بَراءَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ إِلَى الَّذينَ عٰهَدتُم مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 1) |
اوهان، جن مشرڪن سان عهدنامو ڪيو هو، تنهن تان الله ۽ سندس رسول هٿ کنيو. |
فَسيحوا فِى الأَرضِ أَربَعَةَ أَشهُرٍ وَاعلَموا أَنَّكُم غَيرُ مُعجِزِى اللَّهِ وَأَنَّ اللَّهَ مُخزِى الكٰفِرينَ (آيت : 2) |
تنهنڪري ”(اي مشرڪو!) اوهين ملڪ ۾ چار مهينا گهمي ڦري وٺو ۽ ڄاڻو ته اوهين الله کي عاجز ڪري نٿا سگهو ۽ بيشڪ الله ڪافرن کي خوار ڪندو.“ |
وَأَذٰنٌ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ إِلَى النّاسِ يَومَ الحَجِّ الأَكبَرِ أَنَّ اللَّهَ بَريءٌ مِنَ المُشرِكينَ وَرَسولُهُ فَإِن تُبتُم فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَإِن تَوَلَّيتُم فَاعلَموا أَنَّكُم غَيرُ مُعجِزِى اللَّهِ وَبَشِّرِ الَّذينَ كَفَروا بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 3) |
وڏي حج جي تاريخن ۾ ماڻهن اڳيان الله ۽ سندس رسول جي طرفان هيءُ اعلان ڪجي ٿو ته ”الله ۽ سندس رسول مشرڪن تان هٿ کڻن ٿا“ پوءِ جيڪڏهن اوهين توبهه ڪريو، ته اها اوهان لاءِ چڱي آهي- ۽ جي اوهين منهن موڙيندؤ، ته سمجهي ڇڏيو ته اوهين الله کي عاجز ڪري نٿا سگهو ۽ ڪافرن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ڏي. |
إِلَّا الَّذينَ عٰهَدتُم مِنَ المُشرِكينَ ثُمَّ لَم يَنقُصوكُم شَيـًٔا وَلَم يُظٰهِروا عَلَيكُم أَحَدًا فَأَتِمّوا إِلَيهِم عَهدَهُم إِلىٰ مُدَّتِهِم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 4) |
مگر جن مشرڪن سان اوهان قول اقرار ڪيو آهي ۽ انهن ان ۾ اوهان سان ڪا گهٽتائي نه ڪئي آهي، نڪي اوهان جي مقابلي ۾ ڪنهن جي به مدد ڪئي اٿن، تن سان اوهين قول قرار مقرر وقت تائين پورو ڪريو، بيشڪ الله نيڪن کي پسند ڪري ٿو. |
فَإِذَا انسَلَخَ الأَشهُرُ الحُرُمُ فَاقتُلُوا المُشرِكينَ حَيثُ وَجَدتُموهُم وَخُذوهُم وَاحصُروهُم وَاقعُدوا لَهُم كُلَّ مَرصَدٍ فَإِن تابوا وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ فَخَلّوا سَبيلَهُم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
پوءِ جڏهن امن جا مهينا گذري وڃن، ته پوءِ مشرڪن کي جتي به ڏسو، اتي قتل ڪريو ۽ کين پڪڙيو ۽ گهيري ۾ آڻيو، ۽ هر هڪ گهٽ تي انهن جي تاڪ ۾ ويهو- پوءِ جيڪڏهن توبهه ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين، ته انهن جو رستو ڇڏي ڏيو- بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
وَإِن أَحَدٌ مِنَ المُشرِكينَ استَجارَكَ فَأَجِرهُ حَتّىٰ يَسمَعَ كَلٰمَ اللَّهِ ثُمَّ أَبلِغهُ مَأمَنَهُ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعلَمونَ (آيت : 6) |
۽ جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو توکان پناهه گهري ته ان کي پناهه ڏي، جيسين الله جي ڪلام کي ٻڌي، پوءِ ان کي سندس امن واري جاءِ تي پهچائي ڇڏيو. اهو حڪم ان ڪري آهي جو اهي اڻ ڄاڻ ماڻهو آهن. |
كَيفَ يَكونُ لِلمُشرِكينَ عَهدٌ عِندَ اللَّهِ وَعِندَ رَسولِهِ إِلَّا الَّذينَ عٰهَدتُم عِندَ المَسجِدِ الحَرامِ فَمَا استَقٰموا لَكُم فَاستَقيموا لَهُم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 7) |
الله ۽ سندس رسول وٽ مشرڪن جو عهدنامو ڪهڙيءَ طرح رهي سگهي ٿو؟ سواءِ انهن جي، جن سان اوهان بيت الله وٽ عهدنامو ڪيو آهي. پوءِ جيسين اهي اوهان سان سڌا رهن، ته اوهين به انهن سان سڌا رهو، بيشڪ الله نيڪن کي پسند ڪري ٿو. |
كَيفَ وَإِن يَظهَروا عَلَيكُم لا يَرقُبوا فيكُم إِلًّا وَلا ذِمَّةً يُرضونَكُم بِأَفوٰهِهِم وَتَأبىٰ قُلوبُهُم وَأَكثَرُهُم فٰسِقونَ (آيت : 8) |
ڪيئن (عهد نامو قائم رکجي)؟ جو جيڪڏهن هو (ڪافر) اوهان تي غالب ٿين، ته اوهان لاءِ نڪي مائٽيءَ جو خيال ڪن، نه قول قرار جو. هي ته اوهان کي زبان سان خوش ٿا ڪن، پر سندن دليون انڪاري آهن ۽ گهڻا انهن مان بدڪار آهن. |
اشتَرَوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا فَصَدّوا عَن سَبيلِهِ إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 9) |
اهي الله جي حڪمن کي ٿوري ملهه سان ٿا وڪڻن، سو اهي الله جي رستي کان هٽيل آهن، بيشڪ سندن اهو عمل بڇڙو آهي. |
لا يَرقُبونَ فى مُؤمِنٍ إِلًّا وَلا ذِمَّةً وَأُولٰئِكَ هُمُ المُعتَدونَ (آيت : 10) |
اهي ڪنهن به مومن بابت نڪي مائٽي جو خيال ٿا رکن، نه قول قرار جو، اهي ئي ماڻهو گهڻي اڳرائي ڪري رهيا آهن. |
فَإِن تابوا وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ فَإِخوٰنُكُم فِى الدّينِ وَنُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 11) |
پوءِ جيڪڏهن اهي توبهه ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ته پوءِ اهي اوهانجا ديني ڀائر آهن- ۽ اسين سمجهدار ماڻهن لاءِ آيتن کي کولي بيان ڪريون ٿا. |
وَإِن نَكَثوا أَيمٰنَهُم مِن بَعدِ عَهدِهِم وَطَعَنوا فى دينِكُم فَقٰتِلوا أَئِمَّةَ الكُفرِ إِنَّهُم لا أَيمٰنَ لَهُم لَعَلَّهُم يَنتَهونَ (آيت : 12) |
۽ جيڪڏهن اهي قول ڪرڻ کانپوءِ پنهنجن قسمن کي ٽوڙين ۽ اوهان جي دين تي طعنا هڻن، ته اوهين ڪفر جي سردارن سان وڙهو، ته هو جهلجي وڃن، ڇا لاءِ ته هو سندن قسمن تي قائم نه رهيا آهن. |
أَلا تُقٰتِلونَ قَومًا نَكَثوا أَيمٰنَهُم وَهَمّوا بِإِخراجِ الرَّسولِ وَهُم بَدَءوكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ أَتَخشَونَهُم فَاللَّهُ أَحَقُّ أَن تَخشَوهُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 13) |
اوهين اهڙن ماڻهن سان ڇو نه ٿا وڙهو، جن پنهنجي قسمن کي ٽوڙيو ۽ رسول کي وطن نيڪالي ڏيڻ جي رٿ ڪيائون ۽ انهن ئي اوهان کي پهريائين ڇيڙيو- ڇا اوهين انهن کان ڊڄو ٿا؟ مگر جي مومن آهيو ته الله ئي وڌيڪ ڊڄڻ لائق آهي. |
قٰتِلوهُم يُعَذِّبهُمُ اللَّهُ بِأَيديكُم وَيُخزِهِم وَيَنصُركُم عَلَيهِم وَيَشفِ صُدورَ قَومٍ مُؤمِنينَ (آيت : 14) |
انهن سان وڙهو. الله کين اوهان جي هٿان ايذاءُ ڏيندو ۽ خوار ڪندو- اوهان کي مٿن غالب ڪندو ۽ مومنن جي دلين کي ٿڌو ڪندو. |
وَيُذهِب غَيظَ قُلوبِهِم وَيَتوبُ اللَّهُ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 15) |
۽ سندن دلين جي غصي کي دور ڪندو ۽ جن کي الله گهرندو، انهن کي توبهه نصيب ڪندو ۽ الله وڏي علم ۽ ڏاهپ وارو آهي. |
أَم حَسِبتُم أَن تُترَكوا وَلَمّا يَعلَمِ اللَّهُ الَّذينَ جٰهَدوا مِنكُم وَلَم يَتَّخِذوا مِن دونِ اللَّهِ وَلا رَسولِهِ وَلَا المُؤمِنينَ وَليجَةً وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 16) |
ڇا اوهين ٿا ڀانيو ته اوهان کي ائين (بنا آزمائڻ) ڇڏي ڏبو؟ جو اڃا ته الله اوهان مان انهن کي ئي پڌرو نه ڪيو آهي، جن جهاد ڪيو ۽ الله ۽ سندس رسول ۽ مومنن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي دلي دوست ڪري نه بڻايو اٿن- جيڪي اوهين ڪريو ٿا، الله انهيءَ کان خبردار آهي. |
ما كانَ لِلمُشرِكينَ أَن يَعمُروا مَسٰجِدَ اللَّهِ شٰهِدينَ عَلىٰ أَنفُسِهِم بِالكُفرِ أُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم وَفِى النّارِ هُم خٰلِدونَ (آيت : 17) |
جيئن ته مشرڪ پنهنجي لاءِ ڪفر جو اقرار ڪري چڪا آهن تنهن ڪري هو انهيءَ جي لائق نه آهن، جو الله جي مسجدن کي آباد ڪن- سندن سڀ عمل چٽ ٿيا ۽ اهي باهه ۾ هميشه رهڻ وارا آهن. |
