَّخِذُ ما يُنفِقُ قُرُبٰتٍ عِندَ اللَّهِ وَصَلَوٰتِ الرَّسولِ أَلا إِنَّها قُربَةٌ لَهُم سَيُدخِلُهُمُ اللَّهُ فى رَحمَتِهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 99) |
۽ انهن بدوين ۾ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن، جن جو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آهي ۽ جيڪي ڪجهه خرچ ڪن ٿا، انکي الله کي ويجهو ٿيڻ ۽ رسول جون دعائون کٽڻ جو وسيلو ٿا بڻائين، هائو، اهو بيشڪ انهن لاءِ ويجهڙائي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي ۽ الله ضرور کين پنهنجيءَ رحمت ۾ داخل ڪندو، الله بلاشڪ ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي |
وَالسّٰبِقونَ الأَوَّلونَ مِنَ المُهٰجِرينَ وَالأَنصارِ وَالَّذينَ اتَّبَعوهُم بِإِحسٰنٍ رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ وَأَعَدَّ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى تَحتَهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 100) |
اهي مهاجر ۽ انصار جيڪي اول اول ايمان آڻي سڀني کان اڳرا ٿيا هئا ۽ پڻ اهي جيڪي کانئن پوءِ وڌ ۾ وڌ سهڻي نموني ۾ سندن رستي تي هليا، تن کان الله راضي ٿيو ۽ هو الله کان راضي ٿيا، الله انهن لاءِ اهڙا باغ تيار ڪري ڇڏيا آهن، جن جي هيٺان واهيون پيون وهنديون ۽ هو انهن ۾ هميشه رهندا، اهائي تمام وڏي درجي جي ڪاميابي آهي |
وَمِمَّن حَولَكُم مِنَ الأَعرابِ مُنٰفِقونَ وَمِن أَهلِ المَدينَةِ مَرَدوا عَلَى النِّفاقِ لا تَعلَمُهُم نَحنُ نَعلَمُهُم سَنُعَذِّبُهُم مَرَّتَينِ ثُمَّ يُرَدّونَ إِلىٰ عَذابٍ عَظيمٍ (آيت : 101) |
توهان جي آس پاس جيڪي ڳوٺاڻا (بدوي) رهن ٿا، انهن ۾ ڪيترائي منافق آهن ۽ اهڙيءَ طرح خود مديني جي رهاڪن ۾ به منافق موجود آهن، جيڪي منافقت تي سندرو ٻڌي بيٺا آهن، تون انهن کي نٿو ڄاڻين، اسان ٿا کين ڄاڻون. اِجهو ٿا اسان کين ٻيڻي سزا ڏيون، پوءِ هو تمام وڏيءَ سزا لاءِ واپس آندا ويندا |
وَءاخَرونَ اعتَرَفوا بِذُنوبِهِم خَلَطوا عَمَلًا صٰلِحًا وَءاخَرَ سَيِّئًا عَسَى اللَّهُ أَن يَتوبَ عَلَيهِم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 102) |
ٻيا به ڪي ماڻهو آهن، جن پنهنجا گناهه باسيا آهن، انهن جا عمل گاڏڙ ساڏڙ آهن، ڪجهه چڱا اٿن ته ڪجهه برا اٿن. ٿي سگهي ٿو ته الله مٿن مهربان ٿئي، ڇو ته هو معاف ڪندڙ ۽ ٻاجهه ڪندڙ آهي |
خُذ مِن أَموٰلِهِم صَدَقَةً تُطَهِّرُهُم وَتُزَكّيهِم بِها وَصَلِّ عَلَيهِم إِنَّ صَلوٰتَكَ سَكَنٌ لَهُم وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 103) |
اي نبي! تون سندن مالن مان صدقو وٺي کين پاڪ ڪر ۽ (نيڪيءَ جي ڪمن ۾) کين وڌاءِ ۽ سندن حق ۾ رحمت جي دعا گهر، ڇو ته تنهنجي دعا انهن لاءِ آٿت آهي. الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي |
أَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ هُوَ يَقبَلُ التَّوبَةَ عَن عِبادِهِ وَيَأخُذُ الصَّدَقٰتِ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 104) |
ڇا کين خبر نه آهي ته اهو ته الله ئي آهي، جيڪو پنهنجن ٻانهن جي توبه قبول ڪندو آهي ۽ سندن خيراتون اگهائيندو آهي ۽ پڻ اهوئي الله ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحيم آهي؟ |
وَقُلِ اعمَلوا فَسَيَرَى اللَّهُ عَمَلَكُم وَرَسولُهُ وَالمُؤمِنونَ وَسَتُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 105) |
۽ اي نبي! چوين ته توهان عمل ڪريو پوءِ الله، سندس رسول ۽ مؤمن سڀئي توهان جا عمل ڏسندا، پوءِ توهان انهيءَ ڏانهن موٽائي آندا ويندؤ، جيڪو لڪل توڙي ظاهر سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ هو توهانکي ٻڌائيندو ته توهان ڇاڇا ڪندا رهيا آهيو |
وَءاخَرونَ مُرجَونَ لِأَمرِ اللَّهِ إِمّا يُعَذِّبُهُم وَإِمّا يَتوبُ عَلَيهِم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 106) |
ڪي ٻيا ماڻهو به آهن، جن جو معاملو الله جي حڪم لاءِ ترسايل آهي، پوءِ وڻيس ته سزا ڏئينِ ۽ وڻيس ته ورائي مــِـهر ڪرينِ. الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ هو وڏو داناءُ آهي |
وَالَّذينَ اتَّخَذوا مَسجِدًا ضِرارًا وَكُفرًا وَتَفريقًا بَينَ المُؤمِنينَ وَإِرصادًا لِمَن حارَبَ اللَّهَ وَرَسولَهُ مِن قَبلُ وَلَيَحلِفُنَّ إِن أَرَدنا إِلَّا الحُسنىٰ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 107) |
وري ڪي ٻيا ماڻهو به آهن جن هڪڙي مسجد ٺاهي آهي، ان لاءِ ته (حق جي دعوت کي) نقصان پهچائن ۽ (الله جي بندگي ڪرڻ بدران) ڪفر ڪن ۽ مؤمنن ۾ ڏڦيڙ وجهن ۽ (انهيءَ ظاهري عبادتگاهه کي) انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ هڪڙو مورچو بڻائين، جيڪو اڳيئي الله ۽ سندس رسول سان جنگ جوٽي چڪو آهي. هو ضرور قَسم کڻي چوندا ته اسان جي نيت ته ڀلائي ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪابه نه هئي، پر الله شاهد آهي ته هو بلڪل ڪوڙا آهن |
لا تَقُم فيهِ أَبَدًا لَمَسجِدٌ أُسِّسَ عَلَى التَّقوىٰ مِن أَوَّلِ يَومٍ أَحَقُّ أَن تَقومَ فيهِ فيهِ رِجالٌ يُحِبّونَ أَن يَتَطَهَّروا وَاللَّهُ يُحِبُّ المُطَّهِّرينَ (آيت : 108) |
تون انهيءَ جاءِ ۾ ڪڏهن به نه بيهجانءِ، جيڪا مسجد پهرئين ڏينهن ئي تقويٰ تي اَڏي وئي هئي، اهائي انهيءَ ڳالهه جي وڌيڪ لائق آهي ته تون ان ۾ (عبادت لاءِ ) بيهين. ان ۾ اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي پاڪ رهڻ پسند ڪندا آهن ۽ الله کي پاڪائي اختيار ڪرڻ وارا ئي پسند آهن |
