بَراءَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ إِلَى الَّذينَ عٰهَدتُم مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 1) |
(اي مسلمانو!) توهان مشرڪن سان جيڪي (اڳ) معاهدا ڪيا هئا، انهن معاهدن کي الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ اڄ) ختم (ڪرڻ جو اعلان) ڪن ٿا. |
فَسيحوا فِى الأَرضِ أَربَعَةَ أَشهُرٍ وَاعلَموا أَنَّكُم غَيرُ مُعجِزِى اللَّهِ وَأَنَّ اللَّهَ مُخزِى الكٰفِرينَ (آيت : 2) |
پوءِ ( انهن مشرڪن کي چؤ ته) توهان چئن مھينن تائين انهن معاهدن مطابق آزاديءَ سان گهمي ڦري وٺو ۽ اهو ذهن ۾ رکو ته توهان الله تعالى کي ڪمزور نٿا ڪري سگهو. بيشڪ الله تعالى ڪافرن کي رسوا ڪرڻ وارو آهي. |
وَأَذٰنٌ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ إِلَى النّاسِ يَومَ الحَجِّ الأَكبَرِ أَنَّ اللَّهَ بَريءٌ مِنَ المُشرِكينَ وَرَسولُهُ فَإِن تُبتُم فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَإِن تَوَلَّيتُم فَاعلَموا أَنَّكُم غَيرُ مُعجِزِى اللَّهِ وَبَشِّرِ الَّذينَ كَفَروا بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 3) |
الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي طرفان حجّ اڪبر جي ڏينهن هي سڀني ماڻهن جي لاءِ عام اعلان آهي ته بيشڪ الله تعالى مشرڪن جي ڪنھن به حفاظتي ذميداري کڻڻ کان آجو آهي ۽ سندس رسول (ﷺ) به (آجو آهي) جيڪڏهن توهان توبہ ڪندا ته توهان جي لاءِ بھتر ٿيندو پر جيڪڏهن منھن ڦيرائيندا ته پوءِ سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ توهان (ڪڏهن به) الله تعالى کي ڪمزور نٿا ڪري سگهو ۽ (تون) ڪافرن کي تڪليف ڏيندڙ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ. |
إِلَّا الَّذينَ عٰهَدتُم مِنَ المُشرِكينَ ثُمَّ لَم يَنقُصوكُم شَيـًٔا وَلَم يُظٰهِروا عَلَيكُم أَحَدًا فَأَتِمّوا إِلَيهِم عَهدَهُم إِلىٰ مُدَّتِهِم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 4) |
رهيا اهي مشرڪ جن سان توهان جا معاهدا باقي آهن ۽ انهن معاهدن ۾ انهن توهان سان بدعھدي ۽ توهان جي خلاف ڪڏهن به ڪنھن جي مدد نه ڪئي آهي ۽ معاهدن کي توڙ تائين نڀايو به آهي (ته اهڙن مشرڪن سان معاهدا برقرار آهن) بيشڪ الله تعالى پرهيزگارن کي پسند ڪندو آهي. |
فَإِذَا انسَلَخَ الأَشهُرُ الحُرُمُ فَاقتُلُوا المُشرِكينَ حَيثُ وَجَدتُموهُم وَخُذوهُم وَاحصُروهُم وَاقعُدوا لَهُم كُلَّ مَرصَدٍ فَإِن تابوا وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ فَخَلّوا سَبيلَهُم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
پوءِ جڏهن ڏنل مھلت وارا مھينا گذري وڃن ته هاڻي مشرڪن کي جتي به ڏسو کين قتل ڪريو، پڪڙيو، سندن گهيرو ڪريو ۽ هر وقت ۽ هر جڳھه سندن تاڙ ۾ رهو. پوءِ جيڪڏهن هو توبہ ڪن، نماز قائم ڪن، زڪوات ادا ڪن ته پوءِ انهن جي رستا روڪ نه ڪريو. بيشڪ الله تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَإِن أَحَدٌ مِنَ المُشرِكينَ استَجارَكَ فَأَجِرهُ حَتّىٰ يَسمَعَ كَلٰمَ اللَّهِ ثُمَّ أَبلِغهُ مَأمَنَهُ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعلَمونَ (آيت : 6) |
۽ جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو ماڻهو توهان وٽ (الله تعالى جي پاڪ ڪلام ٻڌڻ لاءِ) پناهه چاهي ته کيس ٻڌڻ تائين پناهه ڏيو. ڪلام پاڪ ٻڌڻ کان پوءِ وري کيس پنھنجي محفوظ جڳھه تائين ڇڏي اچو. اهو ان لاءِ آهي ته انهن (ويچارن) کي (صحيح) علم جي ڄاڻ نه آهي. |
كَيفَ يَكونُ لِلمُشرِكينَ عَهدٌ عِندَ اللَّهِ وَعِندَ رَسولِهِ إِلَّا الَّذينَ عٰهَدتُم عِندَ المَسجِدِ الحَرامِ فَمَا استَقٰموا لَكُم فَاستَقيموا لَهُم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 7) |
الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) سان ڪيل مشرڪن جا معاهدا ڪيئن ٿا برقرار رهي سگهن؟ ها باقي جن ماڻهن مسجد حرام ۾ ويھي معاهدا ڪيا آهن ته پوءِ جيستائين هو وعدن جا پاسدار ٿي رهن ته توهان به انهن سان پاسدار ٿي رهو. بيشڪ الله تعالى پرهيزگار ماڻهن کي پسند ڪندو آهي. |
كَيفَ وَإِن يَظهَروا عَلَيكُم لا يَرقُبوا فيكُم إِلًّا وَلا ذِمَّةً يُرضونَكُم بِأَفوٰهِهِم وَتَأبىٰ قُلوبُهُم وَأَكثَرُهُم فٰسِقونَ (آيت : 8) |
(باقي) اهڙن مشرڪن جا معاهدا ڪيئن برقرار رهي سگهن ٿا؟ (جن جي حالت اها آهي ته) جيڪڏهن انهن کي توهان جي مٿان ڪڏهن ڪو غلبو حاصل ٿي وڃي ته هو توهان سان نه رشتيداري ۽ نه ڪنھن معاهدي جو لحاظ رکندا، (هينئر ته) هو توهان کي ڳالهين جي حد تائين خوش رکن ٿا، باقي انهن جون دليون مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. انهن ۾ گهڻا ماڻهو نافرمان آهن. |
اشتَرَوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا فَصَدّوا عَن سَبيلِهِ إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 9) |
اهڙن ماڻهن الله تعالى جي آيتن جي بدلي ۾ ٿورڙي قيمت قبول ڪئي آهي ۽ الله تعالى جي رستي کان روڪيندڙ ٿي بيٺا آهن. (بھرحال) هو جيڪو ڪجهه ڪن ٿا، سو تمام برو آهي. |
لا يَرقُبونَ فى مُؤمِنٍ إِلًّا وَلا ذِمَّةً وَأُولٰئِكَ هُمُ المُعتَدونَ (آيت : 10) |
هي ماڻهو ڪنھن به مسلمان جي باري ۾ نه مٽي مائٽيءَ جو لحاظ رکندا آهن ۽ نه ئي ڪنھن معاهدي جو، اهڙا ئي ماڻهو حد کان لنگهندڙ آهن. |
فَإِن تابوا وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ فَإِخوٰنُكُم فِى الدّينِ وَنُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 11) |
جيڪڏهن هو توبہ ڪن، نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ته پوءِ هو توهان جا ديني ڀائر آهن ۽ اسان سمجهدار ماڻهن لاءِ تفصيل سان آيتون بيان ڪندا آهيون. |
وَإِن نَكَثوا أَيمٰنَهُم مِن بَعدِ عَهدِهِم وَطَعَنوا فى دينِكُم فَقٰتِلوا أَئِمَّةَ الكُفرِ إِنَّهُم لا أَيمٰنَ لَهُم لَعَلَّهُم يَنتَهونَ (آيت : 12) |
۽ جيڪڏهن هي وعدو ڪرڻ کان پوءِ پنھنجا قسم ٽوڙين ۽ توهان جي دين جي مٿان ٽوڪون ڪن ته پوءِ ڪفر جي اڳواڻي ڪرڻ وارن سان جنگ ڪريو، انهن جي قسمن جو اعتبار ناهي. بس! ٿي سگهي ٿو ته هو طاقت جي زور تي رڪجي وڃن. |
أَلا تُقٰتِلونَ قَومًا نَكَثوا أَيمٰنَهُم وَهَمّوا بِإِخراجِ الرَّسولِ وَهُم بَدَءوكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ أَتَخشَونَهُم فَاللَّهُ أَحَقُّ أَن تَخشَوهُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 13) |
ڇا توهان انهن ماڻهن سان نه وڙهندا جن پنھنجا قسم ٽوڙيا ۽ رسول سڳوري کي جلا وطن ڪرڻ جو ارادو ڪيو، دشمني ڪرڻ ۾ به انهن ئي اڳرائي ڪئي؟ ڇا توهان اهڙن ماڻهن کان ڊڄو ٿا؟ جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو (ته سمجهي ڇڏيو ته) ڊڄڻ جو سڀني کان وڏو حق الله تعالى جو ئي آهي. |
قٰتِلوهُم يُعَذِّبهُمُ اللَّهُ بِأَيديكُم وَيُخزِهِم وَيَنصُركُم عَلَيهِم وَيَشفِ صُدورَ قَومٍ مُؤمِنينَ (آيت : 14) |