إِنَّما يَعمُرُ مَسٰجِدَ اللَّهِ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَأَقامَ الصَّلوٰةَ وَءاتَى الزَّكوٰةَ وَلَم يَخشَ إِلَّا اللَّهَ فَعَسىٰ أُولٰئِكَ أَن يَكونوا مِنَ المُهتَدينَ (آيت : 18) |
الله جي مسجدن کي آباد ڪرڻ جو لائق فقط اهو آهي، جو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻي ٿو. نماز قائم ڪري ٿو. زڪوات ڏئي ٿو ۽ الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن کان به نه ٿو ڊڄي، ته اهڙن ماڻهن بابت اميد آهي، ته هو هدايت وارا ٿيندا. |
أَجَعَلتُم سِقايَةَ الحاجِّ وَعِمارَةَ المَسجِدِ الحَرامِ كَمَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَجٰهَدَ فى سَبيلِ اللَّهِ لا يَستَوۥنَ عِندَ اللَّهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 19) |
ڇا، اوهان حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ بيت الله جي آباد رکڻ کي ان ماڻهوءَ جي برابر سمجهيو آهي، جيڪو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻي ۽ الله جي واٽ ۾ جهاد ڪري؟ اهي الله وٽ برابر نٿا ٿي سگهن ۽ الله بي انصاف ماڻهن کي سمجهه نٿو ڏئي. |
الَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم أَعظَمُ دَرَجَةً عِندَ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 20) |
جن ايمان آندو، وطن ڇڏيو ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪيائون، اهي الله وٽ وڏو درجو رکن ٿا، اهي ئي ڪامياب آهن. |
يُبَشِّرُهُم رَبُّهُم بِرَحمَةٍ مِنهُ وَرِضوٰنٍ وَجَنّٰتٍ لَهُم فيها نَعيمٌ مُقيمٌ (آيت : 21) |
سندن رب کين پنهنجي طرفان رحمت ۽ رضامندي ۽ اهڙن باغن جي خوشخبري ڏئي ٿو، جن ۾ هميشه جون نعمتون هونديون. |
خٰلِدينَ فيها أَبَدًا إِنَّ اللَّهَ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 22) |
اهي انهن ۾ هميشه رهندا- بيشڪ الله وٽ وڏو اجر آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا ءاباءَكُم وَإِخوٰنَكُم أَولِياءَ إِنِ استَحَبُّوا الكُفرَ عَلَى الإيمٰنِ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِنكُم فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن اوهان جا وڏا ۽ ڀائر ايمان جي بدران ڪفر کي پسند ڪن ٿا، ته انهن سان دلي پيار نه رکو ۽ جيڪو اوهان مان انهن سان دلي پيار رکندو، ته اهڙا ماڻهو وڏا نافرمان آهن. |
قُل إِن كانَ ءاباؤُكُم وَأَبناؤُكُم وَإِخوٰنُكُم وَأَزوٰجُكُم وَعَشيرَتُكُم وَأَموٰلٌ اقتَرَفتُموها وَتِجٰرَةٌ تَخشَونَ كَسادَها وَمَسٰكِنُ تَرضَونَها أَحَبَّ إِلَيكُم مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَجِهادٍ فى سَبيلِهِ فَتَرَبَّصوا حَتّىٰ يَأتِىَ اللَّهُ بِأَمرِهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 24) |
چئو ته جيڪڏهن اوهان جا وڏا، پٽ، ڀائر، زالون، قبيلا، ڪمايل مال، واپار مندي ٿيڻ جو ڊپ ۽ دل وڻندڙ جايون، اوهان کي الله ۽ سندس رسول ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آهن، ته پوءِ انتظار ڪريو، جيسين الله پنهنجو حڪم موڪلي ۽ الله نافرماني ڪندڙن کي سنئين راهه نه لڳائيندو آهي. |
لَقَد نَصَرَكُمُ اللَّهُ فى مَواطِنَ كَثيرَةٍ وَيَومَ حُنَينٍ إِذ أَعجَبَتكُم كَثرَتُكُم فَلَم تُغنِ عَنكُم شَيـًٔا وَضاقَت عَلَيكُمُ الأَرضُ بِما رَحُبَت ثُمَّ وَلَّيتُم مُدبِرينَ (آيت : 25) |
بيشڪ، الله اوهان کي گهڻن ئي هنڌن تي مدد ڏني ۽ ”حنين“ جي ڏينهن به، جڏهن اوهان کي پنهنجي گهڻائي تي گهمنڊ هو، پر اُها اوهان جي ڪنهن ڪم نه آئي، ۽ زمين ڪشادي هجڻ هوندي به اوهان تي تنگ ٿي پئي، پوءِ اوهين پٺ ڏيئي ڀڳؤ. |
ثُمَّ أَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَعَلَى المُؤمِنينَ وَأَنزَلَ جُنودًا لَم تَرَوها وَعَذَّبَ الَّذينَ كَفَروا وَذٰلِكَ جَزاءُ الكٰفِرينَ (آيت : 26) |
پوءِ الله پنهنجي رسول ۽ مومنن کي پنهنجي طرفان دلجاءِ ڏني ۽ اهڙا لشڪر لاٿائين، جن کي اوهان نه ڏٺو ۽ ڪافرن کي سزا ڏنائين، اهائي ڪافرن جي سزا آهي. |
ثُمَّ يَتوبُ اللَّهُ مِن بَعدِ ذٰلِكَ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 27) |
پوءِ الله جنهن کي وڻيس توبهه نصيب ڪري ٿو ۽ الله وڏي بخشش ۽ وڏي رحمت وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّمَا المُشرِكونَ نَجَسٌ فَلا يَقرَبُوا المَسجِدَ الحَرامَ بَعدَ عامِهِم هٰذا وَإِن خِفتُم عَيلَةً فَسَوفَ يُغنيكُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ إِن شاءَ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 28) |
اي مومنو! بيشڪ مشرڪ ته ناپاڪ آهن تنهنڪري هن سال کان پوءِ ڪعبي کي ويجها نه اچن- جيڪڏهن اوهان کي غريبيءَ جو انديشو آهي ته جيڪڏهن الله گهرندو ته اوهان کي جلد ئي پنهنجي مهربانيءَ سان غني ڪندو. بيشڪ الله ڄاڻندڙ، ڏاهپ وارو آهي. |
قٰتِلُوا الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلا بِاليَومِ الءاخِرِ وَلا يُحَرِّمونَ ما حَرَّمَ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَلا يَدينونَ دينَ الحَقِّ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ حَتّىٰ يُعطُوا الجِزيَةَ عَن يَدٍ وَهُم صٰغِرونَ (آيت : 29) |
ڪتاب وارن مان انهن سان وڙهو، جي الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان نٿا رکن ۽ نڪي ان کي حرام ڄاڻن ٿا، جنهن کي الله ۽ سندس رسول حرام ڪيو آهي ۽ نڪي هو سچي دين کي قبول ڪن ٿا، ايستائين جيسين هو جزيو ڏئي رعيت ٿي هٿ هيٺ رهڻ قبول ڪن. |
وَقالَتِ اليَهودُ عُزَيرٌ ابنُ اللَّهِ وَقالَتِ النَّصٰرَى المَسيحُ ابنُ اللَّهِ ذٰلِكَ قَولُهُم بِأَفوٰهِهِم يُضٰهِـٔونَ قَولَ الَّذينَ كَفَروا مِن قَبلُ قٰتَلَهُمُ اللَّهُ أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 30) |
يهودين چيو ته ”عزير الله جو پٽ آهي“ ۽ نصارن چيو ته ”مسيح الله جو پٽ آهي“ اهي (رڳو) سندن زبان کان نڪتل ڳالهيون آهن، اهي به انهن جهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، جي کانئن اڳ ڪافر ٿي چڪا آهن. الله جي مٿن ڦٽڪار هجي، هو ڪيڏانهن ڀٽڪي رهيا آهن! |
اتَّخَذوا أَحبارَهُم وَرُهبٰنَهُم أَربابًا مِن دونِ اللَّهِ وَالمَسيحَ ابنَ مَريَمَ وَما أُمِروا إِلّا لِيَعبُدوا إِلٰهًا وٰحِدًا لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ سُبحٰنَهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 31) |
انهن خدا کي ڇڏي پنهنجن عالمن ۽ فقيرن کي رب ڪري ورتو ۽ مسيح پٽ مريم جي کي (به). ۽ اصل ۾ انهن کي رڳو هڪ ڌڻيءَ جي عبادت جو حڪم ڏنل آهي، جنهن ڌاران ڪو به عبادت جو لائق نه آهي، اُهو سندن ڀائيواريءَ کان پاڪ آهي. |
يُريدونَ أَن يُطفِـٔوا نورَ اللَّهِ بِأَفوٰهِهِم وَيَأبَى اللَّهُ إِلّا أَن يُتِمَّ نورَهُ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 32) |
اُهي الله جي روشني کي پنهنجي ڦوڪن سان اُجهائڻ گهرن ٿا مگر الله کي پنهنجي روشنيءَ کي پورائي تي آڻڻ ڌاران ٻيو ڪجهه به منظور ناهي، کڻي ڪافرن کي ائين نه وڻي. |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَلَو كَرِهَ المُشرِكونَ (آيت : 33) |
هو اهو آهي جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري، پوءِ کڻي مشرڪن کي اها ڳالهه نه وڻندي هجي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ كَثيرًا مِنَ الأَحبارِ وَالرُّهبانِ لَيَأكُلونَ أَموٰلَ النّاسِ بِالبٰطِلِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ يَكنِزونَ الذَّهَبَ وَالفِضَّةَ وَلا يُنفِقونَها فى سَبيلِ اللَّهِ فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 34) |