أَفَمَن أَسَّسَ بُنيٰنَهُ عَلىٰ تَقوىٰ مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنٍ خَيرٌ أَم مَن أَسَّسَ بُنيٰنَهُ عَلىٰ شَفا جُرُفٍ هارٍ فَانهارَ بِهِ فى نارِ جَهَنَّمَ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 109) |
تنهنجي خيال ۾ ڀلو ماڻهو ڪير آهي، اهو جنهن پنهنجي عمارت جو بنياد الله جي خوف ۽ سندس رضا جي طلب تي رکيو يا اهو ماڻهو جنهن پنهنجي عمارت جو بنياد کاهيءَ جي کاڌل ڪناري تي رکيو؟ جيڪا ڊهي انهيءَ اڏيندڙ سوڌي ڌو وڃي جهنم جي باهه ۾ ڪري؟ اهڙن ظالم ماڻهن کي الله ڪڏهن به سڌي واٽ نه وٺائيندو آهي |
لا يَزالُ بُنيٰنُهُمُ الَّذى بَنَوا ريبَةً فى قُلوبِهِم إِلّا أَن تَقَطَّعَ قُلوبُهُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 110) |
اها عمارت جيڪا انهن جوڙي آهي، سا سندن دلين کي سدائين ٻـُـڏتــَـر ۾ وجهيو رهندي، باقي سندن دليون ئي ڀڄي ڀورا ٿي پون ته ٻي ڳالهه آهي، الله نهايت باخبر ۽ داناءُ آهي |
إِنَّ اللَّهَ اشتَرىٰ مِنَ المُؤمِنينَ أَنفُسَهُم وَأَموٰلَهُم بِأَنَّ لَهُمُ الجَنَّةَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ فَيَقتُلونَ وَيُقتَلونَ وَعدًا عَلَيهِ حَقًّا فِى التَّورىٰةِ وَالإِنجيلِ وَالقُرءانِ وَمَن أَوفىٰ بِعَهدِهِ مِنَ اللَّهِ فَاستَبشِروا بِبَيعِكُمُ الَّذى بايَعتُم بِهِ وَذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 111) |
حقيقت ۾ ته الله مؤمنن کان سندن جانيون ۽ سندن مال جنت جي عيوض خريد ڪري ورتا آهن، هو الله جي واٽ ۾ وڙهن ٿا، پوءِ مارين ٿا ۽ مرن ٿا، (جنت ۾ داخل ڪرڻ جو) ساڻن ڪيل وعدو پاڙڻ جو الله پاڻ تي ذمو کنيو آهي، تورات ۽ انجيل ۽ قرآن ۾، ۽ ڪير آهي الله کان وڌيڪ پنهنجي وعدي پاڙڻ ۾؟ پوءِ خوشيون مــَـلهايو انهيءَ سودي تي جيڪو توهان الله سان ڪري ڇڏيو آهي، اهائي ته سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي |
التّٰئِبونَ العٰبِدونَ الحٰمِدونَ السّٰئِحونَ الرّٰكِعونَ السّٰجِدونَ الءامِرونَ بِالمَعروفِ وَالنّاهونَ عَنِ المُنكَرِ وَالحٰفِظونَ لِحُدودِ اللَّهِ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 112) |
الله ڏانهن وري وري موٽي اچڻ وارا، سندس عبادت ڪرڻ وارا، سندس ساراهه جا ڳڻ ڳائڻ وارا، الله جي راهه ۾ سفر ڪندڙ، سندس آڏو رڪوع ۽ سجدا ڪرڻ وارا، نيڪيءَ جو حڪم ڪرڻ وارا، برائيءَ کان روڪڻ وارا ۽ الله جي حدن جي حفاظت ڪرڻ وارا (اهوئي نمونو هوندو آهي انهن مؤمنن جو جيڪي الله سان اهو سودو ڪن ٿا) ۽ اي نبي! انهن مؤمنن کي خوشخبري ڏيئي ڇڏ |
ما كانَ لِلنَّبِىِّ وَالَّذينَ ءامَنوا أَن يَستَغفِروا لِلمُشرِكينَ وَلَو كانوا أُولى قُربىٰ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُم أَنَّهُم أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 113) |
