بَراءَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ إِلَى الَّذينَ عٰهَدتُم مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 1) |
ربَّ ۽ سندس رسول جِي، بلڪل بيزارِي، تن کان، مَنجھان مشرڪن، جن سان ٻَڌان ٻارِي، |
فَسيحوا فِى الأَرضِ أَربَعَةَ أَشهُرٍ وَاعلَموا أَنَّكُم غَيرُ مُعجِزِى اللَّهِ وَأَنَّ اللَّهَ مُخزِى الكٰفِرينَ (آيت : 2) |
پوءِ چار مَهِينا مُلڪ گُھمو، ۽ سُڌرکو سارِي، ته ناهيو ڏاڍا ڏيہ ۾، بلڪل کان بارِي، ۽ خالق خُواري، مَڙهِيندڙ سِر مُنڪرِين. |
وَأَذٰنٌ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ إِلَى النّاسِ يَومَ الحَجِّ الأَكبَرِ أَنَّ اللَّهَ بَريءٌ مِنَ المُشرِكينَ وَرَسولُهُ فَإِن تُبتُم فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَإِن تَوَلَّيتُم فَاعلَموا أَنَّكُم غَيرُ مُعجِزِى اللَّهِ وَبَشِّرِ الَّذينَ كَفَروا بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 3) |
ربَّ ۽ سندسِ رسول جي، حَج وڏي جي وار، آهي مِڙِني ماڻهئـِين، چِتاءُ اِهو چوڌار، ته الله جَلَّ جَلَالہ، پڻ مُرسل سَندسِ مُختار، آهن بِنه بيزار، پَرجي، پُوڄارين کان پوءِ، جي موٽيا، ته موچارو اِهو، آهي اوهان ڪاڻ، ۽ جي مُوڙهل مُنهن موڙيان، ته پَڪ پروڙيو پاڻ، ته نه آهيو، ڏاڍا ڏيہ ۾، صاحب کان سُڄاڻ، ڪَر ڪفارن ڄاڻ، سُورن ڀَري، ساڙ جو. |
إِلَّا الَّذينَ عٰهَدتُم مِنَ المُشرِكينَ ثُمَّ لَم يَنقُصوكُم شَيـًٔا وَلَم يُظٰهِروا عَلَيكُم أَحَدًا فَأَتِمّوا إِلَيهِم عَهدَهُم إِلىٰ مُدَّتِهِم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 4) |
مگر مُشرڪن مان، جن سان، ڪيان قول قرار، وَرِي ڪُجھ نه ٽوڙيو، توهان سان تڪرار، موٽِي مَدد نه ڏنائون، توهان تي تڪرار، پوءِ مُدّت اُن عَهْد جِي، پاريو تنِين پار، پَرور ڏي پيار، پوتِي پاڪ رکندڙن کي. |
فَإِذَا انسَلَخَ الأَشهُرُ الحُرُمُ فَاقتُلُوا المُشرِكينَ حَيثُ وَجَدتُموهُم وَخُذوهُم وَاحصُروهُم وَاقعُدوا لَهُم كُلَّ مَرصَدٍ فَإِن تابوا وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ فَخَلّوا سَبيلَهُم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
پوءِ جڏهن مهِينا مَنع جا ، پُورا ٿيا پَڪ، پوءِ ماريو مشرڪن کي، لَڌانِ جتي لاشڪ، وَٺونِ، وڪوڙيونِ وَرِي، سوگھو ڪريونِ سُڪ ۽ وِهونِ وَٺِي لَڪ، جِتان اَچڻ جو آسَرو. پوءِ، جي تو به ڪيؤن تمام، پڻ قائم ڪيون نماز، ۽ صدقائون ڏِنائون، صدق مان، پوءِ ڇَڏِ واٽ سندنِ، وَريام، آگو ربُّ عَلام، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀريو. |
وَإِن أَحَدٌ مِنَ المُشرِكينَ استَجارَكَ فَأَجِرهُ حَتّىٰ يَسمَعَ كَلٰمَ اللَّهِ ثُمَّ أَبلِغهُ مَأمَنَهُ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعلَمونَ (آيت : 6) |
۽ جي مَنهجان مشرڪن، ڪو پوي، سَندئـِي سِرڻ سامَ، سام جَھِلينسِ، تان سُڻي، قادِر جو ڪَلام؛ پُهچائـِينسِ جاءِ پناه تي، واري تون وريام!، هِن لئي، ته ماهِيت مام، اِها قوم سَمجھي ڪِين ڪِي. |
كَيفَ يَكونُ لِلمُشرِكينَ عَهدٌ عِندَ اللَّهِ وَعِندَ رَسولِهِ إِلَّا الَّذينَ عٰهَدتُم عِندَ المَسجِدِ الحَرامِ فَمَا استَقٰموا لَكُم فَاستَقيموا لَهُم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 7) |
ربَّ، ۽ سندس رسول وٽ، ڪِهڙا ٻيلارن ٻول؟ مگر مسجد پاڪ وٽ، ڪيان جن سان قول، پوءِ، جي اُڀَينِ، سَنوان اوهان سان، ته اُڀي وَڃو اَڏول، تَقوا جن جو ٽول، ڌُڻَي به، ڌُڻَي اُنهن کي. |
كَيفَ وَإِن يَظهَروا عَلَيكُم لا يَرقُبوا فيكُم إِلًّا وَلا ذِمَّةً يُرضونَكُم بِأَفوٰهِهِم وَتَأبىٰ قُلوبُهُم وَأَكثَرُهُم فٰسِقونَ (آيت : 8) |
ڪِهڙا قول اُنهن جا، جي هَلينِ اوهان تي وَس، ته اَصل نه ڏسن اوهان ۾، قول، قَرابت ڪَس، ولِها سندنِ وات کان، رکن اوهان سان رَس، ۽ آهن اَندر اُنهن جا، اِنڪاري اَوس، ۽ گُٿل ڪنان گَس، گھڻا گناهي، اُنهن مَنجھان. |
اشتَرَوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا فَصَدّوا عَن سَبيلِهِ إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 9) |
وِڪيون ٿورِي وَٿ مٿي، آيتون اَلله، پوءِ روڪيون سَندسِ راه، جيڪي ڪن، سي ڪِنا ڪَمڙا! |
لا يَرقُبونَ فى مُؤمِنٍ إِلًّا وَلا ذِمَّةً وَأُولٰئِكَ هُمُ المُعتَدونَ (آيت : 10) |
نه ڏِس قَرابت، قول کي، ڪِنهن مومن ۾ مُور، بِلڪل بي شُعور، اُهي ليڪو لَنگھيل لوڪ ۾. |
فَإِن تابوا وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ فَإِخوٰنُكُم فِى الدّينِ وَنُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 11) |
پوءِ، جي موٽيا مُور، قائم ڪيؤن نماز کي، ۽ ڏِنائون، ڏِني مَنجھان زڪوٰتون ضرور، پوءِ ڀاء اوهان جا، دِين ۾؛ ۽ کوليون خُوب مَذڪور، جي پورِي رکن پَروڙ، ڪارڻ تِنهين قوم جي. |
وَإِن نَكَثوا أَيمٰنَهُم مِن بَعدِ عَهدِهِم وَطَعَنوا فى دينِكُم فَقٰتِلوا أَئِمَّةَ الكُفرِ إِنَّهُم لا أَيمٰنَ لَهُم لَعَلَّهُم يَنتَهونَ (آيت : 12) |
پوءِ، سونهن سندنِ، جي ٽوڙِيون، سندنِ پَرن پُڃاڻ، ۽ دِين ڌڪاريو اَهنجو؛ پوءِ ڪُهو ڪافِر اڳواڻ، ناهي اِيمان اُنهن ۾، ڪامَنوتِي مَن ساڻ، اُهي هارِيا مانَ هاڻ، ساڱائينِ ڪِي صَحِي!. |
أَلا تُقٰتِلونَ قَومًا نَكَثوا أَيمٰنَهُم وَهَمّوا بِإِخراجِ الرَّسولِ وَهُم بَدَءوكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ أَتَخشَونَهُم فَاللَّهُ أَحَقُّ أَن تَخشَوهُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 13) |
ڪوه نه لَڙو، تنهن قوم سان، جن ٽوڙيا اِعتبار؟ ۽ قَصد ڪيائون ڪڍڻ جو، مُرسل کي، مُختار، اُنهن ڇيڙ ڇاڙ ڪِئي، اوهان سين اوّل بار، ڪِ اوهين ڪَنبوٿا اُنهن کان؟ ته هادِي وَڏو حَقدار، ڪَنبڻ جِنهن کان ڪار، جي وِسهڻ وارا آهيو. |
قٰتِلوهُم يُعَذِّبهُمُ اللَّهُ بِأَيديكُم وَيُخزِهِم وَيَنصُركُم عَلَيهِم وَيَشفِ صُدورَ قَومٍ مُؤمِنينَ (آيت : 14) |
لاشڪ لڙو اُنهن سان، ڏِيندنِ ڏُک ڏاتار، اَوهان جي هَٿن سان، پڻ ڪَندنِ خُوب خُوار ۽ ڏِيندان مَدداُنهن تي، مُلڪ جو مُختار، ۽ ڪَندو بَرقرار، مَن مؤمن قوم جا. |
وَيُذهِب غَيظَ قُلوبِهِم وَيَتوبُ اللَّهُ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 15) |
۽ ڪاوڙ تن جي قَلبن جِي، لَحظي ۾ لاهي، ۽ موٽٖي تنهن تي، مِهرسان، جنهن چڱٖي کي چاهي، ۽ الله ئـِي آهي، پَرکِيندڙ ۽ پارکُو. |
أَم حَسِبتُم أَن تُترَكوا وَلَمّا يَعلَمِ اللَّهُ الَّذينَ جٰهَدوا مِنكُم وَلَم يَتَّخِذوا مِن دونِ اللَّهِ وَلا رَسولِهِ وَلَا المُؤمِنينَ وَليجَةً وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 16) |
ڀانيان ڇا؟ ته ڇَڏبان، جڏهن جاچيوئـِي نَه جَبار، اوهان مَنجھان، اُنهن کي، جي جنگ لَڙن جُونجھار، پڻ ڪِنهن کي نه دوست ڌاريون، سِوا ربَّ، ستار، پڻ سندسِ سچي رسول ري، ۽ دِيندارن ڌار، ۽ خدا خبردار، جيڪي ڪريو، تن ڪمن کان. |
ما كانَ لِلمُشرِكينَ أَن يَعمُروا مَسٰجِدَ اللَّهِ شٰهِدينَ عَلىٰ أَنفُسِهِم بِالكُفرِ أُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم وَفِى النّارِ هُم خٰلِدونَ (آيت : 17) |
ناهي ڪُفارن ڪار، ته وَسَائـِينِ، سي وَرِي، مَسجدون اَلله جون، آهن جڏهن اِظهار، شاهِد پنهنجو پاڻ تي، اُتي سندنِ اِنڪار، اُهي، آهن سي، جن جا، ڪٖيريا وِيا ڪم ڪار، ۽ اُهي ساڙِي سَڀ ڄَمار، دوزخ دَهشت دار ۾. |