مومنو! بيشڪ گهڻا، عالم ۽ درويش ماڻهن جي مال کي ڪوڙ سان کائين ٿا ۽ الله جي واٽ کان بند رکن ٿا- ۽ جيڪي شخص سون ۽ چاندي کي ڪٺو ڪن ٿا ۽ ان کي الله جي واٽ ۾ خرچ نٿا ڪن، تن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ڏي. |
يَومَ يُحمىٰ عَلَيها فى نارِ جَهَنَّمَ فَتُكوىٰ بِها جِباهُهُم وَجُنوبُهُم وَظُهورُهُم هٰذا ما كَنَزتُم لِأَنفُسِكُم فَذوقوا ما كُنتُم تَكنِزونَ (آيت : 35) |
جنهن ڏينهن اهو دوزخ جي باهه ۾ تپائبو، پوءِ ان سان سندن پيشانين ۽ پاسرين ۽ پٺن کي ڏنڀيو ويندو (چئبن ته) ”هي اُهو آهي جنهن کي اوهان پاڻ لاءِ ڪٺو ڪيو هو، هاڻي ان جي ڪٺي ڪرڻ جو مزو چکو.“ |
إِنَّ عِدَّةَ الشُّهورِ عِندَ اللَّهِ اثنا عَشَرَ شَهرًا فى كِتٰبِ اللَّهِ يَومَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ مِنها أَربَعَةٌ حُرُمٌ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ فَلا تَظلِموا فيهِنَّ أَنفُسَكُم وَقٰتِلُوا المُشرِكينَ كافَّةً كَما يُقٰتِلونَكُم كافَّةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 36) |
آسمانن ۽ زمين جي خلقجڻ جي ڏينهن کان وٺي، الله وٽ سندس ڪتاب ۾ مهينن جو ڳاڻيٽو ٻارهن مهينا آهي، جن مان چار عزت وارا آهن- اهوئي سڌو دين آهي. تنهنڪري انهن ۾ پنهنجي پاڻ تي ظلم نه ڪجو ۽ اوهين به مشرڪن سان ائين سڀ گڏجي جنگ ڪريو، جيئن هو سڀ گڏجي اوهان سان جنگ ٿا ڪن ۽ ڄاڻو ته الله نيڪن جو همراهه آهي. |
إِنَّمَا النَّسيءُ زِيادَةٌ فِى الكُفرِ يُضَلُّ بِهِ الَّذينَ كَفَروا يُحِلّونَهُ عامًا وَيُحَرِّمونَهُ عامًا لِيُواطِـٔوا عِدَّةَ ما حَرَّمَ اللَّهُ فَيُحِلّوا ما حَرَّمَ اللَّهُ زُيِّنَ لَهُم سوءُ أَعمٰلِهِم وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 37) |
مهينا پٺتي هٽائڻ ڪفر ۾ واڌارو ڪرڻ آهي، جنهن سان ڪافر گمراهي ۾ پون ٿا، جو ڪنهن (مهيني کي) هڪ سال حلال ٿا ڪن ۽ ٻئي سال حرام ته الله جي حرام ڪيل مهينن جو رڳو ڳاڻيٽو پورو ڪري الله جي حرا م ڪيل مهيني کي حلال ڪن، سندن بڇڙا عمل کين چڱا معلوم ٿين ٿا ۽ الله ڪافرن کي واٽ نٿو لڳائي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا ما لَكُم إِذا قيلَ لَكُمُ انفِروا فى سَبيلِ اللَّهِ اثّاقَلتُم إِلَى الأَرضِ أَرَضيتُم بِالحَيوٰةِ الدُّنيا مِنَ الءاخِرَةِ فَما مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا فِى الءاخِرَةِ إِلّا قَليلٌ (آيت : 38) |
اي مؤمنو! اوهان کي ڇا ٿيو آهي، جو جڏهن چئجيوَ ٿو ته الله جي واٽ ۾ جهاد لاءِ نڪرو، ته زمين تي بار ٿي پئو ٿا؟ ڇا اوهين آخرت جي بدران دنيا جي حياتي تي راضي ٿيا آهيو؟ پر آخرت جي مقابلي ۾ دنيا جي زندگيءَ جو فائدو ٿورو آهي. |
إِلّا تَنفِروا يُعَذِّبكُم عَذابًا أَليمًا وَيَستَبدِل قَومًا غَيرَكُم وَلا تَضُرّوهُ شَيـًٔا وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 39) |
جيڪڏهن اوهين نه نڪرندؤ ته الله اوهان کي دردناڪ عذاب ڏيندو- ۽ اوهان بدران ٻيءَ قوم کي پيدا ڪندو ۽ اوهين الله (جي دين) کي ڪجهه به نقصان نه ڏيئي سگهندؤ ۽ الله هر ڳالهه تي وس وارو آهي. |
إِلّا تَنصُروهُ فَقَد نَصَرَهُ اللَّهُ إِذ أَخرَجَهُ الَّذينَ كَفَروا ثانِىَ اثنَينِ إِذ هُما فِى الغارِ إِذ يَقولُ لِصٰحِبِهِ لا تَحزَن إِنَّ اللَّهَ مَعَنا فَأَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلَيهِ وَأَيَّدَهُ بِجُنودٍ لَم تَرَوها وَجَعَلَ كَلِمَةَ الَّذينَ كَفَرُوا السُّفلىٰ وَكَلِمَةُ اللَّهِ هِىَ العُليا وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 40) |
جي اوهين (رسول) جي مدد نه ڪندؤ، ته الله سندس مدد ان وقت به ڪئي هئي، جڏهن ڪافرن کيس وطن کان ڪڍيو هو. جڏهن هو ٻن غار وارن مان هڪ هو، ان مهل پنهنجي همراهه کي چيائين ته ”غم نه ڪر- بيشڪ الله اسان ساڻ آهي-“ پوءِ الله مٿس پنهنجي طرفان دلجاءِ لاٿي ۽ ان کي اهڙن لشڪرن سان مدد ڏنائين جن کي اوهان نه ڏٺو ۽ الله ڪافرن جي ڳالهه کي هيٺاهون ڪري ڏيکاريو ۽ الله جي ئي ڳالهه هميشه مٿاهين آهي ۽ الله غالب، ڏاهپ وارو آهي. |
انفِروا خِفافًا وَثِقالًا وَجٰهِدوا بِأَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم فى سَبيلِ اللَّهِ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 41) |
هلڪن خواهه ڳرن هٿيارن سان نڪرو ۽ الله جي واٽ ۾ پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪريو، جيڪڏهن اوهين يقين رکو ٿا، ته اها ڳالهه اوهان لاءِ بهتر آهي. |
لَو كانَ عَرَضًا قَريبًا وَسَفَرًا قاصِدًا لَاتَّبَعوكَ وَلٰكِن بَعُدَت عَلَيهِمُ الشُّقَّةُ وَسَيَحلِفونَ بِاللَّهِ لَوِ استَطَعنا لَخَرَجنا مَعَكُم يُهلِكونَ أَنفُسَهُم وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 42) |
جيڪڏهن مال ويجهو هجي ها ۽ مسافري به سولي هجي ها، ته توسان هلن ها، مگر کين ڏکي مسافري پري معلوم ٿيڻ لڳي. اجهو ٿا اچي قسم کائين ته، ”جي اسان جي وس هجي ها ته جيڪر اسين توسان گڏ نڪرون ها!“ اهي پاڻ کي برباد ڪري رهيا آهن ۽ الله ڄاڻي ٿو ته هو پڪ ڪوڙا آهن. |
عَفَا اللَّهُ عَنكَ لِمَ أَذِنتَ لَهُم حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكَ الَّذينَ صَدَقوا وَتَعلَمَ الكٰذِبينَ (آيت : 43) |
الله توکي معاف ڪيو. تو انهن کي ان وقت تائين ڇو موڪل ڏني، جيسين تو وٽ سچا پڌرا نه ٿيا آهن ۽ نڪي تو ڪوڙن کي معلوم ڪيو آهي؟ |
لا يَستَـٔذِنُكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ أَن يُجٰهِدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالمُتَّقينَ (آيت : 44) |
جن الله ۽آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو آهي، سي ته پنهنجن مالن ۽ جانين سان توکان جهاد کان (بچڻ لاءِ) موڪل نه وٺندا، ۽ الله نيڪن کي خوب ڄاڻي ٿو. |
إِنَّما يَستَـٔذِنُكَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَارتابَت قُلوبُهُم فَهُم فى رَيبِهِم يَتَرَدَّدونَ (آيت : 45) |
بيشڪ توکان موڪل اُهي ئي شخص گهرن ٿا جي الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان نٿا رکن ۽ سندن دلين ۾ شڪ آهي، تنهن ڪري اُهي پنهنجي شڪ ۾ ئي حيران آهن. |
وَلَو أَرادُوا الخُروجَ لَأَعَدّوا لَهُ عُدَّةً وَلٰكِن كَرِهَ اللَّهُ انبِعاثَهُم فَثَبَّطَهُم وَقيلَ اقعُدوا مَعَ القٰعِدينَ (آيت : 46) |
۽ جي هو (جهاد ۾) نڪرڻ جو ارادو ڪن ها، ته اُن لاءِ سامان ته تيار ڪن ها. مگر الله سندن هلڻ کي پسند ئي نه ڪيو ۽ کين روڪي ڇڏيو ۽ حڪم ٿين ته ”اوهان به ويٺلن سان ويهي رهو.“ |
لَو خَرَجوا فيكُم ما زادوكُم إِلّا خَبالًا وَلَأَوضَعوا خِلٰلَكُم يَبغونَكُمُ الفِتنَةَ وَفيكُم سَمّٰعونَ لَهُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 47) |
جيڪڏهن اوهان سان نڪرن ها، ته ٻيڻي فساد ڪرڻ بنا ٻيو ڇا ڪن ها؟ اوهان جي وچ ۾ فتني کڙي ڪرڻ لاءِ ڊوڙندا رهن ها ۽ (هاڻي به) اوهان ۾ انهن جا ڪجهه جاسوس موجود آهن- الله ظالمن کي خوب سمجهي ٿو. |
لَقَدِ ابتَغَوُا الفِتنَةَ مِن قَبلُ وَقَلَّبوا لَكَ الأُمورَ حَتّىٰ جاءَ الحَقُّ وَظَهَرَ أَمرُ اللَّهِ وَهُم كٰرِهونَ (آيت : 48) |
انهن ته اڳ فتني کڙي ڪرڻ جو فڪر ڪيو هو ۽ تو لاءِ ڪاررواين ۾ ڦير گهير ڪندا رهيا. تان جو سچو واعدو اچي ويو. الله جو حڪم غالب رهيو ۽ اُهي ناپسند ئي ڪندا رهيا. |
