بَراءَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ إِلَى الَّذينَ عٰهَدتُم مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 1) |
هيءُ الله ۽ الله جي رسول جي طرفان قطِع تعلق (جو اعلان) آهي، انهن مشرڪن لاءِ جن سان توهان وعدو ڪيو |
فَسيحوا فِى الأَرضِ أَربَعَةَ أَشهُرٍ وَاعلَموا أَنَّكُم غَيرُ مُعجِزِى اللَّهِ وَأَنَّ اللَّهَ مُخزِى الكٰفِرينَ (آيت : 2) |
پوءِ (اي مشرڪو) توهان زمين ۾ چار مهينا سير ڪريو ۽ توهان يقين ڪريو ته بيشڪ توهان الله تعالى کي عاجز ڪندڙ ناهيو، ۽ بيشڪ الله تعالى ڪافرن کي خوار ڪندڙ آهي |
وَأَذٰنٌ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ إِلَى النّاسِ يَومَ الحَجِّ الأَكبَرِ أَنَّ اللَّهَ بَريءٌ مِنَ المُشرِكينَ وَرَسولُهُ فَإِن تُبتُم فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَإِن تَوَلَّيتُم فَاعلَموا أَنَّكُم غَيرُ مُعجِزِى اللَّهِ وَبَشِّرِ الَّذينَ كَفَروا بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 3) |
۽ عام اعلان آهي الله ۽ الله جي رسول جي طرفان سڀني ماڻهن ڏانهن حج اڪبر جي ڏينهن ته بيشڪ الله ۽ الله جو رسول مشرڪن کان بيزار آهي، پوءِ جيڪڏهن اهي توبه تائب ٿين ٿا پوءِ اهو انهن لاءِ بهتر آهي، ۽ جيڪڏهن انڪار ڪن پوءِ يقين ڪريو بيشڪ توهان الله کي عاجز ڪندڙ نه آهيو ۽ توهان ڪافرن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌايو |
إِلَّا الَّذينَ عٰهَدتُم مِنَ المُشرِكينَ ثُمَّ لَم يَنقُصوكُم شَيـًٔا وَلَم يُظٰهِروا عَلَيكُم أَحَدًا فَأَتِمّوا إِلَيهِم عَهدَهُم إِلىٰ مُدَّتِهِم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 4) |
مگر مشرڪن مان اهي ماڻهو جن سان توهان معاهدو ڪيو ان کان پوءِ انهن توهان سان وعده خلافي نه ڪئي ۽ (توهان جي مخالفت ۾) ڪنهن هڪڙي جي مدد نه ڪئي، پوءِ مقرر وقت تائين توهان انهن سان وعدو نِڀايو، بيشڪ الله تعالى پرهيزگارن سان محبت رکي ٿو |
فَإِذَا انسَلَخَ الأَشهُرُ الحُرُمُ فَاقتُلُوا المُشرِكينَ حَيثُ وَجَدتُموهُم وَخُذوهُم وَاحصُروهُم وَاقعُدوا لَهُم كُلَّ مَرصَدٍ فَإِن تابوا وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ فَخَلّوا سَبيلَهُم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
پوءِ جنهن وقت حج جا مهينا پورا ٿين پوءِ توهان مشرڪن کي قتل ڪريو جِتي به توهان کي مِلن ۽ کين پڪڙيو ۽ کين قيد ڪريو ۽ انهن لاءِ توهان گھاٽِ هڻي ويهو، پوءِ جيڪڏهن اهي توبه تائب ٿين ۽ نماز پڙهن ۽ زڪوات ڏين پوءِ سندن رستو کولي ڇڏيو، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي |
وَإِن أَحَدٌ مِنَ المُشرِكينَ استَجارَكَ فَأَجِرهُ حَتّىٰ يَسمَعَ كَلٰمَ اللَّهِ ثُمَّ أَبلِغهُ مَأمَنَهُ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعلَمونَ (آيت : 6) |
۽ جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو ماڻهو توهان کان پناه گھري ٿو ته پوءِ ان کي پناه ڏيو ايستائين ته الله جو ڪلام ٻڌي ان کان پوءِ کيس امن واري جاءِ تي رسايو، اهو (حڪم) ان سببان آهي ته بيشڪ اهي بي سمجھه قوم آهن |
كَيفَ يَكونُ لِلمُشرِكينَ عَهدٌ عِندَ اللَّهِ وَعِندَ رَسولِهِ إِلَّا الَّذينَ عٰهَدتُم عِندَ المَسجِدِ الحَرامِ فَمَا استَقٰموا لَكُم فَاستَقيموا لَهُم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 7) |
(عجب آهي ته) الله ۽ الله جي رسول وٽ انهن مشرڪن جو ڪهڙو معاهدو آهي سواءِ انهن ماڻهن جي جن سان توهان مسجدالحرام ۾ وعدو ڪيو، پوءِ جيستائين توهان سان اهي وعدي تي قائم رهن ته توهان به انهن سان وعدي تي قائم رهو، بيشڪ الله تعالى نيڪوڪارن سان محبت رکي ٿو |
كَيفَ وَإِن يَظهَروا عَلَيكُم لا يَرقُبوا فيكُم إِلًّا وَلا ذِمَّةً يُرضونَكُم بِأَفوٰهِهِم وَتَأبىٰ قُلوبُهُم وَأَكثَرُهُم فٰسِقونَ (آيت : 8) |
(عجب آهي ته انهن جو ڪهڙو لحاظ رکجي) ۽ جيڪڏهن توهان تي اهي فاتح ٿين ها ته توهان سان مائٽي ۽ معاهدي جو لحاظ نه ڪن ها، اهي توهان کي سهڻي گفتگوءَ سان راضي ڪن ٿا ۽ سندن دليون انڪار ڪن ٿيون، ۽ انهن مان گھڻا وعدي خلافي ڪندڙ آهن |
اشتَرَوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا فَصَدّوا عَن سَبيلِهِ إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 9) |
اهي الله جي آيتن جي عيوض ٿورو مُلهه حاصل ڪن ٿا پوءِ الله جي دين کان روڪين ٿا، بيشڪ جيڪو ڪم اهي ڪن ٿا سو خراب آهي |
لا يَرقُبونَ فى مُؤمِنٍ إِلًّا وَلا ذِمَّةً وَأُولٰئِكَ هُمُ المُعتَدونَ (آيت : 10) |
نٿا لحاظ رکن مؤمنن ۾ مائٽي ۽ معاهدي جو، ۽ اهي ئي حد کان وڌندڙ آهن |
فَإِن تابوا وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ فَإِخوٰنُكُم فِى الدّينِ وَنُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 11) |
پوءِ جيڪڏهن اهي توبه تائب ٿين ۽ نماز پڙهن ۽ زڪوات ڏين پوءِ اهي توهان جا ديني ڀائر آهن، ۽ سمجھه رکندڙن لاءِ اسين پنهنجون آيتون کولي کولي بيان ڪريون ٿا |
وَإِن نَكَثوا أَيمٰنَهُم مِن بَعدِ عَهدِهِم وَطَعَنوا فى دينِكُم فَقٰتِلوا أَئِمَّةَ الكُفرِ إِنَّهُم لا أَيمٰنَ لَهُم لَعَلَّهُم يَنتَهونَ (آيت : 12) |
۽ جيڪڏهن معاهدي ڪرڻ کان پوءِ به اهي پنهنجي وعدي کي ٽوڙين ٿا ۽ توهان جي دين ۾ طعنو هڻن ٿا پوءِ توهان ڪافرن جي اڳواڻن کي قتل ڪريو، بيشڪ اِهي اُهي آهن جن لاءِ ڪوبه معاهدو ناهي ته من اهي باز اچن |
أَلا تُقٰتِلونَ قَومًا نَكَثوا أَيمٰنَهُم وَهَمّوا بِإِخراجِ الرَّسولِ وَهُم بَدَءوكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ أَتَخشَونَهُم فَاللَّهُ أَحَقُّ أَن تَخشَوهُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 13) |
ڇو نٿا توهان اُن قوم سان جهاد ڪريو جن پنهنجا معاهدا ٽوڙيا ۽ رسولِ عربي کي جلاوطن ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ انهن وعدي خلافي ۾ به توهان سان اڳرائي ڪئي، ڇا توهان انهن کان ڊڄو ٿا؟ پوءِ الله تعالى زياده حقدار آهي جو اُن کان ڊڄو جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو |
قٰتِلوهُم يُعَذِّبهُمُ اللَّهُ بِأَيديكُم وَيُخزِهِم وَيَنصُركُم عَلَيهِم وَيَشفِ صُدورَ قَومٍ مُؤمِنينَ (آيت : 14) |
توهان انهن کي قتل ڪريو، الله انهن کي توهان جي هٿان عذاب ڪري ٿو ۽ انهن کي خوار ڪري ٿو ۽ انهن جي مقابلي ۾ توهان جي مدد فرمائي ٿو ۽ مؤمن ماڻهن جي سينن کي شفا بخشي ٿو |
وَيُذهِب غَيظَ قُلوبِهِم وَيَتوبُ اللَّهُ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 15) |
۽ سندن سينن مان ڪاوڙ ختم ڪري ٿو، ۽ جنهن تي چاهي پنهنجي رحمت سان نظر فرمائي ٿو، ۽ الله تعالى ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
أَم حَسِبتُم أَن تُترَكوا وَلَمّا يَعلَمِ اللَّهُ الَّذينَ جٰهَدوا مِنكُم وَلَم يَتَّخِذوا مِن دونِ اللَّهِ وَلا رَسولِهِ وَلَا المُؤمِنينَ وَليجَةً وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 16) |
توهان سمجھو ٿا ته توهان کي ايئن ڇڏيو ويندو حالانڪ اڃان تائين الله تعالى توهان مان مجاهدن جي سڃاڻپ نه ڪرائي آهي ۽ جن ماڻهن الله ۽ الله جي رسول ۽ مؤمنن کان سواءِ (ڪنهن کي) پنهنجو رازدان نه بنايو، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي |
ما كانَ لِلمُشرِكينَ أَن يَعمُروا مَسٰجِدَ اللَّهِ شٰهِدينَ عَلىٰ أَنفُسِهِم بِالكُفرِ أُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم وَفِى النّارِ هُم خٰلِدونَ (آيت : 17) |
مشرڪن لاءِ مناسب ناهي جو مسجدالحرام جي تعمير ڪن حالانڪ اهي پاڻ پنهنجن نفسن تي ڪفر جي شاهدي ڏيندڙ آهن، اِهي اُهي آهن جن جا عمل ضايع ٿي ويا، ۽ اِهي دوزخ ۾ هميشه رهندا |
إِنَّما يَعمُرُ مَسٰجِدَ اللَّهِ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَأَقامَ الصَّلوٰةَ وَءاتَى الزَّكوٰةَ وَلَم يَخشَ إِلَّا اللَّهَ فَعَسىٰ أُولٰئِكَ أَن يَكونوا مِنَ المُهتَدينَ (آيت : 18) |