إِنَّما يَعمُرُ مَسٰجِدَ اللَّهِ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَأَقامَ الصَّلوٰةَ وَءاتَى الزَّكوٰةَ وَلَم يَخشَ إِلَّا اللَّهَ فَعَسىٰ أُولٰئِكَ أَن يَكونوا مِنَ المُهتَدينَ (آيت : 18) |
مَسجدون الله جون، اُهي ڪندا آباد، جن مالِڪ مڃيو، پڻ محشر جو مِيعاد، ۽ پڙهيؤن نمازون ۽ خير ڏِنئون، اَڀرن کي امداد، ۽ ڌڻِي ڌاران ڪِين ڊِنا، ڀَر ڪِنهن بيداد، پوءِ آهن مَٿي اِرشاد، سَوا ٽن مان، سي صَحِي. |
أَجَعَلتُم سِقايَةَ الحاجِّ وَعِمارَةَ المَسجِدِ الحَرامِ كَمَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَجٰهَدَ فى سَبيلِ اللَّهِ لا يَستَوۥنَ عِندَ اللَّهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 19) |
ڇا پاڻِي پيارڻ پانڌيِين، پڻ ڪعبي جو ڪم ڪار، مُقرّر ڪيان مَٽ تِنهن؟، مَڃيو جِنهن موچار، الله ۽ آخر ڏينهن کي، پڻ جوٽِي جَنگ جُونجھار، ربَّ سچي جي راه ۾؛ سي سَرکانَه، وَٽ سَتّار، ۽ ڏاڍن کي ڏاتار، سَنِئين سُهائي ڪانه ڪا. |
الَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم أَعظَمُ دَرَجَةً عِندَ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 20) |
آندو جن ايمان، پڻ ساڻيھ سِڌاريا، ۽ لَڙيا ربّ جي راھ ۾، سندسِ سِر سان، ۽ سامان، وَڏاسي واحد وَٽ، مَنجھ مَرتبي ۽ مانَ، ۽ بِهتر بي گمان، اُهي سوڀارا سَڀِين پَرِين. |
يُبَشِّرُهُم رَبُّهُم بِرَحمَةٍ مِنهُ وَرِضوٰنٍ وَجَنّٰتٍ لَهُم فيها نَعيمٌ مُقيمٌ (آيت : 21) |
خاصِي کِير اُنهن کي، ڏئي ٿو سَندنِ ڏاتار، ۽ پنهنجي رَضا، رَحمت جي، ٻِيا پڻ باغ بهار، اُنهن لئي آهن، جَن ۾، سَدا سهنج سُڪار، |
خٰلِدينَ فيها أَبَدًا إِنَّ اللَّهَ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 22) |
هُونِ هميشه اُن ۾، سَرها سَڀ ڄمار، بارِي بَخشڻهار، اُن وَٽ اَجر وَڏاندرو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا ءاباءَكُم وَإِخوٰنَكُم أَولِياءَ إِنِ استَحَبُّوا الكُفرَ عَلَى الإيمٰنِ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِنكُم فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
اي اُهي، جن مڃيو!، سي پَنهنجي پِيء ۽ ڀار، نه ڌاريو دوست دِين تي، جي ڪُفر ڪيؤن اِختيار، ۽ جو به، اوهان، اُنهن کي، ڌاري دوست، يار، پوءِ آهن، اُهي آوار، هاڃيڪار هَڏهِين. |
قُل إِن كانَ ءاباؤُكُم وَأَبناؤُكُم وَإِخوٰنُكُم وَأَزوٰجُكُم وَعَشيرَتُكُم وَأَموٰلٌ اقتَرَفتُموها وَتِجٰرَةٌ تَخشَونَ كَسادَها وَمَسٰكِنُ تَرضَونَها أَحَبَّ إِلَيكُم مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَجِهادٍ فى سَبيلِهِ فَتَرَبَّصوا حَتّىٰ يَأتِىَ اللَّهُ بِأَمرِهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 24) |
چئو، ته اَبا اوهان جا، پٽ، ڀاء، ٻايون ۽ ٻار، ۽ مِٽ اوهان جا، مال پڻ، جو ميڙيان، ڪِ ورِي واپار، ڇِرڪو جِنهن جي، ڇِيهي ڪنان، ۽ ماڙِيون موچار، رَبَّ ۽ سندس رسول کان، پيارا اوهان پار؟ پڻ واٽ سَندسِ ۾، ويڙه کان،پوءِ ڪڍو اِنتظار، اَچي پَنهنجي اَمر سان، جاسين ربُّ، جبّار، ۽ ڏوهارِينِ ڏاتار، سَنئين سُهائي ڪا نه ڪا. |
لَقَد نَصَرَكُمُ اللَّهُ فى مَواطِنَ كَثيرَةٍ وَيَومَ حُنَينٍ إِذ أَعجَبَتكُم كَثرَتُكُم فَلَم تُغنِ عَنكُم شَيـًٔا وَضاقَت عَلَيكُمُ الأَرضُ بِما رَحُبَت ثُمَّ وَلَّيتُم مُدبِرينَ (آيت : 25) |
گھڻن هَنڌنِ، ۽ حُنين ڏِينهن ، ڏِنان ڏَڍ ڏَاتار، جڏهن وَڻيان واڌِي پَنهنجِي؛ پوءِ نه لاٿِيئـِينان لاچار، ۽ ڪِيڏي ڪُشادگِي سان ٿِئِي، ڀُون اَوهان تي بار، تِنهنان پوءِ تَڪرار، موڙيان مُنهن ميدان مان. |
ثُمَّ أَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَعَلَى المُؤمِنينَ وَأَنزَلَ جُنودًا لَم تَرَوها وَعَذَّبَ الَّذينَ كَفَروا وَذٰلِكَ جَزاءُ الكٰفِرينَ (آيت : 26) |
موٽِي پَنهنجي مُرسل تي، پڻ مَٿي مُسلمِين، خُدا اُتارِي خاطرِي، تَسَلِّي ۽ تَسڪِين، ۽ لاٿئـِين لَشڪر، جي نه ڏِٺان؛ ۽ جي ڦِريا ڪنان دِين، ۽ تن ڏِنئـِين سَزا سَنگِين، اِي اُجورو اِنڪاريِـين، |
ثُمَّ يَتوبُ اللَّهُ مِن بَعدِ ذٰلِكَ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 27) |
وَرِي والِي، ورٖي اُن مَٿي، جو وِيندس پوءِ وَڻِي، ۽ پَڪ سان، پاڪ ڌَڻِي، مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀريو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّمَا المُشرِكونَ نَجَسٌ فَلا يَقرَبُوا المَسجِدَ الحَرامَ بَعدَ عامِهِم هٰذا وَإِن خِفتُم عَيلَةً فَسَوفَ يُغنيكُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ إِن شاءَ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 28) |
اي مڃيو، جن مَذڪور!، ته غير گڏِيندڙ، گندگِي، پوءِ هِن وره، سندنِ پُئان، ويجھانَه وَڃن وَهلور، پاڪ مِهت کي؛ پوءِ، جي ڊِنا مِسڪِينِي کان مُور، ته بِلڪل پَنهنجي ڀال سان، ڀَلو ڪندان ڀرپور، جي گُھريو ربَّ، غفور، واحد واقِف ويڄ وَڏو. |
قٰتِلُوا الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلا بِاليَومِ الءاخِرِ وَلا يُحَرِّمونَ ما حَرَّمَ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَلا يَدينونَ دينَ الحَقِّ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ حَتّىٰ يُعطُوا الجِزيَةَ عَن يَدٍ وَهُم صٰغِرونَ (آيت : 29) |
لاشڪ لَڙو تن سان، جي نه مَڃِين مَلول، الله ۽ آخر ڏينهن کي، پڻ ڪن ڪِين قَبول، هَرگز جِنهن کي حرام ڪيو ربَّ، ۽ سَندسِ رَسول، ۽ دين، نه سَچي دين کي، ڀانئـِن بُوالفَضُول، پَرهِيل ڪَڙِهيل ڪتاب جا، تان جُزْيو ڏِين جُھول، ۽ اَدا ڪن مَحصُول، هَٿ سان ، حڪم بَردار ٿِي. |
وَقالَتِ اليَهودُ عُزَيرٌ ابنُ اللَّهِ وَقالَتِ النَّصٰرَى المَسيحُ ابنُ اللَّهِ ذٰلِكَ قَولُهُم بِأَفوٰهِهِم يُضٰهِـٔونَ قَولَ الَّذينَ كَفَروا مِن قَبلُ قٰتَلَهُمُ اللَّهُ أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 30) |
۽ يَـهُودين عُزَيز کي، اُتو پُٽ اَلله، ۽ عِيسايَن، عِيسٰى کي چَيو، دادلو درگاه، اِي مِڙئـِي سَندنِ مُنهن جا، آهِن ٺَلها ٺاه، آکِين اُنهن جي، آکيل جِيئن، جي اِنهيان اڳ گُمراه، مارٖين شال الله!، ڪِيئن ڪا هيا وَڃن ڪُوڙ ڏي! |
اتَّخَذوا أَحبارَهُم وَرُهبٰنَهُم أَربابًا مِن دونِ اللَّهِ وَالمَسيحَ ابنَ مَريَمَ وَما أُمِروا إِلّا لِيَعبُدوا إِلٰهًا وٰحِدًا لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ سُبحٰنَهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 31) |
پَنهنجا ڄاهيون پاڻ ڌَڻِي، سوا رب، سُبحان، پَڙهيا، پِير، به عيسٰى پٽ مريم مِهربان، ۽ اَصل نه ڪيو ويو اُنهن کي، مگر هِي فرمان، ته پُوڄيو، هِڪ درگاه کي، ٻِي درگاه، اِن ري ڪا نه، جي گَڏِينِ، مَنجھ گُمان، سو پَڪ تن کان، پاڪ گھڻو. |
يُريدونَ أَن يُطفِـٔوا نورَ اللَّهِ بِأَفوٰهِهِم وَيَأبَى اللَّهُ إِلّا أَن يُتِمَّ نورَهُ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 32) |
ٿاگُھرن، ته نُور غَفُور، وِسائين سَندنِ وات سان، ۽ مالِڪ نه گُھري ٿو مگر، ته ظاهر ڪندو ضرور، پُورو پَنهنجو نُور، مَرمَٺيان لڳي مُنڪرِين. |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَلَو كَرِهَ المُشرِكونَ (آيت : 33) |
اُهو، جنهن اُماڻيو، مُرسل سَندسِ مَڻيهار، سُونهپ ۽ سَچي دين سان، ته اُن کي ڪري اِظهار، هَر پَنٿ مَٿي هَر پار، توءِ مُشرڪ مَٺيان ڀانِئينِ تنهن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ كَثيرًا مِنَ الأَحبارِ وَالرُّهبانِ لَيَأكُلونَ أَموٰلَ النّاسِ بِالبٰطِلِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ يَكنِزونَ الذَّهَبَ وَالفِضَّةَ وَلا يُنفِقونَها فى سَبيلِ اللَّهِ فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 34) |
