بَراءَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ إِلَى الَّذينَ عٰهَدتُم مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 1) |
الله ۽ سندس رسول جي انهن مشرڪن کان بيزاري آهي جن سان اوهان معاهدو ڪيو آهي. |
فَسيحوا فِى الأَرضِ أَربَعَةَ أَشهُرٍ وَاعلَموا أَنَّكُم غَيرُ مُعجِزِى اللَّهِ وَأَنَّ اللَّهَ مُخزِى الكٰفِرينَ (آيت : 2) |
پوءِ (هن) زمين ۾ چار مهينا گهمي وٺو ۽ ڄاڻو ته اوهين الله کي عاجز ڪندڙ نه آهيو ۽ هن ڳالهه کي به ته الله ڪافرن کي خوار ڪندڙ آهي. |
وَأَذٰنٌ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ إِلَى النّاسِ يَومَ الحَجِّ الأَكبَرِ أَنَّ اللَّهَ بَريءٌ مِنَ المُشرِكينَ وَرَسولُهُ فَإِن تُبتُم فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَإِن تَوَلَّيتُم فَاعلَموا أَنَّكُم غَيرُ مُعجِزِى اللَّهِ وَبَشِّرِ الَّذينَ كَفَروا بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 3) |
۽ الله ۽ سندس رسول جي طرفان وڏي حج جي ڏينهن ماڻهن تائين هيءَ خبر پهچائڻي آهي ته الله ۽ سندس رسول مشرڪن کان بيزار آهن. پوءِ جيڪڏهن توبه ڪندؤ ته اهو اوهان لاءِ چڱو آهي. ۽ جيڪڏهن ڦرندؤ ته پوءِ ڄاڻو ته اوهين الله کي عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو ۽ ڪافرن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ ، |
إِلَّا الَّذينَ عٰهَدتُم مِنَ المُشرِكينَ ثُمَّ لَم يَنقُصوكُم شَيـًٔا وَلَم يُظٰهِروا عَلَيكُم أَحَدًا فَأَتِمّوا إِلَيهِم عَهدَهُم إِلىٰ مُدَّتِهِم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 4) |
پر جن مشرڪن سان اوهان عهدنامو ڪيو پوءِ اوهان سان ڪنهن به شيءِ ۾ گهٽتائي نه ڪيائون ۽ نه اوهان جي مقابلي ۾ ڪنهن جي مدد ڪيائون تن سان سندن انجام سندن (معاهدي جي) مدت تائين پورو ڪريو. بيشڪ الله پرهيزگارن کي پسند ڪري ٿو. |
فَإِذَا انسَلَخَ الأَشهُرُ الحُرُمُ فَاقتُلُوا المُشرِكينَ حَيثُ وَجَدتُموهُم وَخُذوهُم وَاحصُروهُم وَاقعُدوا لَهُم كُلَّ مَرصَدٍ فَإِن تابوا وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ فَخَلّوا سَبيلَهُم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
پوءِ جڏهن امن جا مهينا گذري وڃن ته مشرڪن کي جتي به ڏسو اتي کين قتل ڪريو، ۽ انهن کي پڪڙيو ۽ کين گهيرو ڪريو ۽ انهن لاءِ سڀ ڪنهن گهٽ (مخفي جاءِ) تي (تاڙ ۾ ) ويهو. پوءِ جيڪڏهن توبه ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ته سندن رستو ڇڏيو! ڇوته الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
وَإِن أَحَدٌ مِنَ المُشرِكينَ استَجارَكَ فَأَجِرهُ حَتّىٰ يَسمَعَ كَلٰمَ اللَّهِ ثُمَّ أَبلِغهُ مَأمَنَهُ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعلَمونَ (آيت : 6) |
۽ جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو توکان پناه گهري ته ان کي پناه ڏي جيستائين الله جو ڪلام ٻڌي. پوءِ ان کي سندس امن جي جاءِ تي پهچاءِ، اهو هن ڪري جو اهي اهڙي قوم آهن جي نه ٿا ڄاڻن. |
كَيفَ يَكونُ لِلمُشرِكينَ عَهدٌ عِندَ اللَّهِ وَعِندَ رَسولِهِ إِلَّا الَّذينَ عٰهَدتُم عِندَ المَسجِدِ الحَرامِ فَمَا استَقٰموا لَكُم فَاستَقيموا لَهُم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 7) |
الله وٽ ۽ سندس رسولن وٽ مشرڪن لاءِ انجام ڪيئن رهندو پر جن سان اوهان مسجد حرام وٽ معاهدو ڪيو سي جيستائين اوهان سان سڌا رهن ته اوهين به انهن سان سڌا رهو. بيشڪ الله پرهيزگارن کي پسند ڪري ٿو. |
كَيفَ وَإِن يَظهَروا عَلَيكُم لا يَرقُبوا فيكُم إِلًّا وَلا ذِمَّةً يُرضونَكُم بِأَفوٰهِهِم وَتَأبىٰ قُلوبُهُم وَأَكثَرُهُم فٰسِقونَ (آيت : 8) |
ڪيئن (انهن لاءِ انجام رهندو) هوڏانهن جيڪڏهن اهي اوهان تي غالب ٿيندا ته اوهان جي حق ۾ نه ڪنهن مائٽي ۽ نه ڪنهن انجام جو لحاظ ڪندا. اوهان کي پنهنجي وات (جي ڳالهه) سان راضي ڪن ٿا ۽ سندن دليون نه ٿيون مڃين ۽ انهن مان گهڻا بدڪار آهن. |
اشتَرَوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا فَصَدّوا عَن سَبيلِهِ إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 9) |
انهن الله جي آيتن جي بدلي ٿورو ملهه ورتو پوءِ سندس رستي کان روڪيائون، ڇوته انهن جا عمل بڇڙا آهن. |
لا يَرقُبونَ فى مُؤمِنٍ إِلًّا وَلا ذِمَّةً وَأُولٰئِكَ هُمُ المُعتَدونَ (آيت : 10) |
ڪنهن به مسلمان جي حق ۾ نه ڪنهن مائٽي ۽ نه ڪنهن انجام جو لحاظ ڪن ٿا. ۽ اهي ئي حد کان لنگهندڙ آهن. |
فَإِن تابوا وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ فَإِخوٰنُكُم فِى الدّينِ وَنُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 11) |
پوءِ جيڪڏهن توبه ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ته اهي اوهان جا دين ۾ ڀائر آهن. ۽ اسين ان قوم لاءِ آيتون کولي بيان ڪريون ٿا جيڪي ڄاڻن ٿا. |
وَإِن نَكَثوا أَيمٰنَهُم مِن بَعدِ عَهدِهِم وَطَعَنوا فى دينِكُم فَقٰتِلوا أَئِمَّةَ الكُفرِ إِنَّهُم لا أَيمٰنَ لَهُم لَعَلَّهُم يَنتَهونَ (آيت : 12) |
۽ جيڪڏهن پنهنجي انجام کانپوءِ پنهنجا قسم ڀڃن ۽ اوهان جي دين تي عيب لڳائين ته ڪفر جي سردارن سان جنگ ڪريو ڇوته انهن جا قسم ڪجهه نه آهن مَنَ اهي باز اچن. |
أَلا تُقٰتِلونَ قَومًا نَكَثوا أَيمٰنَهُم وَهَمّوا بِإِخراجِ الرَّسولِ وَهُم بَدَءوكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ أَتَخشَونَهُم فَاللَّهُ أَحَقُّ أَن تَخشَوهُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 13) |
ڇا اوهين اهڙي قوم سان جنگ نه ٿا ڪريو جن پنهنجا قسم ڀڳا ۽ رسول کي (وطن مان) ڪڍي ڇڏڻ جو پڪو ارادو ڪيائون ۽ پهريائين انهن ئي اوهان سان عهد ڀڃڻ شروع ڪيو. ڇا اوهين انهن کان ڊڄو ٿا؟ پوءِ الله هن ڳالهه جو زياده حقدار آهي ته اوهين ان کان ڊڄو جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو. |
قٰتِلوهُم يُعَذِّبهُمُ اللَّهُ بِأَيديكُم وَيُخزِهِم وَيَنصُركُم عَلَيهِم وَيَشفِ صُدورَ قَومٍ مُؤمِنينَ (آيت : 14) |
انهن سان جنگ ڪريو ته الله انهن کي اوهان جي هٿان سزا ڏئي ۽ کين خوار ڪري ۽ اوهان کي مٿن فتح ڏي ۽ ايمان واري قوم جي سينن کي ٺاري، ۽ سندن دلين جي ڪاوڙ وڃائي. |
وَيُذهِب غَيظَ قُلوبِهِم وَيَتوبُ اللَّهُ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 15) |
۽ جنهن تي الله کي وڻي ٿو تنهن تي مهرباني ڪري ٿو ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
أَم حَسِبتُم أَن تُترَكوا وَلَمّا يَعلَمِ اللَّهُ الَّذينَ جٰهَدوا مِنكُم وَلَم يَتَّخِذوا مِن دونِ اللَّهِ وَلا رَسولِهِ وَلَا المُؤمِنينَ وَليجَةً وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 16) |
ڀلا اوهان جو اهو خيال آهي ڇا ته اوهان کي ڇڏيو ويندو؟ هوڏانهن الله اڃان انهن کي جدا نه ڪيو آهي، جن اوهان مان جهاد ڪيو هجي ۽ نه الله کانسواءِ ۽ نه سندس رسول کان سواءِ ۽ نه ايمان وارن کانسواءِ ڪنهن کي به ڳجهو دوست ڪري ورتو هجي ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. |
ما كانَ لِلمُشرِكينَ أَن يَعمُروا مَسٰجِدَ اللَّهِ شٰهِدينَ عَلىٰ أَنفُسِهِم بِالكُفرِ أُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم وَفِى النّارِ هُم خٰلِدونَ (آيت : 17) |
پاڻ تي ڪفر جو اقرار ڪندي الله جي مسجدن کي آباد ڪرڻ مشرڪن جو ڪم نه آهي، انهن جا عمل برباد ٿي ويا ۽ اهي باهه ۾ پيا رهندا. |
إِنَّما يَعمُرُ مَسٰجِدَ اللَّهِ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَأَقامَ الصَّلوٰةَ وَءاتَى الزَّكوٰةَ وَلَم يَخشَ إِلَّا اللَّهَ فَعَسىٰ أُولٰئِكَ أَن يَكونوا مِنَ المُهتَدينَ (آيت : 18) |