الله جي مسجدن کي فقط اُهو آباد ڪري سگھي ٿو جيڪو الله تعالى ۽ قيامت تي ايمان آڻي ٿو ۽ نماز پڙهي ٿو ۽ زڪوات ڏئي ٿو ۽ الله کان سواءِ ڪنهن کان نٿو ڊڄي پوءِ اهي جلدي هدايت وارن مان ٿيندا |
أَجَعَلتُم سِقايَةَ الحاجِّ وَعِمارَةَ المَسجِدِ الحَرامِ كَمَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَجٰهَدَ فى سَبيلِ اللَّهِ لا يَستَوۥنَ عِندَ اللَّهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 19) |
ڇا توهان برابر سمجھو ٿا (اُن کي) جيڪو حاجين کي پاڻي پياري ٿو ۽ مسجدالحرام کي آباد ڪري ٿو انهيءَ ماڻهو وانگر جيڪو الله تعالى ۽ قيامت تي ايمان آڻي ٿو ۽ الله جي راه ۾ جهاد ڪري ٿو، (خبردار ! مؤمن ۽ ڪافر) الله تعالى وٽ برابر ناهن، ۽ الله تعالى ظالم قوم کي هدايت نٿو ڏئي |
الَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم أَعظَمُ دَرَجَةً عِندَ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 20) |
اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ الله جي راه ۾ پنهنجي مالن ۽ نفسن سان جهاد ڪيو، (انهن جو) الله تعالى وٽ تمام وڏو درجو آهي، ۽ اِهي ئي ڪامياب ٿيندڙ آهن |
يُبَشِّرُهُم رَبُّهُم بِرَحمَةٍ مِنهُ وَرِضوٰنٍ وَجَنّٰتٍ لَهُم فيها نَعيمٌ مُقيمٌ (آيت : 21) |
رسولِ عربيءَ جي مبارڪ زبان سان، الله تعالى کين پنهنجي طرفان رحمت ۽ رضامندي ۽ اهڙن باغن جي بشارت ٿو ڏئي جنهن ۾ دائمي نعمت هوندي |
خٰلِدينَ فيها أَبَدًا إِنَّ اللَّهَ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 22) |
هميشه هميشه انهيءَ ۾ رهندا، بيشڪ الله تعالى وٽ اجرِ عظيم آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا ءاباءَكُم وَإِخوٰنَكُم أَولِياءَ إِنِ استَحَبُّوا الكُفرَ عَلَى الإيمٰنِ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِنكُم فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
اي مؤمنو! توهان پنهنجي والدين ۽ ڀائرن کي پسند نه ڪريو جيڪڏهن اهي ايمان جي بدران ڪفر کي پسند ڪن ٿا، ۽ جيڪو ماڻهو توهان مان انهن سان دوستي رکي ٿو پوءِ اهي ئي ظالم آهن |
قُل إِن كانَ ءاباؤُكُم وَأَبناؤُكُم وَإِخوٰنُكُم وَأَزوٰجُكُم وَعَشيرَتُكُم وَأَموٰلٌ اقتَرَفتُموها وَتِجٰرَةٌ تَخشَونَ كَسادَها وَمَسٰكِنُ تَرضَونَها أَحَبَّ إِلَيكُم مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَجِهادٍ فى سَبيلِهِ فَتَرَبَّصوا حَتّىٰ يَأتِىَ اللَّهُ بِأَمرِهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 24) |
رسولِ عربي توهان فرمايو جيڪڏهن توهان جا پيءُ ۽ توهان جا پُٽ ۽ توهان جا ڀائر ۽ توهان جون گھر واريون ۽ توهان جا مائِٽ ۽ توهان جا مال، جيڪي توهان ڪمايو ٿا، ۽ توهان جا واپار جن جي نقصان جو خوف ڪريو ٿا ۽ گھر، جن کي توهان پسند ڪريو ٿا (اهي سڀ شيون) جيڪڏهن توهان کي پياريون آهن الله ۽ الله جي رسول کان ۽ جهاد فِي سَبِيلِ الله کان ته پوءِ توهان انتظار ڪريو ايستائين جو الله پنهنجو حڪم آڻي، ۽ الله تعالى گنهگار قوم کي هدايت نٿو ڏئي |
لَقَد نَصَرَكُمُ اللَّهُ فى مَواطِنَ كَثيرَةٍ وَيَومَ حُنَينٍ إِذ أَعجَبَتكُم كَثرَتُكُم فَلَم تُغنِ عَنكُم شَيـًٔا وَضاقَت عَلَيكُمُ الأَرضُ بِما رَحُبَت ثُمَّ وَلَّيتُم مُدبِرينَ (آيت : 25) |
تحقيق الله تعالى توهان جي مدد فرمائِي گھڻن جنگي محاذن تي ۽ جنگِ حُنَين واري ڏينهن، جڏهن توهان کي پنهنجي لشڪر جي گھڻائيءَ تي ناز هو پوءِ توهان کي توهان جي گھڻائي فائدو نه پهچايو ۽ توهان تي زمين تنگ ٿي پئي پنهنجي ڪُشادگيءَ جي باوجود پوءِ توهان مان ڪجھه ماڻهو منتشر (ڇڙ و ڇڙ) ٿي پوئتي هٽيا |
ثُمَّ أَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَعَلَى المُؤمِنينَ وَأَنزَلَ جُنودًا لَم تَرَوها وَعَذَّبَ الَّذينَ كَفَروا وَذٰلِكَ جَزاءُ الكٰفِرينَ (آيت : 26) |
ان کان پوءِ الله پنهنجي رحمت نازل فرمائِي رسولِ عربيءَ تي ۽ صحابِه ڪرام تي ۽ الله نازل ڪيو لشڪر (ملائڪن جي) کي جيڪو توهان نه ڏٺو ۽ الله تعالى ڪافرن تي سخت عذاب ڪيو، ۽ اها ڪافرن جي سزا آهي |
ثُمَّ يَتوبُ اللَّهُ مِن بَعدِ ذٰلِكَ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 27) |
اُن کان پوءِ الله توبه قبول فرمائي ٿو جنهن ٻانهي جي پاڻ چاهي، ۽ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّمَا المُشرِكونَ نَجَسٌ فَلا يَقرَبُوا المَسجِدَ الحَرامَ بَعدَ عامِهِم هٰذا وَإِن خِفتُم عَيلَةً فَسَوفَ يُغنيكُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ إِن شاءَ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 28) |
اي مؤمنو! مشرڪ ئي پليد آهن تنهنڪري مسجدالحرام کي قريب نه ٿين، هن سال کان پوءِ، ۽ جيڪڏهن توهان مسڪينيءَ جو خوف ڪريو ٿا ته پوءِ الله تعالى جلدي پنهنجي فضل سان جيڪڏهن چاهي توهان کي شاهوڪار ڪندو، بيشڪ الله تعالى ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
قٰتِلُوا الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلا بِاليَومِ الءاخِرِ وَلا يُحَرِّمونَ ما حَرَّمَ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَلا يَدينونَ دينَ الحَقِّ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ حَتّىٰ يُعطُوا الجِزيَةَ عَن يَدٍ وَهُم صٰغِرونَ (آيت : 29) |
توهان جنگ ڪريو انهن ماڻهن سان جيڪي نٿا ايمان آڻن الله تعالى تي ۽ نه قيامت تي ۽ نٿا حرام سمجھن (انهن شين کي) جيڪي الله ۽ الله جي رسول حرام ڪيون آهن ۽ نٿا اعتقاد رکن اهلِ ڪتاب جا دين اسلام تي ايستائين جو اهي (شڪست کائِي) پنهنجي هٿ سا جزيه ڏين ۽ اهي ذليل ٿيندڙ آهن |
وَقالَتِ اليَهودُ عُزَيرٌ ابنُ اللَّهِ وَقالَتِ النَّصٰرَى المَسيحُ ابنُ اللَّهِ ذٰلِكَ قَولُهُم بِأَفوٰهِهِم يُضٰهِـٔونَ قَولَ الَّذينَ كَفَروا مِن قَبلُ قٰتَلَهُمُ اللَّهُ أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 30) |
۽ يهودين چيو ته عُزَير، الله جو پُٽُ آهي، ۽ عيسائين چيو ته عيسيٰ، الله جو پُٽُ آهي (معاذ الله)، اهي انهن جا زباني افواهه آهن، اهي به انهن ڪافرن جهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا جيڪي انهن کان اڳ ۾ هئا، الله انهن کي هلاڪ ڪري، اهي ڪيڏانهن اُبتا وڃي رهيا آهن |
اتَّخَذوا أَحبارَهُم وَرُهبٰنَهُم أَربابًا مِن دونِ اللَّهِ وَالمَسيحَ ابنَ مَريَمَ وَما أُمِروا إِلّا لِيَعبُدوا إِلٰهًا وٰحِدًا لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ سُبحٰنَهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 31) |
انهن پنهنجي پادرين ۽ راهبن ۽ عيسيٰ پُٽُ مريم کي معبود بنايو، (سچي) الله تعالى کان سواءِ، حالانڪ نه حڪم ويو (انهن کي) مگر (صرف اهو ته) هڪ الله جي عبادت ڪن، ناهي ڪو عبادت جي لائق مگر الله سندس ذات شرڪ کان پاڪ آهي |
يُريدونَ أَن يُطفِـٔوا نورَ اللَّهِ بِأَفوٰهِهِم وَيَأبَى اللَّهُ إِلّا أَن يُتِمَّ نورَهُ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 32) |
اهي ارادو ڪن ٿا ته نبوت جي نور کي پنهنجي ڦوڪن سان وِسائِن پر الله تعالى نبوت جي نور کي مڪمل ڪري ٿو جيتوڻيڪ ڪافر اُن کي ناپسند ڪن ٿا |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَلَو كَرِهَ المُشرِكونَ (آيت : 33) |
الله اُهو آهي جنهن پنهنجي رسولِ عربيءَ کي هدايت سان موڪليو ۽ دينِ اسلام کي موڪليو انهي لاءِ ته دينِ اسلام کي هر مذهب تي غالب ڪري، جيتوڻيڪ مشرڪ ان کي ناپسند ڪن ٿا |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ كَثيرًا مِنَ الأَحبارِ وَالرُّهبانِ لَيَأكُلونَ أَموٰلَ النّاسِ بِالبٰطِلِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ يَكنِزونَ الذَّهَبَ وَالفِضَّةَ وَلا يُنفِقونَها فى سَبيلِ اللَّهِ فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 34) |