اي آندو جن ايمان !، هَڻو ڳالھ هِنيِين سان، ته پرهيَنِ، پيرنِ مان، گھڻا بي گمان، مُفت کائـِن ماڻهن جا، مال مُقرّر، ڏان، اِن طَمع مٿي تَعبان، ته روڪينِ، ربَّ جي راه کان، ۽ اُهي، جن ڪَٺي ڪيا، رٖيڙهي رُپا، سونَ، ۽ اُن مان، ربَّ جي راه ۾، وَرِي ڪوڏِي ڏِين ڪو نه، پوءِ ڏي اُنهن کي اون، سُورن واري ساڙه جِي |
يَومَ يُحمىٰ عَلَيها فى نارِ جَهَنَّمَ فَتُكوىٰ بِها جِباهُهُم وَجُنوبُهُم وَظُهورُهُم هٰذا ما كَنَزتُم لِأَنفُسِكُم فَذوقوا ما كُنتُم تَكنِزونَ (آيت : 35) |
جَھلي جَھنّم باه ۾، جَلائـِينِ جڏهن، پوءِ پاسا، پيشانِيون ۽ پُٺيون، تِنهن سان، ڏِين ڏَنڀ تڏهن، پُوريان پَنهنجي پاڻ لئي، هي سو مال هَڏهن، جو هُئا ڪَٺٖي ڪندا ڪڏهن، پوءِ چَکو چاش اِنهيء جي. |
إِنَّ عِدَّةَ الشُّهورِ عِندَ اللَّهِ اثنا عَشَرَ شَهرًا فى كِتٰبِ اللَّهِ يَومَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ مِنها أَربَعَةٌ حُرُمٌ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ فَلا تَظلِموا فيهِنَّ أَنفُسَكُم وَقٰتِلُوا المُشرِكينَ كافَّةً كَما يُقٰتِلونَكُم كافَّةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 36) |
ٻارهن ماه، مَهِينن جو، صاحب وٽ شُمار، قادر جي ڪتاب ۾، وَٽان تِنهين وار، اُڀن ۽ زمين کي، جوڙيو جڏهن جبار، چارمَهِينا مَنع جا، تِنين مان تڪرار، دين اِهو دائـمًـا، قانون برقرار، پوءِ تِنِين ۾، نه ڏيو تڪرار، جو کو پَنهنجي جان کي. ۽ مِڙِئي مُشرڪن سان، ڪريو جَنگ جِدال، جِيئن اوهان سان، جنگ ڪَن، ڪَٺي ڪُل ڪُلال، ۽ سَمجھو ته نيڪن نال، سائـِين ڀيڙو ساٿ ۾. |
إِنَّمَا النَّسيءُ زِيادَةٌ فِى الكُفرِ يُضَلُّ بِهِ الَّذينَ كَفَروا يُحِلّونَهُ عامًا وَيُحَرِّمونَهُ عامًا لِيُواطِـٔوا عِدَّةَ ما حَرَّمَ اللَّهُ فَيُحِلّوا ما حَرَّمَ اللَّهُ زُيِّنَ لَهُم سوءُ أَعمٰلِهِم وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 37) |
آهي اَڌڪ جِي ڳالھ، واڌارو ڪُفر ۾، اُن سان، مُنجهايا، سي وڃن، ڦِريا جي ڦيريال، حلال ڪن هڪ سال ۾، حرام ڪَنِس ٻِي سال، تان اَنداز اُن جو، بِهارِينِ بحال، ڪيا مَهِينا مَنع جا، جيڪي جَلَّ جَلال، پوءِ هادِيءَ، جو حرام ڪيو، تِنهن کي ڪَن حلال، سِينگاريا سَندنِ لئي وِيا، اُنهن جا اَعمال، ڏَسي نه، واٽ وِصال، قادر، ڪافِر قوم کي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا ما لَكُم إِذا قيلَ لَكُمُ انفِروا فى سَبيلِ اللَّهِ اثّاقَلتُم إِلَى الأَرضِ أَرَضيتُم بِالحَيوٰةِ الدُّنيا مِنَ الءاخِرَةِ فَما مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا فِى الءاخِرَةِ إِلّا قَليلٌ (آيت : 38) |
اي اُهي، جن مڃيو!، آن سان ڪهِڙي ڪار؟ ته جڏهن چَئجي اوهان کي، ته تهدِل ٿيو تيار، نِڪرو ربَّ جِي راه ۾، ته ڀُون تي ٿِيو بار، ڪَيان ننڍِي ڄَمار، اِختيار آخرت تي. اڳيان آخرت جي، نَفعو نَنڍِي ڄمار، ناھِ وَڏِي ڪا وار، مگر مُدّت ٿورڙِي. |
إِلّا تَنفِروا يُعَذِّبكُم عَذابًا أَليمًا وَيَستَبدِل قَومًا غَيرَكُم وَلا تَضُرّوهُ شَيـًٔا وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 39) |
نه نِڪرندا جيڪڏهن، ته ڏِيندان پوءِ ڏاتار، سزا ڪا سخت ڳَرِي؛ ۽ ٻِي ڪا قوم ٻِيهار، آڻي اَوهان جي جاءِ تي، نِرمل نيڪ نِبار، ۽ اَوهين نه رساڻِيندا اُن کي، حَرج هِڪڙو وار، ۽ هر ڪم کي، ڪَلتار، پُهچڻ وارو پاڻ ڌڻِي. |
إِلّا تَنصُروهُ فَقَد نَصَرَهُ اللَّهُ إِذ أَخرَجَهُ الَّذينَ كَفَروا ثانِىَ اثنَينِ إِذ هُما فِى الغارِ إِذ يَقولُ لِصٰحِبِهِ لا تَحزَن إِنَّ اللَّهَ مَعَنا فَأَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلَيهِ وَأَيَّدَهُ بِجُنودٍ لَم تَرَوها وَجَعَلَ كَلِمَةَ الَّذينَ كَفَرُوا السُّفلىٰ وَكَلِمَةُ اللَّهِ هِىَ العُليا وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 40) |
جي مدد نه ڏِيندوسِ، ته مدد ڏِنَيسِ مُلڪ جي مُختيار، جڏهن، جن ڪُفر ڪيو، ڪَڍِي ڪَيونسِ ٻَهار، مُهڙ ٻِن ۾ مِهر ڀَريو، جڏهن غازِي ٻَئـِي، مَنجھ غار، جَڏهن يارسِ کي، ٿي ڏِنان، دِلاسا دلدار، ته دل ۾، نه دونکو ڌار، پَرور ڀيڙو پاڻ سان. پوءِ اَلله پَنهنجو اُن تي، لاٿو قلب قرار، ۽ لاشڪ ڏِني لَشڪرن سان، اُنهيءَ کي، آڌار، جي ڪَٽڪ توهان ڪِين ڏٺا؛ ۽ ڦِريا جي فُجّار، ڳالھ سَندِي تن ڳهيلڙن، هيٺ ڪئـِي، هيڪار، اَعلىٰ ڳالھ اَلله جِي، مَٿاهِين موچار، ۽ غالب آهي غفار، حِڪمتِي هوشيار، گھڻو. |
انفِروا خِفافًا وَثِقالًا وَجٰهِدوا بِأَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم فى سَبيلِ اللَّهِ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 41) |
نِڪرو ربَّ جِي راه ۾، پيادا، سُوار، ۽ پَنهنجي جان، مال سان، جنگ ڪريو جُونجھار!، جي اَٿان سُڌ سَنڀار، ته ڀَلو اوهان لئي، آھِ اِي. |
لَو كانَ عَرَضًا قَريبًا وَسَفَرًا قاصِدًا لَاتَّبَعوكَ وَلٰكِن بَعُدَت عَلَيهِمُ الشُّقَّةُ وَسَيَحلِفونَ بِاللَّهِ لَوِ استَطَعنا لَخَرَجنا مَعَكُم يُهلِكونَ أَنفُسَهُم وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 42) |
هُوند هُئـِي وٿ ويجھڙِي، يا پُور پُنون پَنڌ، ته پُٺيان تُنهنجي پاڻِهين، رَميا مٿي رَند، پر ڪَشالو سِر ڪَنڌ، ڏاڍ لڳنِ ڏُور ڪو. ۽ وِهلو ڏِينِ ويساه، ته آهي قسم الله جو، ته آجا هُجون، ته اوهان سان، هَليا سون هَمراه، جو کي ۾ جِيء پَنهنجا، وِجھن ٿا وِڻاه، ڄاڻي تو اَلله ، ته ڪُوڙا آهِن قول ۾. |
عَفَا اللَّهُ عَنكَ لِمَ أَذِنتَ لَهُم حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكَ الَّذينَ صَدَقوا وَتَعلَمَ الكٰذِبينَ (آيت : 43) |
توکي مولىٰ مَعاف ڪيو؛ ڇو موڪل ڏِينِئينِ مِير؟، تان سچاجيڪي سِيل ۾، توتي کُلن خَبِيرَ!، پڻ سَمِجھين تن سُڌير!، ۽ ڪوڙا جيڪي قول ۾. |
لا يَستَـٔذِنُكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ أَن يُجٰهِدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالمُتَّقينَ (آيت : 44) |
موڪل نه وَٺندئـِي، مُورهين، آڻِين جي اِيمان، اللهَ ۽ آخر ڏينهن تي؛ ته لَڙن مَنجھ ميدان، سندنِ سَمر سامان سان، پڻ سندنِ جِسم جان، ۽ سَمجھندڙ سُبحان، ثابِت سِيل رکندڙِين |
إِنَّما يَستَـٔذِنُكَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَارتابَت قُلوبُهُم فَهُم فى رَيبِهِم يَتَرَدَّدونَ (آيت : 45) |
موڪل وَٺندئـِي مُورسي، جي آڻين، نه ايمان، الله ۽ آخر ڏينهن تي، ۽ جيءَ ۾، سَندنِ جان، پوءِ پَنهنجي مَنجھ گُمان، ڦِر ڦِر کائينِ ڦيريون. |
وَلَو أَرادُوا الخُروجَ لَأَعَدّوا لَهُ عُدَّةً وَلٰكِن كَرِهَ اللَّهُ انبِعاثَهُم فَثَبَّطَهُم وَقيلَ اقعُدوا مَعَ القٰعِدينَ (آيت : 46) |
۽ نِيت جي نِڪرڻ جِي، هُوند ڪيؤن هيڪار، ته ڪيؤن سَمر سُورايون، تِنهن لئي تيار، پر اَلله اُٿڻ اُنهن جو، ڀانتو بُرو ۽ بيڪار، پوءِ جُنبڻ کان جِهاد تي، جَھليو کِين جَبار، ۽ ٻوليون وِيو ٻِيهار، ته وِهو ڀيڙا وِهندڙِين. |
لَو خَرَجوا فيكُم ما زادوكُم إِلّا خَبالًا وَلَأَوضَعوا خِلٰلَكُم يَبغونَكُمُ الفِتنَةَ وَفيكُم سَمّٰعونَ لَهُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 47) |