انهن سان جنگ ڪريو، الله تعالى کين توهان جي هٿان عذاب ڏيندو ۽ ذليل ۽ خوار ڪندو. توهان کي انهن جي مٿان غالب ڪندو ۽ مؤمنن جي سينن کي سڪون بخشيندو. |
وَيُذهِب غَيظَ قُلوبِهِم وَيَتوبُ اللَّهُ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 15) |
۽ سندن دلين جي ڪاوڙ کي دور ڪندو ۽ الله تعالى جنھن کي چاهيندو کيس توبہ ڪرڻ جي توفيق بخشيندو ۽ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
أَم حَسِبتُم أَن تُترَكوا وَلَمّا يَعلَمِ اللَّهُ الَّذينَ جٰهَدوا مِنكُم وَلَم يَتَّخِذوا مِن دونِ اللَّهِ وَلا رَسولِهِ وَلَا المُؤمِنينَ وَليجَةً وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 16) |
(اي مؤمنو!) ڇا توهان اهو گمان ڪري ويٺا آهيو ته توهان کي ايئن ئي ڇڏيو ويندو، حالانڪه الله تعالى اڃا عملي طور تي اهو ڏٺو ئي نه آهي ته توهان مان اهي ڪھڙا ماڻهو آهن جن جھاد ڪيو ۽ الله تعالى، سندس رسول (ﷺ) ۽ مؤمنن کان سواءِ ٻين کي جگري دوست نه ٺاهيو آهي. الله تعالى توهان جي هر عمل کان خوب واقف آهي. |
ما كانَ لِلمُشرِكينَ أَن يَعمُروا مَسٰجِدَ اللَّهِ شٰهِدينَ عَلىٰ أَنفُسِهِم بِالكُفرِ أُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم وَفِى النّارِ هُم خٰلِدونَ (آيت : 17) |
مشرڪن کي ڪو به حق نه آهي ته هو الله تعالى جي مسجدن کي آباد ڪن ڇاڪاڻ جو هو ڪفر جو خود اقرار ڪن ٿا. انهن جا سڀ (نيڪ) عمل ضايع ٿي ويا ۽ هو هميشه دوزخ ۾ رهندا. |
إِنَّما يَعمُرُ مَسٰجِدَ اللَّهِ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَأَقامَ الصَّلوٰةَ وَءاتَى الزَّكوٰةَ وَلَم يَخشَ إِلَّا اللَّهَ فَعَسىٰ أُولٰئِكَ أَن يَكونوا مِنَ المُهتَدينَ (آيت : 18) |
الله تعالى جي مسجدن کي آباد ڪندڙ ته صرف اهي ماڻهو ئي ٿي سگهن ٿا جيڪي الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينھن تي ايمان آڻين، نماز قائم ڪن، زڪوات ڏين ۽ الله تعالى کان سواءِ ڪنھن ٻئي کان نه ڊڄن. اميد آهي ته اهي ئي ماڻهو هدايت حاصل ڪرڻ وارن مان ٿيندا. |
أَجَعَلتُم سِقايَةَ الحاجِّ وَعِمارَةَ المَسجِدِ الحَرامِ كَمَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَجٰهَدَ فى سَبيلِ اللَّهِ لا يَستَوۥنَ عِندَ اللَّهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 19) |
ڇا توهان ماڻهن حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ مسجد حرام کي آباد ڪرڻ کي ان ماڻهوءَ جي برابر قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جنھن الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينھن تي ايمان آندو آهي ۽ الله تعالى جي رستي ۾ جھاد ڪيو آهي؟ الله تعالى جي نظر ۾ اهي ٻئي برابر نه آهن ۽ الله تعالى ظالم ماڻهن کي هدايت نه ڏيندو آهي. |
الَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم أَعظَمُ دَرَجَةً عِندَ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 20) |
جن ماڻهن ايمان آندو، هجرت ڪئي ۽ الله تعالى جي رستي ۾ پنھنجي مالن ۽ جانين سان جھاد ڪيو، الله تعالى وٽ انهن جا وڏا درجا آهن ۽ اهي ئي ڪامياب ماڻهو آهن. |
يُبَشِّرُهُم رَبُّهُم بِرَحمَةٍ مِنهُ وَرِضوٰنٍ وَجَنّٰتٍ لَهُم فيها نَعيمٌ مُقيمٌ (آيت : 21) |
سندن پالڻھار کين پنھنجي رحمت، راضپي ۽ اهڙن باغن جي خوشخبري ڏي ٿو جنھن ۾ انهن لاءِ سدائين نعمتون هونديون. |
خٰلِدينَ فيها أَبَدًا إِنَّ اللَّهَ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 22) |
هو ان ۾ هميشه رهندا، بيشڪ الله تعالى وٽ وڏو اجر آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا ءاباءَكُم وَإِخوٰنَكُم أَولِياءَ إِنِ استَحَبُّوا الكُفرَ عَلَى الإيمٰنِ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِنكُم فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
اي ايمان وارؤ! پنھنجي پيئرن ۽ پنھنجي ڀائرن کي به پنھنجو دوست نه بنايو جيڪڏهن هو ايمان جي مقابلي ۾ ڪفر کي ترجيح (۽ اهميت) ڏين ( اهڙيءَ حالت ۾) توهان مان جيڪو به کين دوست ٺاهيندو ته اهي سڀ ظالم آهن. |
قُل إِن كانَ ءاباؤُكُم وَأَبناؤُكُم وَإِخوٰنُكُم وَأَزوٰجُكُم وَعَشيرَتُكُم وَأَموٰلٌ اقتَرَفتُموها وَتِجٰرَةٌ تَخشَونَ كَسادَها وَمَسٰكِنُ تَرضَونَها أَحَبَّ إِلَيكُم مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَجِهادٍ فى سَبيلِهِ فَتَرَبَّصوا حَتّىٰ يَأتِىَ اللَّهُ بِأَمرِهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 24) |
(اي نبي ﷺ!) کين واضح طور ٻڌائي ڇڏ ته جيڪڏهن توهان جا ابا ڏاڏا، پٽ، ڀائر، گهر واريون، مائٽ، توهان جو مال جيڪو توهان ڪمايو آهي، توهان جو ڪاروبار جنھن جي نقصان ٿيڻ کان توهان ڊڄو ٿا ۽ توهان جا گهر، جن کي توهان پسند ڪريو ٿا اهي سڀ توهان کي الله تعالى، سندس رسول (ﷺ) ۽ الله تعالى جي رستي ۾ جھاد ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آهن ته پوءِ انتظار ڪريو جيستائين الله تعالى پنھنجو حڪم نازل فرمائي. الله تعالى نافرمان قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آهي. |
لَقَد نَصَرَكُمُ اللَّهُ فى مَواطِنَ كَثيرَةٍ وَيَومَ حُنَينٍ إِذ أَعجَبَتكُم كَثرَتُكُم فَلَم تُغنِ عَنكُم شَيـًٔا وَضاقَت عَلَيكُمُ الأَرضُ بِما رَحُبَت ثُمَّ وَلَّيتُم مُدبِرينَ (آيت : 25) |
بيشڪ الله تعالى توهان جي گهڻن موقعن تي مدد ڪري چڪو آهي ۽ حنين واري جنگ جي ڏينھن به (توهان کي سرخرو ڪيو هو) جنھن ڏينھن توهان کي پنھنجي گهڻائيءَ تي وڏو ناز هو پر اها گهڻائي توهان کي بلڪل ڪم نه آئي، زمين پنھنجي ڪشادگيءَ هوندي توهان لاءِ سوڙهي ٿي پئي هئي ۽ توهان پٺي ڏئي ڀڄي ويا هئا. |
ثُمَّ أَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَعَلَى المُؤمِنينَ وَأَنزَلَ جُنودًا لَم تَرَوها وَعَذَّبَ الَّذينَ كَفَروا وَذٰلِكَ جَزاءُ الكٰفِرينَ (آيت : 26) |
پوءِ الله تعالى پنھنجي رسول (ﷺ) ۽ مؤمنن تي دلي سڪون لاٿو ۽ (ميدان ۾) اهڙا لشڪر لاٿا جن کي توهان ڏٺو ئي ڪونه ۽ ڪافرن کي سزا ڏني ۽ ڪافرن جو اهو ئي بدلو آهي. |
ثُمَّ يَتوبُ اللَّهُ مِن بَعدِ ذٰلِكَ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 27) |
وري ان کان پوءِ الله تعاليٰ جنھن کي چاهي توبہ جي توفيق نصيب فرمائي، الله تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّمَا المُشرِكونَ نَجَسٌ فَلا يَقرَبُوا المَسجِدَ الحَرامَ بَعدَ عامِهِم هٰذا وَإِن خِفتُم عَيلَةً فَسَوفَ يُغنيكُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ إِن شاءَ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 28) |
اي ايمان وارؤ! بيشڪ مشرڪ ناپاڪ آهن، هن سال کان پوءِ هو مسجد حرام جي ويجهو به نه اچن ۽ جيڪڏهن توهان کي غربت (۽ مفلسيءَ) جو خوف هجي ته جلد ئي الله تعالى چاهيو ته توهان کي پنھنجي فضل سان خوشحال ڪري ڇڏيندو. بيشڪ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