اي مؤمنو! بيشڪ گھڻا پادري ۽ راهب ناجائز طريقي سان ماڻهن جا مال کائن ٿا ۽ روڪين ٿا دينِ اسلام کان، ۽ جيڪي ماڻهو سون ۽ چاندي گڏ ڪن ٿا ۽ انهيءَ کي الله جي راه ۾ خرچ نٿا ڪن، پوءِ توهان انهن کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌايو |
يَومَ يُحمىٰ عَلَيها فى نارِ جَهَنَّمَ فَتُكوىٰ بِها جِباهُهُم وَجُنوبُهُم وَظُهورُهُم هٰذا ما كَنَزتُم لِأَنفُسِكُم فَذوقوا ما كُنتُم تَكنِزونَ (آيت : 35) |
جنهن وقت تَپايا ويندا (سون ۽ چاندي) جهنم جي باه ۾ پوءِ داغ ڏنو ويندو انهيءَ سان سندن پيشانين ۽ پاسن ۽ پُٺن کي، (۽ انهن کي چيو ويندو) هي اهو آهي جيڪو توهان پنهنجي لاءِ گڏ ڪيو هو (دنيا ۾) پوءِ توهان گڏ ڪرڻ جي عيوض عذاب چکو |
إِنَّ عِدَّةَ الشُّهورِ عِندَ اللَّهِ اثنا عَشَرَ شَهرًا فى كِتٰبِ اللَّهِ يَومَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ مِنها أَربَعَةٌ حُرُمٌ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ فَلا تَظلِموا فيهِنَّ أَنفُسَكُم وَقٰتِلُوا المُشرِكينَ كافَّةً كَما يُقٰتِلونَكُم كافَّةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 36) |
بيشڪ مهينن جو تعداد الله تعالى وٽ ٻارهن مهينا آهي، الله تعالى جي ڪتاب ۾ جنهن ڏينهن کان الله تعالى آسمان ۽ زمين پيدا ڪيا انهن مهينن مان چار مهينا (حج جي ڪري) مُعزز آهن، اهو دين مستقيم (سڌو) آهي، پوءِ انهن مهينن ۾ پنهنجو پاڻ تي ظلم نه ڪريو، ۽ توهان سڀني مشرڪن سان جنگ ڪريو جيئنڪ اُهي سڀئي گڏجي توهان سان جنگ ڪن ٿا، ۽ توهان يقين ڪريو بيشڪ الله تعالى پرهيزگارن سان گڏ آهي |
إِنَّمَا النَّسيءُ زِيادَةٌ فِى الكُفرِ يُضَلُّ بِهِ الَّذينَ كَفَروا يُحِلّونَهُ عامًا وَيُحَرِّمونَهُ عامًا لِيُواطِـٔوا عِدَّةَ ما حَرَّمَ اللَّهُ فَيُحِلّوا ما حَرَّمَ اللَّهُ زُيِّنَ لَهُم سوءُ أَعمٰلِهِم وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 37) |
پوئتي هٽائڻ (حج جي مهينن کي) ڪُفر ۾ زيادتي آهي، انهيءَ سان ڪافر گمراه ٿين ٿا، هڪڙي سال انهن کي حلال بنائن ٿا ته ٻئي سال حرام بنائن ٿا، ان لاءِ ته حج وارن چئن مهينن جو تعداد پورو ڪن، پوءِ حلال ڪن ٿا انهيءَ کي جنهنکي الله حرام ڪيو، سندن بداعمالي سندن لاءِ سينگاري وئي آهي، ۽ الله ڪافرن جي قوم کي هدايت نٿو ڏئي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا ما لَكُم إِذا قيلَ لَكُمُ انفِروا فى سَبيلِ اللَّهِ اثّاقَلتُم إِلَى الأَرضِ أَرَضيتُم بِالحَيوٰةِ الدُّنيا مِنَ الءاخِرَةِ فَما مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا فِى الءاخِرَةِ إِلّا قَليلٌ (آيت : 38) |
اي مؤمنو! توهان کي ڇا ٿيو! جنهن وقت توهان کي چيو ويو ته الله جي راه ۾ توهان جهاد ڪريو (اُن وقت) توهان ويهي رهيا، ڇا توهان آخرت جي عيوض دنيا جي حياتي پسند ڪريو ٿا، پوءِ ناهي سامان دنيا جي حياتيءَ جو آخرت جي مقابلي ۾ مگر تمام ٿورڙو |
إِلّا تَنفِروا يُعَذِّبكُم عَذابًا أَليمًا وَيَستَبدِل قَومًا غَيرَكُم وَلا تَضُرّوهُ شَيـًٔا وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 39) |
جيڪڏهن توهان نه نڪتا ته توهان کي سخت عذاب چکايو ويندو، ۽ توهان جي عيوض ٻي قوم پيدا ڪئي ويندي ۽ توهان کيس ڪنهن قسم جو نقصان نه پهچائي سگھندا، ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي |
إِلّا تَنصُروهُ فَقَد نَصَرَهُ اللَّهُ إِذ أَخرَجَهُ الَّذينَ كَفَروا ثانِىَ اثنَينِ إِذ هُما فِى الغارِ إِذ يَقولُ لِصٰحِبِهِ لا تَحزَن إِنَّ اللَّهَ مَعَنا فَأَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلَيهِ وَأَيَّدَهُ بِجُنودٍ لَم تَرَوها وَجَعَلَ كَلِمَةَ الَّذينَ كَفَرُوا السُّفلىٰ وَكَلِمَةُ اللَّهِ هِىَ العُليا وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 40) |
جيڪڏهن توهان رسولِ عربيءَ جي مدد نه ڪندا پوءِ بيشڪ الله سندس مدد ڪندو، جنهن وقت رسولِ عربيءَ کي ڪافرن هجرت ڪرائي، رسولِ عربي ۽ ابوبڪر صديق اُن وقت غارِ ثور ۾ موجود هئا، ان وقت رسولِ عربي پنهنجي اصحابي (ابوبڪر صديق) کي فرمايو تون منهنجو انتظار نه ڪر بيشڪ الله اسان سان گڏ آهي، پوءِ الله پنهنجي رحمت ابوبڪر صديق تي نازل فرمائي ۽ ان کي اهڙي لشڪر سان مضبوط بنايو جيڪو توهان نه ڏٺو ۽ الله تعالى ڪافرن جي ڳالهه کي هيٺ ڪيو، ۽ پنهنجي ڳالهه کي مٿي ڪيو، ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي |
انفِروا خِفافًا وَثِقالًا وَجٰهِدوا بِأَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم فى سَبيلِ اللَّهِ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 41) |
توهان خوشيءَ سان گھران نڪرو يا ناخوشيءَ سان ۽ توهان الله جي راه ۾ جهاد ڪريو پنهنجي مالن ۽ جانين سان، اهو توهان لاءِ تمام بهتر آهي جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا |
لَو كانَ عَرَضًا قَريبًا وَسَفَرًا قاصِدًا لَاتَّبَعوكَ وَلٰكِن بَعُدَت عَلَيهِمُ الشُّقَّةُ وَسَيَحلِفونَ بِاللَّهِ لَوِ استَطَعنا لَخَرَجنا مَعَكُم يُهلِكونَ أَنفُسَهُم وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 42) |
جيڪڏهن ويجھي دولت ۽ سفر آسان هجي ها ته توهان سان (اهي) گڏ هلن ها، پر انهن کي تڪليف وارو رستو ڏکيو پئجي ويو، ۽ جلدي الله جو قسم کڻندا ته جيڪڏهن اسان کي توفيق هجي ها ته توهان سان گڏ جهاد لاءِ نڪرون ها، اهي پنهنجن نفسن کا هلاڪ ڪن ٿا ۽ الله ڄاڻي ٿو ته بيشڪ اهي ڪوڙا آهن |
عَفَا اللَّهُ عَنكَ لِمَ أَذِنتَ لَهُم حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكَ الَّذينَ صَدَقوا وَتَعلَمَ الكٰذِبينَ (آيت : 43) |
الله تعالى توهان کي درگذر فرمايو، توهان انهن کي ڇا لاءِ اجازت ڏني (يعنى انهن کي اجازت نه ڏيو ها) ايستائين جو توهان لاءِ (انهن مان) سچا ظاهر ٿين ها ۽ توهان ڪوڙن کي معلوم ڪريو ها |
لا يَستَـٔذِنُكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ أَن يُجٰهِدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالمُتَّقينَ (آيت : 44) |
۽ جيڪي ماڻهو الله ۽ قيامت تي ايمان آڻن ٿا اُهي توهان کان اجازت نٿا وٺن پنهنجي مالن ۽ نفسن سان جهاد نه ڪرڻ جي، ۽ الله پرهيزگارن کي ڄاڻندڙ آهي |
إِنَّما يَستَـٔذِنُكَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَارتابَت قُلوبُهُم فَهُم فى رَيبِهِم يَتَرَدَّدونَ (آيت : 45) |
اجازت ته فقط (جهاد نه ڪرڻ جي) اهي ماڻهو وٺن ٿا جيڪي الله ۽ قيامت تي ايمان نٿا آڻن ۽ سندن دليون شڪ ۾ آهن، پوءِ اهي پنهنجي شڪ ۾ پريشان آهن |
وَلَو أَرادُوا الخُروجَ لَأَعَدّوا لَهُ عُدَّةً وَلٰكِن كَرِهَ اللَّهُ انبِعاثَهُم فَثَبَّطَهُم وَقيلَ اقعُدوا مَعَ القٰعِدينَ (آيت : 46) |
۽ جيڪڏهن اهي نڪرڻ جو ارادو رکن ها ته جهاد لاءِ ڪو سامان تيار ڪن ها، پر الله انهن جي نڪرڻ کي ناپسند فرمايو پوءِ اهي سست ٿيا ۽ انهن کي چيو ويو ته توهان ويهي رهو (گھرن ۾) ويهندڙن سان گڏ |
لَو خَرَجوا فيكُم ما زادوكُم إِلّا خَبالًا وَلَأَوضَعوا خِلٰلَكُم يَبغونَكُمُ الفِتنَةَ وَفيكُم سَمّٰعونَ لَهُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 47) |
جيڪڏهن اهي توهان سان نڪرن ها ته توهان ۾ افواهه پکيڙي، توهان جي وچ ۾ فتنو پيدا ڪن ها، ۽ توهان جي وچ ۾ انهن جا جاسوس موجود آهن، ۽ الله خوب ڄاڻندڙ آهي ظالمن کي |
لَقَدِ ابتَغَوُا الفِتنَةَ مِن قَبلُ وَقَلَّبوا لَكَ الأُمورَ حَتّىٰ جاءَ الحَقُّ وَظَهَرَ أَمرُ اللَّهِ وَهُم كٰرِهونَ (آيت : 48) |
تحقيق هن کان اڳ ۾ انهن فتنو پيدا ڪيو ۽ توهان لاءِ حيلا هلايائون ايستائين جو حق آيو ۽ الله جو حڪم ظاهر ٿيو ۽ اهي ناپسند ڪندڙ آهن |
وَمِنهُم مَن يَقولُ ائذَن لى وَلا تَفتِنّى أَلا فِى الفِتنَةِ سَقَطوا وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحيطَةٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 49) |