نبيءَ کي ۽ جن ايمان آندو آهي، انهن کي اها ڳالهه نٿي سونهين ته هو مشرڪن لاءِ بخشش جي دعا گهرن، کڻي هو سندن ويجها عزيز ئي ڇونه هجن، جڏهن جو مٿن اها ڳالهه کلي ظاهر ٿي پئي آهي ته هو جهنم جا حقدار آهن |
وَما كانَ استِغفارُ إِبرٰهيمَ لِأَبيهِ إِلّا عَن مَوعِدَةٍ وَعَدَها إِيّاهُ فَلَمّا تَبَيَّنَ لَهُ أَنَّهُ عَدُوٌّ لِلَّهِ تَبَرَّأَ مِنهُ إِنَّ إِبرٰهيمَ لَأَوّٰهٌ حَليمٌ (آيت : 114) |
ابراهيم جو پنهنجي پيءُ لاءِ بخشش جي دعا گهري هئي، سو رڳو انهيءَ ڪري جو هــُـن ساڻس وعدو ڪيو هو پر پوءِ جڏهن مٿس اها ڳالهه کلي ظاهر ٿي پئي ته سندس پيءُ الله جو دشمن آهي ته هو کانئس بيزار ٿي ويو، سچي ڳالهه اها آهي ته ابراهيم ڏاڍو دل جو نرم ۽ بردبار هو |
وَما كانَ اللَّهُ لِيُضِلَّ قَومًا بَعدَ إِذ هَدىٰهُم حَتّىٰ يُبَيِّنَ لَهُم ما يَتَّقونَ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 115) |
الله جي اها ريت نه آهي ته ماڻهن کي هدايت ڏيڻ کان پوءِ وري گمراهيءَ ۾ وجهي، جيستائين جو کين صاف کولي نه ٻڌائي ته کين ڪهڙين ڳالهين کان بچڻ کپي. درحقيقت الله کي هر شيءِ جو علم آهي |
إِنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُحيۦ وَيُميتُ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 116) |
۽ اها به حقيقت آهي ته آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي ئي آهي، جيئارڻ ۽ مارڻ سندس ئي هٿ ۾ آهي ۽ توهانجو ڪوبه مددگار ۽ واهرو اهڙو ڪونهي جيڪو توهانکي کانئس بچائي سگهي |
لَقَد تابَ اللَّهُ عَلَى النَّبِىِّ وَالمُهٰجِرينَ وَالأَنصارِ الَّذينَ اتَّبَعوهُ فى ساعَةِ العُسرَةِ مِن بَعدِ ما كادَ يَزيغُ قُلوبُ فَريقٍ مِنهُم ثُمَّ تابَ عَلَيهِم إِنَّهُ بِهِم رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 117) |
الله معاف ڪري ڇڏيو نبيءَ کي ۽ انهن مهاجرن ۽ انصارن کي جن ڏاڍي ڏکئي وقت ۾ نبيءَ جو ساٿ ڏنو. جيتوڻيڪ انهن مان ڪجهه ماڻهن جون دليون اڳ ۾ ڏنگائيءَ ۾ پوڻ کي ويجهو ٿيون هيون (پر پوءِ جڏهن اهي پاڻ سنڀالي ويا ۽ نبيءَ جو ساٿ ڏنائون ته) الله کين معاف ڪري ڇڏيو، بيشڪ هو انهن ماڻهن تي ڏاڍو شفيق ۽ مهربان آهي |
وَعَلَى الثَّلٰثَةِ الَّذينَ خُلِّفوا حَتّىٰ إِذا ضاقَت عَلَيهِمُ الأَرضُ بِما رَحُبَت وَضاقَت عَلَيهِم أَنفُسُهُم وَظَنّوا أَن لا مَلجَأَ مِنَ اللَّهِ إِلّا إِلَيهِ ثُمَّ تابَ عَلَيهِم لِيَتوبوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 118) |