وَمِنهُم مَن يَقولُ ائذَن لى وَلا تَفتِنّى أَلا فِى الفِتنَةِ سَقَطوا وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحيطَةٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 49) |
انهن مان ڪو اهڙو به آهي، جو چوي ٿو ته ”مون کي موڪل ڏي ۽ خرابي ۾ نه وجهه.“ سمجهي ڇڏيو، اُهي خرابيءَ ۾ پئجي چڪا آهن، بيشڪ دوزخ ڪافرن کي گهيري وٺندو. |
إِن تُصِبكَ حَسَنَةٌ تَسُؤهُم وَإِن تُصِبكَ مُصيبَةٌ يَقولوا قَد أَخَذنا أَمرَنا مِن قَبلُ وَيَتَوَلَّوا وَهُم فَرِحونَ (آيت : 50) |
جي توکي ڪو فائدو پهچي ٿو ته انهن کي نه ٿو وڻي ۽ جي توکي ڪا مصيبت پيش اچي ته چون ٿا ”اسان اڳ ۾ ئي خبرداريءَ کان ڪم ورتو هو“ ۽ هو خوش ٿي موٽي وڃن ٿا. |
قُل لَن يُصيبَنا إِلّا ما كَتَبَ اللَّهُ لَنا هُوَ مَولىٰنا وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 51) |
چئو ته اسان کي اهو ئي پهچندو، جيڪي الله اسان لاءِ لکيو آهي، هو اسان جو مالڪ آهي ۽ مومنن کي ته سڀ ڪم الله کي ئي سونپڻ گهرجن. |
قُل هَل تَرَبَّصونَ بِنا إِلّا إِحدَى الحُسنَيَينِ وَنَحنُ نَتَرَبَّصُ بِكُم أَن يُصيبَكُمُ اللَّهُ بِعَذابٍ مِن عِندِهِ أَو بِأَيدينا فَتَرَبَّصوا إِنّا مَعَكُم مُتَرَبِّصونَ (آيت : 52) |
چئو اوهين ته اسان جي حق ۾ ٻن چڱاين مان هڪڙيءَ جي ئي واٽ پيا نهاريو مگر اسين اوهان جي حق ۾ هن ڳالهه جي واٽ ٿا نهاريون، ته الله اوهان کي پاڻ وٽان يا اسان جي هٿان عذاب پهچائي، تنهن ڪري اوهين به پيا واٽ ڏسو. اسين به اوهان سان گڏ پيا واٽ نهاريون. |
قُل أَنفِقوا طَوعًا أَو كَرهًا لَن يُتَقَبَّلَ مِنكُم إِنَّكُم كُنتُم قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 53) |
چئو ته خوشيءَ سان خرچ ڪريو خواهه رنج مان، ته به اوهان کان قبول نه ڪبو- بيشڪ اوهين نافرمان ماڻهو آهيو. |
وَما مَنَعَهُم أَن تُقبَلَ مِنهُم نَفَقٰتُهُم إِلّا أَنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَبِرَسولِهِ وَلا يَأتونَ الصَّلوٰةَ إِلّا وَهُم كُسالىٰ وَلا يُنفِقونَ إِلّا وَهُم كٰرِهونَ (آيت : 54) |
سندن خير خيرات جي قبول ٿيڻ ۾ هن کان سواءِ ڪا به شيءِ روڪ نه ٿي وجهي، جو هنن الله ۽ سندس رسول سان ڪفر ڪيو، اهي نماز رڳو ڀڳل دل سان ٿا پڙهن ۽ خرچ به رڳو رنج سان ٿا ڪن. |
فَلا تُعجِبكَ أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم بِها فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَتَزهَقَ أَنفُسُهُم وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 55) |
پوءِ سندن مال ۽ اولاد توکي عجب ۾ نه وجهن- الله ته ائين ئي ٿو گهري ته انهن کي ان جي ڪري دنيا جي حياتيءَ ۾ به عذاب ڏئي ۽ سندن جان ڪفر جي حالت ۾ ئي نڪري وڃي. |
وَيَحلِفونَ بِاللَّهِ إِنَّهُم لَمِنكُم وَما هُم مِنكُم وَلٰكِنَّهُم قَومٌ يَفرَقونَ (آيت : 56) |
اهي الله جا قسم ٿا کڻن ته پڪ اوهان منجهان آهن پر حقيقت ۾ هو اوهان مان نه آهن. مگر هو ڊڄڻا ماڻهو آهن. |
لَو يَجِدونَ مَلجَـًٔا أَو مَغٰرٰتٍ أَو مُدَّخَلًا لَوَلَّوا إِلَيهِ وَهُم يَجمَحونَ (آيت : 57) |
جيڪڏهن انهن کي ڪا پناهه جي جاءِ يا غار يا پيهي وڃڻ جي جاءِ ملي وڃي ها ته هو ان ڏي تکا ڊوڙي هليا وڃن ها. |
وَمِنهُم مَن يَلمِزُكَ فِى الصَّدَقٰتِ فَإِن أُعطوا مِنها رَضوا وَإِن لَم يُعطَوا مِنها إِذا هُم يَسخَطونَ (آيت : 58) |
۽ انهن مان ڪي زڪوات (وراهڻ) بابت توتي طعنا هڻن ٿا، جو جيڪڏهن انهن کي ان مان ڏجي، ته هو خوش ٿين ۽ پر جي نه ملين، ته هو ناراض ٿين ٿا. |
وَلَو أَنَّهُم رَضوا ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَقالوا حَسبُنَا اللَّهُ سَيُؤتينَا اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَرَسولُهُ إِنّا إِلَى اللَّهِ رٰغِبونَ (آيت : 59) |
پر جيڪڏهن اُهي ان تي راضي ٿين ها، جيڪي الله ۽ سندس رسول کين ڏنو ۽ چون ها ته ”اسان کي الله ڪافي آهي جلد ئي الله ۽ سندن رسول پنهنجي فضل سان اسان کي ڏيندا- بيشڪ اسين الله ڏانهن ئي رغبت رکون ٿا.“ |
إِنَّمَا الصَّدَقٰتُ لِلفُقَراءِ وَالمَسٰكينِ وَالعٰمِلينَ عَلَيها وَالمُؤَلَّفَةِ قُلوبُهُم وَفِى الرِّقابِ وَالغٰرِمينَ وَفى سَبيلِ اللَّهِ وَابنِ السَّبيلِ فَريضَةً مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 60) |
زڪوات ته رڳو هنن لاءِ آهي: فقير، محتاج، اها وصول ڪندڙ ڪامورا، اهي شخص جن جي دل وٺڻي آهي، ٻانها آزاد ڪرائڻ، قرض دارن جو قرض، الله جي راهه ۾ مسافر- اهو حڪم الله جي طرف کان مقرر آهي ۽ الله ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي. |
وَمِنهُمُ الَّذينَ يُؤذونَ النَّبِىَّ وَيَقولونَ هُوَ أُذُنٌ قُل أُذُنُ خَيرٍ لَكُم يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَيُؤمِنُ لِلمُؤمِنينَ وَرَحمَةٌ لِلَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَالَّذينَ يُؤذونَ رَسولَ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 61) |
۽ انهن مان ڪي اهي به آهن، جي نبيءَ کي ايذاءُ ڏين ٿا ۽ چون ٿا ته ”هو رڳو ٻڌندڙ آهي“ چئو ته ڪن ڏئي ٻڌندڙ ته اوهان لاءِ چڱو آهي، جو الله تي ايمان آڻي ٿو ۽ مومنن تي يقين رکي ٿو ۽ اوهان مان ايمان آڻيندڙن تي مهربان آهي- ۽ جيڪي الله جي رسول کي ايذاءُ ڏين ٿا، انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
يَحلِفونَ بِاللَّهِ لَكُم لِيُرضوكُم وَاللَّهُ وَرَسولُهُ أَحَقُّ أَن يُرضوهُ إِن كانوا مُؤمِنينَ (آيت : 62) |
هو اوهان وٽ قسم ٿا کڻن ته اوهان کي راضي ڪن، پر جي هو مومن آهن ته الله ۽ سندس رسول کي راضي ڪرڻ ان کان وڌيڪ اٿن. |
أَلَم يَعلَموا أَنَّهُ مَن يُحادِدِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَأَنَّ لَهُ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدًا فيها ذٰلِكَ الخِزىُ العَظيمُ (آيت : 63) |
ڇا، خبر نه اٿن، ته جيڪو الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪندو، ته ان لاءِ پڪ دوزخ جي باهه آهي جنهن ۾ هميشه رهندو، اها وڏي خواري آهي. |
يَحذَرُ المُنٰفِقونَ أَن تُنَزَّلَ عَلَيهِم سورَةٌ تُنَبِّئُهُم بِما فى قُلوبِهِم قُلِ استَهزِءوا إِنَّ اللَّهَ مُخرِجٌ ما تَحذَرونَ (آيت : 64) |
منافق ان ڳالهه کان ڊڄن ٿا، ته مسلمانن تي ڪا اهڙي سورت نازل نه ٿئي، جا کين سندن دلين جي احوال بابت خبر ڏئي- چئو ته ٺٺوليون ڪري وٺو- بيشڪ الله ان ڪري هر ڳالهه کي پڌرو ڪندو، جنهن جو ڊپ اٿوَ. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم لَيَقولُنَّ إِنَّما كُنّا نَخوضُ وَنَلعَبُ قُل أَبِاللَّهِ وَءايٰتِهِ وَرَسولِهِ كُنتُم تَستَهزِءونَ (آيت : 65) |
جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته چوندا ”اسان رڳو کل ۽ وندر ٿي ڪئي“- چئو ”ڇا، اوهان الله ۽ سندس آيتن ۽ رسول تي ٺٺوليون ٿي ڪيون؟ |
لا تَعتَذِروا قَد كَفَرتُم بَعدَ إيمٰنِكُم إِن نَعفُ عَن طائِفَةٍ مِنكُم نُعَذِّب طائِفَةً بِأَنَّهُم كانوا مُجرِمينَ (آيت : 66) |
هاڻي عذر نه ڪريو- اوهان ته پاڻ کي مومن چئي ڪفر ڪرڻ لڳا آهيو- جيڪڏهن اسين اوهان مان ڪن کي معاف ڪريون، ته به ڪن کي ته ضرور سزا ڏينداسون، جو هو پڪ ڏوهاري آهن. |
المُنٰفِقونَ وَالمُنٰفِقٰتُ بَعضُهُم مِن بَعضٍ يَأمُرونَ بِالمُنكَرِ وَيَنهَونَ عَنِ المَعروفِ وَيَقبِضونَ أَيدِيَهُم نَسُوا اللَّهَ فَنَسِيَهُم إِنَّ المُنٰفِقينَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 67) |