۽ انهن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي چون ٿا ته اسان کي اجازت ڏي ۽ اسان کي فتني ۾ نه وجھه، خبردار ! فتني ۾ ته اهي پاڻ ڪِري پيا، ۽ بيشڪ جهنم ڪافرن جو گھيرو ڪندڙ آهي |
إِن تُصِبكَ حَسَنَةٌ تَسُؤهُم وَإِن تُصِبكَ مُصيبَةٌ يَقولوا قَد أَخَذنا أَمرَنا مِن قَبلُ وَيَتَوَلَّوا وَهُم فَرِحونَ (آيت : 50) |
جيڪڏهن توهان کي نيڪي پهچي ٿي ته انهن کي نٿي وڻي، ۽ جيڪڏهن توهان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي، چون ٿا ته بيشڪ اسان پنهنجو ڪم اڳ ۾ ئي درست ڪري ڇڏيو هو ۽ اهي خوشيءَ سان موٽن ٿا (جهاد ۾ شرڪت کان سواءِ) |
قُل لَن يُصيبَنا إِلّا ما كَتَبَ اللَّهُ لَنا هُوَ مَولىٰنا وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 51) |
رسولِ عربي توهان فرمايو هرگز اسان کي ڪا تڪليف نٿي پهچي، سواءِ ان جي جيڪا الله اسان جي تقدير ۾ لکي آهي، الله اسان جو مددگار آهي، الله تعالى تي مؤمنن کي توڪل رکڻ گھرجي |
قُل هَل تَرَبَّصونَ بِنا إِلّا إِحدَى الحُسنَيَينِ وَنَحنُ نَتَرَبَّصُ بِكُم أَن يُصيبَكُمُ اللَّهُ بِعَذابٍ مِن عِندِهِ أَو بِأَيدينا فَتَرَبَّصوا إِنّا مَعَكُم مُتَرَبِّصونَ (آيت : 52) |
رسولِ عربي توهان فرمايو نٿا انتظار ڪريو توهان اسان لاءِ سواءِ ٻن ڀلاين مان هڪڙي (فتح ٻِئي شهادت)، ۽ اسين (مسلمان) توهان لاءِ الله جي عذاب جو انتظار ڪريون ٿا جيڪو الله تعالى توهان کي پاڻ ڪندو يا اسان جي هٿان ڪرائيندو، پوءِ توهان انتظار ڪريو بيشڪ اسان به توهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيون |
قُل أَنفِقوا طَوعًا أَو كَرهًا لَن يُتَقَبَّلَ مِنكُم إِنَّكُم كُنتُم قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 53) |
رسولِ عربي توهان فرمايو، اهي خوشيءَ سان يا ناخوشيءَ سان خرچ ڪن ليڪن هرگز انهن جو (خرچ ڪرڻ) قبول نه ڪيو ويندو، (ان لاءِ ته) بيشڪ اها گنهگار قوم آهي |
وَما مَنَعَهُم أَن تُقبَلَ مِنهُم نَفَقٰتُهُم إِلّا أَنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَبِرَسولِهِ وَلا يَأتونَ الصَّلوٰةَ إِلّا وَهُم كُسالىٰ وَلا يُنفِقونَ إِلّا وَهُم كٰرِهونَ (آيت : 54) |
۽ خرچ قبول نه ٿيڻ جو سبب هي آهي ته بيشڪ انهن الله ۽ الله جي رسول جو انڪار ڪيو ۽ اهي نٿا ادا ڪن نماز مگر سُستيءَ سان ۽ نٿا خرچ ڪن اهي (الله جي راه ۾) مگر مجبوريءَ کان |
فَلا تُعجِبكَ أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم بِها فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَتَزهَقَ أَنفُسُهُم وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 55) |
پوءِ توهان کي عجب ۾ نه وجھي سندن مال ۽ اولاد جي گھڻائي، ۽ الله ارادو فرمائي ٿو ته انهن (ڪافرن) کي سندن مال ۽ اولاد ذريعي دنيا جي حياتيءَ ۾ عذاب چکائي، ڇو ته اهي ڪفر ڪندڙ آهن |
وَيَحلِفونَ بِاللَّهِ إِنَّهُم لَمِنكُم وَما هُم مِنكُم وَلٰكِنَّهُم قَومٌ يَفرَقونَ (آيت : 56) |
۽ الله جا قسم کڻن ٿا ته بيشڪ اهي (ڪافر) توهان (مسلمانن) مان آهن، حالانڪ اهي توهان مان ناهن پر اُهي بُزدل ماڻهو آهن |
لَو يَجِدونَ مَلجَـًٔا أَو مَغٰرٰتٍ أَو مُدَّخَلًا لَوَلَّوا إِلَيهِ وَهُم يَجمَحونَ (آيت : 57) |
جيڪڏهن انهن کي پناه جي جاءِ، يا ڪو غار، يا لِڪڻ جي جاءِ ملين ته اوڏانهن ڀڄڻ ۾ اهي دير ئي نٿا ڪن |
وَمِنهُم مَن يَلمِزُكَ فِى الصَّدَقٰتِ فَإِن أُعطوا مِنها رَضوا وَإِن لَم يُعطَوا مِنها إِذا هُم يَسخَطونَ (آيت : 58) |
۽ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي توهان تي مالِ غنيمت جي تقسيم ۾ الزام هڻن ٿا، پوءِ جيڪڏهن کين مالِ غنيمت ڏجي ٿو ته راضي ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن نٿو ڏنو وڃي ته ان وقت اهي (توهان کان) ناراض ٿين ٿا |
وَلَو أَنَّهُم رَضوا ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَقالوا حَسبُنَا اللَّهُ سَيُؤتينَا اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَرَسولُهُ إِنّا إِلَى اللَّهِ رٰغِبونَ (آيت : 59) |
۽ جيڪڏهن اهي راضي ٿين ها جيڪو الله ۽ الله جي رسول انهن کي عطا ڪيو، ۽ ايئن چون ها ته الله اسان لاءِ ڪافي آهي، جلدي اسان کي الله ۽ الله جو رسول پنهنجي فضل سان عطا ڪندو، بيشڪ اسان الله سان محبت رکندڙ آهيون |
إِنَّمَا الصَّدَقٰتُ لِلفُقَراءِ وَالمَسٰكينِ وَالعٰمِلينَ عَلَيها وَالمُؤَلَّفَةِ قُلوبُهُم وَفِى الرِّقابِ وَالغٰرِمينَ وَفى سَبيلِ اللَّهِ وَابنِ السَّبيلِ فَريضَةً مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 60) |
زڪوات جا حقدار فقير آهن ۽ مسڪين آهن ۽ عاملينِ زڪوات (زڪوات ۾ ڪم ڪندڙ) آهن ۽ اسلام ڏانهن رغبت ڪندڙ آهن ۽ ٻانها آهن ۽ قرضي آهن ۽ مجاهد آهن ۽ مسافر آهن، اِهي (ماڻهو) مقرر ڪيل آهن الله جي طرفان، ۽ الله تعالى ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
وَمِنهُمُ الَّذينَ يُؤذونَ النَّبِىَّ وَيَقولونَ هُوَ أُذُنٌ قُل أُذُنُ خَيرٍ لَكُم يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَيُؤمِنُ لِلمُؤمِنينَ وَرَحمَةٌ لِلَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَالَّذينَ يُؤذونَ رَسولَ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 61) |
۽ ڪي ماڻهو الله جي رسول کي ايذائن ٿا ۽ چون ٿا ته رسولِ عربي هر ڳالهه کي تسليم ڪري ٿو، توهان فرمايو ڳالهه تسليم ڪرڻ توهان لاءِ بهتر آهي، رسولِ عربي الله تي ايمان آڻي ٿو ۽ صحابهِ ڪرام تي ڀروسو ڪري ٿو ۽ پاڻ ڪريم توهان مان مؤمنن لاءِ رحمت آهن، ۽ جيڪي ماڻهو الله جي رسول کي ايذائن ٿا انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي |
يَحلِفونَ بِاللَّهِ لَكُم لِيُرضوكُم وَاللَّهُ وَرَسولُهُ أَحَقُّ أَن يُرضوهُ إِن كانوا مُؤمِنينَ (آيت : 62) |
اهي (منافق) الله جا قسم کڻي توهان کي راضي ڪن ٿا، ۽ الله ۽ الله جو رسول وڌيڪ حقدار آهي جو ان کي راضي ڪن جيڪڏهن اهي مؤمن آهن |
أَلَم يَعلَموا أَنَّهُ مَن يُحادِدِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَأَنَّ لَهُ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدًا فيها ذٰلِكَ الخِزىُ العَظيمُ (آيت : 63) |
ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته بيشڪ جيڪو ماڻهو الله ۽ الله جي رسول جي بي فرماني ڪري ٿو پوءِ بيشڪ ان لاءِ باه جهنم جي آهي ان ۾ هميشه رهندو، اهائي وڏي خواري آهي |
يَحذَرُ المُنٰفِقونَ أَن تُنَزَّلَ عَلَيهِم سورَةٌ تُنَبِّئُهُم بِما فى قُلوبِهِم قُلِ استَهزِءوا إِنَّ اللَّهَ مُخرِجٌ ما تَحذَرونَ (آيت : 64) |
منافق ڊڄن ٿا ته متان انهن لاءِ ڪا سورت نازل ٿئي جيڪا سندن دل جا راز ظاهر ڪري، رسولِ عربي توهان فرمايو ڀلي توهان مذاق ڪريو، بيشڪ الله تعالى انهيءَ کي ظاهر ڪندڙ آهي جنهن کان توهان ڊڄو ٿا |
وَلَئِن سَأَلتَهُم لَيَقولُنَّ إِنَّما كُنّا نَخوضُ وَنَلعَبُ قُل أَبِاللَّهِ وَءايٰتِهِ وَرَسولِهِ كُنتُم تَستَهزِءونَ (آيت : 65) |
۽ جيڪڏهن توهان انهن کان پڇندا ته اهي ضرور چوندا، اسين فقط مذاق ۾ چئون ٿا، رسولِ عربي توهان فرمايو ڇا توهان الله ۽ الله جي قرآن ۽ الله جي رسول سان مذاق ڪريو ٿا؟ |
لا تَعتَذِروا قَد كَفَرتُم بَعدَ إيمٰنِكُم إِن نَعفُ عَن طائِفَةٍ مِنكُم نُعَذِّب طائِفَةً بِأَنَّهُم كانوا مُجرِمينَ (آيت : 66) |
توهان عذر پيش نه ڪريو، تحقيق توهان ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪيو، جيڪڏهن توهان مان ڪن ماڻهن کي اسين معاف ڪريون ته به ڪن ماڻهن تي عذاب ڪنداسين انهي سببان جو بيشڪ اهي ڏوهاري آهن |
المُنٰفِقونَ وَالمُنٰفِقٰتُ بَعضُهُم مِن بَعضٍ يَأمُرونَ بِالمُنكَرِ وَيَنهَونَ عَنِ المَعروفِ وَيَقبِضونَ أَيدِيَهُم نَسُوا اللَّهَ فَنَسِيَهُم إِنَّ المُنٰفِقينَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 67) |