قٰتِلُوا الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلا بِاليَومِ الءاخِرِ وَلا يُحَرِّمونَ ما حَرَّمَ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَلا يَدينونَ دينَ الحَقِّ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ حَتّىٰ يُعطُوا الجِزيَةَ عَن يَدٍ وَهُم صٰغِرونَ (آيت : 29) |
اهل ڪتاب مان جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينھن تي ايمان نٿا رکن، الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) طرفان حرام ڪيل شين کي حرام نٿا سمجهن ۽ سچي دين کي قبول نٿا ڪن، انهن ماڻهن سان ايستائين جنگ ڪريو جيستائين هو ماتحت ٿي پنھنجو پاڻ جزيو ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿين. |
وَقالَتِ اليَهودُ عُزَيرٌ ابنُ اللَّهِ وَقالَتِ النَّصٰرَى المَسيحُ ابنُ اللَّهِ ذٰلِكَ قَولُهُم بِأَفوٰهِهِم يُضٰهِـٔونَ قَولَ الَّذينَ كَفَروا مِن قَبلُ قٰتَلَهُمُ اللَّهُ أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 30) |
يھودين چيو ته عزير (+) الله تعالى جو پٽ آهي ۽ وري عيسائين چيو ته عيسى (+) الله تعالى جو پٽ آهي. هي انهن جون بي بنياد ڳالهيون آهن جيڪي هو چئي رهيا آهن. هو انهن ماڻهن جي ريس ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهن جيڪي اڳ ۾ ڪفر ڪري چڪا آهن. الله تعالى جي انهن تي مارَ پوي ، هو ڪاڏي وڃي ڀٽڪي رهيا آهن؟ |
اتَّخَذوا أَحبارَهُم وَرُهبٰنَهُم أَربابًا مِن دونِ اللَّهِ وَالمَسيحَ ابنَ مَريَمَ وَما أُمِروا إِلّا لِيَعبُدوا إِلٰهًا وٰحِدًا لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ سُبحٰنَهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 31) |
انهن الله تعالى کي ڇڏي پنھنجي عالمن، درويشن ۽ مسيح ابن مريم کي پنھنجو پالڻھار بنائي ڇڏيو آهي. حالانڪه کين صرف هڪ معبود جي عبادت ڪرڻ جو (واضح) حڪم ڏنو ويو هو . (ڇو ته) الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪو به معبود ناهي، الله تعالى جي ذات انهن کان پاڪ آهي جن کي هو شريڪ بنائين ٿا. |
يُريدونَ أَن يُطفِـٔوا نورَ اللَّهِ بِأَفوٰهِهِم وَيَأبَى اللَّهُ إِلّا أَن يُتِمَّ نورَهُ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 32) |
الله تعالى جي نور کي هي ماڻهو پنھنجي ڦوڪن سان وسائڻ گهرن ٿا حالانڪه الله تعالى کي پنھنجي نور کي مڪمل ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا به ڳالهه برداشت نه آهي، ڀلي ڪافرن کي اها ڳالهه نه وڻي. |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَلَو كَرِهَ المُشرِكونَ (آيت : 33) |
اهو الله پاڪ ئي آهي جنھن پنھنجي رسول کي هدايت ۽ سچو دين ڏئي موڪليو ته جيئن هو هن دين کي ٻين سڀني دينن تي غالب ڪري، ڀلي مشرڪن کي اها ڳالهه نه وڻي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ كَثيرًا مِنَ الأَحبارِ وَالرُّهبانِ لَيَأكُلونَ أَموٰلَ النّاسِ بِالبٰطِلِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ يَكنِزونَ الذَّهَبَ وَالفِضَّةَ وَلا يُنفِقونَها فى سَبيلِ اللَّهِ فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 34) |
اي ايمان وارؤ! بيشڪ (اهل ڪتاب جي) گهڻن ئي عالمن ۽ درويشن جو اهو حال آهي جو هو ماڻهن جا مال ٺڳيءَ سان کائين ٿا ۽ کين الله تعالى جي رستي کان روڪين به ٿا ۽ جيڪي ماڻهو سون ۽ چاندي گڏ ڪن ٿا ۽ ان کي الله تعالى جي راهه ۾ خرچ نٿا ڪن ته اهڙن ماڻهن کي تڪليف واري عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ. |
يَومَ يُحمىٰ عَلَيها فى نارِ جَهَنَّمَ فَتُكوىٰ بِها جِباهُهُم وَجُنوبُهُم وَظُهورُهُم هٰذا ما كَنَزتُم لِأَنفُسِكُم فَذوقوا ما كُنتُم تَكنِزونَ (آيت : 35) |
جنھن ڏينھن ان (سون ۽ چانديءَ) کي جھنم جي باهه ۾ تپايو ويندو، پوءِ سندن نرڙن، پاسراٽين ۽ پٺين کي ڏنڀيو ويندو (۽ کين چيو ويندو ته) هي اهو خزانو آهي جنھن کي توهان پنھنجي لاءِ گڏ ڪري رکيو هو، سو هاڻي پنھنجي گڏ ڪيل خزاني جو مزو چکو. |
إِنَّ عِدَّةَ الشُّهورِ عِندَ اللَّهِ اثنا عَشَرَ شَهرًا فى كِتٰبِ اللَّهِ يَومَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ مِنها أَربَعَةٌ حُرُمٌ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ فَلا تَظلِموا فيهِنَّ أَنفُسَكُم وَقٰتِلُوا المُشرِكينَ كافَّةً كَما يُقٰتِلونَكُم كافَّةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 36) |
بيشڪ مھينن جو تعداد ٻارنهن آهي، اهو تعداد الله تعالى جي نظام ۾ ان ڏينھن کان مقرر آهي جڏهن هن آسمانن ۽ زمين کي بنايو هو، انهن مھينن مان وري چار مھينا (يعني رجب- ذوالقعد- ذوالحجّ ۽ مُحَرَّم) عزت وارا مھينا آهن ( جنھن ۾ ڪنھن به قسم جي جنگ ڪرڻ حرام آهي) اهو ئي صحيح دين آهي. انهن مھينن جي خلاف ورزي ڪري پنھنجو پاڻ تي ظلم نه ڪريو ها باقي انهن مشرڪن سان وڙهندا رهو جيڪي توهان سان حرام مھينن ۾ گڏجي وڙهن ٿا، توهان اهو سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ الله تعالى پرهيزگارن سان گڏ آهي. |
إِنَّمَا النَّسيءُ زِيادَةٌ فِى الكُفرِ يُضَلُّ بِهِ الَّذينَ كَفَروا يُحِلّونَهُ عامًا وَيُحَرِّمونَهُ عامًا لِيُواطِـٔوا عِدَّةَ ما حَرَّمَ اللَّهُ فَيُحِلّوا ما حَرَّمَ اللَّهُ زُيِّنَ لَهُم سوءُ أَعمٰلِهِم وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 37) |
بيشڪ نسيءُ (يعني عزت وارن مھينن کي پنھنجي سهولت خاطر اڳتي پوئتي ڪرڻ) وارو عمل ڪفر ۾ اڃا وڌيڪ واڌارو آهي، جنھن جي ذريعي ڪافر وڌيڪ گمراهه ڪيا وڃن ٿا. عزت وارن مھينن کي هو ڪنھن سال (پنھنجي مقصد خاطر) حلال ڪندا آهن ته وري ڪنھن سال (جڏهن مقصد نه هوندو آهي ته) ان ئي مھيني کي عزت وارو سمجهندا آهن ته جيئن الله تعالى جي مقرر ڪيل عزت وارن مھينن جو تعداد پورو ڪن. وري هو الله تعالى جي عزت وارن مهينن کي (جنگ، فساد ۽ خوني بدلا وٺڻ لاءِ) حلال ڪندا آهن انهن جا برا عمل سندن نظر ۾ سھڻا بڻايا ويا آهن ۽ الله تعالى اهڙن ڪافرن کي هدايت نه ڏيندو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا ما لَكُم إِذا قيلَ لَكُمُ انفِروا فى سَبيلِ اللَّهِ اثّاقَلتُم إِلَى الأَرضِ أَرَضيتُم بِالحَيوٰةِ الدُّنيا مِنَ الءاخِرَةِ فَما مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا فِى الءاخِرَةِ إِلّا قَليلٌ (آيت : 38) |
اي ايمان وارؤ! توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو جڏهن توهان کي چيو وڃي ٿو ته الله تعالى جي رستي ۾ نڪرو ته توهان نٽائڻ ۽ گسائڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا (۽ گهرن ۾ ويهي رهڻ کي ترجيح ڏيو ٿا) ڇا توهان آخرت جي عيوض دنيا جي زندگيءَ تي راضي ٿي ويا آهيو؟ جڏهن ته دنيا جي زندگيءَ جو سامان آخرت جي زندگيءَ جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي. |