جي نِڪتااوهان نال، ته ذَرو نه وَڌائـِينِيان ضروري، ۽ آڏا بِيٺا اوهان کي، ڪَنان نبي نهال، گُھرن اوهان وچ ۾، بگيڙو بحال، ۽ آهن اوهان ۾، اُنهن جا، جُوڻت جوڙِيوال، ۽ هاڃيڪارن حال، سَمجھندڙ سُبحانہٗ. |
لَقَدِ ابتَغَوُا الفِتنَةَ مِن قَبلُ وَقَلَّبوا لَكَ الأُمورَ حَتّىٰ جاءَ الحَقُّ وَظَهَرَ أَمرُ اللَّهِ وَهُم كٰرِهونَ (آيت : 48) |
اَ ڳ نه اَوس اوهان مَٿي، آندئون اِمتحان، ۽ تولئي رِٿون رِٿي چُڪا، نِدوريون نِڌان، تان صحِي سَچ آيو، ۽ دونڪيون دِين دَيَّان، آهن هِي حيوان، بُرو ڀائيندڙ اُن کي. |
وَمِنهُم مَن يَقولُ ائذَن لى وَلا تَفتِنّى أَلا فِى الفِتنَةِ سَقَطوا وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحيطَةٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 49) |
۽ وَراڻي وهلور، ڪو اُنهن مان، ته اِجازت مون ڏِيو، ۽ حُسن جي بازار ۾، مون مَ ڦاسايو مُور، سَمجھ، ته اُهي اَ ڳ ڪِريا، مَنجھ فِتني ۽ فُتور، ۽ دوزخ ڀاه ڀرپُور، ڪونڊو ڪندڙ ڪافرِين. |
إِن تُصِبكَ حَسَنَةٌ تَسُؤهُم وَإِن تُصِبكَ مُصيبَةٌ يَقولوا قَد أَخَذنا أَمرَنا مِن قَبلُ وَيَتَوَلَّوا وَهُم فَرِحونَ (آيت : 50) |
جي نيڪِي رسَئـِي نِهال!، ته بُرو ڀانئينِ اُن کي، ۽ جو توکي رَسي تڪليف ڪا، ته چونِ اِهڙي چال، ته اسان اِنهائـِي اََڳي، پَڪڙِي پَنهنجِي ڳالھ، ۽ پانهون ٿِيا پيمال، ۽ اُهي هوندا خوش اُن حال ۾ |
قُل لَن يُصيبَنا إِلّا ما كَتَبَ اللَّهُ لَنا هُوَ مَولىٰنا وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 51) |
چئو، اسان کي آزار، نه رَسندو، مگر مُور سو، اَلله جيڪو انگ، لکيو، هُوندو اسان هارِ، اُهو آھِ اَسان جو، سَچو سنڀاليدار، پوءِ بارِي مٿي بار، مَڙهڻ گھرجي مومنِين. |
قُل هَل تَرَبَّصونَ بِنا إِلّا إِحدَى الحُسنَيَينِ وَنَحنُ نَتَرَبَّصُ بِكُم أَن يُصيبَكُمُ اللَّهُ بِعَذابٍ مِن عِندِهِ أَو بِأَيدينا فَتَرَبَّصوا إِنّا مَعَكُم مُتَرَبِّصونَ (آيت : 52) |
چئو، اوهين نه اَسان لئي، ڪڍو، مگر اِنتظار، ٻن چڱايان هيڪ لئي، بهشت، ڪِ باغ بهار، ۽ اسين به اوهان لئي، ڏِسون ته اَلله ڪو آزار، پهچائـِينِيان پاڻ وٽان، يا اسان هَٿان هيڪار، پوءِ تَرسو ڪجھ تڪرار، اَسين به اوهان گڏ تَرسڻا. |
قُل أَنفِقوا طَوعًا أَو كَرهًا لَن يُتَقَبَّلَ مِنكُم إِنَّكُم كُنتُم قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 53) |
چئو، خرچيو خوشِي، يا ناخوشِي، ته به آن کان مُور ملول!، پوندوڪِين قبول، آهيو ڪا نيارِي قوم ڪا. |
وَما مَنَعَهُم أَن تُقبَلَ مِنهُم نَفَقٰتُهُم إِلّا أَنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَبِرَسولِهِ وَلا يَأتونَ الصَّلوٰةَ إِلّا وَهُم كُسالىٰ وَلا يُنفِقونَ إِلّا وَهُم كٰرِهونَ (آيت : 54) |
۽ نه جَھليَنِ ڪنهن، ته خرچ سندنِ، مٿي ٿِين منظور، ربَّ ۽ سندس رسول کان، مگر ڦِريا مُور، نَڪا پڙهنِ نماز، مگر سُست، سَندين ۾ سُور، ۽ ذرو نه ڏِينِ ضرور، مگر مَٺورا اُن مَٿي. |
فَلا تُعجِبكَ أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم بِها فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَتَزهَقَ أَنفُسُهُم وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 55) |
عجب نه لَڳـئـِي اُنهن جا، مال، ويا وَه واه!، گُهري، ته دَرد دنيا ۾، اُنهن سان ڏِينِ اَلله، پڻ پُڄڻ سَندن پَساه، اُهي هونِ ڦِريل تِنهن حال ۾. |
وَيَحلِفونَ بِاللَّهِ إِنَّهُم لَمِنكُم وَما هُم مِنكُم وَلٰكِنَّهُم قَومٌ يَفرَقونَ (آيت : 56) |
کَڻندا قسم خداجا، ته اِهي مَنجھان اوهان مجبور، ۽ اوهان منجھان نه مُور، اِي وَڳ سو، وَڳر ٽوڙِين سي. |
لَو يَجِدونَ مَلجَـًٔا أَو مَغٰرٰتٍ أَو مُدَّخَلًا لَوَلَّوا إِلَيهِ وَهُم يَجمَحونَ (آيت : 57) |
هُوند، هَنڌ پناه جو، لَهن چُر، ياگُر، ته داخل ٿِينس ڌُر، اُهي لوڌيندا لَوند کي. |
وَمِنهُم مَن يَلمِزُكَ فِى الصَّدَقٰتِ فَإِن أُعطوا مِنها رَضوا وَإِن لَم يُعطَوا مِنها إِذا هُم يَسخَطونَ (آيت : 58) |
۽ ڪي ٽوڪينِ توکي، تن مَنجھان، صدقن منجھ سُڌير!، جي مِلينِ مال تِنهن مَنجهان، ٿِيا سَرها مَنجھ سَرِير، ۽ جي مِلينِ، تِنهن مان مير!، ته اِجھو ڪن پِيا آڪڙون. |
وَلَو أَنَّهُم رَضوا ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَقالوا حَسبُنَا اللَّهُ سَيُؤتينَا اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَرَسولُهُ إِنّا إِلَى اللَّهِ رٰغِبونَ (آيت : 59) |
هُوند رِيڌا اُن مٿي، جو ڏِننِ مُناسب مال، ربَّ ۽ رسول اُنهن جي، پوءِ چيائون اِهڙِي چال، ته الله بس اسان کي، ڏيندو سون جَلَّ جَلال، پڻ پيغمبر اُن جو، سندسِ ڀال مان بحال، اسين اُميدنِ نال، رُجوع ٿِيَڻاربَّ ڏي. |
إِنَّمَا الصَّدَقٰتُ لِلفُقَراءِ وَالمَسٰكينِ وَالعٰمِلينَ عَلَيها وَالمُؤَلَّفَةِ قُلوبُهُم وَفِى الرِّقابِ وَالغٰرِمينَ وَفى سَبيلِ اللَّهِ وَابنِ السَّبيلِ فَريضَةً مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 60) |
صدقا، ته سُڃن، ۽ جَڏن، پڻ تِنهن تي تپيدار، پڻ دِليون واريل دِين ڏي، پڻ ٻانهن لئي ٻيهار، ۽ قرضين، ۽ ربَّ جي راه ۾، پڻ آيل کي آڌار، فَرض مُقرّر مال ۾، پاران پالڻهار، صاحب سمجھدار، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو. |
وَمِنهُمُ الَّذينَ يُؤذونَ النَّبِىَّ وَيَقولونَ هُوَ أُذُنٌ قُل أُذُنُ خَيرٍ لَكُم يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَيُؤمِنُ لِلمُؤمِنينَ وَرَحمَةٌ لِلَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَالَّذينَ يُؤذونَ رَسولَ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 61) |
۽ جي رنجاڻِين رَسُول کي، ۽ ٻولِينِ ٻُڌُو ٻيهار، ٻول، ته ٻُڌو اوهان لئي، اُو مُرڳو ئـِي موچار، جو مڃي ربُّ مُختار، پڻ مَڃي عُذر مَڃيندڙين. ۽ رحمت اوهان مان، اُنهن لئي، جن آندو اِعتبار، ۽ جي ايذائـِين الله جو، مُرسل مَڻيان دار، تِنين لئي تڪرار، سُورن ڀَريو ساڙڪو. |
يَحلِفونَ بِاللَّهِ لَكُم لِيُرضوكُم وَاللَّهُ وَرَسولُهُ أَحَقُّ أَن يُرضوهُ إِن كانوا مُؤمِنينَ (آيت : 62) |
کڻن قسم خداجا، ته خوش اوهان کي ڪن، ۽ ربَّ ۽ سَندنِ رسول جو، ويتر حق مَٿن، ته راضِي تِنهن رکن، آهن، جي ايمان ۾. |
أَلَم يَعلَموا أَنَّهُ مَن يُحادِدِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَأَنَّ لَهُ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدًا فيها ذٰلِكَ الخِزىُ العَظيمُ (آيت : 63) |
ڇا سَمجھوَن نه هن ڳالھ کي؟ ته جي تِکا ٿِين تڪرار، ربَّ ۽ سندس رسول سان، ته آگ ڪري اُن هار، مَنجھسِ سَڀ ڄمار، جَائـِي اِها جُٺ وِڏِي. |
يَحذَرُ المُنٰفِقونَ أَن تُنَزَّلَ عَلَيهِم سورَةٌ تُنَبِّئُهُم بِما فى قُلوبِهِم قُلِ استَهزِءوا إِنَّ اللَّهَ مُخرِجٌ ما تَحذَرونَ (آيت : 64) |
کوٽا رکن خوف اِهو، ته ڪا سُورت تن سِر، وَڃِي اُتاري اُنهن مَٿي، پوءِ کولي ڏينِ خبر، آهن جي اَندر، ڪُوڙ سندنِ قُلُوْب ۾ چئو، هَسو مَر هَرهَر، اَلله جَلَّ جَلالہٗ ٻَهون ڪندو ٻاهر، جنهن جو، ڀَـؤُٿا ڀانئيو. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم لَيَقولُنَّ إِنَّما كُنّا نَخوضُ وَنَلعَبُ قُل أَبِاللَّهِ وَءايٰتِهِ وَرَسولِهِ كُنتُم تَستَهزِءونَ (آيت : 65) |
۽ جي پُڇندينِ، ته ڇوندا، ته خالِي ڪيا سون خيال، چَرچا چَٿر ٿا ڪريو، ٻِي نه آهي ڳالھ، چئو الله، ڪِ، سندس آيتون، يا سندسِ نبيء نال، چَٿرون ڪِهڙِي چال، اَحمق ڪندا آهيو؟ |