منافق مرد ۽ منافق عورتون پنهنجا پاڻ ۾ آهن، (اهي) بُرن ڪمن جو چون ٿا ۽ چڱن ڪمن کان روڪين ٿا ۽ بخيلي ڪن ٿا، انهن (منافقن) الله کي وساريو پوءِ الله انهن کي نظر انداز ڪيو، بيشڪ اهي منافق ئي گنهگار آهن |
وَعَدَ اللَّهُ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالكُفّارَ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها هِىَ حَسبُهُم وَلَعَنَهُمُ اللَّهُ وَلَهُم عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 68) |
الله تعالى منافق مردن ۽ منافق عورتن ۽ ڪافرن سان، باه جهنم جو وعدو ڪيو آهي اهي جهنم ۾ هميشه رهندا، جهنم انهن لاءِ ڪافي آهي، ۽ الله کين پنهنجي رحمت کان پري رکيو آهي، ۽ انهن لاءِ هميشه جو عذاب آهي |
كَالَّذينَ مِن قَبلِكُم كانوا أَشَدَّ مِنكُم قُوَّةً وَأَكثَرَ أَموٰلًا وَأَولٰدًا فَاستَمتَعوا بِخَلٰقِهِم فَاستَمتَعتُم بِخَلٰقِكُم كَمَا استَمتَعَ الَّذينَ مِن قَبلِكُم بِخَلٰقِهِم وَخُضتُم كَالَّذى خاضوا أُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 69) |
(يعنى) انهن ماڻهن وانگر جيڪي انهن کان اڳ ۾ ٿي گذريا جيڪي قوت ۽ مال ۽ اولاد ۾ توهان کان زياده هئا، پوءِ انهن پنهنجي ڀاڱي مان فائدو ورتو پوءِ توهان به پنهنجي ڀاڱي مان فائدو وٺو جيئن توهان کان اَڳِيَنِ ماڻهن پنهنجي ڀاڱي مان فائدو ورتو (مطلب ته نيڪيءَ جو ثواب ۽ برائيءَ جو بدلو ڏنو ويندو) ۽ توهان به ڀلي مذاق ڪريو جيئنڪ توهان کان اَڳِيَنِ مذاق ڪئي، انهن ماڻهن جا دنيا ۽ آخرت ۾ عمل ضايع ٿيا، ۽ اُهي ئي نقصان وارا آهن |
أَلَم يَأتِهِم نَبَأُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَقَومِ إِبرٰهيمَ وَأَصحٰبِ مَديَنَ وَالمُؤتَفِكٰتِ أَتَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 70) |
ڇا انهن وٽ خبر نه پهتي انهن ماڻهن جي جيڪي کانئن اڳ ۾ ٿي گذريا، (يعنى) قوم (حضرت) نوح جي ۽ عاد ۽ ثمود جي، ۽ قوم (حضرت) ابراهيم جي ۽ قوم (حضرت) شعيب جي ۽ قوم (حضرت) لوط جي، انهن (سڀني) وٽ سندن رسولن معجزا آندا، پوءِ الله جو شان ناهي جو انهن تي ظلم ڪري پر اهي پنهنجي نفسن تي پاڻ ظلم ڪندا هئا |
وَالمُؤمِنونَ وَالمُؤمِنٰتُ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ يَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَيُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَيُطيعونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ سَيَرحَمُهُمُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 71) |
۽ مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتون پنهنجا پاڻ ۾ هڪٻئي جا خيرخواهه آهن، (اهي) چڱن ڪمن جو حڪم ڪن ٿا ۽ بُرن ڪمن کان روڪين ٿا ۽ نماز پڙهن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ الله ۽ الله جي رسول جي فرمانبرداري ڪن ٿا، انهن مؤمنن تي جلدي الله پنهنجي ٻاجھه ڪندو، بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي |
وَعَدَ اللَّهُ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فى جَنّٰتِ عَدنٍ وَرِضوٰنٌ مِنَ اللَّهِ أَكبَرُ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 72) |
الله تعالى باغن جو وعدو فرمايو مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن سان، جن جي هيٺان نهرون وهنديون اهي انهن ۾ هميشه رهندا، (انهن لاءِ) بهشت جي باغن ۾ بهترين محل هوندا، ۽ الله جي ٻاجھه (انهن سڀني نعمتن کان) وڌيڪ آهي، اِها اِها تمام وڏي ڪاميابي آهي |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ جٰهِدِ الكُفّارَ وَالمُنٰفِقينَ وَاغلُظ عَلَيهِم وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 73) |
اي رسولِ عربي توهان ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪريو ۽ انهن تي سختي ڪريو، ۽ سندن جاءِ جهنم آهي، ۽ سندن واپسيءَ جي جاءِ تمام خراب آهي |
يَحلِفونَ بِاللَّهِ ما قالوا وَلَقَد قالوا كَلِمَةَ الكُفرِ وَكَفَروا بَعدَ إِسلٰمِهِم وَهَمّوا بِما لَم يَنالوا وَما نَقَموا إِلّا أَن أَغنىٰهُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ مِن فَضلِهِ فَإِن يَتوبوا يَكُ خَيرًا لَهُم وَإِن يَتَوَلَّوا يُعَذِّبهُمُ اللَّهُ عَذابًا أَليمًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم فِى الأَرضِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 74) |
الله جو قسم کڻي (منافق) چون ٿا ته اسان ايئن نه چيو آهي حالانڪ تحقيق انهن ڪفر جو ڪلمون چيو آهي ۽ انهن اسلام آڻڻ کان پوءِ به ڪفر ڪيو آهي ۽ انهن اهو ارادو ڪيو جنهنکي پورو ڪري نه سگھيا، الله ۽ الله جي رسول انهن کي مالِ غنيمت سان غني ڪيو ان کي اهي عيب نه سمجھن، پوءِ جيڪڏهن اُهي توبه تائب ٿين ٿا ته انهن لاءِ بهتر آهي، ۽ جيڪڏهن منهن ڦيرائين ٿا ته الله تعالى دنيا ۽ آخرت ۾ انهن تي دردناڪ عذاب ڪندو، ۽ انهن لاءِ زمين ۾ ڪوبه حمايتي ۽ مددگار ناهي |
وَمِنهُم مَن عٰهَدَ اللَّهَ لَئِن ءاتىٰنا مِن فَضلِهِ لَنَصَّدَّقَنَّ وَلَنَكونَنَّ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 75) |
۽ انهن مان ڪجھه اهڙا به آهن جن الله سان وعدو ڪيو ته جيڪڏهن اسان کي الله پنهنجي فضل سان (رزق) ڏنو ته اسين ضرور خيرات ڪنداسين ۽ ضرور اسين صالحين مان ٿينداسين |
فَلَمّا ءاتىٰهُم مِن فَضلِهِ بَخِلوا بِهِ وَتَوَلَّوا وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 76) |
پوءِ جڏهن الله انهن کي پنهنجي فضل سان نوازيو ته انهن بخل ڪيو ۽ منهن موڙي انڪار ڪيائون |
فَأَعقَبَهُم نِفاقًا فى قُلوبِهِم إِلىٰ يَومِ يَلقَونَهُ بِما أَخلَفُوا اللَّهَ ما وَعَدوهُ وَبِما كانوا يَكذِبونَ (آيت : 77) |
پوءِ الله قيامت تائين انهن جي دلين ۾ منافقي وِڌي انهيءَ سببان جو انهن الله سان ڪيل وعدي جي مخالفت ڪئي ۽ انهيءَ سببان جو ڪوڙ ڳالهائيندا هئا |
أَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ سِرَّهُم وَنَجوىٰهُم وَأَنَّ اللَّهَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 78) |
ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته بيشڪ الله سندن ظاهري ۽ باطني ڳالهيون ڄاڻي ٿو ۽ بيشڪ الله غيب جي ڳالهين کي خوب ڄاڻندڙ آهي |
الَّذينَ يَلمِزونَ المُطَّوِّعينَ مِنَ المُؤمِنينَ فِى الصَّدَقٰتِ وَالَّذينَ لا يَجِدونَ إِلّا جُهدَهُم فَيَسخَرونَ مِنهُم سَخِرَ اللَّهُ مِنهُم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 79) |
اهي ماڻهو جيڪي مؤمنن تي سندن ڪيل خيراتن تي الزام هڻن ٿا حالانڪ مؤمنن وڏي ڪوشش سان انهي (ملڪيت کي) حاصل ڪيو پوءِ اهي (منافق) مؤمنن سان مذاق ڪن ٿا، الله انهن کي مذاق جي جزا ڏيندو ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي |
استَغفِر لَهُم أَو لا تَستَغفِر لَهُم إِن تَستَغفِر لَهُم سَبعينَ مَرَّةً فَلَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 80) |
توهان انهن (منافقن) لاءِ بخشش طلب ڪريو يا نه ڪريو، جيڪڏهن توهان انهن لاءِ سَتَر دفعا به بخشش طلب ڪندا ته به الله انهن کي بخش نه ڪندو، بخشش نه ٿيڻ جو سبب هي آهي ته بيشڪ انهن الله ۽ الله جي رسول جو انڪار ڪيو، ۽ الله گنهگار قوم کي هدايت نٿو ڏي |
فَرِحَ المُخَلَّفونَ بِمَقعَدِهِم خِلٰفَ رَسولِ اللَّهِ وَكَرِهوا أَن يُجٰهِدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ وَقالوا لا تَنفِروا فِى الحَرِّ قُل نارُ جَهَنَّمَ أَشَدُّ حَرًّا لَو كانوا يَفقَهونَ (آيت : 81) |
اهي پوئتي رهندڙ (جنگِ تبوڪ کان) خوش ٿيا جو رسولِ عربي سان جهاد ۾ شريڪ نه ٿيا ۽ انهن کي الله جي راه ۾ پنهنجي مالن ۽ نفسن سان جهاد ڪرڻ نٿو وڻي ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي چون ٿا ته گرمي ۾ (جهاد لاءِ) نه نڪرو، رسولِ عربي توهان فرمايو جهنم جي باه تمام گھڻي گرم آهي، ڪاش اهي سمجھن ها |