الله جي مسجدن کي رڳو اهو آباد ڪري ٿو جنهن الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيو ۽ نماز قائم ڪئي ۽ زڪوات ڏني ۽ الله کانسواءِ (ٻئي ڪنهن کان) نه ڊنو، پوءِ اميد آهي ته اهي هدايت وارا ٿيندا. |
أَجَعَلتُم سِقايَةَ الحاجِّ وَعِمارَةَ المَسجِدِ الحَرامِ كَمَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَجٰهَدَ فى سَبيلِ اللَّهِ لا يَستَوۥنَ عِندَ اللَّهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 19) |
ڇا حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ مسجد حرام کي آباد ڪرڻ کي اوهان ان ماڻهوءَ (جي عمل) جهڙو ڪيو آهي جنهن الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيو ۽ الله جي رستي ۾ جنگ ڪئي؟ اهي الله وٽ برابر نه آهن. ۽ الله ظالم قوم کي سڌو رستو نه ٿو ڏيکاري. |
الَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم أَعظَمُ دَرَجَةً عِندَ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 20) |
جن ايمان آندو ۽ وطن ڇڏيو ۽ الله جي رستي ۾ پنهنجي مال ۽ جان سان جنگ ڪئي، تن جو درجو الله وٽ وڏو آهي. ۽ اهي ئي ڪامياب آهن. |
يُبَشِّرُهُم رَبُّهُم بِرَحمَةٍ مِنهُ وَرِضوٰنٍ وَجَنّٰتٍ لَهُم فيها نَعيمٌ مُقيمٌ (آيت : 21) |
سندن پاليندڙ انهن کي پنهنجي طرفان مهرباني ۽ رضامنديءَ ۽ باغن جي خوشخبري ٻڌائي ٿو جن ۾ انهن لاءِ هميشة جو آرام آهي. |
خٰلِدينَ فيها أَبَدًا إِنَّ اللَّهَ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 22) |
اتي (اهي) هميشة رهڻ وارا آهن. بيشڪ الله وٽ وڏو اجر آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا ءاباءَكُم وَإِخوٰنَكُم أَولِياءَ إِنِ استَحَبُّوا الكُفرَ عَلَى الإيمٰنِ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِنكُم فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
اي ايمان وارؤ! اوهين پنهنجن ابن ۽ پنهنجن ڀائرن کي دوست ڪري نه وٺو جيڪڏهن اهي ڪفر کي ايمان کان پسند ڪن. ۽ جيڪي اوهان مان انهن کي دوست ڪري وٺندا، سي ئي ظالم آهن. |
قُل إِن كانَ ءاباؤُكُم وَأَبناؤُكُم وَإِخوٰنُكُم وَأَزوٰجُكُم وَعَشيرَتُكُم وَأَموٰلٌ اقتَرَفتُموها وَتِجٰرَةٌ تَخشَونَ كَسادَها وَمَسٰكِنُ تَرضَونَها أَحَبَّ إِلَيكُم مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَجِهادٍ فى سَبيلِهِ فَتَرَبَّصوا حَتّىٰ يَأتِىَ اللَّهُ بِأَمرِهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 24) |
چئو ته جيڪڏهن اوهان جا ابا ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جا ڀائر ۽ اوهان جون زالون ۽ اوهان جا مائٽ ۽ اهي مال جي اوهان ڪمايا آهن ۽ واپار جنهن جي گهٽجي وڃڻ کان ڊڄو ٿا ۽ رهڻ جون جايون جن کي پسند ڪريو ٿا اوهان وٽ الله ۽ سندس رسول ۽ سندس رستي ۾ جنگ ڪرڻ کان زياده پيارا آهن ته انتظار ڪريو جيسين الله پنهنجو حڪم موڪلي. ۽ الله نافرمان قوم کي رستو نه ٿو ڏيکاري. |
لَقَد نَصَرَكُمُ اللَّهُ فى مَواطِنَ كَثيرَةٍ وَيَومَ حُنَينٍ إِذ أَعجَبَتكُم كَثرَتُكُم فَلَم تُغنِ عَنكُم شَيـًٔا وَضاقَت عَلَيكُمُ الأَرضُ بِما رَحُبَت ثُمَّ وَلَّيتُم مُدبِرينَ (آيت : 25) |
بيشڪ الله اوهان کي گهڻن ميدانن ۾ فتح ڏني ۽ حُنين جي ڏينهن ۾ به جڏهن اوهان کي اوهان جي گهڻائي خوشيءَ ۾ وڌو پوءِ اوهان کي ڪجهه به ڪم نه آئي ۽ زمين پنهنجي ڪشادگيءَ هوندي اوهان تي تنگ ٿي پوءِ اوهين پٺ ڏئي ڦريا. |
ثُمَّ أَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَعَلَى المُؤمِنينَ وَأَنزَلَ جُنودًا لَم تَرَوها وَعَذَّبَ الَّذينَ كَفَروا وَذٰلِكَ جَزاءُ الكٰفِرينَ (آيت : 26) |
پوءِ الله پنهنجي رسول تي ۽ ايمان وارن تي پنهنجو آرام لاٿو، ۽ (اهڙن) لشڪرن کي لاٿائين جن کي اوهان نه ڏٺو ۽ ڪافرن کي سزا ڏنائين. ۽ اها ڪافرن جي سزا آهي. |
ثُمَّ يَتوبُ اللَّهُ مِن بَعدِ ذٰلِكَ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 27) |
وري ان کانپوءِ جنهن تي الله کي وڻي تنهن تي مهرباني ڪري ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّمَا المُشرِكونَ نَجَسٌ فَلا يَقرَبُوا المَسجِدَ الحَرامَ بَعدَ عامِهِم هٰذا وَإِن خِفتُم عَيلَةً فَسَوفَ يُغنيكُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ إِن شاءَ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 28) |
اي ايمان وارؤ! مشرڪ بالڪل پليت آهن پوءِ اهي سندن هن سال کانپوءِ مسجد حرام جي ويجهو نه وڃن. ۽ جيڪڏهين اوهين سڃائيءَ کان ڊڄو ٿا ته پوءِ جيڪڏهن الله گهريو ته اوهان کي پنهنجي فضل مان بي پرواهه ڪندو. بيشڪ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
قٰتِلُوا الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلا بِاليَومِ الءاخِرِ وَلا يُحَرِّمونَ ما حَرَّمَ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَلا يَدينونَ دينَ الحَقِّ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ حَتّىٰ يُعطُوا الجِزيَةَ عَن يَدٍ وَهُم صٰغِرونَ (آيت : 29) |
جن کي ڪتاب ڏنو ويو تن مان اوهين انهن سان جنگ ڪريو، جيڪي الله ۽ پڇاڙيءَ جي ڏينهن تي ايمان نه ٿا آڻين ۽ جيڪي الله ۽ سندس رسول حرام ڪيو آهي تنهن کي حرام نه ٿا سمجهن ۽ سچي دين جي فرمانبرداري نه ٿا ڪن، تان جو اهي خوار ٿي پنهنجي هٿان جزيه ڏين. |
وَقالَتِ اليَهودُ عُزَيرٌ ابنُ اللَّهِ وَقالَتِ النَّصٰرَى المَسيحُ ابنُ اللَّهِ ذٰلِكَ قَولُهُم بِأَفوٰهِهِم يُضٰهِـٔونَ قَولَ الَّذينَ كَفَروا مِن قَبلُ قٰتَلَهُمُ اللَّهُ أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 30) |
۽ يهودين چيو ته عزير، الله جو پٽ آهي ۽ عيسائين چيو ته مسيح، الله جو پٽ آهي. اها سندن وات جي ڳالهه آهي، اڳين ڪافرن جي ڳالهه جي ريس ڪن ٿا. الله انهن کي برباد ڪري، ڪيئن اُبتا وڃن ٿا. |
اتَّخَذوا أَحبارَهُم وَرُهبٰنَهُم أَربابًا مِن دونِ اللَّهِ وَالمَسيحَ ابنَ مَريَمَ وَما أُمِروا إِلّا لِيَعبُدوا إِلٰهًا وٰحِدًا لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ سُبحٰنَهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 31) |
الله کانسواءِ انهن پنهنجن عالمن ۽ درويشن کي پاليندڙ ڪري ورتو ۽ مريم جي پٽ مسيح کي به، هوڏانهن کين رڳو هيءَ حڪم ڪيو ويو هو ته هڪ الله جي بندگي ڪن. ان کانسواءِ ڪو معبود نه آهي. الله انهن کان پاڪ آهي جن کي (سندس) شريڪ بنائين ٿا. |
يُريدونَ أَن يُطفِـٔوا نورَ اللَّهِ بِأَفوٰهِهِم وَيَأبَى اللَّهُ إِلّا أَن يُتِمَّ نورَهُ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 32) |
پنهنجن واتن سان الله جي نور کي وسائڻ گهرن ٿا ۽ الله پنهنجي نور کي ڪامل ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڳالهه قبول نه ٿو ڪري جيتوڻيڪ ڪافر ناپسند ڪن. |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَلَو كَرِهَ المُشرِكونَ (آيت : 33) |
هو اُهو آهي جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو هن لاءِ ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري توڙي مشرڪ ناپسند ڪن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ كَثيرًا مِنَ الأَحبارِ وَالرُّهبانِ لَيَأكُلونَ أَموٰلَ النّاسِ بِالبٰطِلِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ يَكنِزونَ الذَّهَبَ وَالفِضَّةَ وَلا يُنفِقونَها فى سَبيلِ اللَّهِ فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 34) |