منافق مرد ۽ منافق عورتون سڀ هڪ آهن، جي بڇڙيون ڳالهيون سيکارين ٿا، چڱن ڪمن کان روڪين ٿا ۽ پنهنجن هٿن کي بند رکن ٿا، انهن خدا جو خيال نه ڪيو، ته خدا به انهن جو ڪو خيال نه ڪيو. بيشڪ منافق وڏا بدڪار آهن. |
وَعَدَ اللَّهُ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالكُفّارَ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها هِىَ حَسبُهُم وَلَعَنَهُمُ اللَّهُ وَلَهُم عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 68) |
الله منافق مردن، عورتن ۽ ڪفر ڪندڙن کي دوزخ جي باهه جو واعدو ڏنو آهي جنهن ۾ هميشه رهندا- اها ڪافي سزا آهي ۽ الله انهن تي ڦٽڪار وڌي ۽ انهن لاءِ هميشه جو عذاب هوندو. |
كَالَّذينَ مِن قَبلِكُم كانوا أَشَدَّ مِنكُم قُوَّةً وَأَكثَرَ أَموٰلًا وَأَولٰدًا فَاستَمتَعوا بِخَلٰقِهِم فَاستَمتَعتُم بِخَلٰقِكُم كَمَا استَمتَعَ الَّذينَ مِن قَبلِكُم بِخَلٰقِهِم وَخُضتُم كَالَّذى خاضوا أُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 69) |
(اي منافقو! اوهين ته) انهن وانگر آهيو، جي اوهان کان اڳ هئا، اهي سخت قوت ۽ مال ۽ اولاد جي گهڻائي ۾ اوهان کان به وڌيڪ هئا- انهن به (دنيوي) حصي مان خوب فائدو ورتو، سو اوهان به پنهنجي (دنيوي) حصي مان خوب فائدو ورتو، جيئن اوهان کان اڳين ماڻهن پنهنجي حصي مان فائدو ورتو هو- ۽ اوهان بڇڙاين ۾ اهڙي طرح گهڙي پيؤ، جيئن اهي گهڙي پيا هئا- اهڙن جا چڱا ڪم دنيا ۽ آخرت ۾ چٽ ٿيا ۽ اُهي وڏي نقصان ۾ آهن. |
أَلَم يَأتِهِم نَبَأُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَقَومِ إِبرٰهيمَ وَأَصحٰبِ مَديَنَ وَالمُؤتَفِكٰتِ أَتَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 70) |
ڇا، وٽن انهن ماڻهن جي عذاب جون خبرون نه پهتيون آهن جي کانئن اڳ ۾ هئا. (جيئن) نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود جي ۽ ابراهيم جي قوم ۽ مدين جا رهاڪو ۽ اونڌو ڪيل ڳوٺ- جو انهن وٽ سندن پيغمبرن پڌريون نشانيون آنديون- پوءِ الله مٿن ظلم نه ڪيو، مگر اهي پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا هئا. |
وَالمُؤمِنونَ وَالمُؤمِنٰتُ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ يَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَيُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَيُطيعونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ سَيَرحَمُهُمُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 71) |
مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون هڪ ٻئي جا همراهه آهن. نيڪ ڪمن لاءِ چون ٿا، بڇڙن ڪمن کان منع ڪن ٿا، نماز کي قائم رکن ٿا، زڪوات ڏين ٿا، الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪن ٿا. اهڙن تي ئي الله جلد رحم ڪندو- بيشڪ الله غالب، ڏاهپ وارو آهي. |
وَعَدَ اللَّهُ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فى جَنّٰتِ عَدنٍ وَرِضوٰنٌ مِنَ اللَّهِ أَكبَرُ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 72) |
الله مومن مردن خواهه عورتن کي اهڙن باغن جو واعدو ڏنو آهي، جن جي هيٺان نهرون وهنديون هونديون ۽ انهن ۾ هميشه رهندا- هميشه جي باغن ۾ پاڪ مڪان ۾ هوندا ۽ الله جي رضا انهن سڀني کان وڏي (نعمت) هوندي، اها وڏي ڪاميابي آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ جٰهِدِ الكُفّارَ وَالمُنٰفِقينَ وَاغلُظ عَلَيهِم وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 73) |
اي نبي! ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر ۽ انهن تي سختي ڪر- انهن جي رهڻ جي جاءِ دوزخ آهي ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي. |
يَحلِفونَ بِاللَّهِ ما قالوا وَلَقَد قالوا كَلِمَةَ الكُفرِ وَكَفَروا بَعدَ إِسلٰمِهِم وَهَمّوا بِما لَم يَنالوا وَما نَقَموا إِلّا أَن أَغنىٰهُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ مِن فَضلِهِ فَإِن يَتوبوا يَكُ خَيرًا لَهُم وَإِن يَتَوَلَّوا يُعَذِّبهُمُ اللَّهُ عَذابًا أَليمًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم فِى الأَرضِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 74) |
هو سندن ڳالهائڻ بابت الله جا قسم کڻن، پر حقيقت ۾ انهن ڪفر جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ اسلام آڻن کان پوءِ ڪافر ٿي ويا ۽ اهڙيءَ ڳالهه جو ارادو ڪيو هئائون، جا کين هٿ نه لڳي ۽ هنن اهو بدلو رڳو هن ڳالهه جو ڏنو آهي ته انهن کي الله ۽ سندس رسول پنهنجي فضل سان مالدار ڪيو آهي. سو جيڪڏهن هن کان پوءِ به توبهه ڪندا ته انهن لاءِ چڱو آهي پر جي منهن موڙيائون ته الله دنيا ۽ آخرت ۾ کين دردناڪ عذاب ڏيندو ۽ دنيا ۾ سندن نڪو يار هوندو نڪو مددگار. |
وَمِنهُم مَن عٰهَدَ اللَّهَ لَئِن ءاتىٰنا مِن فَضلِهِ لَنَصَّدَّقَنَّ وَلَنَكونَنَّ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 75) |
۽ انهن مان ڪن الله سان عهد ڪيو ته ”جي اسان کي پنهنجي فضل سان مال ڏيندو، ته اسين خوب خيرات ڏينداسون ۽ خوب نيڪ ڪم ڪنداسون.“ |
فَلَمّا ءاتىٰهُم مِن فَضلِهِ بَخِلوا بِهِ وَتَوَلَّوا وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 76) |
پر جڏهن الله انهن کي پنهنجي فضل سان (مال) ڏنو، ته بخيلي ڪرڻ لڳا ۽ ڦري ويا ۽ هو هئا ئي منهن موڙيندڙ. |
فَأَعقَبَهُم نِفاقًا فى قُلوبِهِم إِلىٰ يَومِ يَلقَونَهُ بِما أَخلَفُوا اللَّهَ ما وَعَدوهُ وَبِما كانوا يَكذِبونَ (آيت : 77) |
تنهنڪري سندن دلين ۾ منافقي خدا سان ملڻ تائين رهجي ويئي، ڇو ته انهن جيڪو واعدو الله سان ڪيو هو، ان کان ڦري ويا ۽ هو ڪوڙ ڳالهائيندا هئا. |
أَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ سِرَّهُم وَنَجوىٰهُم وَأَنَّ اللَّهَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 78) |
ڇا، انهن کي اها خبر نه هئي ته، الله سندن دلين جي ڀيد ۽ ڳجهين صلاحن کي ڄاڻي ٿو؟ ۽ الله سڀني غيب جي ڳالهين کي خوب ڄاڻي ٿو. |
الَّذينَ يَلمِزونَ المُطَّوِّعينَ مِنَ المُؤمِنينَ فِى الصَّدَقٰتِ وَالَّذينَ لا يَجِدونَ إِلّا جُهدَهُم فَيَسخَرونَ مِنهُم سَخِرَ اللَّهُ مِنهُم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 79) |
(منافق) اهڙا آهن، جو خوشيءَ سان ڏيندڙ مسلمانن جي خيرات تي طعنا هڻندا آهن. (خاص) انهن تي، جن کي مزوريءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به هٿ نٿو اچي، تن تان به هي ٺٺوليون ڪن ٿا. الله مٿن ٺٺوليون ڪري ٿو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. |
استَغفِر لَهُم أَو لا تَستَغفِر لَهُم إِن تَستَغفِر لَهُم سَبعينَ مَرَّةً فَلَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 80) |
تون انهن لاءِ بخشش گهرين يا نه گهرين، کڻي انهن لاءِ ستر ڀيرا بخشش گهرين، ته به الله انهن کي هرگز نه بخشيندو، اهو هن ڪري جو انهن الله ۽ سندس رسول جو انڪار ڪيو، ۽ الله نافرمان ماڻهن کي واٽ نٿو لڳائي. |
فَرِحَ المُخَلَّفونَ بِمَقعَدِهِم خِلٰفَ رَسولِ اللَّهِ وَكَرِهوا أَن يُجٰهِدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ وَقالوا لا تَنفِروا فِى الحَرِّ قُل نارُ جَهَنَّمَ أَشَدُّ حَرًّا لَو كانوا يَفقَهونَ (آيت : 81) |
هي پٺتي رهڻ وارا الله جي رسول کانپوءِ پنهنجي ئي رهڻ تي خوش ٿيا ۽ کين پنهنجن مالن ۽ جانين سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ نٿو وڻي ۽ (ٻين کي به) چوڻ لڳا ته ”اوهين گرميءَ ۾ نه نڪرو.“ چئو ته ”دوزخ جي باهه وڌيڪ گرم آهي!“ ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو سمجهن! |