لا تَعتَذِروا قَد كَفَرتُم بَعدَ إيمٰنِكُم إِن نَعفُ عَن طائِفَةٍ مِنكُم نُعَذِّب طائِفَةً بِأَنَّهُم كانوا مُجرِمينَ (آيت : 66) |
چئو، اصل نه عُذر گُذاريو، ڦِريا آهيو ڦيريال!، اوهان جي ايمان کان، پُڃاڻا پيمال!، جي مَنجھايان ڪِنهن ميڙ کي، نخشيداسون بحال، ته ڏِينداسون ٻِي ٻارِيءَ کي، جوڙي ڪو جَنجال، اِن نِبيري نال، ته هُئاڀَڃندڙ حُڪمن کي. |
المُنٰفِقونَ وَالمُنٰفِقٰتُ بَعضُهُم مِن بَعضٍ يَأمُرونَ بِالمُنكَرِ وَيَنهَونَ عَنِ المَعروفِ وَيَقبِضونَ أَيدِيَهُم نَسُوا اللَّهَ فَنَسِيَهُم إِنَّ المُنٰفِقينَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 67) |
ٻَڙا، ٻايون، پِچاپڙا، هڪ ٻئي جا همراه، موچارايان منع ڪن، ڏَسينِ ڏوه گناه، ۽ سَندنِ هٿ خير کان، بندينِ سي بَدخواه، وِساريئون الله کي، تڏهن وِسارينِ الله؛ گُناهِي گمراه، ۽ مَن کوتا موُرهين. |
وَعَدَ اللَّهُ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالكُفّارَ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها هِىَ حَسبُهُم وَلَعَنَهُمُ اللَّهُ وَلَهُم عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 68) |
۽ ڪُوڙن، ڪُوڙِيُن ۽ ڪافرن، اَلله ڏِنو اَنجام، دائـِم دوزخ باھ جو، مَنجھسِ پاڻ مدام، بَس اُنهن لئي، باھ اِي، پڻ آگي، ربَّ علّام، تَڙيا سي تمام، ۽ سَدا ساڙو اُنهن لئي. |
كَالَّذينَ مِن قَبلِكُم كانوا أَشَدَّ مِنكُم قُوَّةً وَأَكثَرَ أَموٰلًا وَأَولٰدًا فَاستَمتَعوا بِخَلٰقِهِم فَاستَمتَعتُم بِخَلٰقِكُم كَمَا استَمتَعَ الَّذينَ مِن قَبلِكُم بِخَلٰقِهِم وَخُضتُم كَالَّذى خاضوا أُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 69) |
اُنهن جي آچار، جي اوهان کان اڳي هُئا، ڏاڍا اوهان کان ڏِيل ۾، پڻ مال گھڻو، ۽ گَھرٻار، نَفعو سندنِ نصيب جو وَرتائون ڪا وار، پوءِ اوهان به، پنهنجي پَتِيء سان ڪيا عيش اَپار، جِيئن آن کان پِهرَينِ، پَتِيء سان وَرتا نفعا نِروار، ۽ بَڪيان جِيئن بَڪيون؛ اُهيئـِي آوار، دُنيا ۽ آخرت ۾، وِيا ڪيريا سَندنِ ڪم ڪار، ۽ آهن اُهي اِظهار، هارِيندڙ هَڙ مُوڙيون. |
أَلَم يَأتِهِم نَبَأُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَقَومِ إِبرٰهيمَ وَأَصحٰبِ مَديَنَ وَالمُؤتَفِكٰتِ أَتَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 70) |
ڇا؟ نَه اُنهن کي آئيو، اُن اڳين جو احوال؟ نُوح، عاد ۽ ثَـمُود جون، قومون ڪُل ڪُلال، قوم ابراهيم جِي، پڻ مَدين جا مَتوال، پڻ اُونڌي پُڙ، هَنيِلنِ ڳوٺن سَندِي ڳالھ، آينِ اُهڃاڻن سان، سندنِ نَبِي نِهال، اَلله نه اِهڙو، ته ڪري ڪو، ناحق تِنِين نال، پَر جاڙون ۽ جَنجال، هُئا پاڻِهين ڪندا پاڻ سان. |
وَالمُؤمِنونَ وَالمُؤمِنٰتُ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ يَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَيُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَيُطيعونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ سَيَرحَمُهُمُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 71) |
۽ مُؤمن ۽ مُؤمِنياڻيون، هِڪ ٻئي جا همراه، چَوَنِ چڱاين جو، ۽ جَھلِينَ، کان گناه، ۽ پڙهن نماز، ڏين زڪواتون ۽ حُڪم مڃِين هرگاه، ربَّ ۽ سندس رسول جو؛ اُنهن تي ڪندو اَلله، رحم جِي نِگاه، سائـِين سٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو. |
وَعَدَ اللَّهُ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فى جَنّٰتِ عَدنٍ وَرِضوٰنٌ مِنَ اللَّهِ أَكبَرُ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 72) |
۽ مُؤمن، ۽ مُؤمِنياڻين کي، ٻوليا باغ بهار، نالي مِٺي؛ ناليون، جن هيٺان هَلن هَر وار، سَدا ساڪِن اُن ۾، ۽ ٻِيون ماڙيون مَحل موچار، باغن مَنجھ بِهشت جي، گھاٽا گل گلزار، ۽ خوشنودِي خالق جِي، آھِ وَڏي اَپار، آهي اِي اِظهار، سَڀنيان سوڀ وَڏاندرِي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ جٰهِدِ الكُفّارَ وَالمُنٰفِقينَ وَاغلُظ عَلَيهِم وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 73) |
ڪُوڙن ۽ ڪُفارن ساڻ، لَڙ اي نَبِي! لال، ڪامل! مَٿنِ ڪَٺور ٿي، ۽ ڪاڙهو اُنهن ڪاڻ، بُڇڙو آهي ڀاڻ، ۽ مُوٽِي ماڳ رهڻ جو. |
يَحلِفونَ بِاللَّهِ ما قالوا وَلَقَد قالوا كَلِمَةَ الكُفرِ وَكَفَروا بَعدَ إِسلٰمِهِم وَهَمّوا بِما لَم يَنالوا وَما نَقَموا إِلّا أَن أَغنىٰهُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ مِن فَضلِهِ فَإِن يَتوبوا يَكُ خَيرًا لَهُم وَإِن يَتَوَلَّوا يُعَذِّبهُمُ اللَّهُ عَذابًا أَليمًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم فِى الأَرضِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 74) |
کڻندا قسم خداجا،ته مُنهان نَه ڪُڇيا مُور، ۽ ڪيائون ڳالھ ڪُفر جي، ڪِ ڦِريا، سندنِ مَڃڻُ پُٺيان مُور، ۽ پَهيون نه پُهتا جِنهن کي؛ ۽ نه وِڏُوڙا وَهلور، مگر مالِڪ مُلڪ ڌڻي، پڻ سندسِ نبي نور، ڀَريو تن ڀرپور، ڀَلي پنهنجي ڀال سان. جي موٽيا، ته موچارو تن لئي ۽ جي مُنهن موڙيؤن مُور، ته هِن ۽ هُن جھان ۾، سائين ڏِيندنِ سُور، ۽ ڀون اَندرڀَرپور، والِي، نه اُنهن جو، واهرُو، |
وَمِنهُم مَن عٰهَدَ اللَّهَ لَئِن ءاتىٰنا مِن فَضلِهِ لَنَصَّدَّقَنَّ وَلَنَكونَنَّ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 75) |
۽ اُنهن مان، ڪن اَنجام ڪيا، بارِيءَ سان بَحال، ته ڀَلي سندسِ ڀال مان، جي موڪ ڏِنوسون مال، ته صَدقا ڏينداسون، صِدق مان نالي مِٺي نال، ۽ نيڪن مان نِهال، هونداسون هر حال ۾. |
فَلَمّا ءاتىٰهُم مِن فَضلِهِ بَخِلوا بِهِ وَتَوَلَّوا وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 76) |
۽ جڏهن ڀَلي پنهنجي ڀال مان، بَخشِيَنِ، ڪيؤنسِ بَند، ڦيريؤن ڪِياڙي ڪَنڌ، ۽ اُهي مُنهن مُوڙيندڙ مُورهين. |
فَأَعقَبَهُم نِفاقًا فى قُلوبِهِم إِلىٰ يَومِ يَلقَونَهُ بِما أَخلَفُوا اللَّهَ ما وَعَدوهُ وَبِما كانوا يَكذِبونَ (آيت : 77) |
پوءِ سِٽيائين سَندنِ دِلين ۾، ٻِچاپِڙِي ٻِيهار، تان ڏِسنَسِ، جِنهن ڏينهن ۾، وِيندي تِنهن وار، جو ڪيائون قادِر سان، ڪُوڙا قول قرار، ٻيو پڻ اِن آڌار، ته ڏِين زِبانيون جُوٺيون. |
أَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ سِرَّهُم وَنَجوىٰهُم وَأَنَّ اللَّهَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 78) |
ڇا نه سَمجھون؟ ته ستار سندنِ ڳجھ ۽ ڳالهيون، ڄاڻي ڄاڻڻهار ۽ پڻ پرور پَر پُٺ پارکو. |
الَّذينَ يَلمِزونَ المُطَّوِّعينَ مِنَ المُؤمِنينَ فِى الصَّدَقٰتِ وَالَّذينَ لا يَجِدونَ إِلّا جُهدَهُم فَيَسخَرونَ مِنهُم سَخِرَ اللَّهُ مِنهُم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 79) |
جي خير ڏيندڙ مؤمنن تان، مَنجھ خير کِلن خوار، پڻ جي مَدد نه ڏِين، مگر پَنهنجِي پُڄندِي هار، پوءِ کِلن اُنهن مان؛ کِل جِي ڏِيندن جَزا جبّار، ۽ اُنهن لئي آزار، ڪو ڏاڍو آهي ڏُ کيو. |
استَغفِر لَهُم أَو لا تَستَغفِر لَهُم إِن تَستَغفِر لَهُم سَبعينَ مَرَّةً فَلَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 80) |
گُھرين، يانه گُهرين، تن لئي معافي موچار!، توڻي گُهرين، تن لئي، بخشِش سَتر بار، تبه مَرهِيندنِ، نه مُورهين، آگو اِن آڌار، ته ربَّ ۽ سندس رسول کان، ڪيو اُنهن انڪار، ۽ ڏَسي نه ڏِس ڏاتار، اُنهِيء ڪاهيارِي قوم کي. |