اي ايمان وارؤ! اهل ڪتاب جي عالمن ۽ درويشن مان گهڻا، ماڻهن جا مال ناحق کائين ٿا ۽ الله جي رستي کان روڪين ٿا. (اُهي) ۽ جيڪي سون ۽ چاندي گڏ ڪري رکن ٿا ۽ ان کي الله جي رستي ۾ خرچ نه ٿا ڪن تن کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌاءِ، (34) |
يَومَ يُحمىٰ عَلَيها فى نارِ جَهَنَّمَ فَتُكوىٰ بِها جِباهُهُم وَجُنوبُهُم وَظُهورُهُم هٰذا ما كَنَزتُم لِأَنفُسِكُم فَذوقوا ما كُنتُم تَكنِزونَ (آيت : 35) |
جنهن ڏينهن اُن (سون ۽ چانديءَ) کي دوزخ جي باهه ۾ تپايو ويندو پوءِ ان سان سندن پيشانين ۽ پاسن ۽ پٺين تي داغ ڏنا ويندا (۽ کين چيو ويندو ته) هيءُ اهوئي (خزانو) آهي جنهن کي اوهين پاڻ لاءِ گڏ ڪري رکندا هئا پوءِ جو اوهين گڏ ڪندا هئا تنهن جو مزو چکو. |
إِنَّ عِدَّةَ الشُّهورِ عِندَ اللَّهِ اثنا عَشَرَ شَهرًا فى كِتٰبِ اللَّهِ يَومَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ مِنها أَربَعَةٌ حُرُمٌ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ فَلا تَظلِموا فيهِنَّ أَنفُسَكُم وَقٰتِلُوا المُشرِكينَ كافَّةً كَما يُقٰتِلونَكُم كافَّةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 36) |
بيشڪ مهينن جو شمار الله وٽ الله جي ڪتاب ۾ جنهن ڏينهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو اٿس (تڏهن کان) ٻارهن مهينا آهي انهن مان چار (مهينا) ادب جا آهن. اهوئي سڌو دين آهي، پوءِ انهن ۾ پاڻ تي ظلم نه ڪريو. ۽ سڀني مشرڪن سان جنگ ڪريو جيئن اهي اوهان سڀني سان جنگ ڪن ٿا. ۽ ڄاڻو ته الله پرهيزگارن سان آهي. |
إِنَّمَا النَّسيءُ زِيادَةٌ فِى الكُفرِ يُضَلُّ بِهِ الَّذينَ كَفَروا يُحِلّونَهُ عامًا وَيُحَرِّمونَهُ عامًا لِيُواطِـٔوا عِدَّةَ ما حَرَّمَ اللَّهُ فَيُحِلّوا ما حَرَّمَ اللَّهُ زُيِّنَ لَهُم سوءُ أَعمٰلِهِم وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 37) |
ادب واري مهيني کي پوئتي ڪرڻ رڳو ڪفر ۾ واڌارو آهي، ان سان ڪافرن کي گمراهه ڪيو وڃي ٿو. ان (مهيني) کي هڪ سال حلال ڪن ٿا ۽ ٻئي سال حرام ڪن ٿا، هن لاءِ ته جن مهينن کي الله حرام ڪيو آهي تن جي ڳاڻيٽي کي پورو ڪن پوءِ الله جي حرام ڪيل مهينن کي حلال ڪن. انهن کي سندن بڇڙا ڪم چڱا ڪري ڏيکاريا ويا آهن. ۽ الله ڪافر قوم کي رستو نه ٿو ڏيکاري. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا ما لَكُم إِذا قيلَ لَكُمُ انفِروا فى سَبيلِ اللَّهِ اثّاقَلتُم إِلَى الأَرضِ أَرَضيتُم بِالحَيوٰةِ الدُّنيا مِنَ الءاخِرَةِ فَما مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا فِى الءاخِرَةِ إِلّا قَليلٌ (آيت : 38) |
اي ايمان وارؤ! اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو جڏهن اوهان کي چيو وڃي ٿو ته الله جي رستي ۾ (جنگ لاءِ) نڪرو ته زمين تي ڳرا ٿي پئو ٿا. ڇا اوهان دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان پسند ڪيو آهي؟ پوءِ دنيا جي حياتيءَ جو سامان آخرت (جي مقابلي) ۾ ٿورو ئي آهي. |
إِلّا تَنفِروا يُعَذِّبكُم عَذابًا أَليمًا وَيَستَبدِل قَومًا غَيرَكُم وَلا تَضُرّوهُ شَيـًٔا وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 39) |
جيڪڏهن نه نڪرندؤ ته اوهان کي دردناڪ عذاب ڏيندو ۽ اوهان کانسواءِ ٻي قوم کي اوهان جي جاءِ تي آڻيندو ۽ اوهين ان جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندؤ. ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
إِلّا تَنصُروهُ فَقَد نَصَرَهُ اللَّهُ إِذ أَخرَجَهُ الَّذينَ كَفَروا ثانِىَ اثنَينِ إِذ هُما فِى الغارِ إِذ يَقولُ لِصٰحِبِهِ لا تَحزَن إِنَّ اللَّهَ مَعَنا فَأَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلَيهِ وَأَيَّدَهُ بِجُنودٍ لَم تَرَوها وَجَعَلَ كَلِمَةَ الَّذينَ كَفَرُوا السُّفلىٰ وَكَلِمَةُ اللَّهِ هِىَ العُليا وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 40) |
جيڪڏهن ان جي مدد نه ڪندؤ ته بيشڪ الله (اڳي به) ان جي مدد ڪئي آهي جڏهن کيس ڪافرن (مڪي مان) هن حالت ۾ ڪڍيو جو هو ٻن ڄڻن مان هڪ پاڻ هو. جڏهن اهي ٻئي غار ۾ هئا، جڏهن ان پنهنجي سنگتيءَ کي چيو ٿي ته غم نه ڪر! بيشڪ الله اسان ساڻ آهي. پوءِ الله مٿس پاڻ وٽان تسلي نازل ڪئي ۽ کيس اهڙن لشڪرن سان مدد ڏنائين جن کي اوهان نه ڏٺو ۽ ڪافرن جي ڳالهه کي بالڪل هيٺ ڪيائين، ۽ الله جي ڳالهه (هميشه) مٿي آهي ۽ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
انفِروا خِفافًا وَثِقالًا وَجٰهِدوا بِأَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم فى سَبيلِ اللَّهِ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 41) |
(هر حال ۾ ) نڪري پئو، هلڪا (ٿوري سامان سان) هجو يا ڳرا (گهڻي سامان سان) هجو ۽ پنهنجي مال ۽ پنهنجي جان سان الله جي رستي ۾ جنگ ڪريو. اهو (ڪم) اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو. |
لَو كانَ عَرَضًا قَريبًا وَسَفَرًا قاصِدًا لَاتَّبَعوكَ وَلٰكِن بَعُدَت عَلَيهِمُ الشُّقَّةُ وَسَيَحلِفونَ بِاللَّهِ لَوِ استَطَعنا لَخَرَجنا مَعَكُم يُهلِكونَ أَنفُسَهُم وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 42) |
(جنهن جنگ لاءِ تون کين سڏين ٿو سو) جيڪڏهن ويجهو مال ۽ هلڪو سفر هجي ها ته ضرور تنهنجي پٺيان هلن ها پر انهن کي پنڌ پري معلوم ٿيو. ۽ الله جا قسم کڻندا ته جيڪڏهن اسان کان ٿي سگهي ها ته ضرور اوهان سان نڪرون ها. پاڻ کي برباد ٿا ڪن. ۽ الله ڄاڻي ٿو ته بيشڪ اهي ڪوڙا آهن. |
عَفَا اللَّهُ عَنكَ لِمَ أَذِنتَ لَهُم حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكَ الَّذينَ صَدَقوا وَتَعلَمَ الكٰذِبينَ (آيت : 43) |
الله توکي معاف ڪري! تو کين ڇو موڪل ڏني؟ تان جو سچ چوڻ وارا تو وٽ ظاهر ٿين ۽ تون ڪوڙن کي ڄاڻين. |
لا يَستَـٔذِنُكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ أَن يُجٰهِدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالمُتَّقينَ (آيت : 44) |
جيڪي الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃين ٿا سي پنهنجي مال ۽ پنهنجي جان سان جنگ ڪرڻ کان توکان موڪل نه ٿا گهرن. ۽ الله پرهيزگارن کي ڄاڻندڙ آهي. |
إِنَّما يَستَـٔذِنُكَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَارتابَت قُلوبُهُم فَهُم فى رَيبِهِم يَتَرَدَّدونَ (آيت : 45) |
توکان رڳو اهي موڪل گهرن ٿا جيڪي الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي نه ٿا مڃين ۽ سندن دلين ۾ شڪ پيل آهي پوءِ اهي پنهنجي شڪ ۾ حيران آهن. |
وَلَو أَرادُوا الخُروجَ لَأَعَدّوا لَهُ عُدَّةً وَلٰكِن كَرِهَ اللَّهُ انبِعاثَهُم فَثَبَّطَهُم وَقيلَ اقعُدوا مَعَ القٰعِدينَ (آيت : 46) |
۽ جيڪڏهن ٻاهر نڪرڻ گهرن ها ته ان لاءِ سامان تيار ڪن ها پر الله سندن اٿڻ کي ناپسند ڪيو پوءِ انهن کي روڪي ڇڏيائين ۽ چيو ويو ته وهندڙن سان گڏ ويهو. |
لَو خَرَجوا فيكُم ما زادوكُم إِلّا خَبالًا وَلَأَوضَعوا خِلٰلَكُم يَبغونَكُمُ الفِتنَةَ وَفيكُم سَمّٰعونَ لَهُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 47) |
جيڪڏهن اوهان (جي لشڪر) سان نڪرن ها ته اوهان ۾ فساد کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌائين ها ۽ اوهان جي وچ ۾ بگيڙ وجهائڻ جي تلاش ۾ گهوڙا ڊوڙائين ها. ۽ اوهان ۾ انهن جي ڳالهه مڃڻ وارا آهن ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آهي. |
لَقَدِ ابتَغَوُا الفِتنَةَ مِن قَبلُ وَقَلَّبوا لَكَ الأُمورَ حَتّىٰ جاءَ الحَقُّ وَظَهَرَ أَمرُ اللَّهِ وَهُم كٰرِهونَ (آيت : 48) |
بيشڪ هن کان اڳ به بگيڙ وجهائڻ گهريو هئائون ۽ تنهنجا ڪم اُبتا ڪيا هئائون تان جو حق آيو (يعني الله جي مدد پهتي) ۽ الله جو حڪم غالب ٿيو هوڏانهن اهي (ان ڳالهه کي) پسند ڪندڙ نه هئا. |