فَليَضحَكوا قَليلًا وَليَبكوا كَثيرًا جَزاءً بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 82) |
پوءِ انهن کي گھُرجي ته ٿورڙو کِلن ۽ گھڻو روئن، اها سندن بداعماليءَ جي جزا آهي |
فَإِن رَجَعَكَ اللَّهُ إِلىٰ طائِفَةٍ مِنهُم فَاستَـٔذَنوكَ لِلخُروجِ فَقُل لَن تَخرُجوا مَعِىَ أَبَدًا وَلَن تُقٰتِلوا مَعِىَ عَدُوًّا إِنَّكُم رَضيتُم بِالقُعودِ أَوَّلَ مَرَّةٍ فَاقعُدوا مَعَ الخٰلِفينَ (آيت : 83) |
پوءِ جيڪڏهن اي حبيب، الله توهان کي انهن مان ڪنهن ٽولي ڏانهن واپس ڪري، پوءِ اهي توهان سان جهاد لاءِ هلڻ جي اجازت وٺن، پوءِ توهان فرمايو، توهان ڪڏهن به مون سان گڏ جهاد لاءِ نه هلو ۽ توهان ڪڏهن به مون سان گڏ دشمن کي قتل نه ڪريو، بيشڪ توهان ويهڻ لاءِ پهرين دفعي به راضي ٿيا پوءِ (هاڻي به) توهان ٻارن ۽ زالن ۽ معزورن سان گڏ ويهي رهو |
وَلا تُصَلِّ عَلىٰ أَحَدٍ مِنهُم ماتَ أَبَدًا وَلا تَقُم عَلىٰ قَبرِهِ إِنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَماتوا وَهُم فٰسِقونَ (آيت : 84) |
۽ توهان اي رسولِ عربي ڪڏهن به انهن مان ڪنهن جي نمازِ جنازه نه پڙهو ۽ نه ڪنهن جي قبر تي (بخشش لاءِ) بيهو، بيشڪ انهن الله ۽ الله جي رسول جو انڪار ڪيو، ۽ انهي حالت ۾ مُئا جو اهي ڪافر هئا |
وَلا تُعجِبكَ أَموٰلُهُم وَأَولٰدُهُم إِنَّما يُريدُ اللَّهُ أَن يُعَذِّبَهُم بِها فِى الدُّنيا وَتَزهَقَ أَنفُسُهُم وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 85) |
پوءِ توهان کي انهن جا مال ۽ اولاد حيرت ۾ نه وجھن، الله تعالى ارادو فرمائي ٿو ته کين انهن سان عذاب ڪري دنيا ۾ ۽ سندن ساهه ڪفر جي حالت ۾ نڪرندو |
وَإِذا أُنزِلَت سورَةٌ أَن ءامِنوا بِاللَّهِ وَجٰهِدوا مَعَ رَسولِهِ استَـٔذَنَكَ أُولُوا الطَّولِ مِنهُم وَقالوا ذَرنا نَكُن مَعَ القٰعِدينَ (آيت : 86) |
۽ جڏهن سورت نازل ڪئي وئي ته الله تي ايمان آڻيو ۽ سندن پياري حبيب سان گڏ جهاد ڪريو ته انهن مان وڏا ماڻهو توهان کان اجازت وٺن ٿا ۽ (ايئن) چون ٿا ته اسان کي عورتن، ٻارن ۽ معذورن سان گڏ ڇڏي ڏيو |
رَضوا بِأَن يَكونوا مَعَ الخَوالِفِ وَطُبِعَ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَفقَهونَ (آيت : 87) |
اهي گھر ۾ ويهندڙن سان گڏ ويهڻ ۾ راضي ٿيا ۽ انهيءَ سببان سندن دلين تي مُهر لڳائي وئي پوءِ اهي ڪجھه نٿا سمجھن |
لٰكِنِ الرَّسولُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ جٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم وَأُولٰئِكَ لَهُمُ الخَيرٰتُ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 88) |
پر الله جي رسول جهاد ڪئي، ۽ صحابهِ ڪرام به پاڻ ڪريمن سان گڏ پنهنجن مالن ۽ نفسن سان جهاد ڪئي، ۽ اِهي اُهي آهن جن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ نفعو آهي، ۽ اهي ئي ڪامياب آهن |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 89) |
الله تعالى انهن لاءِ باغ تيار ڪيا آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، اهي هميشه بهشت ۾ هوندا، اها تمام وڏي ڪاميابي آهي |
وَجاءَ المُعَذِّرونَ مِنَ الأَعرابِ لِيُؤذَنَ لَهُم وَقَعَدَ الَّذينَ كَذَبُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ سَيُصيبُ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 90) |
۽ بهانا ڪندڙ ٻهراڙيءَ جا ماڻهو انهي لاءِ آيا ته انهن کي (جهاد نه ڪرڻ جي) اجازت ڏني وڃي ۽ جهاد کان اهي ماڻهو ويٺا جن الله ۽ الله جي رسول کي ڪوڙو سمجھو، انهن ڪفر ڪندڙن کي جلدي دردناڪ عذاب پهچندو |
لَيسَ عَلَى الضُّعَفاءِ وَلا عَلَى المَرضىٰ وَلا عَلَى الَّذينَ لا يَجِدونَ ما يُنفِقونَ حَرَجٌ إِذا نَصَحوا لِلَّهِ وَرَسولِهِ ما عَلَى المُحسِنينَ مِن سَبيلٍ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 91) |
ضعيفن ۽ مريضن ۽ مسڪينن تي ڪو ڏوهه ڪونهي (انهن کي جهاد ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي مَيار ناهي) جڏهن ته اهي الله ۽ الله جي رسول جو حڪم مڃن ٿا، (۽ اهڙن) نيڪوڪارن تي ڪابه پڪڙ ناهي، ۽ الله بخشيندڙ ٻاجھارو آهي |
وَلا عَلَى الَّذينَ إِذا ما أَتَوكَ لِتَحمِلَهُم قُلتَ لا أَجِدُ ما أَحمِلُكُم عَلَيهِ تَوَلَّوا وَأَعيُنُهُم تَفيضُ مِنَ الدَّمعِ حَزَنًا أَلّا يَجِدوا ما يُنفِقونَ (آيت : 92) |
۽ انهن ماڻهن تي ڪوبه ڏوهه ناهي جيڪي توهان کان اچي (جهاد لاءِ) سواري طلب ڪن ٿا توهان انهن کي فرمايو ٿا ته مون وٽ (جهاد لاءِ) سواريءَ جو بندوبست ناهي، (پوءِ اهي ماڻهو) توهان وٽان واپس ٿين ٿا ۽ مسڪينيءَ جي ارمان سببان سندن اکين مان ڳوڙها وهن ٿا |
إِنَّمَا السَّبيلُ عَلَى الَّذينَ يَستَـٔذِنونَكَ وَهُم أَغنِياءُ رَضوا بِأَن يَكونوا مَعَ الخَوالِفِ وَطَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 93) |
پڪڙ ته فقط انهن ماڻهن تي آهي جيڪي توهان کان اجازت طلب ڪن ٿا حالانڪ اهي شاهوڪار آهن، انهن کي وڻي ٿو ته اهي پوئتي رهندڙن سان گڏ رهن، ۽ الله تعالى انهن جي دلين تي مُهر هنئي (آهي) پوءِ اهي نٿا سمجھن |
يَعتَذِرونَ إِلَيكُم إِذا رَجَعتُم إِلَيهِم قُل لا تَعتَذِروا لَن نُؤمِنَ لَكُم قَد نَبَّأَنَا اللَّهُ مِن أَخبارِكُم وَسَيَرَى اللَّهُ عَمَلَكُم وَرَسولُهُ ثُمَّ تُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 94) |
اِهي منافق توهان وٽ عذر پيش ڪندا، جڏهن توهان (جهاد تان) انهن ڏانهن موٽندا، رسولِ عربي توهان فرمايو ته توهان ڪوڙا عذر پيش نه ڪريو، اسين ڪڏهن به توهان کي سچو نٿا سمجھون، بيشڪ الله تعالى توهان جون خبرون اسان کي ٻڌايون آهن، ۽ عنقريب الله تعالى ۽ الله جو رسول توهان جا عمل ڏسندا، ان کان پوءِ توهان کي الله تعالى ڏانهن موٽايو ويندو، پوءِ توهان کي توهان جي عملن جي جزا ڏيندو |
سَيَحلِفونَ بِاللَّهِ لَكُم إِذَا انقَلَبتُم إِلَيهِم لِتُعرِضوا عَنهُم فَأَعرِضوا عَنهُم إِنَّهُم رِجسٌ وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ جَزاءً بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 95) |
جڏهن توهان (مؤمن) جهاد تان موٽندا ته فوراً اهي (منافق) الله جو قسم کڻندا ان لاءِ ته توهان انهن جو نالو نه وٺو، پوءِ توهان انهن کان پاسو ڪريو، بيشڪ اهي پليد آهن، ۽ سندن جاءِ جهنم آهي، اها سندن بداعماليءَ جي جزا آهي |
يَحلِفونَ لَكُم لِتَرضَوا عَنهُم فَإِن تَرضَوا عَنهُم فَإِنَّ اللَّهَ لا يَرضىٰ عَنِ القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 96) |
اهي توهان کي راضي ڪرڻ لاءِ قسم کڻن ٿا، پوءِ جيڪڏهن (بالفرض) توهان انهن کان راضي ٿي پيا تڏهن به الله تعالى، گنهگار قوم کان راضي نه ٿيندو |
الأَعرابُ أَشَدُّ كُفرًا وَنِفاقًا وَأَجدَرُ أَلّا يَعلَموا حُدودَ ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 97) |
ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ڪفر ۽ منافقي ۾ زياده سخت آهن ۽ اهي شرعي احڪامن کان گھڻون بي خبر آهن ۽ الله تعالى ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
وَمِنَ الأَعرابِ مَن يَتَّخِذُ ما يُنفِقُ مَغرَمًا وَيَتَرَبَّصُ بِكُمُ الدَّوائِرَ عَلَيهِم دائِرَةُ السَّوءِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 98) |
۽ ڪي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو الله جي راه ۾ خرچ ڪرڻ کي چَٽِي ۽ نقصان سمجھن ٿا ۽ اهي توهان لاءِ مصيبت جو انتظار ڪن ٿا، مصيبت انهن تي ايندي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي |
وَمِنَ الأَعرابِ مَن يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَيَتَّخِذُ ما يُنفِقُ قُرُبٰتٍ عِندَ اللَّهِ وَصَلَوٰتِ الرَّسولِ أَلا إِنَّها قُربَةٌ لَهُم سَيُدخِلُهُمُ اللَّهُ فى رَحمَتِهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 99) |