فَرِحَ المُخَلَّفونَ بِمَقعَدِهِم خِلٰفَ رَسولِ اللَّهِ وَكَرِهوا أَن يُجٰهِدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ وَقالوا لا تَنفِروا فِى الحَرِّ قُل نارُ جَهَنَّمَ أَشَدُّ حَرًّا لَو كانوا يَفقَهونَ (آيت : 81) |
وِهندڙ، سَندنِ وهڻ تي، خُوش ٿِيا خام خيال، اُبتڙ رَسُول ربَّ جي؛ ۽ ڀانيؤن بُرو بحال، سَندنِ سِر، ثَمرنال، لَڙڻ ربَّ جي راه ۾. ۽ چي، اُسهومَ، اُس ۾؛ چئو جَھنّم جو ڄيرو، مَنجھسِ سيڪ سَر سٖيرو، هُوندڪن، ڪو حوصلو! |
فَليَضحَكوا قَليلًا وَليَبكوا كَثيرًا جَزاءً بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 82) |
کلن، پوءِ ٿورو، ۽ گھڻو روئن رَت، عيوض تن البت، جيڪِي ڪَندا هُئا ڪمڙا. |
فَإِن رَجَعَكَ اللَّهُ إِلىٰ طائِفَةٍ مِنهُم فَاستَـٔذَنوكَ لِلخُروجِ فَقُل لَن تَخرُجوا مَعِىَ أَبَدًا وَلَن تُقٰتِلوا مَعِىَ عَدُوًّا إِنَّكُم رَضيتُم بِالقُعودِ أَوَّلَ مَرَّةٍ فَاقعُدوا مَعَ الخٰلِفينَ (آيت : 83) |
پوءِ، جي مولا موٽائي توکي، تن مان، ڪِنهن ٽولِيء پار، ته موڪل گُھرن، توڪنان، هلڻ لئي هيڪار، چئو سَدا مُنهنجي ساٿ ۾، نه نِڪرندا نيڪار، بلڪل مون ڀيڙو نه ڪندا، ڪِنهن ويرِي مٿي وار، وَڻِيان ڳالھ وِهڻ جِي، آن کي اوّل بار، پوءِ وِهو ويرو تار، مُخالِفن جي ميڙ سان. |
وَلا تُصَلِّ عَلىٰ أَحَدٍ مِنهُم ماتَ أَبَدًا وَلا تَقُم عَلىٰ قَبرِهِ إِنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَماتوا وَهُم فٰسِقونَ (آيت : 84) |
۽ نَه پڙھ نِماز ڪِنهن مَٿي، جو منجھانِ مُئو مُدام، نه بِيھ ڪِنهن بُٺِيءَ تي، تن مان توڙ تمام، جو ربَّ ۽ سندس رسول کان، باغِي ٿيا بَدنام، ۽ خَتم ٿيا، سي خام، ۽ اُهي هلندڙ ٻاهر حُڪمن کان. |
وَلا تُعجِبكَ أَموٰلُهُم وَأَولٰدُهُم إِنَّما يُريدُ اللَّهُ أَن يُعَذِّبَهُم بِها فِى الدُّنيا وَتَزهَقَ أَنفُسُهُم وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 85) |
عَجب نه لڳــئـِي اُنهن جا، مال، وِيا وَهواه!، گُھري ته دَرد دُنيا ۾، اُن سان ڏينِ اَلله، ۽ پُڄن سَندنِ پَساه، ۽ اُهي هونِ ڦِريل، اُن حال ۾. |
وَإِذا أُنزِلَت سورَةٌ أَن ءامِنوا بِاللَّهِ وَجٰهِدوا مَعَ رَسولِهِ استَـٔذَنَكَ أُولُوا الطَّولِ مِنهُم وَقالوا ذَرنا نَكُن مَعَ القٰعِدينَ (آيت : 86) |
جڏهن لَٿِي سُورت، ته سائينءَ تي، آڻيو اوهين ايمان، پڻ سندسِ پيغمبر پاڪ گَڏ، لَڙو مَنجھ ميدان، موڪل تن مان، مال ڌڻِي، پِيا گُھرن بي گمان، چي، مُرسل! مِهربانَ، ڇَڏ ته وِهون، گَڏ وِهندڙِين. |
رَضوا بِأَن يَكونوا مَعَ الخَوالِفِ وَطُبِعَ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَفقَهونَ (آيت : 87) |
رِيڌا اُنهيء رِيت تي، وهن ساڻ، ويهَنِ، ۽ داڳِيَا هِنيان هُنَنِ، ڪِنهن پَر، پَرُوڙينِ ڪين پوءِ. |
لٰكِنِ الرَّسولُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ جٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم وَأُولٰئِكَ لَهُمُ الخَيرٰتُ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 88) |
پر پاڻ ڀَلا، ۽ ڀيڙو تِنهن، آندوجن اِيمان، سَندنِ سِر سامان سان، مَلهايؤن ميدان، ۽ اُنهن لئي اِحسان، ۽ اُهي سوڀارا سَڀِين پَرِين. |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 89) |
ڌڻِي باغ بهشت جا، تن لئي ڪيا تيار، جن تَلي تازيون ناليون، وَهنِ ويرو تار، مَنجھسِ سڀ ڄَمار، سَڀنِيان سَڀرِي، سوڀ اِيءَ. |
وَجاءَ المُعَذِّرونَ مِنَ الأَعرابِ لِيُؤذَنَ لَهُم وَقَعَدَ الَّذينَ كَذَبُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ سَيُصيبُ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 90) |
۽ ڪي جھانِگي آيا عُذر کڻي، ته مِلٖينِ موڪل مُور، ۽ جي ڦِريا ربَّ ۽ رسول کان، ويٺا، سي وَهلور، عُذر سچي ري، اُنهن مَنجهان، ڪيو جن قُصور، رَسندنِ جَلد ضرور، سُورن ڀَريو ساڙڪو. |
لَيسَ عَلَى الضُّعَفاءِ وَلا عَلَى المَرضىٰ وَلا عَلَى الَّذينَ لا يَجِدونَ ما يُنفِقونَ حَرَجٌ إِذا نَصَحوا لِلَّهِ وَرَسولِهِ ما عَلَى المُحسِنينَ مِن سَبيلٍ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 91) |
ناهي حَرج هِيڻن تي، نه بيمارن تي بار، نه اُنهن تي، ته هَٿ نَه لَهن سو، جو خرچينِ خدا هار، ربَّ ۽ سندس رسول لئي، جڏهن پَتوڙيؤن هر پار، ناهي ڪا نيڪن مَٿي، مُورهين واٽ ميار، مالِڪ مَرهڻهار، تَرسَوَند تمام گھڻو. |
وَلا عَلَى الَّذينَ إِذا ما أَتَوكَ لِتَحمِلَهُم قُلتَ لا أَجِدُ ما أَحمِلُكُم عَلَيهِ تَوَلَّوا وَأَعيُنُهُم تَفيضُ مِنَ الدَّمعِ حَزَنًا أَلّا يَجِدوا ما يُنفِقونَ (آيت : 92) |
نه مٿي تن ميار، جي آيَئـِي، ته اُٺائينِ تون، پوءِ چَئـِين، ته چاڙهيان جِنهن مَٿي، سو وهٽ نه وَٽمِ هِن وار، پوءِ وَريا ۽ اَ کيون اُنهن جون لُڙڪ واهِن لار، ڳڻتِي کان هِن ڳالھ جي، ته لَڀنِ نه لاچار، پائـِي پَئـِسا چار، جي خَرچِينِ خدا جي راه ۾. |
إِنَّمَا السَّبيلُ عَلَى الَّذينَ يَستَـٔذِنونَكَ وَهُم أَغنِياءُ رَضوا بِأَن يَكونوا مَعَ الخَوالِفِ وَطَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 93) |
مِڙئـِي مَيارون تن تي، جي موڪلائـِن، مال ڌڻِي، ويهڻ وَهن سان گَڏ، وِيو تن وَڻِي، ۽ مالِڪ تن کي، مُهر ڇَڏِي، هِنيين تان هَڻِي، آهر اِن اَڻِي، اُهي سَمجھن نه، صَفا ڳالھ کي. |
يَعتَذِرونَ إِلَيكُم إِذا رَجَعتُم إِلَيهِم قُل لا تَعتَذِروا لَن نُؤمِنَ لَكُم قَد نَبَّأَنَا اللَّهُ مِن أَخبارِكُم وَسَيَرَى اللَّهُ عَمَلَكُم وَرَسولُهُ ثُمَّ تُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 94) |
ڏيندا عِذر اوهان کي، جڏهن موٽيا ڏانهن مور، چئو عذر نه ڏيو، اوهان کي، اسين مور نه ڪريون منظور، پرور ڏني پروڙ، اسان کي، اوهان جي چالاڪين تي. ۽ سگھو عمل اوهان جا، جاچيندو جبار، پڻ پاڪ پيغمبر ان جو، تنهان پوءِ تڪرار، اُنهيءَ اڳيان آڻبا، جو ٻجھندڙ منجھ، ٻهار، پوءِ، ڪريو، جي ڪم ڪار، تن جون کولي ڏيندان خبرون. |
سَيَحلِفونَ بِاللَّهِ لَكُم إِذَا انقَلَبتُم إِلَيهِم لِتُعرِضوا عَنهُم فَأَعرِضوا عَنهُم إِنَّهُم رِجسٌ وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ جَزاءً بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 95) |
کڻن قسم خدا جا، سگھو اِوهان ساڻ، جڏهن موٽيا ڏانهن ماڳ تي، ته هَٽو کائن هاڻ، پوءِ موڙيو مُنهن اُنهن کان، جو آهن پليد پاڻ، ۽ باه اُنهن جو ڀاڻ، تنهن بدلي، ڪن جي بديون. |
يَحلِفونَ لَكُم لِتَرضَوا عَنهُم فَإِن تَرضَوا عَنهُم فَإِنَّ اللَّهَ لا يَرضىٰ عَنِ القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 96) |
کڻن قسم اوهان سان، ته پرچو اوهين انهن ساڻ، جي پرتا، نه پرچي پاڻ، قاد قوم ڪاڍوڙ سان. |
الأَعرابُ أَشَدُّ كُفرًا وَنِفاقًا وَأَجدَرُ أَلّا يَعلَموا حُدودَ ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 97) |
ڳوٺِي ڳَرا ڪُفر، ۾، پڻ کوٽ ۾، خُوار، حَدون نه ڄاڻنِ حُڪمن جون؛ اُن جا پڻ حَقدار، جي پرور پَنهنجي پيغمبر تي، نازِل ڪيا نِبار، سائـِين سمجھدار، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو. |
وَمِنَ الأَعرابِ مَن يَتَّخِذُ ما يُنفِقُ مَغرَمًا وَيَتَرَبَّصُ بِكُمُ الدَّوائِرَ عَلَيهِم دائِرَةُ السَّوءِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 98) |
۽ ٻَهرا تن مان ڪي، ٻِيا، جو خرچِين خدا هار، ته چَٽِي چَون اُن کي، ۽ بَرسِر ڀانئنِ بار، ڪَڍن مُصيبتن جو آن تي انتظار، مَٿن مُصِيبت مار، ۽ سُڻندڙ، ڏاهو ڏيہ ڌڻي. |