وَمِنهُم مَن يَقولُ ائذَن لى وَلا تَفتِنّى أَلا فِى الفِتنَةِ سَقَطوا وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحيطَةٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 49) |
۽ انهن مان ڪو آهي جو چوي ٿو ته مون کي موڪل ڏي ۽ مون کي خرابيءَ ۾ نه وجهه. خبردار اهي (پاڻ) خرابيءَ ۾ ڪريا. ۽ بيشڪ دوزخ ڪافرن کي گهيرو ڪندڙ آهي. |
إِن تُصِبكَ حَسَنَةٌ تَسُؤهُم وَإِن تُصِبكَ مُصيبَةٌ يَقولوا قَد أَخَذنا أَمرَنا مِن قَبلُ وَيَتَوَلَّوا وَهُم فَرِحونَ (آيت : 50) |
۽ جيڪڏهن توکي ڪا ڀلائي پهچي ٿي ته انهن کي رنج ڪري ٿي ۽ جيڪڏهن توکي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته چون ٿا ته اسان پنهنجو ڪم اڳي ئي سنڀالي ورتو ۽ اهي خوش ٿي موٽن ٿا. |
قُل لَن يُصيبَنا إِلّا ما كَتَبَ اللَّهُ لَنا هُوَ مَولىٰنا وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 51) |
چئو ته جيڪي الله اسان لاءِ لکيو آهي تنهن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به اسان کي نه پهچندو. هو اسان جو مالڪ آهي. پوءِ الله تي ئي ايمان وارن کي ڀروسو ڪرڻ کپي. |
قُل هَل تَرَبَّصونَ بِنا إِلّا إِحدَى الحُسنَيَينِ وَنَحنُ نَتَرَبَّصُ بِكُم أَن يُصيبَكُمُ اللَّهُ بِعَذابٍ مِن عِندِهِ أَو بِأَيدينا فَتَرَبَّصوا إِنّا مَعَكُم مُتَرَبِّصونَ (آيت : 52) |
چئو ته اوهين رڳو ٻن ڀلاين مان هڪ جو اسان لاءِ انتظار ڪريو ٿا ۽ اسين اوهان لاءِ هن ڳالهه جو انتظار ڪريون ٿا ته الله پنهنجي طرفان يا اسان جي هٿان اوهان کي سزا پهچائي پوءِ اوهين (به) انتظار ڪريو،اسين به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيون. |
قُل أَنفِقوا طَوعًا أَو كَرهًا لَن يُتَقَبَّلَ مِنكُم إِنَّكُم كُنتُم قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 53) |
چئو ته خوشيءَ سان خرچ ڪريو يا مجبوريءَ سان، اوهان کان هرگز قبول نه ڪيو ويندو ڇوته اوهين نافرمان قوم آهيو. |
وَما مَنَعَهُم أَن تُقبَلَ مِنهُم نَفَقٰتُهُم إِلّا أَنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَبِرَسولِهِ وَلا يَأتونَ الصَّلوٰةَ إِلّا وَهُم كُسالىٰ وَلا يُنفِقونَ إِلّا وَهُم كٰرِهونَ (آيت : 54) |
۽ سندن خرچن جي قبول ٿيڻ کي ٻي ڪا ڳالهه آڏو نه آئي هن کانسواءِ جو انهن الله ۽ سندس رسول جو انڪار ڪيو، ۽ اهي نماز تي سستيءَ سان ئي اچن ٿا ۽ خرچ فقط لاچاريءَ سان ڪن ٿا. |
فَلا تُعجِبكَ أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم بِها فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَتَزهَقَ أَنفُسُهُم وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 55) |
پوءِ توکي نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد عجب ۾ وجهي. الله فقط هيءُ گهري ٿو ته انهن شين جي (هئڻ) ڪري دنيا جي حياتيءَ ۾ کين سز ا ڏئي ۽ سندن ساهه ڪفر جي حالت ۾ نڪرن. |
وَيَحلِفونَ بِاللَّهِ إِنَّهُم لَمِنكُم وَما هُم مِنكُم وَلٰكِنَّهُم قَومٌ يَفرَقونَ (آيت : 56) |
۽ الله جا قسم کڻن ٿا ته بيشڪ اهي اوهان مان آهن هوڏانهن اهي اوهان مان نه آهن پر اهي اهڙي قوم آهن جي (اوهان کان) ڊڄن ٿا. |
لَو يَجِدونَ مَلجَـًٔا أَو مَغٰرٰتٍ أَو مُدَّخَلًا لَوَلَّوا إِلَيهِ وَهُم يَجمَحونَ (آيت : 57) |
جيڪڏهن اهي پناهه جي جاءِ يا ڪي غار يا (پاڻ کي لڪائڻ لاءِ) ڪو گهڙڻ جو هنڌ لهن ها ته تکو تکو هلندي ئي ان ڏي ڦرن ها. |
وَمِنهُم مَن يَلمِزُكَ فِى الصَّدَقٰتِ فَإِن أُعطوا مِنها رَضوا وَإِن لَم يُعطَوا مِنها إِذا هُم يَسخَطونَ (آيت : 58) |
۽ انهن مان ڪي اهڙا آهن جي خيرات (ورهائڻ) ۾ تنهنجو عيب ڪڍن ٿا، پوءِ جيڪڏهن انهن کي ان مان ڪجهه ملي ٿوته راضي ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن کين ان مان نه ٿو ملي ته ان ئي وقت اهي ڪاوڙجن ٿا. |
وَلَو أَنَّهُم رَضوا ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَقالوا حَسبُنَا اللَّهُ سَيُؤتينَا اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَرَسولُهُ إِنّا إِلَى اللَّهِ رٰغِبونَ (آيت : 59) |
هوڏانهن الله ۽ سندس رسول جيڪي کين ڏنو آهي تنهن تي جيڪڏهن راضي ٿين ها ۽ چون ها ته الله اسان کي ڪافي آهي الله اسان کي پنهنجي فضل مان ڏيندو ۽ سندس رسول (به ڏيندو) اسين الله ۾ ئي اميد رکندڙ آهيون (ته انهن لاءِ چڱو هجي ها) |
إِنَّمَا الصَّدَقٰتُ لِلفُقَراءِ وَالمَسٰكينِ وَالعٰمِلينَ عَلَيها وَالمُؤَلَّفَةِ قُلوبُهُم وَفِى الرِّقابِ وَالغٰرِمينَ وَفى سَبيلِ اللَّهِ وَابنِ السَّبيلِ فَريضَةً مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 60) |
صدقا رڳو فقيرن ۽ مسڪينن ۽ ان جي اڳاڙي ڪندڙن ۽ جن جي دل پرچائڻ منظور آهي. تن (لاءِ) ۽ گردنن جي آزاد ڪرائڻ ۾ ۽ قرضدارن (لاءِ) ۽ الله جي رستي ۾ (جنگ ڪرڻ لاءِ) ۽ مسافرن لاءِ آهن. (هيءُ حڪم) الله جي طرفان فرض ڪيل آهي. ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَمِنهُمُ الَّذينَ يُؤذونَ النَّبِىَّ وَيَقولونَ هُوَ أُذُنٌ قُل أُذُنُ خَيرٍ لَكُم يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَيُؤمِنُ لِلمُؤمِنينَ وَرَحمَةٌ لِلَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَالَّذينَ يُؤذونَ رَسولَ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 61) |
۽ ڪي انهن مان اهڙا آهن جي نبيءَ کي ايذائين ٿا ۽ چون ٿا ته هي پرمتڙيو آهي. (کين) چئو ته پرمتڙيو اوهان جي ڀلي لاءِ (ٿيو) آهي، الله تي ايمان آڻي ٿو ۽ ايمان وارن جي ڳالهه تي يقين ڪري ٿو ۽ اوهان مان ايمان وارن لاءِ رحمت آهي. ۽ جيڪي الله جي رسول کي ايذائين ٿا تن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
يَحلِفونَ بِاللَّهِ لَكُم لِيُرضوكُم وَاللَّهُ وَرَسولُهُ أَحَقُّ أَن يُرضوهُ إِن كانوا مُؤمِنينَ (آيت : 62) |
(اهي اوهان جي اڳيان) الله جا قسم کڻن ٿا ته اوهان کي راضي ڪن، هوڏانهن الله ۽ سندس رسول زياده حقدار آهن جو انهن کي راضي ڪن جيڪڏهن اهي ايمان وارا آهن. |
أَلَم يَعلَموا أَنَّهُ مَن يُحادِدِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَأَنَّ لَهُ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدًا فيها ذٰلِكَ الخِزىُ العَظيمُ (آيت : 63) |
ڇا نه ڄاتائون ته جيڪو الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪري ٿو تنهن لاءِ دوزخ جي باهه آهي، ان ۾ پيو رهندو. اها وڏي خواري آهي. |
يَحذَرُ المُنٰفِقونَ أَن تُنَزَّلَ عَلَيهِم سورَةٌ تُنَبِّئُهُم بِما فى قُلوبِهِم قُلِ استَهزِءوا إِنَّ اللَّهَ مُخرِجٌ ما تَحذَرونَ (آيت : 64) |
منافق ڊڄن ٿا ته متان مسلمانن تي ڪا اهڙي سورت لاٿي وڃي جا جيڪي سندن دلين ۾ آهي تنهنجي مسلمانن کي خبر (نه) ڏئي. چئو ته ڀلي مسخريون ڪريو. جنهن کان ڊڄو ٿا تنهن کي الله بيشڪ پڌرو ڪرڻ وارو آهي. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم لَيَقولُنَّ إِنَّما كُنّا نَخوضُ وَنَلعَبُ قُل أَبِاللَّهِ وَءايٰتِهِ وَرَسولِهِ كُنتُم تَستَهزِءونَ (آيت : 65) |
۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته ضرور چوندا ته اسان خوش طبعي ۽ راند ٿي ڪئي. چئو ته ڇا اوهان الله ۽ سندس ڳالهين ۽ سندس رسول تي ٺٺولي ٿي ڪئي؟ |
لا تَعتَذِروا قَد كَفَرتُم بَعدَ إيمٰنِكُم إِن نَعفُ عَن طائِفَةٍ مِنكُم نُعَذِّب طائِفَةً بِأَنَّهُم كانوا مُجرِمينَ (آيت : 66) |
بهانو نه ڪريو بيشڪ اوهان پنهنجي ايمان آڻڻ کانپوءِ ڪفر ڪيو. جيڪڏهن اسين اوهان مان هڪ جماعت کي معاف ڪنداسون ته ٻي جماعت کي هن ڪري سزا ڏينداسون جو اهي ڏوهاري آهن. |