۽ ڪي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو اُهي آهن جيڪي الله تعالى ۽ قيامت تي ايمان رکن ٿا ۽ جيڪي ڪجھه خرچ ڪن ٿا اُن کي الله جي رضامندي ۽ رسولِ عربيءَ جي دُعا خاطر خرچ ڪن ٿا. خبردار ! بيشڪ اها (خيرات) سندن لاءِ باعث ثواب آهي. الله تعالى جلدي انهن کي بهشت ۾ داخل ڪندو، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي |
وَالسّٰبِقونَ الأَوَّلونَ مِنَ المُهٰجِرينَ وَالأَنصارِ وَالَّذينَ اتَّبَعوهُم بِإِحسٰنٍ رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ وَأَعَدَّ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى تَحتَهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 100) |
۽ مهاجرن ۽ انصارن مان سڀ کان پهريان (اصحابي) جن ايمان آندو ۽ جن ماڻهن نيڪيءَ جي ڪمن ۾ انهن جي پيروي ڪئي (قيامت تائين) الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اُهي الله کان راضي ٿيا، ۽ الله انهن لاءِ باغ تيار ڪيا آهن جنهن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون اُهي بهشت ۾ هميشه هميشه رهندا، اها تمام وڏي ڪاميابي آهي |
وَمِمَّن حَولَكُم مِنَ الأَعرابِ مُنٰفِقونَ وَمِن أَهلِ المَدينَةِ مَرَدوا عَلَى النِّفاقِ لا تَعلَمُهُم نَحنُ نَعلَمُهُم سَنُعَذِّبُهُم مَرَّتَينِ ثُمَّ يُرَدّونَ إِلىٰ عَذابٍ عَظيمٍ (آيت : 101) |
۽ توهان جي آس پاس ٻهراڙيءَ جي ماڻهن مان ڪي منافق آهن ۽ ڪي منافق مدينه طيبه ۾ به رهن ٿا، جيڪي هر وقت منافقي ڪن ٿا، توهان (هن وقت تائين) انهن کي نٿا ڄاڻو، اسين انهن کي ڄاڻون ٿا، اسين جلدي انهن تي گھڻو عذاب ڪنداسين ان کان پوءِ جهنم ڏانهن موٽايا ويندا |
وَءاخَرونَ اعتَرَفوا بِذُنوبِهِم خَلَطوا عَمَلًا صٰلِحًا وَءاخَرَ سَيِّئًا عَسَى اللَّهُ أَن يَتوبَ عَلَيهِم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 102) |
۽ ٻيا (انهن مان) اُهي آهن جيڪي پنهنجا گناه مڃن ٿا انهن نيڪ عمل به ڪيا آهن ۽ بدعمل به ڪيا آهن، الله تعالى جلدي (اعتراف ڪندڙن جي) توبه قبول ڪندو، بيشڪ اللهٰ بخشيدڙ ٻاجھارو آهي |
خُذ مِن أَموٰلِهِم صَدَقَةً تُطَهِّرُهُم وَتُزَكّيهِم بِها وَصَلِّ عَلَيهِم إِنَّ صَلوٰتَكَ سَكَنٌ لَهُم وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 103) |
اي حبيب ! توهان انهن جي مالن مان زڪوات وٺو، توهان زڪوات سان انهن کي پاڪ ۽ صاف ڪريو ۽ توهان انهن لاءِ بخشش گھُرو بيشڪ توهان جي بخشش گھُرڻ انهن لاءِ دِلي سُڪون آهي ۽ الله تعالى ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي |
أَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ هُوَ يَقبَلُ التَّوبَةَ عَن عِبادِهِ وَيَأخُذُ الصَّدَقٰتِ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 104) |
ڇا اُهي نٿا ڄاڻن بيشڪ الله تعالى ئي پنهنجن ٻانهن جي توبه قبول فرمائي ٿو ۽ سندن صدقا قبول فرمائي ٿو ۽ بيشڪ الله تعالى ئي توبه قبول ڪندڙ ٻاجھارو آهي |
وَقُلِ اعمَلوا فَسَيَرَى اللَّهُ عَمَلَكُم وَرَسولُهُ وَالمُؤمِنونَ وَسَتُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 105) |
اي رسولِ عربي توهان فرمايو (توهان جيڪو چاهيو سو) عمل ڪريو پوءِ جلدي الله ۽ الله جو رسول ۽ مؤمن توهان جا عمل ڏسندا، ۽ جلدي توهان کي الله تعالى ڏانهن موٽايو ويندو پوءِ اهو توهان کي توهان جي عملن جي جزا ڏيندو |
وَءاخَرونَ مُرجَونَ لِأَمرِ اللَّهِ إِمّا يُعَذِّبُهُم وَإِمّا يَتوبُ عَلَيهِم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 106) |
۽ ڪجھه ٻيا ماڻهو الله جي حڪم سان مهلت ڏنا ويا آهن يا ته الله انهن تي عذاب ڪندو يا انهن جي توبه قبول ڪندو ۽ الله تعالى ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
وَالَّذينَ اتَّخَذوا مَسجِدًا ضِرارًا وَكُفرًا وَتَفريقًا بَينَ المُؤمِنينَ وَإِرصادًا لِمَن حارَبَ اللَّهَ وَرَسولَهُ مِن قَبلُ وَلَيَحلِفُنَّ إِن أَرَدنا إِلَّا الحُسنىٰ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 107) |
۽ جن ماڻهن (منافقن) مسجد تيار ڪئي نقصان پهچائڻ لاءِ ۽ ڪفر کي طاقت وٺائڻ لاءِ ۽ مؤمنن جي وچ ۾ جھڳڙي پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ ان ماڻهوءَ جي انتظار ۾ آهن جيڪو پهريائين الله ۽ الله جي رسول جو مخالف آهي، ۽ اهي منافق ضرور قسم کڻي چوندا ته (ان مسجد جي تعمير ۾) اسان نيڪي جو ارادو ڪيو آهي، ۽ الله تعالى شاهدي ڏي ٿو ته اهي يقيناً ڪوڙا آهن |
لا تَقُم فيهِ أَبَدًا لَمَسجِدٌ أُسِّسَ عَلَى التَّقوىٰ مِن أَوَّلِ يَومٍ أَحَقُّ أَن تَقومَ فيهِ فيهِ رِجالٌ يُحِبّونَ أَن يَتَطَهَّروا وَاللَّهُ يُحِبُّ المُطَّهِّرينَ (آيت : 108) |
اي حبيب ! توهان ڪڏهن به ان مسجد (ضرار) ۾ نماز نه پڙهو، يقيناً اُها مسجد (قُبا) جنهن جو بنياد پهرئين ڏينهن کان تقويٰ سان رکيو ويو آهي اها مسجد وڌيڪ بهتر آهي جو توهان ان ۾ نماز پڙهو، ان ۾ اهڙا ٻانها آهن جيڪي پاڪائي پسند ڪن ٿا، ۽ الله پاڪائي ڪندڙن سان محبت رکي ٿو |
أَفَمَن أَسَّسَ بُنيٰنَهُ عَلىٰ تَقوىٰ مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنٍ خَيرٌ أَم مَن أَسَّسَ بُنيٰنَهُ عَلىٰ شَفا جُرُفٍ هارٍ فَانهارَ بِهِ فى نارِ جَهَنَّمَ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 109) |
ڇا پوءِ جنهن ماڻهو مسجد جو بنياد تقويٰ ۽ الله جي رضامندي لاءِ رکيو، اهو بهتر آهي يا اهو ماڻهو بهتر آهي جنهن مسجد جو بنياد هڪ ڪرندڙ کڏ جي ڪناري تي رکيو، پوءِ ٺاهيندڙ سميت اها تعمير جهنم ۾ ڪري پئي، ۽ الله تعالى ظالم قوم کي هدايت نٿو ڏئي |
لا يَزالُ بُنيٰنُهُمُ الَّذى بَنَوا ريبَةً فى قُلوبِهِم إِلّا أَن تَقَطَّعَ قُلوبُهُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 110) |
انهن (منافقن) لاءِ هميشه سندن تعميرات سندن دلين ۾ شڪ پيدا ڪندي رهندي، ايستائين جو سندن دليون ٽُڪرا ٽُڪرا ٿي وڃن، ۽ الله تعالى ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
إِنَّ اللَّهَ اشتَرىٰ مِنَ المُؤمِنينَ أَنفُسَهُم وَأَموٰلَهُم بِأَنَّ لَهُمُ الجَنَّةَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ فَيَقتُلونَ وَيُقتَلونَ وَعدًا عَلَيهِ حَقًّا فِى التَّورىٰةِ وَالإِنجيلِ وَالقُرءانِ وَمَن أَوفىٰ بِعَهدِهِ مِنَ اللَّهِ فَاستَبشِروا بِبَيعِكُمُ الَّذى بايَعتُم بِهِ وَذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 111) |
بيشڪ الله تعالى مؤمنن کان سندن جانيون ۽ مال خريد ڪيا انهن جي عيوض مؤمنن لاءِ بهشت آهي، (اهي مؤمن) الله جي راه ۾ جهاد ڪن ٿا پوءِ (ڪڏهن) ڪافرن کي قتل ڪن ٿا ۽ (ڪڏهن) پاڻ شهيد ٿين ٿا. اهو وعدو الله جو سچو آهي تورات ۽ انجيل ۽ قرآن ڪريم ۾، ۽ الله تعالى کان وڌيڪ وعدي کي ڪير پورو ڪندڙ آهي پوءِ توهان پنهنجي واپار تي خوشي ملهايو جيڪو توهان الله سان ڪيو آهي، ۽ اِها اِها وڏي ڪاميابي آهي |
التّٰئِبونَ العٰبِدونَ الحٰمِدونَ السّٰئِحونَ الرّٰكِعونَ السّٰجِدونَ الءامِرونَ بِالمَعروفِ وَالنّاهونَ عَنِ المُنكَرِ وَالحٰفِظونَ لِحُدودِ اللَّهِ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 112) |
توبه ڪندڙ، عبادت ڪندڙ، االله جي تعريف ڪندڙ، روزا رکندڙ، رڪوع ڪندڙ، سجدو ڪندڙ، نيڪيءَ جو حڪم ڪندڙ ۽ برائي کان روڪيندڙ ۽ الله جي حڪمن جي فرمانبرداري ڪندڙ ۽ توهان (انهن سڀني) مؤمنن کي مبارڪ ڏيو |
ما كانَ لِلنَّبِىِّ وَالَّذينَ ءامَنوا أَن يَستَغفِروا لِلمُشرِكينَ وَلَو كانوا أُولى قُربىٰ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُم أَنَّهُم أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 113) |
نبي ڪريم ۽ مؤمنن کي مناسب ناهي جو مشرڪن لاءِ بخشش طلب ڪن ۽ جيتوڻيڪ اهي (مشرڪ) سندن عزيز هجن، اُن کان پوءِ جو انهن لاءِ ظاهر ٿيو ته بيشڪ اهي جهنمي آهن |