۽ انهن ٽنهي کي به معاف ڪري ڇڏيائين، جن جي معاملي کي پٺتي رکيو ويو هو، جڏهن جو زمين ايڏي ڪشادي هوندي به مٿن تنگ ٿي پئي ۽ هو پنهنجو پاڻ تي بار ٿي پيا ۽ اندازو ٿي وينِ ته الله کان بچڻ جي واه سندس ئي رحمت کانسواءِ ٻي ڪابه ڪانهي، ته الله به پنهنجي مـِـهر ڪري ڏانهنِ وريو تانته هو موٽي اچن، بيشڪ هو ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحيم آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَكونوا مَعَ الصّٰدِقينَ (آيت : 119) |
اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ سچن ماڻهن جو ساٿ ڏيو |
ما كانَ لِأَهلِ المَدينَةِ وَمَن حَولَهُم مِنَ الأَعرابِ أَن يَتَخَلَّفوا عَن رَسولِ اللَّهِ وَلا يَرغَبوا بِأَنفُسِهِم عَن نَفسِهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم لا يُصيبُهُم ظَمَأٌ وَلا نَصَبٌ وَلا مَخمَصَةٌ فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا يَطَـٔونَ مَوطِئًا يَغيظُ الكُفّارَ وَلا يَنالونَ مِن عَدُوٍّ نَيلًا إِلّا كُتِبَ لَهُم بِهِ عَمَلٌ صٰلِحٌ إِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 120) |
مديني وارن ۽ آسپاس جي ڳوٺاڻن (بدوين) کي اها ڳالهه نه جڳائيندي هئي ته هو الله جي رسول کي ڇڏي گهر ۾ ويٺا رهن ۽ کيس ڇڏي پنهنجن نفسن جي پٺيان لڳل رهن، ڇو جو ائين ته ٿيڻو ئي ناهي، جو هو الله جي واٽ ۾ اڃ ۽ بک ۽ بدني محنت جي تڪليف به سهن ۽ حق جي منڪرن کي جيڪا واٽ ڪاوڙائي ٿي ان تي وک به وڌائين ۽ ڪنهن دشمن کان (حق جي دشمنيءَ جو) ڪو انتقام به وٺن ۽ پوءِ به ان جي عيوض سندن حق ۾ ڪو عمل صالح نه لکيو وڃي، بيشڪ الله وٽ نيڪيءَ ۾ اڳرو ٿيندڙن جو اجر ضائع نه ڪيو ويندو آهي |
وَلا يُنفِقونَ نَفَقَةً صَغيرَةً وَلا كَبيرَةً وَلا يَقطَعونَ وادِيًا إِلّا كُتِبَ لَهُم لِيَجزِيَهُمُ اللَّهُ أَحسَنَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 121) |
اهڙيءَ طرح ائين به ڪڏهن نه ٿيندو ته هو (الله جي واٽ ۾) ٿورو يا گهڻو ڪو خرچ به ســِـر تي سهن ۽ (حق جي جاکوڙ ۽ جهاد ۾) ڪو ميدان به جهاڳين ۽ سندن حق ۾ اهو نه لکيو وڃي، تان ته الله سندن انهيءَ سٺي ڪارنامي جو بدلو کين عطا ڪري |
وَما كانَ المُؤمِنونَ لِيَنفِروا كافَّةً فَلَولا نَفَرَ مِن كُلِّ فِرقَةٍ مِنهُم طائِفَةٌ لِيَتَفَقَّهوا فِى الدّينِ وَلِيُنذِروا قَومَهُم إِذا رَجَعوا إِلَيهِم لَعَلَّهُم يَحذَرونَ (آيت : 122) |
۽ اهو ڪو تمام ضروري نه هو ته مؤمن سمورا ئي نڪري پون ها، پر ائين ڇونه ٿيو ته انهن جي آبادي جي هر حـصي مان ڪجهه ماڻهو نڪري اچن ها ۽ دين جي سمجهڻ جي لياقت حاصل ڪن ها ۽ واپس وڃي پنهنجي علائقي جي ماڻهن کي خبردار ڪن ها ته مــَـنَ ائين هو (غير مسلمانن واريءَ روش کان) پاسو ڪن ها |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا قٰتِلُوا الَّذينَ يَلونَكُم مِنَ الكُفّارِ وَليَجِدوا فيكُم غِلظَةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 123) |