المُنٰفِقونَ وَالمُنٰفِقٰتُ بَعضُهُم مِن بَعضٍ يَأمُرونَ بِالمُنكَرِ وَيَنهَونَ عَنِ المَعروفِ وَيَقبِضونَ أَيدِيَهُم نَسُوا اللَّهَ فَنَسِيَهُم إِنَّ المُنٰفِقينَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 67) |
منافق مرد ۽ منافق زالون سڀني جي هڪ چال آهي. بڇڙي ڪم جو حڪم ڪن ٿا ۽ چڱي ڪم کان جهلين ٿا. ۽ پنهنجا هٿ بند رکن ٿا. الله کي وساريو اٿن پوءِ الله انهن کي وساريو آهي. بيشڪ منافق ئي نافرمان آهن. |
وَعَدَ اللَّهُ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالكُفّارَ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها هِىَ حَسبُهُم وَلَعَنَهُمُ اللَّهُ وَلَهُم عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 68) |
الله منافق مردن ۽ منافق زالن ۽ ڪافرن سان دوزخ جي باهه جو وعدو ڪيو آهي، ان ۾ پيا رهندا. انهن کي اها بس آهي، ۽ الله مٿن لعنت ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ هميشة جو عذاب آهي. |
كَالَّذينَ مِن قَبلِكُم كانوا أَشَدَّ مِنكُم قُوَّةً وَأَكثَرَ أَموٰلًا وَأَولٰدًا فَاستَمتَعوا بِخَلٰقِهِم فَاستَمتَعتُم بِخَلٰقِكُم كَمَا استَمتَعَ الَّذينَ مِن قَبلِكُم بِخَلٰقِهِم وَخُضتُم كَالَّذى خاضوا أُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 69) |
انهن وانگر جيڪي اوهان کان اڳ هئا اهي اوهان کان زياده طاقت وارا هئا ۽ مال ۽ اولاد ۾ (به) اوهان کان وڌيڪ هئا، پوءِ انهن پنهنجي حصي مان فائدو ورتو وري اوهان به پنهنجي حصي مان فائدو ورتو جيئن اوهان کان اڳين پنهنجي حصي مان فائدو ورتو ۽ اوهان بيهودا ڪم ڪيا جيئن انهن بيهودا ڪم ڪيا. انهن جا عمل دنيا ۽ آخرت ۾ برباد ٿيا. ۽ اهي ئي نقصان پائڻ وارا آهن. |
أَلَم يَأتِهِم نَبَأُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَقَومِ إِبرٰهيمَ وَأَصحٰبِ مَديَنَ وَالمُؤتَفِكٰتِ أَتَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 70) |
ڇا انهن کي انهن جي خبر نه پهتي آهي جيڪي انهن کان اڳ هئا (جيئن) نوح ۽ عاد ۽ ثمود جي قوم ۽ ابراهيم جي قوم ۽ مدين وارا ۽ اونڌن ٿيل ڳوٺن وارا. انهن وٽ سندن رسول پڌريون نشانيون کڻي آيا، پوءِ الله مٿن ظلم ڪرڻ وارو نه هو پر اُهي (خود) پاڻ تي ظلم ڪندا هئا. |
وَالمُؤمِنونَ وَالمُؤمِنٰتُ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ يَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَيُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَيُطيعونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ سَيَرحَمُهُمُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 71) |
۽ ايمان وارا مرد ۽ ايمان واريون زالون (پاڻ ۾) هڪ ٻئي جا مددگار آهن. چڱي ڪم جو حڪم ڪن ٿا ۽ بڇڙي ڪم کان جهلين ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا، ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪن ٿا، انهن تي الله رحم ڪندو. بيشڪ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. |
وَعَدَ اللَّهُ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فى جَنّٰتِ عَدنٍ وَرِضوٰنٌ مِنَ اللَّهِ أَكبَرُ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 72) |
الله ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن سان اهڙن باغن جو وعدو ڪيو آهي جن جي هيٺان واهه وهن ٿا، انهن ۾ پيا رهندا ۽ رهڻ وارن باغن ۾ چٽين جاين جو (وعدو). ۽ الله جو راضپو سڀ کان وڏي شيءِ آهي. اهائي وڏي ڪامياب آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ جٰهِدِ الكُفّارَ وَالمُنٰفِقينَ وَاغلُظ عَلَيهِم وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 73) |
اي نبي! ڪافرن ۽ منافقن سان جنگ ڪر ۽ مٿن سختي ڪر! ۽ انهن جو ٺڪاڻو دوزخ آهي، ۽ اها موٽي وڃڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. |
يَحلِفونَ بِاللَّهِ ما قالوا وَلَقَد قالوا كَلِمَةَ الكُفرِ وَكَفَروا بَعدَ إِسلٰمِهِم وَهَمّوا بِما لَم يَنالوا وَما نَقَموا إِلّا أَن أَغنىٰهُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ مِن فَضلِهِ فَإِن يَتوبوا يَكُ خَيرًا لَهُم وَإِن يَتَوَلَّوا يُعَذِّبهُمُ اللَّهُ عَذابًا أَليمًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم فِى الأَرضِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 74) |
الله جا قسم کڻن ٿا ته اسان نه چيو هوڏانهن انهن ڪفر جي ڳالهه چئي ۽ مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ڪافر ٿيا ۽ ان شيءِ جو ارادو ڪيائون جنهن ۾ ناڪامياب رهيا ۽ اهو انهن رڳو هن ڳالهه جو بدلو ٿي ورتو جو الله ۽ سندس رسول کين پنهنجي فضل مان (غنيمت جو مال ڏيئي) شاهوڪار ڪيو پوءِ جيڪڏهن توبه ڪندا ته انهن لاءِ چڱو ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڦرندا ته الله کين دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب ڏيندو. ۽ انهن لاءِ زمين ۾ نه ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار آهي. |
وَمِنهُم مَن عٰهَدَ اللَّهَ لَئِن ءاتىٰنا مِن فَضلِهِ لَنَصَّدَّقَنَّ وَلَنَكونَنَّ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 75) |
۽ انهن مان ڪي اهڙا آهن جن الله سان انجام ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسان کي پنهنجي فضل مان ڏيندو ته اسين ضرور خيرات ڪنداسون ۽ نيڪي ڪندڙن مان ٿينداسون. |
فَلَمّا ءاتىٰهُم مِن فَضلِهِ بَخِلوا بِهِ وَتَوَلَّوا وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 76) |
پوءِ جڏهن کين پنهنجي فضل مان ڏنائين ته ان ۾ ڪنجوسي ڪيائون ۽ منهن موڙي ڦريا. |
فَأَعقَبَهُم نِفاقًا فى قُلوبِهِم إِلىٰ يَومِ يَلقَونَهُ بِما أَخلَفُوا اللَّهَ ما وَعَدوهُ وَبِما كانوا يَكذِبونَ (آيت : 77) |
پوءِ ان (الله) سان ملڻ جي ڏينهن تائين انهن سان سندن دلين ۾ نفاق لڳائي ڇڏيائين هن ڪري جو جيڪو وعدو الله سان ڪيو هئائون سو ان سان نه پاڙيائون ۽ هن ڪري جو اهي ڪوڙ ڳالهائيندا هئا. |
أَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ سِرَّهُم وَنَجوىٰهُم وَأَنَّ اللَّهَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 78) |
ڇا انهن نه ڄاتو ته الله سندن راز ۽ سندن لڪل صلاحون ڄاڻي ٿو. ۽ الله سڀ ڳجهيون ڳالهيون چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. |
الَّذينَ يَلمِزونَ المُطَّوِّعينَ مِنَ المُؤمِنينَ فِى الصَّدَقٰتِ وَالَّذينَ لا يَجِدونَ إِلّا جُهدَهُم فَيَسخَرونَ مِنهُم سَخِرَ اللَّهُ مِنهُم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 79) |
(اِهي اُهي آهن) جيڪي ايمان وارن مان خوشيءَ سان خيرات ڪندڙن جي خيرات ڏيڻ ۾ عيب ڪڍن ٿا ۽ جيڪي پنهنجي محنت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿا لهن تن جو به (عيب ڪڍن ٿا) پوءِ انهن تان ٺٺوليون ڪن ٿا. الله انهن تان ٺوليون ڪري ٿو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
استَغفِر لَهُم أَو لا تَستَغفِر لَهُم إِن تَستَغفِر لَهُم سَبعينَ مَرَّةً فَلَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 80) |
(اي رسول ﷺ !) انهن لاءِ معافي گهرين يا انهن لاءِ معافي نه گهرين جيڪڏهن تون انهن لاءِ ستر ڀيرا معافي گهرندين ته به الله کين هرگز معاف نه ڪندو. اهو هن ڪري جو انهن الله ۽ سندس رسول جو انڪار ڪيو. ۽ الله نافرمان قوم کي رستو نه ٿو ڏيکاري. |