إِلّا تَنفِروا يُعَذِّبكُم عَذابًا أَليمًا وَيَستَبدِل قَومًا غَيرَكُم وَلا تَضُرّوهُ شَيـًٔا وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 39) |
جيڪڏهن توهان (جنگ لاءِ) نه نڪرندا ته الله تعالى توهان کي دردناڪ عذاب ڏيندو، توهان جي جاءِ تي ٻي قوم آڻيندو (جنھن کان اهو ڪم وٺندو) توهان الله تعالى کي ڪو به نقصان نٿا پھچائي سگهو، الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو. |
إِلّا تَنصُروهُ فَقَد نَصَرَهُ اللَّهُ إِذ أَخرَجَهُ الَّذينَ كَفَروا ثانِىَ اثنَينِ إِذ هُما فِى الغارِ إِذ يَقولُ لِصٰحِبِهِ لا تَحزَن إِنَّ اللَّهَ مَعَنا فَأَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلَيهِ وَأَيَّدَهُ بِجُنودٍ لَم تَرَوها وَجَعَلَ كَلِمَةَ الَّذينَ كَفَرُوا السُّفلىٰ وَكَلِمَةُ اللَّهِ هِىَ العُليا وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 40) |
جيڪڏهن توهان رسول الله (ﷺ) جي مدد نه ڪندا ته (ڪا ڳالهه نه آهي) الله تعالى سندس ان وقت به مدد ڪري چڪو آهي جڏهن (مڪّي جي) ڪافرن کيس جلاوطن ڪيو هو، (مڪّي مان نڪرڻ وقت) جڏهن ٻن ڄڻن مان هڪ پاڻ سڳورا هئا ۽ جنھن وقت اهي غار ۾ هئا ته پنھنجي ساٿيءَ کي چئي رهيا هئا ته پريشان نه ٿيءُ، بيشڪ الله تعالى اسان سان گڏ آهي. پوءِ ان وقت الله تعالى پنھنجي طرفان مٿس دلي سڪون لاٿو ۽ کيس اهڙن لشڪرن جي ذريعي مدد ڏني جن کي توهان نه پيا ڏسي سگهو ۽ رب پاڪ ڪافرن جي ڳالهه کي هيٺ ڪري ڇڏيو، الله تعالى جي ڳالهه بلند ۽ مٿانھين رهي ۽ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. |
انفِروا خِفافًا وَثِقالًا وَجٰهِدوا بِأَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم فى سَبيلِ اللَّهِ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 41) |
(اي ايمان وارؤ!) الله تعالى جي راهه ۾ نڪري پئو، خالي هٿين هجو يا (اسلحي سان) ڀريل هٿ، پنھنجي مال ۽ پنھنجي جانين سان جھاد ڪريو، جيڪڏهن توهان يقين رکو ته اهو ئي توهان جي لاءِ بھتر آهي. |
لَو كانَ عَرَضًا قَريبًا وَسَفَرًا قاصِدًا لَاتَّبَعوكَ وَلٰكِن بَعُدَت عَلَيهِمُ الشُّقَّةُ وَسَيَحلِفونَ بِاللَّهِ لَوِ استَطَعنا لَخَرَجنا مَعَكُم يُهلِكونَ أَنفُسَهُم وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 42) |
(اي نبي ﷺ) جيڪڏهن مال ملڻ جو وڏو آسرو هجي ها ۽ سفر به ويجهو هجي ها ته هي (منافق) ضرور توهان سان گڏ هلن ها پر اهو (روم ملڪ جو) سفر ته انهن لاءِ تمام پري (۽ مشڪل) ٿي پيو، هاڻي هو الله تعالى جا قسم کڻي چوندا ته جيڪڏهن اسان ۾ذرا به طاقت هجي ها ته توهان سان گڏ ضرور نڪرون ها، هي پنھنجو پاڻ کي ئي برباد ڪن ٿا، الله تعالى کي معلوم آهي ته بيشڪ هي (منافق) ڪوڙا آهن. |
عَفَا اللَّهُ عَنكَ لِمَ أَذِنتَ لَهُم حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكَ الَّذينَ صَدَقوا وَتَعلَمَ الكٰذِبينَ (آيت : 43) |
الله تعالى توهان کي معاف ڪري، اهڙن منافقن کي توهان ڇو اجازت ڏني؟ (اجازت نه ڏيڻ جي صورت ۾) توهان جي سامھون سچ ڳالهائڻ وارا وائکا ٿي وڃن ها ۽ ڪوڙن جي توهان کي خبر پئجي وڃي ها. |
لا يَستَـٔذِنُكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ أَن يُجٰهِدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالمُتَّقينَ (آيت : 44) |
جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينھن تي ايمان رکن ٿا، اهي پنھنجي مالن ۽ جانين سان جھاد ڪرڻ کان بچڻ جي اوهان کان اجازت نٿا گهرن. الله تعالى پرهيزگار ماڻهن کي خوب ڄاڻي ٿو. |
إِنَّما يَستَـٔذِنُكَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَارتابَت قُلوبُهُم فَهُم فى رَيبِهِم يَتَرَدَّدونَ (آيت : 45) |
جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ آخرت تي ايمان نٿا رکن سي ئي توهان کان اجازت گهرن ٿا ڇوته سندن دلين ۾ شڪ آهي پوءِ هو پنھنجي شڪ ۾ ئي ٻڏتر جو شڪار آهن. |
وَلَو أَرادُوا الخُروجَ لَأَعَدّوا لَهُ عُدَّةً وَلٰكِن كَرِهَ اللَّهُ انبِعاثَهُم فَثَبَّطَهُم وَقيلَ اقعُدوا مَعَ القٰعِدينَ (آيت : 46) |
۽ جيڪڏهن واقعي انهن جي نيت (جنگ ۾) هلڻ جي هجي ها ته هو ان لاءِ ضرور (ٿورو گهڻو) سامان تيار ڪن ها. ( خير) الله تعالى کي ته اهڙن (منافق) ماڻهن جو هلڻ به پسند نه هو، تنھنڪري کين هلڻ جي توفيق به نصيب نه ڪئي ۽ کين (ڪن لاٽاريءَ سبب) چيو ويو ته توهان به (ٻين) ويھندڙن سان گڏ ويهي رهو. |
لَو خَرَجوا فيكُم ما زادوكُم إِلّا خَبالًا وَلَأَوضَعوا خِلٰلَكُم يَبغونَكُمُ الفِتنَةَ وَفيكُم سَمّٰعونَ لَهُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 47) |
جيڪڏهن هي (منافق جنگ لاءِ) نڪرن ها ته توهان جي اندر خرابي پيدا ڪن ها ۽ اوهان جي وچ ۾ فساد وجهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه به ڪن ها ته توهان جي اندر فتني ڦھلائڻ جي ضرور ڪوشش ڪن ها ۽ اوهان جي اندر (ڪجهه ماڻهو) انهن جا جاسوس آهن، (پر) الله تعالى اهڙن ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
لَقَدِ ابتَغَوُا الفِتنَةَ مِن قَبلُ وَقَلَّبوا لَكَ الأُمورَ حَتّىٰ جاءَ الحَقُّ وَظَهَرَ أَمرُ اللَّهِ وَهُم كٰرِهونَ (آيت : 48) |
انهن (منافقن) ته پھريائين به فساد وجهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ (تو کي ناڪام ڪرڻ لاءِ) پنھنجي ڪارروائين کي تبديل ڪندا رهيا هئا، ايستائين جو حق اچي ويو ۽ الله تعالى جو حڪم غالب رهيو، کين اها ڳالهه پسند ئي نه آئي. |
وَمِنهُم مَن يَقولُ ائذَن لى وَلا تَفتِنّى أَلا فِى الفِتنَةِ سَقَطوا وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحيطَةٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 49) |
انهن (منافقن) مان هڪڙو اهڙو به آهي جيڪو چوي ٿو ته مون کي اجازت ڏيو ته مان جنگ تي نه هلان ۽ مون کي آزمائش ۾ نه وجهو. خبردار! هي ته (سڀئي) اڳيئي آزمائش ۾ پيل آهن، بيشڪ ڪافرن کي جھنم گهيري ۾ ورتو آهي. |
إِن تُصِبكَ حَسَنَةٌ تَسُؤهُم وَإِن تُصِبكَ مُصيبَةٌ يَقولوا قَد أَخَذنا أَمرَنا مِن قَبلُ وَيَتَوَلَّوا وَهُم فَرِحونَ (آيت : 50) |
(اي نبي ﷺ) جيڪڏهن توهان کي ڪا ڀلائي ملي ٿي ته انهن منافقن کي برو لڳي ٿو ۽ جيڪڏهن توهان کي ڪا تڪليف پھچي ٿي ته هو خوش ٿيندي موٽندا آهن ۽ (دل ۾) چوندا آهن ته چڱو ٿيو جو اسان اڳ ۾ ئي پنھنجي معاملات ۾ هوشياري ورتي هئي. |
قُل لَن يُصيبَنا إِلّا ما كَتَبَ اللَّهُ لَنا هُوَ مَولىٰنا وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 51) |
(اي نبي ﷺ) کين ٻڌايو ته اسان کي الله تعالى جي طرفان اسان لاءِ لکيل (ڀلائي يا مصيبت) کان سواءِ ٻِي ڪا به شيءِ نه پھچندي آهي، هو اسان جو مالڪ آهي ۽ مؤمنن کي الله تعالى تي ئي ڀروسو رکڻ گهرجي. |
قُل هَل تَرَبَّصونَ بِنا إِلّا إِحدَى الحُسنَيَينِ وَنَحنُ نَتَرَبَّصُ بِكُم أَن يُصيبَكُمُ اللَّهُ بِعَذابٍ مِن عِندِهِ أَو بِأَيدينا فَتَرَبَّصوا إِنّا مَعَكُم مُتَرَبِّصونَ (آيت : 52) |