اي ايمان وارؤ! جنگ ڪريو انهن حق جي منڪرن سان جيڪي توهان جي ڀــَـرِ ۾ آهن ۽ ائين پڻ ٿئي ته هو توهان منجهه سختي ڏسن ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته الله پرهيزگارن سان گڏ آهي |
وَإِذا ما أُنزِلَت سورَةٌ فَمِنهُم مَن يَقولُ أَيُّكُم زادَتهُ هٰذِهِ إيمٰنًا فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا فَزادَتهُم إيمٰنًا وَهُم يَستَبشِرونَ (آيت : 124) |
جڏهن ڪا نئين سورت نازل ٿئي ٿي ته انهن مان ماڻهو (ٽوڪ طور مسلمانن کان) پڇن ٿا ته "ٻڌايو توهان مان ڪنهن جي ايمان ۾ واڌارو ٿيو آهي"؟ جن ماڻهن ايمان آندو آهي انهن جي ايمان ۾ ته سچ پچ (هر نازل ٿيندڙ سورت) واڌارو ئي ڪيو آهي ۽ هو ان کان خوشي ٿا ملهائين |
وَأَمَّا الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ فَزادَتهُم رِجسًا إِلىٰ رِجسِهِم وَماتوا وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 125) |
باقي جن ماڻهن جي دلين ۾ (نفاق جي) بيماري هئي، انهن جي اڳينءَ پليتيءَ تي (هر نئينءَ سورت) هڪ وڌيڪ پليتيءَ جو اضافو ڪري ڇڏيو ۽ هو مرڻ گهڙيءَ تائين ڪفر ۾ ئي پيل رهيا |
أَوَلا يَرَونَ أَنَّهُم يُفتَنونَ فى كُلِّ عامٍ مَرَّةً أَو مَرَّتَينِ ثُمَّ لا يَتوبونَ وَلا هُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 126) |
ڇا اهي ماڻهو ڏسن نٿا ته هر سال هڪ ٻه دفعو اهي آزمائش ۾ وڌا وڃن ٿا؟ پر تڏهن به نڪي توبه ٿا ڪن ۽ نه ڪو سبق ئي ٿا پرائين |
وَإِذا ما أُنزِلَت سورَةٌ نَظَرَ بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ هَل يَرىٰكُم مِن أَحَدٍ ثُمَّ انصَرَفوا صَرَفَ اللَّهُ قُلوبَهُم بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 127) |
جڏهن ڪا سورت نازل ٿئي ٿي ته هي ماڻهو هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي اکين سان پڇن ٿا ته "ڪو ڏِسيوَ ته نٿو؟" پوءِ آهستي کسڪي وڃن ٿا. الله سندن دليون ڦيرائي ڇڏيون آهن، ڇو جو هو بي سمجهه ماڻهو آهن |
لَقَد جاءَكُم رَسولٌ مِن أَنفُسِكُم عَزيزٌ عَلَيهِ ما عَنِتُّم حَريصٌ عَلَيكُم بِالمُؤمِنينَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 128) |
ڏسو، توهان وٽ هڪڙو رسول آيو آهي، جيڪو خود توهان منجهان ئي آهي، توهانجو نقصان ۾ پوڻ کيس ڏاڍو ڳرو ٿو لڳي. توهانجي ڀلائيءَ لاءِ ڏاڍو فڪرمند آهي، مؤمنن لاءِ شفيق ۽ مهربان آهي |
فَإِن تَوَلَّوا فَقُل حَسبِىَ اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَهُوَ رَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 129) |
هاڻي جي اهي ماڻهو توکان منهن ٿا موڙي وڃن ته اي نبي! تون چئي ڇڏين ته "مون لاءِ ته الله ئي بس آهي، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. انهيءَ تي ئي مون ڀروسو ڪيو آهي ۽ اهوئي عرش عظيم جو مالڪ آهي" |