فَرِحَ المُخَلَّفونَ بِمَقعَدِهِم خِلٰفَ رَسولِ اللَّهِ وَكَرِهوا أَن يُجٰهِدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ وَقالوا لا تَنفِروا فِى الحَرِّ قُل نارُ جَهَنَّمَ أَشَدُّ حَرًّا لَو كانوا يَفقَهونَ (آيت : 81) |
الله جي رسول جي (چوڻ جي) برخلاف، پٺ تي رهندڙ، پنهنجي ويهڻ تي خوش ٿيا ۽ پنهنجي مال ۽ پنهنجي جان سان الله جي رستي ۾ جنگ ڪرڻ کي ناپسند ڪيائون، ۽ چيائون ته گرميءَ ۾ (جنگ لاءِ) نه نڪرو. (کين) چئو ته دوزخ جي باهه ڏاڍي گرم آهي جيڪڏهن سمجهن ها (ته ائين نه ڪن ها) |
فَليَضحَكوا قَليلًا وَليَبكوا كَثيرًا جَزاءً بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 82) |
پوءِ انهن عملن جي بدلي ۾ جيڪي پيا ڪن، ٿورو کلن ۽ گهڻو رئن |
فَإِن رَجَعَكَ اللَّهُ إِلىٰ طائِفَةٍ مِنهُم فَاستَـٔذَنوكَ لِلخُروجِ فَقُل لَن تَخرُجوا مَعِىَ أَبَدًا وَلَن تُقٰتِلوا مَعِىَ عَدُوًّا إِنَّكُم رَضيتُم بِالقُعودِ أَوَّلَ مَرَّةٍ فَاقعُدوا مَعَ الخٰلِفينَ (آيت : 83) |
پوءِ جيڪڏهن الله توکي انهن مان ڪنهن جماعت ڏي موٽائي پوءِ اهي توکان (جنگ لاءِ) نڪرڻ جي موڪل گهرن ته تون چئو ته اوهين ڪڏهن به مون سان نه نڪرندؤ ۽ نه مون سان گڏ ڪنهن به دشمن سان جنگ ڪندؤ. بيشڪ اوهين پهرئين ڀيري ويهڻ سان خوش ٿيؤ. پوءِ (هاڻ به) پٺ تي رهڻ وارن سان گڏ ويهو. |
وَلا تُصَلِّ عَلىٰ أَحَدٍ مِنهُم ماتَ أَبَدًا وَلا تَقُم عَلىٰ قَبرِهِ إِنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَماتوا وَهُم فٰسِقونَ (آيت : 84) |
۽ انهن مان ڪو مري ته ان تي ڪڏهن به نماز نه پڙهه ۽ نه ان جي قبر تي بيهه. بيشڪ انهن الله ۽ سندس رسول جو انڪار ڪيو، ۽ اهي نافرمان ٿي مئا. |
وَلا تُعجِبكَ أَموٰلُهُم وَأَولٰدُهُم إِنَّما يُريدُ اللَّهُ أَن يُعَذِّبَهُم بِها فِى الدُّنيا وَتَزهَقَ أَنفُسُهُم وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 85) |
۽ توکي سندن مال ۽ اولاد عجب ۾ نه وجهن. الله رڳو هيءُ گهري ٿو ته انهن شين جي ڪري دنيا (جي حياتيءَ) ۾ کين سزا ڏئي ۽ سندن ساهه ڪفر جي حالت ۾ نڪرن. |
وَإِذا أُنزِلَت سورَةٌ أَن ءامِنوا بِاللَّهِ وَجٰهِدوا مَعَ رَسولِهِ استَـٔذَنَكَ أُولُوا الطَّولِ مِنهُم وَقالوا ذَرنا نَكُن مَعَ القٰعِدينَ (آيت : 86) |
۽ جڏهن ڪا سورت نازل ڪئي وڃي ٿي ته اوهين الله تي ايمان آڻيو ۽ سندس رسول سان ٿي جنگ ڪريو ته انهن مان سرنديءَ وارا توکان موڪل گهرن ٿا ۽ چون ٿا ته اسان کي ڇڏ ته ويهڻ وارن سان گڏ رهجي وڃون. |
رَضوا بِأَن يَكونوا مَعَ الخَوالِفِ وَطُبِعَ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَفقَهونَ (آيت : 87) |
اهي پٺ تي رهڻ وارين زالن سان گڏ رهجي وڃڻ تي خوش ٿيا، ۽ سندن دلين تي مهر لڳائي وئي پوءِ اهي نه ٿا سمجهن، |
لٰكِنِ الرَّسولُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ جٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم وَأُولٰئِكَ لَهُمُ الخَيرٰتُ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 88) |
پر رسول ۽ جن ان سان گڏ ايمان آندو تن پنهنجي مال ۽ پنهنجي جان سميت جنگ ڪئي ۽ انهن لاءِ ئي چڱايون آهن. ۽ اهي ئي ڪامياب آهن. |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 89) |
الله انهن لاءِ اهڙا باغ تيار ڪيا آهن جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. انهن ۾ پيا رهندا. اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
وَجاءَ المُعَذِّرونَ مِنَ الأَعرابِ لِيُؤذَنَ لَهُم وَقَعَدَ الَّذينَ كَذَبُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ سَيُصيبُ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 90) |
۽ ٻهراڙيءَ وارن مان بهانو ڪرڻ وارا آيا ته کين موڪل ڏني وڃي. ۽ جن الله ۽ سندس رسول سان ڪوڙ ڳالهايو هو سي ويهي رهيا. انهن مان ڪافرن کي دردناڪ عذاب پهچندو. |
لَيسَ عَلَى الضُّعَفاءِ وَلا عَلَى المَرضىٰ وَلا عَلَى الَّذينَ لا يَجِدونَ ما يُنفِقونَ حَرَجٌ إِذا نَصَحوا لِلَّهِ وَرَسولِهِ ما عَلَى المُحسِنينَ مِن سَبيلٍ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 91) |
نه آهي ضعيفن تي ڪا تنگي ۽ نه بيمارن تي ۽ نڪي انهن تي جن وٽ خرچ ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه آهي جڏهن اهي الله ۽ سندس رسول جي خير خواهي ڪن. نيڪي ڪرڻ وارن تي ڪو الزام نه آهي. ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي، |
وَلا عَلَى الَّذينَ إِذا ما أَتَوكَ لِتَحمِلَهُم قُلتَ لا أَجِدُ ما أَحمِلُكُم عَلَيهِ تَوَلَّوا وَأَعيُنُهُم تَفيضُ مِنَ الدَّمعِ حَزَنًا أَلّا يَجِدوا ما يُنفِقونَ (آيت : 92) |
۽ نڪي انهن تي (ڪو الزام آهي) جي جڏهن تو وٽ آيا ته تون کين سواري ڏين ته، تو چيو ته مون وٽ ڪجهه نه آهي جنهن تي اوهان کي سوار ڪريان ته اهي (پٺ تي) موٽيا ۽ انهن جي اکين جا ڳوڙها ڳڙيا ٿي هن غم ۾ ته انهن وٽ خرچ ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه هو. |
إِنَّمَا السَّبيلُ عَلَى الَّذينَ يَستَـٔذِنونَكَ وَهُم أَغنِياءُ رَضوا بِأَن يَكونوا مَعَ الخَوالِفِ وَطَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 93) |
الزام رڳو انهن تي آهي جيڪي توکان موڪل گهرن ٿا ۽ اهي مالدار آهن. پٺ تي رهڻ وارين زالن سان گڏجي رهڻ تي خوش آهن ۽ الله سندن دلين تي مهر هنئي آهي، پوءِ اهي نه ٿا سمجهن. |
يَعتَذِرونَ إِلَيكُم إِذا رَجَعتُم إِلَيهِم قُل لا تَعتَذِروا لَن نُؤمِنَ لَكُم قَد نَبَّأَنَا اللَّهُ مِن أَخبارِكُم وَسَيَرَى اللَّهُ عَمَلَكُم وَرَسولُهُ ثُمَّ تُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 94) |
اي مسلمانؤ! جڏهن اوهين (جنگ کان) انهن ڏي موٽندؤ ته اهي اوهان جي اڳيان بهانا پيش ڪندا (اي پيغمبر کين) چئج ته بهانا نه ڪريو، اسين اوهان جي ڳالهه ڪڏهن به نه مڃينداسون. بيشڪ الله اوهان جي ڪن ڳالهين جي اسان کي خبر ڏني آهي ۽ الله ۽ سندس رسول (دنيا ۾ ) اوهان جو ڪم ڏسندا، وري ڳجهه ۽ ظاهر جي ڄاڻندڙ ڏي اوهان کي موٽايو ويندو. پوءِ جيڪي اوهين پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندو. |
سَيَحلِفونَ بِاللَّهِ لَكُم إِذَا انقَلَبتُم إِلَيهِم لِتُعرِضوا عَنهُم فَأَعرِضوا عَنهُم إِنَّهُم رِجسٌ وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ جَزاءً بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 95) |
(اي مسلمانؤ !) جڏهن اوهين (جنگ کان) انهن ڏي موٽندؤ ته اوهان جي اڳيان الله جا قسم کڻندا ته اوهين انهن کان موڙي وڃو. پوءِ انهن کان مڙي وڃو. بيشڪ اهي پليت آهن ۽ جيڪي عمل پيا ڪن تن جي بدلي ۾ سندن رهڻ جي جاءِ دوزخ آهي. |
يَحلِفونَ لَكُم لِتَرضَوا عَنهُم فَإِن تَرضَوا عَنهُم فَإِنَّ اللَّهَ لا يَرضىٰ عَنِ القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 96) |
اوهان جي اڳيان قسم کڻندا ته اوهين انهن کان راضي ٿيو. پوءِ جيڪڏهن انهن کان راضي ٿيندؤ ته به الله نافرمان قوم کان راضي نه ٿيندو. |
الأَعرابُ أَشَدُّ كُفرًا وَنِفاقًا وَأَجدَرُ أَلّا يَعلَموا حُدودَ ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 97) |
ٻهراڙيءَ وارا ڪفر ۽ نفاق ۾ تمام سخت آهن ۽ هن لائق آهن ته جيڪي شريعت جا حڪم الله پنهنجي رسول تي نازل ڪيا آهن سي نه ڄاڻن ۽ الله (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَمِنَ الأَعرابِ مَن يَتَّخِذُ ما يُنفِقُ مَغرَمًا وَيَتَرَبَّصُ بِكُمُ الدَّوائِرَ عَلَيهِم دائِرَةُ السَّوءِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 98) |
۽ ٻهراڙيءَ وارن مان ڪي (اهڙا) آهن جي جيڪي (الله جي رستي ۾ ) خرچ ڪن ٿا تنهن کي چٽي ڪري سمجهن ٿا ۽ اوهان (مسلمانن) تي زماني جي تڪليفن اچڻ جو انتظار ڪن ٿا. بڇڙي مصيبت مٿن ئي ايندي. ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