فَليَضحَكوا قَليلًا وَليَبكوا كَثيرًا جَزاءً بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 82) |
پوءِ ڀل ته سندن ڪيتن جي عيوض ٿورو کلن ۽ گهڻو روئيندا رهن. |
فَإِن رَجَعَكَ اللَّهُ إِلىٰ طائِفَةٍ مِنهُم فَاستَـٔذَنوكَ لِلخُروجِ فَقُل لَن تَخرُجوا مَعِىَ أَبَدًا وَلَن تُقٰتِلوا مَعِىَ عَدُوًّا إِنَّكُم رَضيتُم بِالقُعودِ أَوَّلَ مَرَّةٍ فَاقعُدوا مَعَ الخٰلِفينَ (آيت : 83) |
پوءِ جيڪڏهن الله توکي انهن مان ڪنهن جماعت ڏانهن آڻي، تڏهن توکان (جهاد ۾) نڪرڻ لاءِ موڪل گهرن ته انهن کي چئو ته مون سان ڪڏهن به نه نڪرو ۽ نڪي مون سان همراهه ٿي دشمنن سان وڙهو. اوهين ته پهرئين ڀيري ئي ويهڻ تي راضي هئا، ته پوءِ انهن سان ويهو، جي (سچ پچ) پٺتي رهجي وڃڻ جا لائق نه آهن. |
وَلا تُصَلِّ عَلىٰ أَحَدٍ مِنهُم ماتَ أَبَدًا وَلا تَقُم عَلىٰ قَبرِهِ إِنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَماتوا وَهُم فٰسِقونَ (آيت : 84) |
انهن مان ڪو مري، ته ان تي ڪڏهن به نماز نه پڙهاءِ ۽ نڪي سندس قبر تي ئي بيهه، ڇو ته انهن الله ۽ سندس رسول جو انڪار ڪيو آهي ۽ اُهي ڪفر جي ئي حالت ۾ مئا آهن. |
وَلا تُعجِبكَ أَموٰلُهُم وَأَولٰدُهُم إِنَّما يُريدُ اللَّهُ أَن يُعَذِّبَهُم بِها فِى الدُّنيا وَتَزهَقَ أَنفُسُهُم وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 85) |
تون سندن مال ۽ اولاد تي عجب نه ڪر. الله گهري ٿو ته انهن سان ئي دنيا ۾ کين عذاب ڏئي ۽ سندس ساهه ڪفر جي حالت ۾ ئي نڪري. |
وَإِذا أُنزِلَت سورَةٌ أَن ءامِنوا بِاللَّهِ وَجٰهِدوا مَعَ رَسولِهِ استَـٔذَنَكَ أُولُوا الطَّولِ مِنهُم وَقالوا ذَرنا نَكُن مَعَ القٰعِدينَ (آيت : 86) |
۽ جڏهن ڪا سورت لاٿي وڃي ته، ”الله تي ايمان آڻيو ۽ سندس رسول سان گڏجي جهاد ڪريو“ ته انهن مان دولتمند توکان موڪل گهرن ٿا ۽ چون ٿا ته ”اسان کي ڇڏيو، ته پوئتي رهڻ وارن مان هجون.“ |
رَضوا بِأَن يَكونوا مَعَ الخَوالِفِ وَطُبِعَ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَفقَهونَ (آيت : 87) |
اُهي راضي آهن، ته پوئتي رهڻ وارن سان هجن، ڇو ته سندن دلين تي مهر لڳي ويئي آهي جنهن ڪري هو سمجهي نٿا سگهن. |
لٰكِنِ الرَّسولُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ جٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم وَأُولٰئِكَ لَهُمُ الخَيرٰتُ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 88) |
مگر رسول ۽ جن ماڻهن ان سان گڏ ايمان آندو، تن پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪيو، انهن لاءِ ئي سڀ ڀلايون آهن ۽ اهي ئي ڪامياب آهن. |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 89) |
الله انهن لاءِ اهڙا باغ تيار ڪيا آهن، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، اُهي ان ۾ هميشه رهندا ۽ اها وڏي مراد ماڻڻ آهي. |
وَجاءَ المُعَذِّرونَ مِنَ الأَعرابِ لِيُؤذَنَ لَهُم وَقَعَدَ الَّذينَ كَذَبُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ سَيُصيبُ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 90) |
ڳوٺاڻن مان ڪجهه بهاني باز ماڻهو آيا، ته انهن کي (پوئتي رهڻ جي) اجازت ملي ۽ جن (انهن مان) الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي هئي، اُهي ته بلڪل وهي رهيا، جن انهن مان ڪفر ڪيو، انهن کي جلد ئي دردناڪ عذاب ٿيندو. |
لَيسَ عَلَى الضُّعَفاءِ وَلا عَلَى المَرضىٰ وَلا عَلَى الَّذينَ لا يَجِدونَ ما يُنفِقونَ حَرَجٌ إِذا نَصَحوا لِلَّهِ وَرَسولِهِ ما عَلَى المُحسِنينَ مِن سَبيلٍ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 91) |
انهن ڪمزور ماڻهن ۽ بيمارن ۽ انهن ماڻهن تي جن وٽ خرچ ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، ڪو به گناهه نه آهي، جي الله ۽ رسول ڏانهن سچا آهن، اهڙن نيڪن تي ڪو به الزام نه آهي ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي. |
وَلا عَلَى الَّذينَ إِذا ما أَتَوكَ لِتَحمِلَهُم قُلتَ لا أَجِدُ ما أَحمِلُكُم عَلَيهِ تَوَلَّوا وَأَعيُنُهُم تَفيضُ مِنَ الدَّمعِ حَزَنًا أَلّا يَجِدوا ما يُنفِقونَ (آيت : 92) |
۽ نڪي انهن تي ڪو گناهه آهي، جو اهي جڏهن تو وٽ اچن ٿا، ته تون انهن کي سواري ڏين، تڏهن تون انهن کي چوين ٿو ته مون وٽ اهڙي سواري ڪا نه آهي، جنهن تي توهان کي سوار ڪريان، ته اهي ان حال ۾ موٽي ويا جو سندن اکيون غم جي ڪري ڳوڙها ڳاڙين ٿيون. ته هنن وٽ خرچ ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي! |
إِنَّمَا السَّبيلُ عَلَى الَّذينَ يَستَـٔذِنونَكَ وَهُم أَغنِياءُ رَضوا بِأَن يَكونوا مَعَ الخَوالِفِ وَطَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 93) |
الزام ۽ پڪڙ ته رڳو انهن تي آهي، جي دولتمند هجڻ هوندي توکان (گهر ۾ رهڻ) جي موڪل گهرن ٿا (۽) اهي گهر ۾ رهندڙ عورتن سان وهڻ لاءِ راضي آهن ۽ الله سندن دلين تي مهر هنئي آهي، تنهن ڪري اُهي نٿا ڄاڻن. |
يَعتَذِرونَ إِلَيكُم إِذا رَجَعتُم إِلَيهِم قُل لا تَعتَذِروا لَن نُؤمِنَ لَكُم قَد نَبَّأَنَا اللَّهُ مِن أَخبارِكُم وَسَيَرَى اللَّهُ عَمَلَكُم وَرَسولُهُ ثُمَّ تُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 94) |
جڏهن اوهين انهن ڏانهن موٽي ويندؤ ته هو اوهان کي بهانا ٻڌائيندا. کين چئيج ته بهانا نه بنايو. اسين اوهان کي هرگز نه وسهنداسين، اسان کي الله اوهانجون خبرون ڏيئي ڇڏيون آهن ۽ اڳتي به الله ۽ سندس رسول اوهان جي ڪمن کي ڏسندا، پوءِ اوهان کي ڳجهي ۽ پڌري ڄاڻندڙ الله ڏي موٽائبو پوءِ اهو اوهان کي اوهان جي ڪمن جي خبر ڏيندو. |
سَيَحلِفونَ بِاللَّهِ لَكُم إِذَا انقَلَبتُم إِلَيهِم لِتُعرِضوا عَنهُم فَأَعرِضوا عَنهُم إِنَّهُم رِجسٌ وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ جَزاءً بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 95) |
هاڻي جڏهن اوهين انهن ڏانهن موٽندؤ ته اوهان جي سامهون الله جا قسم کڻندا ته اوهين کين ڇڏي ڏيو، تنهن ڪري انهن کان منهن موڙي ڇڏيو، بيشڪ اُهي گندا آهن ۽ سندن ڪمن جي بدلي ۾ سندن ٺڪاڻو دوزخ آهي. |
يَحلِفونَ لَكُم لِتَرضَوا عَنهُم فَإِن تَرضَوا عَنهُم فَإِنَّ اللَّهَ لا يَرضىٰ عَنِ القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 96) |
اُهي قسم کڻندا، ته تون کانئن راضي ٿئين، پوءِ جي تون انهن کان راضي ٿيندين، ته به الله بدڪار ماڻهن کان راضي نٿو ٿئي. |
الأَعرابُ أَشَدُّ كُفرًا وَنِفاقًا وَأَجدَرُ أَلّا يَعلَموا حُدودَ ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 97) |
ڳوٺاڻا ڪفر ۽ نفاق ۾ وڌيڪ سخت آهن ۽ انهيءَ لائق آهن جو، الله جي سندس رسول ڏي موڪليل حڪمن کي نه ڄاڻن ۽ الله ڄاڻندڙ، ڏاهپ وارو آهي. |
وَمِنَ الأَعرابِ مَن يَتَّخِذُ ما يُنفِقُ مَغرَمًا وَيَتَرَبَّصُ بِكُمُ الدَّوائِرَ عَلَيهِم دائِرَةُ السَّوءِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 98) |
۽ ڪي ڳوٺاڻا خدا ڪارڻ خرچڻ کي چٽي سمجهن ٿا ۽ اوهان جي لاءِ زماني جي ڦيري جي واٽ ٿا نهارين. مٿن ئي بڇڙو ڦيرو اچڻو آهي ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
وَمِنَ الأَعرابِ مَن يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَيَتَّخِذُ ما يُنفِقُ قُرُبٰتٍ عِندَ اللَّهِ وَصَلَوٰتِ الرَّسولِ أَلا إِنَّها قُربَةٌ لَهُم سَيُدخِلُهُمُ اللَّهُ فى رَحمَتِهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 99) |