(اي نبي ﷺ) (انهن منافقن کي) ٻڌائي ڇڏيو ته توهان اسان جي لاءِ ٻن ڀلاين (يعني فتح يا شھادت) مان هڪ ڀلائيءَ جو انتظار ڪريو ٿا پر اسان ته اوهان جي لاءِ ان ڳالهه جو انتظار ڪريون ٿا ته توهان کي الله تعالى خود عذاب ڏئي ٿو يا اسان جي ذريعي عذاب ڏياري ٿو. سو توهان پنھنجي حساب سان انتظار ڪريو اسان به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيون. |
قُل أَنفِقوا طَوعًا أَو كَرهًا لَن يُتَقَبَّلَ مِنكُم إِنَّكُم كُنتُم قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 53) |
(کين) چؤ ته (اي منافقو!) توهان خوشيءَ سان خرچ ڪريو يا مجبور ٿي خرچ ڪريو توهان جو هي خرچ ڪرڻ هرگز قبول نه ڪيو ويندو. بيشڪ اوهان نافرمان ماڻهو آهيو. |
وَما مَنَعَهُم أَن تُقبَلَ مِنهُم نَفَقٰتُهُم إِلّا أَنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَبِرَسولِهِ وَلا يَأتونَ الصَّلوٰةَ إِلّا وَهُم كُسالىٰ وَلا يُنفِقونَ إِلّا وَهُم كٰرِهونَ (آيت : 54) |
انهن جا خرچ ڪيل مال ان ڪري قبول نه ڪيا ويندا جو انهن ماڻهن الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جو انڪار ڪيو آهي ۽ سستيءَ سان نماز تي ايندا آهن ۽ الله تعالى جي راهه ۾ رڳو مجبور ٿي خرچ ڪندا آهن. |
فَلا تُعجِبكَ أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم بِها فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَتَزهَقَ أَنفُسُهُم وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 55) |
(اي نبي ﷺ) سندن مالن ۽ اولاد کي ڏسي تعجب نه ڪر. بيشڪ الله تعالى چاهي ٿو ته دنيا جي حياتيءَ ۾ انهن ئي شين جي ذريعي کين عذاب ۾ مبتلا ڪري ۽ ڪفر جي حالت ۾ ئي کين موت اچي. |
وَيَحلِفونَ بِاللَّهِ إِنَّهُم لَمِنكُم وَما هُم مِنكُم وَلٰكِنَّهُم قَومٌ يَفرَقونَ (آيت : 56) |
۽ هي (منافق) قسم کڻي چوندا آهن ته اسان ته توهان منجهان ئي آهيون پر هو توهان منجهان نه آهن هي ته ڊڄڻا ماڻهو آهن (جيڪي توهان کان ڊڄن ٿا). |
لَو يَجِدونَ مَلجَـًٔا أَو مَغٰرٰتٍ أَو مُدَّخَلًا لَوَلَّوا إِلَيهِ وَهُم يَجمَحونَ (آيت : 57) |
جيڪڏهن کين ڪا پناهه ملي وڃي يا ڪو غار يا ٻي ڪا اندر گهڙي وڃڻ جي جاءِ ملي وڃين ها ته هو کڙين تي زور ڏيئي اوڏانهن ڀڄي لڪي وڃن ٿا. |
وَمِنهُم مَن يَلمِزُكَ فِى الصَّدَقٰتِ فَإِن أُعطوا مِنها رَضوا وَإِن لَم يُعطَوا مِنها إِذا هُم يَسخَطونَ (آيت : 58) |
انهن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي تنھنجي خيرات ورهائڻ تي اعتراض ڪن ٿا. پر جيڪڏهن ان مال مان کين ڏنو وڃي ته خوش، جي نه ملين ته فوراً ڪاوڙجي ويندا آهن. |
وَلَو أَنَّهُم رَضوا ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَقالوا حَسبُنَا اللَّهُ سَيُؤتينَا اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَرَسولُهُ إِنّا إِلَى اللَّهِ رٰغِبونَ (آيت : 59) |
انهن لاءِ اهو ئي بھتر هو ته کين جيڪو ڪجهه الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) ڏنو هو ان تي راضي رهن ها ۽ چون ها ته اسان جي لاءِ الله تعالى جي ذات ئي ڪافي آهي. الله تعالى پنھنجي فضل مان اسان کي (گهڻو ڪجهه) ڏيندو ۽ سندس رسول (ﷺ) به اسان کي عنايت ڪندو. بيشڪ اسان جي اميد ته الله تعالى ۾ئي آهي. |
إِنَّمَا الصَّدَقٰتُ لِلفُقَراءِ وَالمَسٰكينِ وَالعٰمِلينَ عَلَيها وَالمُؤَلَّفَةِ قُلوبُهُم وَفِى الرِّقابِ وَالغٰرِمينَ وَفى سَبيلِ اللَّهِ وَابنِ السَّبيلِ فَريضَةً مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 60) |
بيشڪ صدقا (يعني زڪوات) غريبن، مسڪينن، ان جي وصولي ڪندڙ ملازمن، تاليف قلب (يعني غير مسلم جن جي دلين کي اسلام ڏانھن مائل ڪرڻو هجي)، غلامن (يعني قيدين) کي آزاد ڪرائڻ، قرضدارن، الله تعالى جي راهه ۾ هلندڙ ماڻهن ۽ مسافرن جو ئي حق آهي. هي حڪم الله تعالى جي طرف کان فرض آهي. الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَمِنهُمُ الَّذينَ يُؤذونَ النَّبِىَّ وَيَقولونَ هُوَ أُذُنٌ قُل أُذُنُ خَيرٍ لَكُم يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَيُؤمِنُ لِلمُؤمِنينَ وَرَحمَةٌ لِلَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَالَّذينَ يُؤذونَ رَسولَ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 61) |
۽ انهن (منافقن) مان ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي (پنھنجي ڳالهين جي ذريعي) نبي (ﷺ) کي تڪليف ڏين ٿا ۽ چون ٿا ته هو ته ٻين جي مشورن تي هلي ٿو، توهان چؤ ته توهان جي لاءِ ٻين جي مشورن تي هلڻ وارو ئي بهتر آهي، هو الله تعالى تي ايمان رکي ٿو، مؤمنن جي ڳالهه تي يقين ڪري ٿو ۽ توهان مان جيڪي ايمان وارا آهن انهن جي لاءِ سراسر رحمت بڻيل آهي ۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي رسول (ﷺ) کي تڪليف ڏين ٿا تن لاءِ تڪليف وارو ئي عذاب آهي. |
يَحلِفونَ بِاللَّهِ لَكُم لِيُرضوكُم وَاللَّهُ وَرَسولُهُ أَحَقُّ أَن يُرضوهُ إِن كانوا مُؤمِنينَ (آيت : 62) |
هي توهان کي راضي ڪرڻ لاءِ توهان جي سامھون الله تعالى جا قسم کڻن ٿا حالانڪه الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) ئي وڌيڪ حقدار آهن، جيڪڏهن هي پڪي ايمان وارا آهن ته هو ان کي راضي ڪرڻ جو فڪر ڪن. |
أَلَم يَعلَموا أَنَّهُ مَن يُحادِدِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَأَنَّ لَهُ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدًا فيها ذٰلِكَ الخِزىُ العَظيمُ (آيت : 63) |
ڇا انهن کي خبر نه آهي ته جيڪو الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) سان مقابلو ڪندو ته ان جي لاءِ دوزخ جي باهه آهي، جنھن ۾ هو هميشه رهندو، اها هڪ وڏي رسوائي آهي. |
يَحذَرُ المُنٰفِقونَ أَن تُنَزَّلَ عَلَيهِم سورَةٌ تُنَبِّئُهُم بِما فى قُلوبِهِم قُلِ استَهزِءوا إِنَّ اللَّهَ مُخرِجٌ ما تَحذَرونَ (آيت : 64) |
منافق ان ڳالهه کان ڊڄن ٿا ته مسلمانن تي ڪا اهڙي سورت نازل نه ٿي وڃي جنھن سان اسان جي دلين جا راز کين معلوم ٿي وڃن. کين چؤ ته توهان اڃا به ٽوڪون ڪريو. بيشڪ الله تعالى هر ان شيءِ کي ظاهر ڪرڻ وارو آهي جنھن کان توهان ڊڄو ٿا. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم لَيَقولُنَّ إِنَّما كُنّا نَخوضُ وَنَلعَبُ قُل أَبِاللَّهِ وَءايٰتِهِ وَرَسولِهِ كُنتُم تَستَهزِءونَ (آيت : 65) |
۽ جيڪڏهن انهن کان سندن چيل ڳالهين جي باري ۾ پڇا ڪندين ته هو اهو چوندا ته اسان ته رڳو ڀوڳ ۽ وندر خاطر ڳالهائي رهيا هئاسين، تون چؤ ته توهان الله تعالى، ان جي آيتن ۽ سندس رسول (ﷺ) جي باري ۾ ڀوڳ ٿا ڪريو؟ |
لا تَعتَذِروا قَد كَفَرتُم بَعدَ إيمٰنِكُم إِن نَعفُ عَن طائِفَةٍ مِنكُم نُعَذِّب طائِفَةً بِأَنَّهُم كانوا مُجرِمينَ (آيت : 66) |
(هاڻي) بھانا نه ڳوليو، توهان ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪيو آهي، جيڪڏهن اسان توهان مان هڪ ٽوليءَ کي معاف ڪريون ته ٻي ٽوليءَ کي ته ضرور سزا ڏينداسين، ڇاڪاڻ جو (اصلي) ڏوهاري اهي ئي آهن. |