وَمِنَ الأَعرابِ مَن يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَيَتَّخِذُ ما يُنفِقُ قُرُبٰتٍ عِندَ اللَّهِ وَصَلَوٰتِ الرَّسولِ أَلا إِنَّها قُربَةٌ لَهُم سَيُدخِلُهُمُ اللَّهُ فى رَحمَتِهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 99) |
۽ ٻهراڙيءَ وارن مان ڪي اهڙا آهن جي الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃين ٿا ۽ جيڪي خرچ ڪن ٿا تنهن کي الله وٽ ويجهي ٿيڻ جو سبب ۽ رسول جي دعائن (حاصل ڪرڻ) جو وسيلو سمجهن ٿا. خبردار ٿيو! بيشڪ اهو انهن لاءِ ويجهي ٿيڻ جو سبب آهي. انهن کي الله پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
وَالسّٰبِقونَ الأَوَّلونَ مِنَ المُهٰجِرينَ وَالأَنصارِ وَالَّذينَ اتَّبَعوهُم بِإِحسٰنٍ رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ وَأَعَدَّ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى تَحتَهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 100) |
۽ (نيڪيءَ ۾ ) اڳرائي ڪندڙ پهريان مهاجر ۽ انصار ۽ (ٻيا) اهي جن چڱائي ڪرڻ سان سندن پيروي ڪئي، تن کان الله راضي ٿيو ۽ اهي ان کان راضي ٿيا ۽ انهن لاءِ باغ تيار ڪيا اٿس جن جي هيٺان واهه وهن ٿا، انهن ۾ هميشه رهندا. اهائي وڏي ڪاميابي آهي. |
وَمِمَّن حَولَكُم مِنَ الأَعرابِ مُنٰفِقونَ وَمِن أَهلِ المَدينَةِ مَرَدوا عَلَى النِّفاقِ لا تَعلَمُهُم نَحنُ نَعلَمُهُم سَنُعَذِّبُهُم مَرَّتَينِ ثُمَّ يُرَدّونَ إِلىٰ عَذابٍ عَظيمٍ (آيت : 101) |
۽ (اي مسلمانؤ !) ڪي اوهان جي آس پاس وارن ٻهراڙيءَ وارن مان ۽ ڪي مديني وارن مان منافق آهن. منافقيءَ جي عادت ٿي پيئي اٿن (اي پيغمبر) تون کين نه ٿو ڄاڻين، اسين انهن کي ڄاڻون ٿا. کين ٻه ڀيرا سزا ڏينداسون. وري وڏي عذاب ڏي موٽايا ويندا. |
وَءاخَرونَ اعتَرَفوا بِذُنوبِهِم خَلَطوا عَمَلًا صٰلِحًا وَءاخَرَ سَيِّئًا عَسَى اللَّهُ أَن يَتوبَ عَلَيهِم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 102) |
۽ ٻيا (اهڙا) آهن جن پنهنجن گناهن جو اقرار ڪيو آهي انهن چڱا ڪم ۽ ٻيا بڇڙا ڪم گڏي سڏي ڪيا آهن. اميد ته الله مٿن مهرباني ڪري. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
خُذ مِن أَموٰلِهِم صَدَقَةً تُطَهِّرُهُم وَتُزَكّيهِم بِها وَصَلِّ عَلَيهِم إِنَّ صَلوٰتَكَ سَكَنٌ لَهُم وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 103) |
(اي پيغمبر !) سندن مالن مان زڪوات وٺ جنهن سان تون کين پاڪ ۽ بابرڪت ڪندين ۽ کين دعا ڪر! بيشڪ تنهنجي دُعا انهن لاءِ آرام جو سبب آهي ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
أَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ هُوَ يَقبَلُ التَّوبَةَ عَن عِبادِهِ وَيَأخُذُ الصَّدَقٰتِ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 104) |
ڇا انهن نه ڄاتو ته الله پنهنجن ٻانهن جي توبه قبول ڪري ٿو ۽ خيراتون وٺي ٿو ۽ هن ڳالهه کي به ته الله ئي مهرباني ڪندڙ (۽) نهايت رحم وارو آهي. |
وَقُلِ اعمَلوا فَسَيَرَى اللَّهُ عَمَلَكُم وَرَسولُهُ وَالمُؤمِنونَ وَسَتُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 105) |
۽ (اي پيغمبر! کين) چؤ ته ڪم ڪريو! پوءِ الله ۽ سندس رسول ۽ ايمان وارا اوهان جو ڪم ڏسندا. ۽ ڳجهه ۽ ظاهر جي ڄاڻندڙ ڏي اوهان کي موٽايو ويندو پوءِ جيڪي پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندو. |
وَءاخَرونَ مُرجَونَ لِأَمرِ اللَّهِ إِمّا يُعَذِّبُهُم وَإِمّا يَتوبُ عَلَيهِم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 106) |
۽ ڪي ٻيا آهن جن کي الله جي حڪم لاءِ ڇڏيل آهي يا ته کين سزا ڏي يا مٿن مهرباني ڪري. ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَالَّذينَ اتَّخَذوا مَسجِدًا ضِرارًا وَكُفرًا وَتَفريقًا بَينَ المُؤمِنينَ وَإِرصادًا لِمَن حارَبَ اللَّهَ وَرَسولَهُ مِن قَبلُ وَلَيَحلِفُنَّ إِن أَرَدنا إِلَّا الحُسنىٰ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 107) |
۽ جن نقصان پهچائڻ ۽ ڪفر ڪرڻ ۽ ايمان وارن جي وچ ۾ جدائي وجهڻ لاءِ ۽ جن الله ۽ سندس رسول سان هن کان اڳ جنگ ڪئي تن جي گهاٽ ٺاهڻ لاءِ مسجد ٺاهي. ۽ ضرور اهي قسم کڻندا ته اسان (مسجد بنائڻ ۾ ) رڳو ڀلائي جو ارادو ڪيو آهي ۽ الله شاهدي ڏئي ٿو ته اهي ڪوڙا آهن. |
لا تَقُم فيهِ أَبَدًا لَمَسجِدٌ أُسِّسَ عَلَى التَّقوىٰ مِن أَوَّلِ يَومٍ أَحَقُّ أَن تَقومَ فيهِ فيهِ رِجالٌ يُحِبّونَ أَن يَتَطَهَّروا وَاللَّهُ يُحِبُّ المُطَّهِّرينَ (آيت : 108) |
سو تون (انهن جي) ان (مسجد) ۾ ڪڏهن به نه بيهه. جنهن مسجد جو بنياد پهريائين ڏينهن کان پرهيزگاريءَ تي رکيو ويو آهي تنهن ۾ توکي بيهڻ زياده لائق آهي. ان ۾ اهڙا مرد آهن، جي پاڪ رهڻ کي پسند ڪن ٿا. |
أَفَمَن أَسَّسَ بُنيٰنَهُ عَلىٰ تَقوىٰ مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنٍ خَيرٌ أَم مَن أَسَّسَ بُنيٰنَهُ عَلىٰ شَفا جُرُفٍ هارٍ فَانهارَ بِهِ فى نارِ جَهَنَّمَ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 109) |
۽ الله پاڪ رهڻ وارن کي پسند ڪري ٿو. ڇا پوءِ جنهن پنهنجي عمارت جو بنياد الله جي ڊپ ۽ رضامنديءَ تي رکيو سو چڱو آهي يا جنهن پنهنجي عمارت جو بنياد نئي جي کاڌل ڪِرڻ واري ڪناري تي رکيو آهي پوءِ اها (پنهنجي) اڏيندڙ سميت دوزخ جي باهه ۾ ڪري پيئي. ۽ الله ظالم قوم کي رستو نه ٿو ڏيکاري. |
لا يَزالُ بُنيٰنُهُمُ الَّذى بَنَوا ريبَةً فى قُلوبِهِم إِلّا أَن تَقَطَّعَ قُلوبُهُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 110) |
سندن عمارت جنهن کي بنايو اٿن سا هميشه سندن دلين ۾ کٽڪندي رهندي جيستائين سندن دليون وڍجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي (نه) پون. ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
إِنَّ اللَّهَ اشتَرىٰ مِنَ المُؤمِنينَ أَنفُسَهُم وَأَموٰلَهُم بِأَنَّ لَهُمُ الجَنَّةَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ فَيَقتُلونَ وَيُقتَلونَ وَعدًا عَلَيهِ حَقًّا فِى التَّورىٰةِ وَالإِنجيلِ وَالقُرءانِ وَمَن أَوفىٰ بِعَهدِهِ مِنَ اللَّهِ فَاستَبشِروا بِبَيعِكُمُ الَّذى بايَعتُم بِهِ وَذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 111) |
بيشڪ الله ايمان وارن کان سندن جان ۽ سندن مال خريد ڪيا آهن هن جي بدلي ۾ ته انهن لاءِ جنت آهي. اهي الله جي رستي ۾ جنگ ڪن ٿا پوءِ مارين ٿا ۽ مارجن ٿا. اهو وعدو الله تي پڪيءَ طرح تورات ۽ انجيل ۽ قرآن ۾ لازم ٿي چڪو آهي. ۽ الله کان وڌيڪ پنهنجي وعدي کي پورو ڪندڙ ڪير آهي؟ پوءِ (اي مسلمانو !) اوهين پنهنجي سودي تي خوش ٿيو جو اوهان ان سان ڪيو آهي. ۽ اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
التّٰئِبونَ العٰبِدونَ الحٰمِدونَ السّٰئِحونَ الرّٰكِعونَ السّٰجِدونَ الءامِرونَ بِالمَعروفِ وَالنّاهونَ عَنِ المُنكَرِ وَالحٰفِظونَ لِحُدودِ اللَّهِ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 112) |
اهي ئي توبه ڪندڙ، عبادت ڪندڙ، تعريف ڪندڙ، (الله جي رستي ۾ ) مسافري ڪندڙ، رڪوع ڪندڙ، سجده ڪندڙ، چڱي ڪم جو حڪم ڪندڙ، ۽ بڇڙي ڪم کان روڪيندڙ، ۽ الله جي حڪم جي حفاظت ڪندڙ آهن. ۽ (اي پيغمبر) تون ايمان وارن کي خوشخبري ٻڌاءِ. |
ما كانَ لِلنَّبِىِّ وَالَّذينَ ءامَنوا أَن يَستَغفِروا لِلمُشرِكينَ وَلَو كانوا أُولى قُربىٰ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُم أَنَّهُم أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 113) |