پر ڳوٺاڻن مان ڪي اهڙا به آهن، جي الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا ۽ جيڪي خرچ ڪن ٿا، ان کي الله وٽ ويجهائيءَ جو وسيلو ۽ رسول جي دعا جو ذريعو سمجهن ٿا. ياد رکو ته اهو انهن لاءِ بيشڪ ويجهائي جو ذريعو آهي، ضرور الله انهن کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو، الله وڏو بخشڻهار مهربان آهي. |
وَالسّٰبِقونَ الأَوَّلونَ مِنَ المُهٰجِرينَ وَالأَنصارِ وَالَّذينَ اتَّبَعوهُم بِإِحسٰنٍ رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ وَأَعَدَّ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى تَحتَهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 100) |
۽ جي مهاجر ۽ انصار (ايمان آڻڻ ۾) سڀ کان اڳ ۾ آهن ۽ (باقي امت مان ) جيترا ماڻهو سچائي سان سندن پيروي ڪندڙ آهن الله انهن سڀني کان راضي ٿيو. اهي ان کان راضي ٿيا. ۽ انهن لاءِ اهڙا باغ تيار ڪيا اٿس، جن جي هيٺان نهرون وهنديون، انهن ۾ هميشه رهندا- (۽) اها وڏي ڪاميابي آهي. |
وَمِمَّن حَولَكُم مِنَ الأَعرابِ مُنٰفِقونَ وَمِن أَهلِ المَدينَةِ مَرَدوا عَلَى النِّفاقِ لا تَعلَمُهُم نَحنُ نَعلَمُهُم سَنُعَذِّبُهُم مَرَّتَينِ ثُمَّ يُرَدّونَ إِلىٰ عَذابٍ عَظيمٍ (آيت : 101) |
۽ ڪجهه اوهان جي آسپاس وارن مان ۽ڪجهه مديني وارن مان اهڙا منافق (به) آهن، جي حد درجي جي نفاق کي پهتل آهن. تون انهن کي نٿو ڄاڻين، پر اسين کين ڄاڻون ٿا. اسين کين ٻه ڀيرا عذاب ڏينداسون، ۽ پوءِ (آخرت ۾ ) کين وڏي عذاب ڏانهن موڪلبو. |
وَءاخَرونَ اعتَرَفوا بِذُنوبِهِم خَلَطوا عَمَلًا صٰلِحًا وَءاخَرَ سَيِّئًا عَسَى اللَّهُ أَن يَتوبَ عَلَيهِم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 102) |
۽ ڪجهه ٻيا به آهن، جن پنهنجن گناهن جو اقرار ڪيو، جن ڪجهه نيڪ ڪم ۽ ڪجهه بڇڙا ڪم ملايا، سو اميد آهي، ته الله انهن جي توبه قبول ڪري، بيشڪ الله بخشڻهار مهربان آهي. |
خُذ مِن أَموٰلِهِم صَدَقَةً تُطَهِّرُهُم وَتُزَكّيهِم بِها وَصَلِّ عَلَيهِم إِنَّ صَلوٰتَكَ سَكَنٌ لَهُم وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 103) |
تون سندن مالن مان صدقو وٺ، جنهن جي وسيلي تون انهن کي ظاهري خواه باطني گناهن کان پاڪ ڪرين ۽ انهن لاءِ دعا گهر، بيشڪ تنهنجي دعا انهن لاءِ دل جي آرام جو سبب ٿيندي ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
أَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ هُوَ يَقبَلُ التَّوبَةَ عَن عِبادِهِ وَيَأخُذُ الصَّدَقٰتِ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 104) |
ڇا کين خبر نه آهي ته الله پنهنجن ٻانهن جي توبه قبول ڪري ٿو، ۽ اهو ئي صدقا قبولي ٿو ۽ بيشڪ الله ئي توبه قبول ڪندڙ مهربان آهي. |
وَقُلِ اعمَلوا فَسَيَرَى اللَّهُ عَمَلَكُم وَرَسولُهُ وَالمُؤمِنونَ وَسَتُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 105) |
چئو ته عمل ڪريو، سگهو ئي الله ۽ سندس رسول ۽ مومن اوهان جي عملن کي ڏسندا ۽ ضرور اوهان کي انهي وٽ وڃڻو آهي، جو پڌري ۽ لڪل کي ڄاڻي ٿو، هو اوهان کي اوهان جي ڪمن جي خبر ڏيندو. |
وَءاخَرونَ مُرجَونَ لِأَمرِ اللَّهِ إِمّا يُعَذِّبُهُم وَإِمّا يَتوبُ عَلَيهِم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 106) |
ڪجهه ٻيا ماڻهو آهن، جن جو معاملو الله جي حڪم اچڻ لاءِ رکيل آهي، ته انهن کي سزا ڏئي، يا سندن توبه قبول ڪري ۽ الله ڄاڻندڙ ڏاهپ وارو آهي. |
وَالَّذينَ اتَّخَذوا مَسجِدًا ضِرارًا وَكُفرًا وَتَفريقًا بَينَ المُؤمِنينَ وَإِرصادًا لِمَن حارَبَ اللَّهَ وَرَسولَهُ مِن قَبلُ وَلَيَحلِفُنَّ إِن أَرَدنا إِلَّا الحُسنىٰ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 107) |
۽ ڪي شخص مسجد انهيءَ لاءِ ٿا بنائين ته، نقصان پهچائين ۽ ڪفر جون ڳالهيون ڪن ۽ مومنن ۾ ڏڦيڙ وجهن، ۽ ان ماڻهوءَ لاءِ ان کي وجهه بنائين، جو هن کان اڳ ۾ الله ۽ سندس رسول سان وڙهي چڪو آهي ۽ اُهي ضرور قسم کڻندا، ته انهن جي نيت چڱائي ڌاران ٻي ڪا به ڪانه هئي، پر الله گواهي ڏئي ٿو ته اهي بلڪل ڪوڙا آهن. |
لا تَقُم فيهِ أَبَدًا لَمَسجِدٌ أُسِّسَ عَلَى التَّقوىٰ مِن أَوَّلِ يَومٍ أَحَقُّ أَن تَقومَ فيهِ فيهِ رِجالٌ يُحِبّونَ أَن يَتَطَهَّروا وَاللَّهُ يُحِبُّ المُطَّهِّرينَ (آيت : 108) |
اوهين ان ۾ (نماز لاءِ) هر گز نه بيهو، هان، اُها مسجد جنهن جو بنياد پهرئين ڏينهن کان ئي پرهيزگاري تي رکيو ويو آهي، سا وڌيڪ حقدار آهي ته تون (نماز لاءِ) ان ۾ بيهين، ان ۾ اهڙا ماڻهو آهن، جي پاڪ هجڻ کي پسند ڪن ٿا ۽ الله پاڪ هجڻ وارن کي پسند ڪري ٿو. |
أَفَمَن أَسَّسَ بُنيٰنَهُ عَلىٰ تَقوىٰ مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنٍ خَيرٌ أَم مَن أَسَّسَ بُنيٰنَهُ عَلىٰ شَفا جُرُفٍ هارٍ فَانهارَ بِهِ فى نارِ جَهَنَّمَ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 109) |
ڇا اهڙو ماڻهو جنهن پنهنجي (مسجد جي) اڏاوت جو بنياد الله جي خوف ۽ رضا تي رکيو، سو بهتر آهي، يا اهو، جنهن پنهنجي اڏاوت جو بنياد ڪرندڙ کاهيءَ جي ڪناري رکيو؟ پوءِ اها انهيءَ سميت دوزخ جي باهه ۾ وڃي ڪري؟ الله اهڙن ظالمن کي (دين جي) سمجهه نه ٿو ڏئي. |
لا يَزالُ بُنيٰنُهُمُ الَّذى بَنَوا ريبَةً فى قُلوبِهِم إِلّا أَن تَقَطَّعَ قُلوبُهُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 110) |
سندن ڪيل اها اڏاوت هميشه سندن دلين ۾ ڪنڊي وانگر چڀندي رهندي، سواءِ انهيءَ جي، جو خود سندن دليون ئي ٽٽي پون_ ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
إِنَّ اللَّهَ اشتَرىٰ مِنَ المُؤمِنينَ أَنفُسَهُم وَأَموٰلَهُم بِأَنَّ لَهُمُ الجَنَّةَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ فَيَقتُلونَ وَيُقتَلونَ وَعدًا عَلَيهِ حَقًّا فِى التَّورىٰةِ وَالإِنجيلِ وَالقُرءانِ وَمَن أَوفىٰ بِعَهدِهِ مِنَ اللَّهِ فَاستَبشِروا بِبَيعِكُمُ الَّذى بايَعتُم بِهِ وَذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 111) |
بيشڪ الله مومنن کان سندن جانين ۽ مالن کي کين جنت ڏيڻ جي بدلي خريد ڪيو آهي، اهي الله جي راهه ۾ وڙهن ٿا، پوءِ مارين به ٿا ۽ مارجن به ٿا_ توريت ۽ انجيل ۽ قرآن ۾ اهو سچو وعدو ڪيل آهي. ۽ الله کان وڌيڪ ٻيو ڪير پنهنجي عهد کي پوري ڪرڻ وارو آهي؟ تنهنڪري اوهين پنهنجي انهيءَ الله سان ڪيل واپار تي خوش ٿيو، اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
التّٰئِبونَ العٰبِدونَ الحٰمِدونَ السّٰئِحونَ الرّٰكِعونَ السّٰجِدونَ الءامِرونَ بِالمَعروفِ وَالنّاهونَ عَنِ المُنكَرِ وَالحٰفِظونَ لِحُدودِ اللَّهِ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 112) |
اُهي (مومن) گناهن کان توبه ڪندڙ، الله جي عبادت ڪندڙ، سندس تعريف ڪندڙ، خدا جي واٽ ۾ مسافري ڪندڙ، رڪوع ڪندڙ، سجدا ڪندڙ، نيڪ ڳالهين جي تعليم ڏيندڙ، بڇڙين ڳالهين کان جهليندڙ، الله جي (حڪمن) جي حدن کي نگاهه ۾ رکندڙ آهن ۽ (اهڙن) مومنن کي خوشخبري ڏي. |
ما كانَ لِلنَّبِىِّ وَالَّذينَ ءامَنوا أَن يَستَغفِروا لِلمُشرِكينَ وَلَو كانوا أُولى قُربىٰ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُم أَنَّهُم أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 113) |