المُنٰفِقونَ وَالمُنٰفِقٰتُ بَعضُهُم مِن بَعضٍ يَأمُرونَ بِالمُنكَرِ وَيَنهَونَ عَنِ المَعروفِ وَيَقبِضونَ أَيدِيَهُم نَسُوا اللَّهَ فَنَسِيَهُم إِنَّ المُنٰفِقينَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 67) |
منافق ماڻهو ۽ منافق عورتون سڀ هڪ جھڙا آهن، اهي برائيءَ جو حڪم ڏيندا آهن ۽ نيڪيءَ جي ڪمن ۽ پنھنجي هٿن کي (الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ کان) روڪيندا آهن، انهن الله تعالى کي وساري ڇڏيو ته الله تعالى به کين وساري ڇڏيو، بيشڪ منافق نافرمان ئي آهن. |
وَعَدَ اللَّهُ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالكُفّارَ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها هِىَ حَسبُهُم وَلَعَنَهُمُ اللَّهُ وَلَهُم عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 68) |
الله تعالى منافق مردن، منافق عورتن ۽ ڪافرن سان جھنم جي باهه جو وعدو ڪيو آهي، جنهن ۾ هو هميشه رهندا، انهن لاءِ اها (سزا) ڪافي آهي، الله تعالى جي انهن سڀني جي مٿان لعنت آهي ۽ انهن جي لاءِ هميشه رهڻ وارو عذاب به آهي. |
كَالَّذينَ مِن قَبلِكُم كانوا أَشَدَّ مِنكُم قُوَّةً وَأَكثَرَ أَموٰلًا وَأَولٰدًا فَاستَمتَعوا بِخَلٰقِهِم فَاستَمتَعتُم بِخَلٰقِكُم كَمَا استَمتَعَ الَّذينَ مِن قَبلِكُم بِخَلٰقِهِم وَخُضتُم كَالَّذى خاضوا أُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 69) |
(اي منافقو!) توهان جي حالت انهن ماڻهن جھڙي آهي جيڪي توهان کان اڳ گذري چڪا آهن، اهي طاقت، مال ۽ اولاد جي حساب سان توهان کان به وڌيڪ هئا، انهن به پنھنجي حصي آهر دنيا مان خوب فائدو ورتو ۽ توهان به پنھنجي حصي آهر اهڙو فائدو ورتو جھڙو فائدو توهان کان اڳ گذري ويل ماڻهن ورتو هو ۽ جھڙيءَ طرح توهان اجاين بحثن ۾ پيا آهيو، هو به اجاين بحثن ۾ لڳا رهندا هئا. دنيا ۽ آخرت ۾ انهن سڀني جا اعمال چٽ ٿي ويا ۽ هو وڏي نقصان ۾ پئجي ويا. |
أَلَم يَأتِهِم نَبَأُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَقَومِ إِبرٰهيمَ وَأَصحٰبِ مَديَنَ وَالمُؤتَفِكٰتِ أَتَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 70) |
ڇا انهن ماڻهن کي ( انهن قومن جي برباديءَ جي) خبر نه پھتي آهي، جيڪي انهن کان اڳ گذري چڪيون آهن. جيئن نوح (ؑ) جي قوم، عاد، ثمود، ابراهيم (ؑ) جي قوم، مدين وارن ۽ انهن شهرن جي، جن کي (پاڙون پٽي) اونڌو ڪيو ويو هو، انهن جا رسول انهن وٽ واضح نشانيون کڻي آيا هئا پوءِ الله تعالى مٿن ڪو به ظلم نه ڪيو، بلڪ انهن پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪيو هو. |
وَالمُؤمِنونَ وَالمُؤمِنٰتُ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ يَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَيُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَيُطيعونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ سَيَرحَمُهُمُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 71) |
مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتون ئي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مددگار آهن، هو نيڪيءَ جو حڪم ڪندا آهن، برائيءَ کان روڪيندا آهن، نماز قائم ڪندا آهن، زڪوات ڏيندا آهن ۽ الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪندا آهن. اهڙن ماڻهن تي ئي الله تعالى جي رحمت نازل ٿيندي. بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. |
وَعَدَ اللَّهُ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فى جَنّٰتِ عَدنٍ وَرِضوٰنٌ مِنَ اللَّهِ أَكبَرُ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 72) |
مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن سان الله تعالى اهڙن باغن جو وعدو ڪيو آهي جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون نھرون) وهنديون، هو انهن ۾ هميشه رهندا، هميشه رهڻ وارن باغن ۾ پاڪ صاف جڳھون (۽ محل ماڙيون) هونديون، وري ( انهن سڀني نعمتن سان گڏ) کين الله تعالى جي رضامندي به حاصل هوندي، جيڪا سڀني نعمتن کان وڏي نعمت ۽ اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ جٰهِدِ الكُفّارَ وَالمُنٰفِقينَ وَاغلُظ عَلَيهِم وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 73) |
اي نبي! (ﷺ) ڪافرن ۽ منافقن سان جھاد جاري رکندو اچ ۽ انهن سان سختيءَ وارو رويو اختيار ڪر ۽ انهن جو (آخري) ٺڪاڻو جھنم ئي آهي جيڪا بدترين جاءِ آهي. |
يَحلِفونَ بِاللَّهِ ما قالوا وَلَقَد قالوا كَلِمَةَ الكُفرِ وَكَفَروا بَعدَ إِسلٰمِهِم وَهَمّوا بِما لَم يَنالوا وَما نَقَموا إِلّا أَن أَغنىٰهُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ مِن فَضلِهِ فَإِن يَتوبوا يَكُ خَيرًا لَهُم وَإِن يَتَوَلَّوا يُعَذِّبهُمُ اللَّهُ عَذابًا أَليمًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم فِى الأَرضِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 74) |
هي (منافق) الله تعالى جو قسم کڻي چون ٿا ته اها ڳالهه اسان نه چئي آهي. حالانڪه انهن ڪفر وارو جملو ڳالهايو آهي هاڻي هو اسلام آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪري چڪا آهن ۽ انهن ته (توهان کي نقصان پھچائڻ جو) پڪو ارادو ڪيو هو پر هو نه ڪري سگهيا، ڇا هو رڳو ان ڳالهه جو بدلو وٺن پيا ته الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) پنھنجي مھربانيءَ سان کين (غنيمت جو مال ڏئي) خوشحال ڪري ڇڏيو آهي، پوءِ جيڪڏهن هو توبہ ڪندا ته انهن لاءِ بهتر آهي پر جيڪڏهن هو منھن موڙيندا ته الله تعالى کين دنيا ۽ آخرت ۾ تڪليف ڏيندڙ عذاب ڏيندو ۽ زمين ۾ ڪير به سندن حمايت ۽ مدد ڪندڙ نه هوندو. |
وَمِنهُم مَن عٰهَدَ اللَّهَ لَئِن ءاتىٰنا مِن فَضلِهِ لَنَصَّدَّقَنَّ وَلَنَكونَنَّ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 75) |
۽ انهن منافقن منجهان ڪي اهڙا به آهن جن الله تعالى سان وعدو ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو پنھنجي فضل سان اسان کي نوازيندو ته اسان ضرور خيرات ڪڍنداسين ۽ نيڪوڪار ٿي رهنداسين. |
فَلَمّا ءاتىٰهُم مِن فَضلِهِ بَخِلوا بِهِ وَتَوَلَّوا وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 76) |
پوءِ جڏهن (الله تعالى) کين پنھنجي مھربانيءَ سان (گهڻو ڪجهه) عطا ڪيو ته وري ڪنجوسي ڪرڻ لڳا ۽ پنھنجي ڪيل وعدي تان ئي ڦري ويا. |
فَأَعقَبَهُم نِفاقًا فى قُلوبِهِم إِلىٰ يَومِ يَلقَونَهُ بِما أَخلَفُوا اللَّهَ ما وَعَدوهُ وَبِما كانوا يَكذِبونَ (آيت : 77) |
پوءِ الله تعالى سندن دلين ۾ منافقي واري طبيعت کي قيامت تائين لاءِ پڪو ڪري ڇڏيو، اهو ان ڪري جو انهن الله تعالى سان ڪيل وعدي جي ابتڙ ڪيو ۽ ان ڪري به جو هو ڪوڙ ڳالهائيندا هئا. |
أَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ سِرَّهُم وَنَجوىٰهُم وَأَنَّ اللَّهَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 78) |
ڇا انهن منافقن کي خبر نه آهي ته بيشڪ الله تعالى کي سندن رازن ۽ سندن لڪيل مشورن جي سڀ خبر آهي. بيشڪ الله تعالى ڳجهين ڳالهين کي گهڻو ڄاڻندڙ آهي. |
الَّذينَ يَلمِزونَ المُطَّوِّعينَ مِنَ المُؤمِنينَ فِى الصَّدَقٰتِ وَالَّذينَ لا يَجِدونَ إِلّا جُهدَهُم فَيَسخَرونَ مِنهُم سَخِرَ اللَّهُ مِنهُم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 79) |
هي (منافق) اهڙن مؤمنن تي ٽوڪون ڪن ٿا جيڪي ويچارا وڏي خلوص سان مال نه هجڻ جي صورت ۾ صرف پنھنجي ڪم جي محنت کي الله تعالى جي راهه ۾ پيش ڪن ٿا، الله تعالى اهڙن ٽوڪون ڪندڙن کي (ضرور) بدلو ڏيندو ۽ انهن جي لاءِ تڪليف وارو عذاب آهي. |
استَغفِر لَهُم أَو لا تَستَغفِر لَهُم إِن تَستَغفِر لَهُم سَبعينَ مَرَّةً فَلَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 80) |
(اي نبي ﷺ!) (اهڙن منافقن لاءِ) بخشش جي دعا گهرين يا نه گهرين (ڳالهه برابر آهي) جيڪڏهن تون ستر ڀيرا به انهن لاءِ بخشش جي دعا گهرندين تڏهن به الله تعالى کين هرگز معاف نه ڪندو. (اسان جو اهو سخت رويّو) ان ڪري آهي ته انهن الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جو انڪار ڪيو ۽ الله تعالى اهڙن گناهگارن کي ڪڏهن به هدايت نه ڏيندو. |
فَرِحَ المُخَلَّفونَ بِمَقعَدِهِم خِلٰفَ رَسولِ اللَّهِ وَكَرِهوا أَن يُجٰهِدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ وَقالوا لا تَنفِروا فِى الحَرِّ قُل نارُ جَهَنَّمَ أَشَدُّ حَرًّا لَو كانوا يَفقَهونَ (آيت : 81) |
(جنگ ۾ نه هلڻ جي رعايت وٺڻ وارا) الله تعالى جي رسول (ﷺ) جو ساٿ نه ڏيڻ ۽ پنھنجي گهرن ۾ ويھي رهڻ تي ڏاڍا خوش آهن (ان ڪري جو) کين الله تعالى جي راهه ۾ پنھنجي مالن ۽ جانين سان جھاد ڪرڻ ناپسند لڳو پئي ۽ وري ٻين کي به چوندا وتن پيا ته (اڙي) هھڙي گرميءَ ۾ نه نڪرو. (اي نبي ﷺ!) توهان کين چؤ ته جھنم جي گرمي ته هن گرميءَ کان گهڻو وڌيڪ سخت آهي. ڪاش! انهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ها. |
فَليَضحَكوا قَليلًا وَليَبكوا كَثيرًا جَزاءً بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 82) |
(هاڻي ته پنھنجي ڪيل غلطيءَ تي) کين گهرجي ته کلن گهٽ ۽ روئن گهڻو، اهو ئي سندن بدلو آهي جيڪو هو (مؤمنن تي) ٽوڪون ڪرڻ جي صورت ۾ ڪمائيندا هئا. |
فَإِن رَجَعَكَ اللَّهُ إِلىٰ طائِفَةٍ مِنهُم فَاستَـٔذَنوكَ لِلخُروجِ فَقُل لَن تَخرُجوا مَعِىَ أَبَدًا وَلَن تُقٰتِلوا مَعِىَ عَدُوًّا إِنَّكُم رَضيتُم بِالقُعودِ أَوَّلَ مَرَّةٍ فَاقعُدوا مَعَ الخٰلِفينَ (آيت : 83) |
(هن جنگ کان پوءِ) الله تعالى جڏهن توهان کي انهن وٽ (مديني ۾) واپس آڻيندو ته (هاڻي) هو توهان کان (آئنده) جنگ تي هلڻ جي اجازت گهرندا پوءِ توهان کين صاف چئجو ته توهان مون سان ڪڏهن به نٿا هلي سگهو ۽ نه ئي مون سان گڏ توهان دشمن سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندا. توهان پھريون ڀيرو (ڏکئي وقت ۾) ويھڻ کي پسند ڪيو، هاڻي توهان پوئتي ويھڻ وارن سان ئي وڃي گڏ ويھو. |
وَلا تُصَلِّ عَلىٰ أَحَدٍ مِنهُم ماتَ أَبَدًا وَلا تَقُم عَلىٰ قَبرِهِ إِنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَماتوا وَهُم فٰسِقونَ (آيت : 84) |
۽ (اي نبي ﷺ!) انهن (منافقن) مان ڪير مري وڃي ته انهن جي جنازي نماز نه پڙهجانءِ ۽ نه ئي کين (دفنائڻ لاءِ) ان جي قبر تي وڃي بيھجانءِ. بيشڪ انهن ماڻهن الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جو انڪار ڪيو آهي ۽ هو گناهگار جي حيثيت ۾ ئي مئا آهن. |
وَلا تُعجِبكَ أَموٰلُهُم وَأَولٰدُهُم إِنَّما يُريدُ اللَّهُ أَن يُعَذِّبَهُم بِها فِى الدُّنيا وَتَزهَقَ أَنفُسُهُم وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 85) |
(اي نبي ﷺ!) تو کي انهن جو مال،دولت ۽ گهڻي اولاد وارو هجڻ تعجب ۾ نه وجهي، بيشڪ الله تعالى چاهي ٿو ته کين انهن شين جي ذريعي ئي دنيا ۾ عذاب ڏئي ۽ انهن جو ڪافرن جي حيثيت ۾ ساهه نڪري. |
وَإِذا أُنزِلَت سورَةٌ أَن ءامِنوا بِاللَّهِ وَجٰهِدوا مَعَ رَسولِهِ استَـٔذَنَكَ أُولُوا الطَّولِ مِنهُم وَقالوا ذَرنا نَكُن مَعَ القٰعِدينَ (آيت : 86) |
۽ جڏهن به ڪا اهڙي سورت نازل ڪئي وڃي ٿي جنھن ۾ کين چيو وڃي ٿو ته الله تعالى تي ايمان آڻيو ۽ سندس رسول (ﷺ) سان گڏ وڃي جھاد ڪريو ته انهن (منافقن) مان جيڪي هلڻ جي سگهه رکن ٿا، تو انهن کي ڏٺو ته هو توکان موڪل گهرن ٿا ۽ چون ٿا ته اسان کي ڇڏ ته اسان پوئتي رهڻ وارن سان گڏ ويهون. |
رَضوا بِأَن يَكونوا مَعَ الخَوالِفِ وَطُبِعَ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَفقَهونَ (آيت : 87) |
هي ڊڄڻا ماڻهو (بي همت ٿي) زائفن سان گڏ ويھڻ تي خوش ٿيا (سو) سندن دلين تي اهڙي ته مھر هنئي وئي آهي، جو هاڻي کين ڪا به شيءِ سمجهه ۾ نه ايندي. |
لٰكِنِ الرَّسولُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ جٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم وَأُولٰئِكَ لَهُمُ الخَيرٰتُ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 88) |
پر رسول (ﷺ) ۽ ايمان آڻيندڙن پنھنجي مالن ۽ جانين جي ذريعي جھاد ڪيو، سو انهن جي لاءِ ئي چڱايون آهن ۽ اهي ئي ڪامياب ماڻهو آهن. |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 89) |
الله تعالى انهن جي لاءِ اهڙا ته باغ تيار ڪيا آهن، جن جي هيٺان (مختلف قسم جون) نھرون وهنديون، هو انهن ۾ هميشه رهندا، اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
وَجاءَ المُعَذِّرونَ مِنَ الأَعرابِ لِيُؤذَنَ لَهُم وَقَعَدَ الَّذينَ كَذَبُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ سَيُصيبُ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 90) |
عرب جا ڳوٺاڻا ماڻهو عذر کڻي آيا ته جيئن انهن کي (به) جنگ ۾ نه هلڻ جي (سرڪاري طور تي) اجازت ڏني وڃي ۽ هي ماڻهو به اجازت وٺڻ لاءِ ويھي رهيا جن الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) سان (ايمان آڻڻ جي سلسلي ۾) ڪوڙ ڳالهايو هو، پوءِ انهن سڀني مان جن جن به آخر تائين ڪفر جي روش اختيار ڪئي ته کين تڪليف ڏيندڙ عذاب ملندو. |
لَيسَ عَلَى الضُّعَفاءِ وَلا عَلَى المَرضىٰ وَلا عَلَى الَّذينَ لا يَجِدونَ ما يُنفِقونَ حَرَجٌ إِذا نَصَحوا لِلَّهِ وَرَسولِهِ ما عَلَى المُحسِنينَ مِن سَبيلٍ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 91) |
الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) سان پرخلوص وفادار رهڻ وارن مان جيڪڏهن ڪير ڪمزوري يا بيماري يا مالي حالت صحيح نه هجڻ جي صورت ۾ جنگ مان پوئتي رهجي وڃن ته اهڙن (معذورن) تي ڪو به گناهه نه آهي ۽ نه ئي اهڙن نيڪوڪارن تي ڪا ميار آهي ۽ الله تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَلا عَلَى الَّذينَ إِذا ما أَتَوكَ لِتَحمِلَهُم قُلتَ لا أَجِدُ ما أَحمِلُكُم عَلَيهِ تَوَلَّوا وَأَعيُنُهُم تَفيضُ مِنَ الدَّمعِ حَزَنًا أَلّا يَجِدوا ما يُنفِقونَ (آيت : 92) |