وَما كانَ استِغفارُ إِبرٰهيمَ لِأَبيهِ إِلّا عَن مَوعِدَةٍ وَعَدَها إِيّاهُ فَلَمّا تَبَيَّنَ لَهُ أَنَّهُ عَدُوٌّ لِلَّهِ تَبَرَّأَ مِنهُ إِنَّ إِبرٰهيمَ لَأَوّٰهٌ حَليمٌ (آيت : 114) |
۽ (حضرت) ابراهيم پنهنجي چاچي (آزر) جي بخشش طلب نه ڪئي هئي مگر ان وعدي موجب جيڪو پاڻ پنهنجي چاچي سان ڪيو هئائون، پوءِ جڏهن ابراهيم کي ظاهر ٿيو ته سندس چاچو الله جو مخالف آهي ته پوءِ پاڻ ان کان پاسو ڪيائين، بيشڪ ابرهيم گھڻي زاري ڪندڙ بُردبار هو |
وَما كانَ اللَّهُ لِيُضِلَّ قَومًا بَعدَ إِذ هَدىٰهُم حَتّىٰ يُبَيِّنَ لَهُم ما يَتَّقونَ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 115) |
۽ الله تعالى جو شان ناهي جو ڪنهن قوم کي هدايت کان پوءِ گمراه ڪري، ايستائين جو انهن لاءِ ظاهر نه ڪري ته انهن کي ڪهڙي شيءِ کان پرهيز ڪرڻي آهي، بيشڪ الله تعالى هرشيءِ کي ڄاڻندڙ آهي |
إِنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُحيۦ وَيُميتُ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 116) |
بيشڪ الله لاءِ آهي بادشاهي آسمانن جي ۽ زمينن جي، اُهو جياري ٿو ۽ اُهو ماري ٿو، ۽ توهان لاءِ الله تعالى کان سواءِ ڪوبه حمايتي ۽ مددگار ناهي |
لَقَد تابَ اللَّهُ عَلَى النَّبِىِّ وَالمُهٰجِرينَ وَالأَنصارِ الَّذينَ اتَّبَعوهُ فى ساعَةِ العُسرَةِ مِن بَعدِ ما كادَ يَزيغُ قُلوبُ فَريقٍ مِنهُم ثُمَّ تابَ عَلَيهِم إِنَّهُ بِهِم رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 117) |
بيشڪ الله تعالى ٻاجھه فرمائِي رسولِ عربيءَ تي ۽ انهن اصحابن تي جن جهاد وقت رسولِ عربيءَ جي فرمانبرداري ڪئي، انهن مان ڪجھه ماڻهن جون دليون (عنقريب) ڦِرڻ واريون هُيون، پوءِ الله انهن تي به ٻاجھه ڪئي، بيشڪ الله مؤمنن تي گھڻي شفقت ڪندڙ ٻاجھارو آهي |
وَعَلَى الثَّلٰثَةِ الَّذينَ خُلِّفوا حَتّىٰ إِذا ضاقَت عَلَيهِمُ الأَرضُ بِما رَحُبَت وَضاقَت عَلَيهِم أَنفُسُهُم وَظَنّوا أَن لا مَلجَأَ مِنَ اللَّهِ إِلّا إِلَيهِ ثُمَّ تابَ عَلَيهِم لِيَتوبوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 118) |
۽ (الله تعالى) انهن ٽن (اصحابن) تي به ٻاجھه فرمائي جيڪي پوئتي رهجي ويا هئا، ايستائين جو زمين پنهنجي ڪشادگيءَ جي باوجود انهن تي تنگ ٿي پئي ۽ سندن وجود سندن مٿان ڳرا ٿي پيا ۽ انهن يقين ڪيو ته الله تعالى کان سواءِ ڪا به پناه جي جاءِ ناهي، پوءِ الله انهن تي ٻاجھه ڪئي ان لاءِ ته توبه ڪن، بيشڪ الله ئي توبه قبوليندڙ ٻاجھارو آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَكونوا مَعَ الصّٰدِقينَ (آيت : 119) |
اي مؤمنو توهان الله تعالى کان خوف ڪريو ۽ (هر معاملي ۾) رسولِ عربي ۽ صحابه ڪرام سان گڏ رهو |
ما كانَ لِأَهلِ المَدينَةِ وَمَن حَولَهُم مِنَ الأَعرابِ أَن يَتَخَلَّفوا عَن رَسولِ اللَّهِ وَلا يَرغَبوا بِأَنفُسِهِم عَن نَفسِهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم لا يُصيبُهُم ظَمَأٌ وَلا نَصَبٌ وَلا مَخمَصَةٌ فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا يَطَـٔونَ مَوطِئًا يَغيظُ الكُفّارَ وَلا يَنالونَ مِن عَدُوٍّ نَيلًا إِلّا كُتِبَ لَهُم بِهِ عَمَلٌ صٰلِحٌ إِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 120) |
مدينه منوره ۾ رهندڙن ۽ اُن جي چوڌاري رهندڙ، ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي مناسب نه هو ته (جهاد وقت) رسولِ عربي کان پوئتي رهجي وڃن ۽ (ايئن مناسب) نه هو ته پنهنجن جانين کي رسولِ عربيءَ کان پيارو سمجھن، انهي سببان جو الله جي راه ۾ جيڪا انهن کي اُڃ لڳي ٿي ۽ ٿڪاوٽ ٿئي ٿي ۽ بک لڳي ٿي ۽ انهن جو جيڪو هلڻ ڪافرن لاءِ ڪاوڙ جو سبب ٿئي ٿو ۽ اهي جيڪو ڪجھه دشمن جو بگاڙن ٿا، انهن سڀني جي عيوض انهن لاءِ نيڪ عمل لکيو وڃي ٿو. بيشڪ الله تعالى نيڪوڪارن جي عملن کي ضايع نٿو فرمائي |
وَلا يُنفِقونَ نَفَقَةً صَغيرَةً وَلا كَبيرَةً وَلا يَقطَعونَ وادِيًا إِلّا كُتِبَ لَهُم لِيَجزِيَهُمُ اللَّهُ أَحسَنَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 121) |
۽ اهي جڏهن (جهاد ۾) ٿورو يا گھڻو خرچ ڪن ٿا، ۽ ڪنهن واديءَ مان لنگھن ٿا ته انهن لاءِ (نيڪي) لکي وڃي ٿي. الله تعالى انهن کي سندن عمل کان به زياده ثواب عطا ڪري ٿو |
وَما كانَ المُؤمِنونَ لِيَنفِروا كافَّةً فَلَولا نَفَرَ مِن كُلِّ فِرقَةٍ مِنهُم طائِفَةٌ لِيَتَفَقَّهوا فِى الدّينِ وَلِيُنذِروا قَومَهُم إِذا رَجَعوا إِلَيهِم لَعَلَّهُم يَحذَرونَ (آيت : 122) |
۽ مؤمنن کي مناسب ناهي جو سڀئي جهاد لاءِ نڪري وڃن، پوءِ ايئن ڇو نٿا ڪن جو هر قبيلي مان چند ماڻهو نڪرن انهيءَ لاءِ ته فقهه جي معلومات حاصل ڪن ۽ پنهنجي قبيلي کي خوفِ خدا ڏيارين، جڏهن اُهي واپس وٽن پهچن ته من اهي (برائي کان) بچن |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا قٰتِلُوا الَّذينَ يَلونَكُم مِنَ الكُفّارِ وَليَجِدوا فيكُم غِلظَةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 123) |
اي مؤمنو توهان جهاد ڪريو انهن ماڻهن سان جيڪي ڪافرن مان توهان کي ويجها آهن ۽ ڀلي اِهي توهان ۾ سختي محسوس ڪن، ۽ توهان يقين ڪريو بيشڪ الله تعالى پرهيزگارن سان گڏ آهي |
وَإِذا ما أُنزِلَت سورَةٌ فَمِنهُم مَن يَقولُ أَيُّكُم زادَتهُ هٰذِهِ إيمٰنًا فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا فَزادَتهُم إيمٰنًا وَهُم يَستَبشِرونَ (آيت : 124) |
۽ جنهن وقت ڪا سورت (قرآن ڪريم جي) نازل ٿئي ٿي پوءِ ڪي ماڻهو انهن مان چون ٿا ته ڇا هي سورت توهان (مؤمنن) جي ايمان کي زياده ڪري ٿي؟ پر اُهي ماڻهو جن ايمان آندو پوءِ انهن جو ايمان زياده ٿئي ٿو ۽ اُهي خوش ٿين ٿا |
وَأَمَّا الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ فَزادَتهُم رِجسًا إِلىٰ رِجسِهِم وَماتوا وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 125) |
۽ پر اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ مرض آهي پوءِ اُهي سورتون انهن جي ڪُفر ۾ واڌارو ڪن ٿيون ۽ اهي ڪافر ٿي مَرن ٿا |
أَوَلا يَرَونَ أَنَّهُم يُفتَنونَ فى كُلِّ عامٍ مَرَّةً أَو مَرَّتَينِ ثُمَّ لا يَتوبونَ وَلا هُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 126) |
ڇا اهي (منافق) نٿا ڏسن ته بيشڪ اهي هر سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا آزمائش ۾ گرفتار ڪيا وڃن ٿا اُن کان پوءِ به اهي توبه تائب نٿا ٿين ۽ نه ئي نصيحت حاصل ڪن ٿا |
وَإِذا ما أُنزِلَت سورَةٌ نَظَرَ بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ هَل يَرىٰكُم مِن أَحَدٍ ثُمَّ انصَرَفوا صَرَفَ اللَّهُ قُلوبَهُم بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 127) |
۽ جنهن وقت ڪا سورت نازل ڪئي وڃي ٿي ته اُهي هڪ ٻئي کي ڏسي چون ٿا ته ڇا مسلمان اسان مان ڪنهن کي ڏسي ته نه رهيا آهن. پوءِ (مذاق ڪري) اهي موٽي وڃن ٿا، الله تعالى انهن جون دليون ڦيرائي ڇڏيون آهن انهي سببان جو بيشڪ اها قوم آهي جيڪا نٿي سمجھي |
لَقَد جاءَكُم رَسولٌ مِن أَنفُسِكُم عَزيزٌ عَلَيهِ ما عَنِتُّم حَريصٌ عَلَيكُم بِالمُؤمِنينَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 128) |
بيشڪ تحقيق توهان وٽ، توهان مان رسولِ عربي تشريف فرما ٿيو، توهان جو تڪليف ۾ پَوَڻُ، رسولِ عربيءَ کي ڏکيو لڳي ٿو، توهان جي ڀلائي طلب ڪندڙ، مؤمنن تي ڪمال درجي جا مهربان ٻاجھارا آهن |
فَإِن تَوَلَّوا فَقُل حَسبِىَ اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَهُوَ رَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 129) |
پوءِ جيڪڏهن (اڃان به) اهي ايمان نٿا آڻن پوءِ توهان فرمايو مون لاءِ الله ڪافي آهي، ناهي ڪو معبود مگر اُهو، اُن تي مون توڪل ڪئي آهي ۽ اهوئي عرشِ عظيم جو رب آهي |