وَمِنَ الأَعرابِ مَن يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَيَتَّخِذُ ما يُنفِقُ قُرُبٰتٍ عِندَ اللَّهِ وَصَلَوٰتِ الرَّسولِ أَلا إِنَّها قُربَةٌ لَهُم سَيُدخِلُهُمُ اللَّهُ فى رَحمَتِهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 99) |
۽ ٻَهرا تن مان ڪي ٻيا، مؤمن مُسلمان، اَلله ۽ آخر ڏينهن تي، آڻينِ ٿا اِيمان، ۽ ڀانئـِن قُرب ڪرِيم جو، جيڪِي ڏِين ڏان، پُڻ دُعائون دوست جون، کَٽن ٿا، سي خان، وِصال سَندنِ واسطي، ڀانئـِنج بي گمان، رَبَّ سندسِ رحمت ۾، ڏِيندنِ ماڳ مَڪان، سَٻاجھو سُبحان، مَرهيندڙ ۽ مِهرڀريو. |
وَالسّٰبِقونَ الأَوَّلونَ مِنَ المُهٰجِرينَ وَالأَنصارِ وَالَّذينَ اتَّبَعوهُم بِإِحسٰنٍ رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ وَأَعَدَّ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى تَحتَهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 100) |
جيڪي اڳيان اڳـرُو، مُهاجر، اَنصار، پويَنِ مان، جي پُٺي هَليَن، نيڪِيءَ ساڻ نِبار، خُوش ٿيو خدا اُنهن کان، اُهي کانس خوش گُـوار، بارِي باغ بهشت جا، ڪياتِنِين لئي تَيار، وَهن نِرمل ناليون، هيٺان جن هَر وار،هُونِ هَميشه اُن ۾، ساڪِن سَڀ ڄمار، آهي اِي اِظهار، سوڀ سَڀن کان سَڀرِي. |
وَمِمَّن حَولَكُم مِنَ الأَعرابِ مُنٰفِقونَ وَمِن أَهلِ المَدينَةِ مَرَدوا عَلَى النِّفاقِ لا تَعلَمُهُم نَحنُ نَعلَمُهُم سَنُعَذِّبُهُم مَرَّتَينِ ثُمَّ يُرَدّونَ إِلىٰ عَذابٍ عَظيمٍ (آيت : 101) |
۽ ٻَهرا تن مان ڪي، ٻيا، اَهنجي اِرد گِرد، پڻ مَديني وارن مَنجھان، ڪي سدا دل ۾ سَرد، تون نه ڄاڻِي تن کي، اَسين ڄاڻون فَرد، فَرد، اسين ڏِينداسون اُنهن کي، ٻه دَفعا، دنيا ۾ دَرد، پوءِ موٽائـِبا نامرد، آخِر سخت عذاب ڏي. |
وَءاخَرونَ اعتَرَفوا بِذُنوبِهِم خَلَطوا عَمَلًا صٰلِحًا وَءاخَرَ سَيِّئًا عَسَى اللَّهُ أَن يَتوبَ عَلَيهِم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 102) |
۽ ڪي ٻيا، جن قبوليا، پاپ پَنهنجا پاڻ، ڪيائون ڪم چَڱيء سان،ٻِهڙَ ٻِي بُڇاڻ، وِهلو مَٿِن وَر ڪندو، قادِر ڪرم ساڻ، صاحب ربُّ، سُڄاڻ، مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀريو. |
خُذ مِن أَموٰلِهِم صَدَقَةً تُطَهِّرُهُم وَتُزَكّيهِم بِها وَصَلِّ عَلَيهِم إِنَّ صَلوٰتَكَ سَكَنٌ لَهُم وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 103) |
صدقاسَندنِ مال مان، مُرسل!، وٺ تون مَر، ۽ ڌوئينِ دوست! اُن سان، پڻ مَٿان لاهِين مَر، مَرِه مَڱ سَندنِ لئي، تُنهنجو گُھرڻ گوهر!، سُک تن لئي سربَسر، ۽ سُڻندڙ، ڏاهو ڏيہ ڌڻي. |
أَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ هُوَ يَقبَلُ التَّوبَةَ عَن عِبادِهِ وَيَأخُذُ الصَّدَقٰتِ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 104) |
ڇا؟ سمجھؤن نه، ته سُبحان، ٿو قبولي ڪِير تون، سندسِ سپاهين جون، پڻ وَٺي ڏُ کِين لئي ڏان، ۽ بارِي بي گمانَ، وَرڪندڙ پڻ وَڙ ڌڻِي. |
وَقُلِ اعمَلوا فَسَيَرَى اللَّهُ عَمَلَكُم وَرَسولُهُ وَالمُؤمِنونَ وَسَتُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 105) |
۽ چئو، ڪَرِيو، پوءِ ڪَم اَهنجا، ڏِسندو جَلد جَبار، پڻ پيغمبر اُن جو، ۽ مُؤمِن مَڻياندار، ۽ ورِي اُن ڏي واربان، جو ٻُجھندڙ مَنجھ، ٻَهار، پوءِ ڪريو، جي ڪم ڪار، تن جون خوب ڏيندان خبرون. |
وَءاخَرونَ مُرجَونَ لِأَمرِ اللَّهِ إِمّا يُعَذِّبُهُم وَإِمّا يَتوبُ عَلَيهِم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 106) |
۽ ٻِيا، الله جي اَمر جا، آهن اِنتظار، ته ڏي عذاب اُنهن کي، يامَرهي کِين مَيار، ۽ سائـِين سَمجھدار، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو. |
وَالَّذينَ اتَّخَذوا مَسجِدًا ضِرارًا وَكُفرًا وَتَفريقًا بَينَ المُؤمِنينَ وَإِرصادًا لِمَن حارَبَ اللَّهَ وَرَسولَهُ مِن قَبلُ وَلَيَحلِفُنَّ إِن أَرَدنا إِلَّا الحُسنىٰ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 107) |
۽ اُهي، جن مَسجِد اَڏِي، نِيت ڪِنهن نُقصان، پڻ ڦِرڻ ۽ ڦوٽ لئي، مُؤمِنَن دَرميان، پڻ جُوڻت، لئي تَن، جنگ جن اڳ ۾، ڪئـِي عيان، صاحب سان، سبحان، پڻ اُن جي، مُرسل مِيرسان، کَڻنِ قَسم ته اسان نَه ڪئـِي، ڪا نيت نيڪِيءَ ڌار، ۽ ڏي ٿو ساک سَتار، ته اُهي ڪوڙا، قول ۾. |
لا تَقُم فيهِ أَبَدًا لَمَسجِدٌ أُسِّسَ عَلَى التَّقوىٰ مِن أَوَّلِ يَومٍ أَحَقُّ أَن تَقومَ فيهِ فيهِ رِجالٌ يُحِبّونَ أَن يَتَطَهَّروا وَاللَّهُ يُحِبُّ المُطَّهِّرينَ (آيت : 108) |
مَنجھسِ مُدامِي تون نه بِيھ؛ مَسجد اُها منظور، پهرِين ڏِينهان پَرهيز تي، جا جوڙِي ويئـِي ضرور، بِهتر ته بِيہ اُن ۾، ڪي مرد، جِنهين ۾ مور، پِيار، پاڪائـِي سان، ڌَارِينِ هَر دستور، ۽ پرور پِهرِين پُور، پَسند پاڪن کي، ڪَري. |
أَفَمَن أَسَّسَ بُنيٰنَهُ عَلىٰ تَقوىٰ مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنٍ خَيرٌ أَم مَن أَسَّسَ بُنيٰنَهُ عَلىٰ شَفا جُرُفٍ هارٍ فَانهارَ بِهِ فى نارِ جَهَنَّمَ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 109) |
پوءِ ربَّ جِي رَضا۽ خوف تي، جنهن رکيو سندسِ بُنياد، ڀلو، ڪِ بنايو گھر جِنهين، مَٿي کوه جي کاڌ؟ پوءِ اُٿلي اُن سَميت ڪِريو، باهِ ۾ بيداد، ۽ آگو ڪو اِرشاد، ڪري نه، ڪَرِڙيءَ قوم کي. |
لا يَزالُ بُنيٰنُهُمُ الَّذى بَنَوا ريبَةً فى قُلوبِهِم إِلّا أَن تَقَطَّعَ قُلوبُهُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 110) |
ڪَنڊو هُوندنِ قلبن ۾، اِها سَندنِ اوطاق، سَببا شڪ، هِن سوا، ته چِت ٿِينِنِ چاڪ، دانا ڌڻِي پاڪ، پڻ حِڪمتي هوشيار گھڻو. |
إِنَّ اللَّهَ اشتَرىٰ مِنَ المُؤمِنينَ أَنفُسَهُم وَأَموٰلَهُم بِأَنَّ لَهُمُ الجَنَّةَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ فَيَقتُلونَ وَيُقتَلونَ وَعدًا عَلَيهِ حَقًّا فِى التَّورىٰةِ وَالإِنجيلِ وَالقُرءانِ وَمَن أَوفىٰ بِعَهدِهِ مِنَ اللَّهِ فَاستَبشِروا بِبَيعِكُمُ الَّذى بايَعتُم بِهِ وَذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 111) |
آندو جن ايمان تن کان، خداخود خِريد ڪيا، سندنِ مال، مِلڪيتون، پڻ سندنِ جسم، جان، اِن لئي، ته آهي اُنهن لئي، بهشت بي گمان، ته ربَّ سچي جي راه ۾، جوٽِين جنگ جُوان، پوءِ مارِينِ مُنڪرن کي، يا مَرن مَنجھ ميدان، واجِب اٿسِ واعدو، توريت ۾ بَيان، اَنجام اِهو اِنجيل ۾، اِي قول مَنجھ قرآن، ۽ وَڌِيڪ ڪير واحد کان، پاريندڙ پيمان، پوءِ هَٿ، هَٿ ۾، جو ڏِنان، خوش ٿِيو تنهن تي خان!، ۽ آهي اِي عيان، سوڀ، سَڀن کان سَڀرِي. |
التّٰئِبونَ العٰبِدونَ الحٰمِدونَ السّٰئِحونَ الرّٰكِعونَ السّٰجِدونَ الءامِرونَ بِالمَعروفِ وَالنّاهونَ عَنِ المُنكَرِ وَالحٰفِظونَ لِحُدودِ اللَّهِ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 112) |
پڇتائيندڙ، پابند، ۽ ڳائيندڙ ڳڻ ڳالهيون، دَعوت ڪارڻ دِين جي، راهِي مٿي رَند، رُڪوع ڪندڙ، سِرجُھڪائڻا، خِدمت ۾ خاوند، چَوندڙ چڱاين جا، ڪندڙ بَديَنِ کان بَند، هادي جي حَدُن جِي، ڪندڙ حِفاظت هَرهنڌ، ۽ پيغمبر پسند!، ڏي مُبارڪ مُؤمِنين. |
ما كانَ لِلنَّبِىِّ وَالَّذينَ ءامَنوا أَن يَستَغفِروا لِلمُشرِكينَ وَلَو كانوا أُولى قُربىٰ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُم أَنَّهُم أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 113) |
رواناهِ نبيءَ کي، پڻ آندو جن اِيمان، مَرِه ته مُشرِڪن لئي مَڱن، توڻي سَڳاسٖيڻ سَندانِ، جنهن بعد مِليَنِ بيان، ته هوڀاتِي آهن باهِ جا. |