نبي (ﷺ) ۽ ايمان وارن کي مناسب نه آهي ته مشرڪن لاءِ معافي گهرن توڙي اهي مائٽ هجن هن کان پوءِ جو مٿن ظاهر ٿئي ته اهي دوزخي آهن. |
وَما كانَ استِغفارُ إِبرٰهيمَ لِأَبيهِ إِلّا عَن مَوعِدَةٍ وَعَدَها إِيّاهُ فَلَمّا تَبَيَّنَ لَهُ أَنَّهُ عَدُوٌّ لِلَّهِ تَبَرَّأَ مِنهُ إِنَّ إِبرٰهيمَ لَأَوّٰهٌ حَليمٌ (آيت : 114) |
۽ ابراهيم جي پنهنجي پيءَ لاءِ معافي گهرڻ سا رڳو انجام جي ڪري هئي جنهن جو پيءُ سان انجام ڪيو هئائين پوءِ جڏهن مٿس ظاهر ٿيو ته هو الله جو دشمن آهي ته ان کان بيزار ٿيو. بيشڪ ابراهيم وڏو نرم دل (۽) بردبار هو. |
وَما كانَ اللَّهُ لِيُضِلَّ قَومًا بَعدَ إِذ هَدىٰهُم حَتّىٰ يُبَيِّنَ لَهُم ما يَتَّقونَ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 115) |
۽ ائين هرگز نه آهي ته الله ڪنهن قوم کي رستي ڏيکارڻ کان پوءِ گمراه ٺهرائي. ايتري تائين جو جن ڳالهين کان کين بچڻ گهرجي سي مٿن ظاهر (نه) ڪري. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُحيۦ وَيُميتُ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 116) |
بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي. اهو جياري ۽ ماري ٿو. ۽ (اي مسلمانؤ !) اوهان جو الله کان سواءِ نه ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار آهي. |
لَقَد تابَ اللَّهُ عَلَى النَّبِىِّ وَالمُهٰجِرينَ وَالأَنصارِ الَّذينَ اتَّبَعوهُ فى ساعَةِ العُسرَةِ مِن بَعدِ ما كادَ يَزيغُ قُلوبُ فَريقٍ مِنهُم ثُمَّ تابَ عَلَيهِم إِنَّهُ بِهِم رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 117) |
الله نبيءَ تي مهرباني ڪئي ۽ انهن مهاجرن ۽ انصارن تي به جن تنگيءَ جي وقت نبيءَ جي تابعداري ڪئي هن کان پوءِ جو انهن مان هڪ ٽوليءَ جون دليون ڦرڻ تي هيون وري الله مٿن مهرباني ڪئي (ثابت قدم رکيائين). بيشڪ اهو مٿن گهڻي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
وَعَلَى الثَّلٰثَةِ الَّذينَ خُلِّفوا حَتّىٰ إِذا ضاقَت عَلَيهِمُ الأَرضُ بِما رَحُبَت وَضاقَت عَلَيهِم أَنفُسُهُم وَظَنّوا أَن لا مَلجَأَ مِنَ اللَّهِ إِلّا إِلَيهِ ثُمَّ تابَ عَلَيهِم لِيَتوبوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 118) |
۽ انهن ٽن ( ماڻهن) تي به جن (جي معاملي) کي پوءِ تي رکيو ويو هو تان جو جڏهن زمين باوجود ويڪري هئڻ جي مٿن تنگ ٿي ۽ سندن جان به مٿن تنگ ٿي ۽ سمجهي ويا ته الله کان (بچائڻ واري) ڪابه پناهه جي جاءِ نه آهي مگر ان ڏي (رجوع ڪرڻ سان ئي پناهه ملندي) پوءِ مٿن مهرباني ڪيائين ته اهي رجوع ٿين. بيشڪ الله ئي گهڻي مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَكونوا مَعَ الصّٰدِقينَ (آيت : 119) |
اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ سچن سان گڏ ٿيو. |
ما كانَ لِأَهلِ المَدينَةِ وَمَن حَولَهُم مِنَ الأَعرابِ أَن يَتَخَلَّفوا عَن رَسولِ اللَّهِ وَلا يَرغَبوا بِأَنفُسِهِم عَن نَفسِهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم لا يُصيبُهُم ظَمَأٌ وَلا نَصَبٌ وَلا مَخمَصَةٌ فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا يَطَـٔونَ مَوطِئًا يَغيظُ الكُفّارَ وَلا يَنالونَ مِن عَدُوٍّ نَيلًا إِلّا كُتِبَ لَهُم بِهِ عَمَلٌ صٰلِحٌ إِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 120) |
مديني وارن ۽ انهن جي آس پاس ۽ ٻهراڙيءَ وارن لاءِ الله جي رسول کان (جنگ ۾ ) پٺتي رهڻ ۽ سندس جان کان پنهنجي جان کي پسند ڪرڻ مناسب نه هو. اهو هن ڪري جو انهن کي الله جي رستي ۾ نه ڪا اڃ ۽ نه ڪو ٿڪ ۽ نه ڪا بک پهچي ٿي ۽ اهي نه ڪنهن اهڙي جاءِ تي پير رکن ٿا جتي ڪافرن کي ڪاوڙ لڳي ٿي ۽ اهي نه ڪنهن دشمن کان ڪاشيءِ ڦرين ٿا پر (هن لاءِ جو) ان جي بدلي ۾ انهن لاءِ چڱو عمل لکيو وڃي ٿو. بيشڪ الله نيڪي ڪرڻ وارن جو اجر ضايع نه ٿو ڪري. |
وَلا يُنفِقونَ نَفَقَةً صَغيرَةً وَلا كَبيرَةً وَلا يَقطَعونَ وادِيًا إِلّا كُتِبَ لَهُم لِيَجزِيَهُمُ اللَّهُ أَحسَنَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 121) |
۽ اهي نه ڪو ننڍو ۽ نه ڪو وڏو خرچ ڪن ٿا ۽ نه ڪو ميدان پار ڪن ٿا پر اهو به انهن لاءِ لکيو وڃي ٿو هن لاءِ ته جيڪو چڱي کان چڱو ڪم (جهاد) پيا ڪن تنهن جو کين بدلو ڏئي. |
وَما كانَ المُؤمِنونَ لِيَنفِروا كافَّةً فَلَولا نَفَرَ مِن كُلِّ فِرقَةٍ مِنهُم طائِفَةٌ لِيَتَفَقَّهوا فِى الدّينِ وَلِيُنذِروا قَومَهُم إِذا رَجَعوا إِلَيهِم لَعَلَّهُم يَحذَرونَ (آيت : 122) |
۽ ايمان وارن لاءِ ممڪن نه آهي ته سڀئي (جنگ لاءِ) نڪري اچن. پوءِ ڇو نه انهن جي سڀ ڪنهن جماعت مان هڪ هڪ ٽولي نڪتي ته پاڻ ۾ دين جي سمجهه پيدا ڪن ۽ پنهنجي قوم کي ڊيڄارين جڏهن انهن ڏي موٽي اچن، مَنَ اُهي ڊڄن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا قٰتِلُوا الَّذينَ يَلونَكُم مِنَ الكُفّارِ وَليَجِدوا فيكُم غِلظَةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 123) |
اي ايمان وارؤ! جيڪي ڪافر اوهان جي ويجها آهن، تن سان جنگ ڪريو. ۽ اهي ڀلي اوهان ۾ سختي ڏسن. ۽ ڄاڻو ته الله پرهيزگارن سان آهي. |
وَإِذا ما أُنزِلَت سورَةٌ فَمِنهُم مَن يَقولُ أَيُّكُم زادَتهُ هٰذِهِ إيمٰنًا فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا فَزادَتهُم إيمٰنًا وَهُم يَستَبشِرونَ (آيت : 124) |
۽ جڏهن ڪا سورت نازل ڪئي وڃي ٿي ته انهن (منافقن) مان ڪي اهڙا به آهن جي چون ٿا ته هن (سورت) اوهان مان ڪنهن جو ايمان زياده ڪيو؟ پوءِ جن ايمان آندو تن جو ان (سورت) ايمان زياده ڪيو ۽ اهي خوش ٿين ٿا. |
وَأَمَّا الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ فَزادَتهُم رِجسًا إِلىٰ رِجسِهِم وَماتوا وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 125) |
۽ جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آهي، تن لاءِ سندن پليتيءَ تي پليتي وڌايائين ۽ اهي ڪافر ٿي مُئا. |
أَوَلا يَرَونَ أَنَّهُم يُفتَنونَ فى كُلِّ عامٍ مَرَّةً أَو مَرَّتَينِ ثُمَّ لا يَتوبونَ وَلا هُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 126) |
ڇا اهي نه ٿا ڏسن ته انهن تي سڀ ڪنهن سال هڪ دفعه يا ٻه دفعا مصيبت پوي ٿي. وري نه توبه ٿا ڪن ۽ نه نصيحت ٿا وٺن. |
وَإِذا ما أُنزِلَت سورَةٌ نَظَرَ بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ هَل يَرىٰكُم مِن أَحَدٍ ثُمَّ انصَرَفوا صَرَفَ اللَّهُ قُلوبَهُم بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 127) |
۽ جڏهن ڪا سورت نازل ڪئي وڃي ٿي ته انهن (منافقن) مان هڪڙا ٻين ڏي (شرم کان) ڏسن ٿا (۽ چون ٿا) ڇا اوهان کي ڪو (مسلمان) ڏسي ٿو. وري (گهرن ڏي) ڦرن ٿا. الله سندن دليون ڦيريون آهن، هن ڪري جو اُهي بي سمجهه قوم آهن. |
لَقَد جاءَكُم رَسولٌ مِن أَنفُسِكُم عَزيزٌ عَلَيهِ ما عَنِتُّم حَريصٌ عَلَيكُم بِالمُؤمِنينَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 128) |
بيشڪ اوهان وٽ اوهان مان هڪ اهڙو رسول آيو آهي جنهن کي اوهان جو تڪليف ۾ ڦاسڻ ڏکوئيندڙ آهي اوهان جي ڀلائي جي خواهش اٿس. ايمان وارن تي گهڻي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
فَإِن تَوَلَّوا فَقُل حَسبِىَ اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَهُوَ رَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 129) |
پوءِ جيڪڏهن ڦرن ته (اي پيغمبر کين) چئو ته مونکي الله ڪافي آهي ان کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي، مٿس ڀروسو ڪريان ٿو ۽ اهو وڏي عرش جو مالڪ آهي. |