جڏهن نبيءَ ۽ مومنن تي اها ڳالهه پڌري ٿي ته مشرڪ دوزخي آهن، ته پوءِ کين مشرڪن لاءِ بخشش گهرڻ نه جڳائي، کڻي اهي عزيز ڇو نه هجن. |
وَما كانَ استِغفارُ إِبرٰهيمَ لِأَبيهِ إِلّا عَن مَوعِدَةٍ وَعَدَها إِيّاهُ فَلَمّا تَبَيَّنَ لَهُ أَنَّهُ عَدُوٌّ لِلَّهِ تَبَرَّأَ مِنهُ إِنَّ إِبرٰهيمَ لَأَوّٰهٌ حَليمٌ (آيت : 114) |
۽ ابراهيم جي پنهنجي پي لاءِ بخشش گهرڻ ته سندس ان وعدي ڪري هئي جو پاڻ ان کي ڏنو هئائين_ پوءِ جڏهن مٿس اها ڳالهه ظاهر ٿي ته هو الله جو دشمن آهي، ته ان کان بيزار ٿي بيٺو. بيشڪ ابراهيم درد رکندڙ نهٺو هو. |
وَما كانَ اللَّهُ لِيُضِلَّ قَومًا بَعدَ إِذ هَدىٰهُم حَتّىٰ يُبَيِّنَ لَهُم ما يَتَّقونَ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 115) |
الله ڪنهن به قوم کي سندس هدايت کانپوءِ گمراهه نه ڪندو آهي جيسين انهن شين کي پڌري پٽ نه بيان ڪري جن کان کين بچڻ گهرجي_ بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُحيۦ وَيُميتُ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 116) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي لاءِ ئي آهي، اهو ئي جيئرو ڪري ٿو، اهو ئي ماري ٿو_ اوهان لاءِ الله کانسواءِ ڪو ولي (دوست همراهه) آهي ۽ نه مددگار. |
لَقَد تابَ اللَّهُ عَلَى النَّبِىِّ وَالمُهٰجِرينَ وَالأَنصارِ الَّذينَ اتَّبَعوهُ فى ساعَةِ العُسرَةِ مِن بَعدِ ما كادَ يَزيغُ قُلوبُ فَريقٍ مِنهُم ثُمَّ تابَ عَلَيهِم إِنَّهُ بِهِم رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 117) |
الله نبيءَ جي حال تي ڌيان ڏنو ۽ مهاجرن ۽ انصارن تي به، جن نبيءَ جي ان تنگ وقت ۾ پيروي ڪئي، جڏهن انهن مان هڪ جماعت جي دلين ۾ ڦيرو اچڻ تي هو. پوءِ الله انهن جي حال تي به ڌيان ڏنو، بيشڪ الله انهن سڀني تي گهڻو ٻاجهارو ۽ مهربان آهي. |
وَعَلَى الثَّلٰثَةِ الَّذينَ خُلِّفوا حَتّىٰ إِذا ضاقَت عَلَيهِمُ الأَرضُ بِما رَحُبَت وَضاقَت عَلَيهِم أَنفُسُهُم وَظَنّوا أَن لا مَلجَأَ مِنَ اللَّهِ إِلّا إِلَيهِ ثُمَّ تابَ عَلَيهِم لِيَتوبوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 118) |
۽ انهن ٽن ماڻهن جي حال تي به (ڌيان ڏنو) جن جو معاملو پوئتي رکيو ويو هو. ايتريقدر جو زمين پنهنجي ڪشادگيءَ هوندي مٿن تنگ ٿي ويئي ۽ خود مٿن سندن جان به تنگ ٿي پئي ۽ انهن سمجهيو، ته خدا جي پڪڙ کان پناهه، سندس سواءِ اصل نه ملي سگهندي ۽ پوءِ انهن جي توبه هن لاءِ قبول ڪيائين ته اهي (ويجهڙائي واري جاءِ ڏانهن) موٽ کائين، بيشڪ الله توبه قبول ڪندڙ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَكونوا مَعَ الصّٰدِقينَ (آيت : 119) |
اي مومنو! الله کان ڊڄو ۽ سچن جو ساٿ ڏيو. |
ما كانَ لِأَهلِ المَدينَةِ وَمَن حَولَهُم مِنَ الأَعرابِ أَن يَتَخَلَّفوا عَن رَسولِ اللَّهِ وَلا يَرغَبوا بِأَنفُسِهِم عَن نَفسِهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم لا يُصيبُهُم ظَمَأٌ وَلا نَصَبٌ وَلا مَخمَصَةٌ فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا يَطَـٔونَ مَوطِئًا يَغيظُ الكُفّارَ وَلا يَنالونَ مِن عَدُوٍّ نَيلًا إِلّا كُتِبَ لَهُم بِهِ عَمَلٌ صٰلِحٌ إِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 120) |
مديني وارن ۽ سندس آس پاس رهندڙ ڳوٺاڻن کي مناسب نه آهي، جو الله جي رسول کان پوئتي رهجي وڃن ۽ نڪي اهو، جو هو پنهنجن جانين کي ان جي جان کان پيارو سمجهن، ڇا لاءِ ته، الله جي واٽ ۾ جيڪا انهن کي اڃ لڳي ٿي ۽ ٿڪ ٿئي ٿو ۽ الله جي واٽ ۾ بک لڳي ٿي ۽ اهو هر ڪو قدم جو انهن ان جاءِ ڏانهن کنيو ٿي جو ڪافرن لاءِ غصي جو سبب ٿئي، ۽ جيڪا انهن دشمنن جي چيز ورتي، ان سڀ لاءِ انهن جي نالي نيڪي لکي وڃي ٿي، بيشڪ الله نيڪو ڪارن جي ثواب کي نٿو وڃائي. |
وَلا يُنفِقونَ نَفَقَةً صَغيرَةً وَلا كَبيرَةً وَلا يَقطَعونَ وادِيًا إِلّا كُتِبَ لَهُم لِيَجزِيَهُمُ اللَّهُ أَحسَنَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 121) |
۽ اُهي جيڪو به ننڍو يا وڏو خرچ ٿا ڪن يا ڪنهن جهنگ مان ٿا لنگهن، سي سڀ سندن نالي نيڪين ۾ لکيا وڃن ٿا، ته الله سندن انهن سڀني ڪمن لاءِ جي هو ڪن ٿا تمام چڱو بدلو ڏئي. |
وَما كانَ المُؤمِنونَ لِيَنفِروا كافَّةً فَلَولا نَفَرَ مِن كُلِّ فِرقَةٍ مِنهُم طائِفَةٌ لِيَتَفَقَّهوا فِى الدّينِ وَلِيُنذِروا قَومَهُم إِذا رَجَعوا إِلَيهِم لَعَلَّهُم يَحذَرونَ (آيت : 122) |
مومنن لاءِ مناسب نه آهي، ته سڀئي (تعليم لاءِ) ٻاهر نڪرن، پوءِ ڇو نه هر هڪ وڏي جماعت مان هڪ ننڍي جماعت نڪري، ته اُهي دين جي سمجهه حاصل ڪندا رهن، پوءِ جڏهن اُهي موٽي اچن، ته پنهنجن ماڻهن کي ڊيڄاريندا رهن، ته شايد (ان طرح) اُهي (خرابين) کان پاسو ڪن. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا قٰتِلُوا الَّذينَ يَلونَكُم مِنَ الكُفّارِ وَليَجِدوا فيكُم غِلظَةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 123) |
اي مومنو! انهن ڪافرن سان وڙهو، جي آس پاس آهن ۽ انهن کي اوهان ۾ سختي معلوم ٿيڻ گهرجي، يقين رکو ته الله پرهيز گارن جو همراهه آهي_ |
وَإِذا ما أُنزِلَت سورَةٌ فَمِنهُم مَن يَقولُ أَيُّكُم زادَتهُ هٰذِهِ إيمٰنًا فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا فَزادَتهُم إيمٰنًا وَهُم يَستَبشِرونَ (آيت : 124) |
جڏهن ڪاسورت لاٿي وڃي ٿي، ته انهن (منافقن) مان ڪي چون ٿا، ته هن (سورت) اوهان مان ڪنهن جي ايمان کي وڌايو؟ ۽ (حقيقت ۾) اها سورت مومنن کي ايمان ۾ وڌائي ٿي ۽ اهي خوش ٿين ٿا_ |
وَأَمَّا الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ فَزادَتهُم رِجسًا إِلىٰ رِجسِهِم وَماتوا وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 125) |
۽ جن ماڻهن جي دلين ۾ (نفاق) جي بيماري آهي، انهن کي ته (هن سورت) سندن گندگي ۾ وڌيڪ وڌايو آهي، ۽ اهي ڪفر جي حالت ۾ مري ويا. |
أَوَلا يَرَونَ أَنَّهُم يُفتَنونَ فى كُلِّ عامٍ مَرَّةً أَو مَرَّتَينِ ثُمَّ لا يَتوبونَ وَلا هُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 126) |
ڇا، هو نه ٿا ڏسن، ته هر سال هڪ ڀيرو يا ٻه ڀيرا ڪنهن نه ڪنهن آزمائش ۾ وڌا وڃن ٿا؟ پوءِ به اُهي نه توبه ڪن ٿا ۽ نه ڪجهه سمجهن ٿا_ |
وَإِذا ما أُنزِلَت سورَةٌ نَظَرَ بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ هَل يَرىٰكُم مِن أَحَدٍ ثُمَّ انصَرَفوا صَرَفَ اللَّهُ قُلوبَهُم بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 127) |
۽ جڏهن ڪنهن وقت ڪا سورت لهي ٿي ته هڪ ٻئي کي (اشارن ڪرڻ لاءِ) ڏسن ٿا، ته اوهان کي ڪو (مسلمان) ڏسي ته ڪو نه ٿو؟ پوءِ هليا وڃن ٿا_ الله سندن دلين کي (ايمان کان) ڦيري ڇڏيو آهي، ان ڪري، جو هو بلڪل بي سمجهه ماڻهو آهن. |
لَقَد جاءَكُم رَسولٌ مِن أَنفُسِكُم عَزيزٌ عَلَيهِ ما عَنِتُّم حَريصٌ عَلَيكُم بِالمُؤمِنينَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 128) |
بيشڪ اوهان وٽ اهڙو رسول آيو آهي، جو اوهان مان آهي_ جنهن کي اوهان جي تڪليف ڳري لڳي ٿي. اوهان جي فائدي لاءِ خواهشمند آهي. (خاص طرح) ايماندارن تي وڏي شفقت وارو مهربان آهي. |
فَإِن تَوَلَّوا فَقُل حَسبِىَ اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَهُوَ رَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 129) |
پوءِ جيڪڏهن ڦري وڃن، ته چئو مون کي الله ڪافي آهي جنهن کانسواءِ ٻيو ڪو سائين نه آهي، اُن تي مون ڀروسو ڪيو ۽ اهو ئي بادشاهيءَ جو مالڪ آهي. |