وَما كانَ استِغفارُ إِبرٰهيمَ لِأَبيهِ إِلّا عَن مَوعِدَةٍ وَعَدَها إِيّاهُ فَلَمّا تَبَيَّنَ لَهُ أَنَّهُ عَدُوٌّ لِلَّهِ تَبَرَّأَ مِنهُ إِنَّ إِبرٰهيمَ لَأَوّٰهٌ حَليمٌ (آيت : 114) |
۽ عرض ابراهيم جو، نه هُئو بابَسِ ڪاڻ، مگر اُنهي اَنجام لئي، جو پِهِرين ڏنائينسِ پاڻ، آهي عَدُو اَلله جو، جڏهن پيئـِي سُڌ سُڄاڻ، ته ڀَڄِي کائنسِ بيزار ٿيو؛ ۽ ابراهيم اڳواڻ، دانهِيندڙ دِل ساڻ، بِلڪُل بُردبار، وَڏو. |
وَما كانَ اللَّهُ لِيُضِلَّ قَومًا بَعدَ إِذ هَدىٰهُم حَتّىٰ يُبَيِّنَ لَهُم ما يَتَّقونَ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 115) |
۽ اِهڙو نَه، سو اَلله، ته مُنجھائـِي ڪِنهن ميڙ کي، جِنهن بعد، بارِي اُنهن کي، سَنئين سُهائـِي راه، تان کولي، اُنهن تي خُوب طرح، جنهن سان، بَچن ڪنان باه، بارِي بادشاه، سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي. |
إِنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُحيۦ وَيُميتُ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 116) |
اَللهَ، آهي اُن جو، اُڀ، ڀُون تي اِختيار، جِياري، ماري مُورسو؛ ۽ تِنهن ڌُر ڌڻيء کان ڌار، اَهنجو اُهکي وار، والِي ، نَڪو واهرُو. |
لَقَد تابَ اللَّهُ عَلَى النَّبِىِّ وَالمُهٰجِرينَ وَالأَنصارِ الَّذينَ اتَّبَعوهُ فى ساعَةِ العُسرَةِ مِن بَعدِ ما كادَ يَزيغُ قُلوبُ فَريقٍ مِنهُم ثُمَّ تابَ عَلَيهِم إِنَّهُ بِهِم رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 117) |
مالڪ، مُرسل تي موٽيو، پڻ مُهاجر، اَنصار، جي سَخت سِٽاڻي وار ۾، ٿِيا تنهنجا تابعدار، جنهن پُئان ڪِنهن پَهرجا، تِنِين مَنجھان تڪرار، لاشڪ مَن لَڙڻ لڳا، وَرِي وَريو مَٿنِ تِنهن وار، سو بيشڪ بَخشڻهار، پڻ مَٿنِ مِهربان گھڻو. |
وَعَلَى الثَّلٰثَةِ الَّذينَ خُلِّفوا حَتّىٰ إِذا ضاقَت عَلَيهِمُ الأَرضُ بِما رَحُبَت وَضاقَت عَلَيهِم أَنفُسُهُم وَظَنّوا أَن لا مَلجَأَ مِنَ اللَّهِ إِلّا إِلَيهِ ثُمَّ تابَ عَلَيهِم لِيَتوبوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 118) |
پڻ تن ٽِن تي، جي ڪَڍيا وِيا، ٻاهِر کان ٻارِي، تان ڀُون پَنهنجِي پَکيڙ سان، ٿِـئي سوڙِهي مَٿنِ سارِي، بَرسِر، بَدن پَنهنجا، ٿِيا بار مَٿنِ بارِي، ۽ ڀانيؤن،ته بَچاءُ ناهِ ڪو، بِلڪل ڪنان بارِي، مگر مُرڳو اُن ڏي، پوءِ وَريو مَٿنِ تِنهن وارِي، تان ڪن توبه تَڪڙِي، زور ڇَڏي زارِي، تونه جِي تارِي، سو ٻُڌندڙ ۽ ٻاجَھ ڀَريو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَكونوا مَعَ الصّٰدِقينَ (آيت : 119) |
اي آيا جي، ايمان تي!، ڏَر ڀَر ڏاتار، ۽ ڀيڙا برقرار، رَهو سَچن ساٿ ۾. |
ما كانَ لِأَهلِ المَدينَةِ وَمَن حَولَهُم مِنَ الأَعرابِ أَن يَتَخَلَّفوا عَن رَسولِ اللَّهِ وَلا يَرغَبوا بِأَنفُسِهِم عَن نَفسِهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم لا يُصيبُهُم ظَمَأٌ وَلا نَصَبٌ وَلا مَخمَصَةٌ فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا يَطَـٔونَ مَوطِئًا يَغيظُ الكُفّارَ وَلا يَنالونَ مِن عَدُوٍّ نَيلًا إِلّا كُتِبَ لَهُم بِهِ عَمَلٌ صٰلِحٌ إِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 120) |
نه اَهل مَدِينه ڪاڻ، پن نه جُڳائي جھانگين کي، ربَّ جي رَسول ڪنان، پوءِ وِهن مَنجھ وَٿاڻ، ۽ نه ڪن پِياريون پاڻ، پَنهنجون جانيون، هُن جي جان کان.. اِهو اِن آڌار، ته اُڃ نَه رَسي اُنهن کي، ۽ نه رَسي، ربَّ جي راه ۾، بُک، نه ڏُک ڏُوار، ۽ نه لنگهِينِ ڪِنهن لَنگھ تان، ته ڪاوڙائي ڪُفّار، پڻ لهنِ ڪونه لِڱن ۾، ڪِنهن عَدُوکان آزار، مگر موچارائـِي اُنهن لئي، لِکِي لِکڻهار، واحد نه وِڃائي وار، ڀاڙو ڀال ڀلائـِيندڙِين. |
وَلا يُنفِقونَ نَفَقَةً صَغيرَةً وَلا كَبيرَةً وَلا يَقطَعونَ وادِيًا إِلّا كُتِبَ لَهُم لِيَجزِيَهُمُ اللَّهُ أَحسَنَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 121) |
۽ ننڍو، وڏو نَه خرچ ڪن، نه وڍِين ڪا واڌِي، مگر لِکيو لاڪانِ وِيو، مَنجھ سَندنِ مُرادِي، تان اُجُورو اُنهن جو، ڏين هَڪيو هادِي، بِهتر بُنيادِي، جيڪِي ڪندا هئا ڪَمڙا، |
وَما كانَ المُؤمِنونَ لِيَنفِروا كافَّةً فَلَولا نَفَرَ مِن كُلِّ فِرقَةٍ مِنهُم طائِفَةٌ لِيَتَفَقَّهوا فِى الدّينِ وَلِيُنذِروا قَومَهُم إِذا رَجَعوا إِلَيهِم لَعَلَّهُم يَحذَرونَ (آيت : 122) |
۽ مُؤمِن مِڙئـِي جَنگ تي، نه وَڃن هَرڪِنهن وار، هُوند، هرڪِنهن ذات مان، ڪابارِي رهي ٻَهار، تان سِکن، سَمجھن دِين کي، ۽ ڪَن پاڙي سَندنِ پَچار، جڏهن موٽِي جَنگ تان، پُهچن تِنين پار، اِن آسري آڌار، ته رکنِ خدا جو، خوف ڪو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا قٰتِلُوا الَّذينَ يَلونَكُم مِنَ الكُفّارِ وَليَجِدوا فيكُم غِلظَةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 123) |
اي جن مڃيو!، سي مُنڪرن مان، تن سان ڪريو قِتال، مُلڪ اوهان جي، مُلڪ سان، لَڳن جن جا لال!، مَر ڏِسن اوهان ۾، ڏاڍِي بَهادرِي بحال، ۽ ڀيڙو ڀَليرن نال، سَمجھو صاحب پاڪ کي. |
وَإِذا ما أُنزِلَت سورَةٌ فَمِنهُم مَن يَقولُ أَيُّكُم زادَتهُ هٰذِهِ إيمٰنًا فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا فَزادَتهُم إيمٰنًا وَهُم يَستَبشِرونَ (آيت : 124) |
۽ جڏهن لَٿِي، ڪا سُورت، ته ڪَهٖي اُنهن مان ڪو، ته اوهان مان ڪِنهنجو، ويساه اِن وَڌائـِيو؟ پر پوءِ، جي وِسهيا، تن جو، ويساه وَڌايائـِين، ۽ سَرها، تِنهن سُورت تي، سَرِير ۾. |
وَأَمَّا الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ فَزادَتهُم رِجسًا إِلىٰ رِجسِهِم وَماتوا وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 125) |
پرپوءِ، آهن جن کي، مَرض مَن ۾ مُور، پوءِ ڪَيائين، روڳ، رڳ مَٿي زِياده ضرور، ۽ مُئا ئـِي مَغرور، اُهي هُئا، ڦِريل جنهن حال ۾. |
أَوَلا يَرَونَ أَنَّهُم يُفتَنونَ فى كُلِّ عامٍ مَرَّةً أَو مَرَّتَينِ ثُمَّ لا يَتوبونَ وَلا هُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 126) |
ڇا؟سَمجھؤن نه، ته هرسال ۾، وَٺجن هِڪ، ٻه وار، وَرِي نه وَرِن وار، پڻ ساڱائـِينِ سي. |
وَإِذا ما أُنزِلَت سورَةٌ نَظَرَ بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ هَل يَرىٰكُم مِن أَحَدٍ ثُمَّ انصَرَفوا صَرَفَ اللَّهُ قُلوبَهُم بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 127) |
جڏهن به لَٿِي سُورت، ته ڪن هِڪ ٻئي پار، نِهار، ڇاڪو حاضر هيڪڙو؟ جو پَسي پَنهن جا پار، مُڙيا، پوءِ موڙي ڇڏيا، قلب سَندنِ ڪَلتار، اِهو اِن آڌار، ته اِي قوم نه سَمجھي ڪَڏِهن. |
لَقَد جاءَكُم رَسولٌ مِن أَنفُسِكُم عَزيزٌ عَلَيهِ ما عَنِتُّم حَريصٌ عَلَيكُم بِالمُؤمِنينَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 128) |
اَوس آئيان، اوهان مَنجھان، مُرسل مَڻياندار، ڏاڍو مَٿسِ ڏُ ک اَهنجو، پڻ آن ۾ اميد وار، سو نِرمل نرم نِبار، پڻ موؤمنِن تي، مِهرڀَريو. |
فَإِن تَوَلَّوا فَقُل حَسبِىَ اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَهُوَ رَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 129) |
پوءِ جي پُٺيراٿِيا، تن کي، ٻول ٻِيهار، ته اَلله جَلَّ جَلالہٗ، هيڪڙو بَس، مون هارِ، اصل نه آهي، اُن سوا، ڪا درگاه ۽ دربار، ڪيم حوالي اُن جي، پَنهنجا سَڀ ڪم ڪار، ۽ آهي اِهو اِظهار، والِي وَڏٖي تخت جو. |