۽ اهڙن ماڻهن تي به ڪا ميار نه آهي جن اچي تو کي چيو ته اسان جي هلڻ لا ءِ سوارين جو بندوبست ڪريو پر توهان چيو ته مان توهان جي هلڻ لاءِ سوارين جو بندوبست نٿو ڪري سگهان. پوءِ جڏهن هو مجبور ٿي تو کان واپس موٽيا پئي ته سندن اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا ۽ کين اهو وڏو ڏک هو ته هو جھاد ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مالي طاقت نه پيا رکن. |
إِنَّمَا السَّبيلُ عَلَى الَّذينَ يَستَـٔذِنونَكَ وَهُم أَغنِياءُ رَضوا بِأَن يَكونوا مَعَ الخَوالِفِ وَطَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 93) |
هاڻي ميار ته اهڙن ماڻهن تي آهي جن کي هر قسم جي سھولت موجود هئي پوءِ به هو تو کان اچي (جنگ تي) نه هلڻ جي اجازت گهرن ٿا ۽ هي ڊڄڻا (بي همت) ٿي زائفن سان گڏ گهرن ۾ ويھي رهڻ تي خوش ٿيا سو الله تعالى انهن جي دلين تي اهڙي ته مھر هڻي ڇڏي آهي جو هاڻي انهن کي (گناهه ۽ ثواب جي) ڪا به خبر نه ٿي پوي . |
يَعتَذِرونَ إِلَيكُم إِذا رَجَعتُم إِلَيهِم قُل لا تَعتَذِروا لَن نُؤمِنَ لَكُم قَد نَبَّأَنَا اللَّهُ مِن أَخبارِكُم وَسَيَرَى اللَّهُ عَمَلَكُم وَرَسولُهُ ثُمَّ تُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 94) |
جڏهن توهان (انهن منافقن وٽ جنگ تبوڪ کان پوءِ مديني) واپس موٽي ايندا ته هو توهان جي آڏو مختلف قسمن جا بھانا پيش ڪندا. (اي نبي ﷺ!) کين (سڀني مسلمانن جي طرف کان) ٻڌائي ڇڏ ته (اسان جي سامھون) بھانا نه ٺاهيو، اسان توهان جي ڪنھن به ڳالهه تي اعتبار نٿا ڪريون، الله تعالى اسان کي توهان جي سموري صورت حال ٻڌائي آهي ۽ وڌيڪ الله تعالى ۽ ان جو رسول (ﷺ عملن جي صورت ۾ توهان جي روين کي) ڏسندا (ته توهان منافقي تي قائم رهو ٿا يا پڪا مؤمن ٿيو ٿا) پوءِ توهان اُن هستيءَ جي آڏو پيش ڪيا ويندا جيڪو ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻندڙ آهي، هو توهان کي ڪيل سڀني عملن جي باري ۾ ٻڌائيندو. |
سَيَحلِفونَ بِاللَّهِ لَكُم إِذَا انقَلَبتُم إِلَيهِم لِتُعرِضوا عَنهُم فَأَعرِضوا عَنهُم إِنَّهُم رِجسٌ وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ جَزاءً بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 95) |
توهان جيئن ئي واپس (مديني) پھچندا ته هي منافق توهان جي اڳيان الله تعالى جا قسم کڻندا ته (سائين! اسان انتهائي مجبور هئاسين) اسان کي درگذر ڪريو. (اي مسلمانو! ٺيڪ آ) کين ڇڏي ڏيو، بيشڪ هو (دل جا) پليت آهن، سندن اصل ٺڪاڻو جھنم آهي، جيڪو کين سندن ڪمائي سبب ملندو. |
يَحلِفونَ لَكُم لِتَرضَوا عَنهُم فَإِن تَرضَوا عَنهُم فَإِنَّ اللَّهَ لا يَرضىٰ عَنِ القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 96) |
هي توهان جي آڏو قسم کڻندا ته جيئن تون انهن کان راضي ٿي وڃين پر جيڪڏهن تون انهن کان راضي به ٿي وڃين، ان جي باوجود الله تعالى اهڙن نافرمانن کان ڪڏهن به راضي نه ٿيندو. |
الأَعرابُ أَشَدُّ كُفرًا وَنِفاقًا وَأَجدَرُ أَلّا يَعلَموا حُدودَ ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 97) |
عرب جا ڳوٺاڻا ماڻهو ڪفر ۽ منافقي ۾ ڏاڍا سخت آهن (۽ هو ان سختيءَ جي ڪري) الله تعالى جي طرفان پنھنجي رسول سڳوري تي نازل ڪيل حدن کان اڻ ڄاڻ رهڻ جي ئي لائق آهن (حڪمن جي ڄاڻڻ جي صورت ۾ هو وڌيڪ خرابي پيدا ڪن ها) الله تعالى وڏو ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَمِنَ الأَعرابِ مَن يَتَّخِذُ ما يُنفِقُ مَغرَمًا وَيَتَرَبَّصُ بِكُمُ الدَّوائِرَ عَلَيهِم دائِرَةُ السَّوءِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 98) |
عرب جي ڳوٺاڻن مان ڪي اهڙا به آهن، جيڪي (الله تعالى جي راهه ۾) خرچ ڪرڻ کي چَٽي سمجهن ٿا ۽ مسلمانن جي مٿان ڏکين ڏينھن جي اچڻ جو (ويهي) انتظار ڪن ٿا (ته جيئن مذهبي پابندين کان جان ڇُٽي پوينِ) حقيقت هيءَ آهي ته ڏکيا ڏينھن ته سندن مٿان ايندا. الله تعالى سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي. |
وَمِنَ الأَعرابِ مَن يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَيَتَّخِذُ ما يُنفِقُ قُرُبٰتٍ عِندَ اللَّهِ وَصَلَوٰتِ الرَّسولِ أَلا إِنَّها قُربَةٌ لَهُم سَيُدخِلُهُمُ اللَّهُ فى رَحمَتِهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 99) |
۽ (وري) عرب جي ڳوٺاڻن مان ڪجهه اهڙا به آهن، جيڪي الله تعالى ۽ قيامت جي ڏينھن تي پختو ايمان رکن ٿا ۽ الله تعالى جو قرب ۽ رسول (ﷺ) جون دعائون وٺڻ لاءِ خرچ ڪن ٿا، بيشڪ هي ٻئي ڪم انهن لاءِ (الله تعالى جي) قرب جو ذريعو بڻجندا ، عنقريب الله تعالى کين پنھنجي رحمت ۾ داخل ڪندو. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَالسّٰبِقونَ الأَوَّلونَ مِنَ المُهٰجِرينَ وَالأَنصارِ وَالَّذينَ اتَّبَعوهُم بِإِحسٰنٍ رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ وَأَعَدَّ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى تَحتَهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 100) |
سڀ کان پھريائين ايمان آڻيندڙ مھاجرن، انصارين ۽ ان کان پوءِ اُهي ماڻهو جيڪي سندن نيڪيءَ واري رستي تي هليا، تن سڀني کان الله تعالى راضي ٿي ويو ۽ هو به الله تعالى کان راضي ٿي ويا (الله تعالى) انهن جي لاءِ اهڙا ته باغ تيار ڪيا آهن، جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نهرون وهنديون، هو ان ۾ هميشه رهندا، اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
وَمِمَّن حَولَكُم مِنَ الأَعرابِ مُنٰفِقونَ وَمِن أَهلِ المَدينَةِ مَرَدوا عَلَى النِّفاقِ لا تَعلَمُهُم نَحنُ نَعلَمُهُم سَنُعَذِّبُهُم مَرَّتَينِ ثُمَّ يُرَدّونَ إِلىٰ عَذابٍ عَظيمٍ (آيت : 101) |
توهان جي آس پاس رهندڙ عرب جي ڳوٺاڻن مان گهڻائي منافقن جي آهي ۽ مديني وارن مان به ڪجهه ماڻهو منافق آهن، جيڪي پنهنجي منافقيءَ ۾ وڏي مھارت رکن ٿا، تون انهن (جي هوشياري کي) نٿو سمجهي سگهين، پر اسان سندن (مھارتن) کي خوب سمجهون ٿا. اسان سگهو ئي کين ٻه ڀيرا عذاب ڏيندا سين، (هڪ دنيا ۾ ذلت ۽ ٻيو قبر جو عذاب) پوءِ هو هڪ وڏي عذاب لاءِ حاضر ڪيا ويندا. |
وَءاخَرونَ اعتَرَفوا بِذُنوبِهِم خَلَطوا عَمَلًا صٰلِحًا وَءاخَرَ سَيِّئًا عَسَى اللَّهُ أَن يَتوبَ عَلَيهِم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 102) |
۽ (انهن کان سواءِ) ٻيا به ماڻهو آهن، جن پنھنجي گناهن جو اعتراف ڪيو آهي، انهن جا ڪم مليل جُليل آهن، ڪجهه نيڪ ته ڪجهه برا عمل آهن. اميد آهي ته الله تعالى مٿن مھرباني ڪندو (ڇوته) الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
خُذ مِن أَموٰلِهِم صَدَقَةً تُطَهِّرُهُم وَتُزَكّيهِم بِها وَصَلِّ عَلَيهِم إِنَّ صَلوٰتَكَ سَكَنٌ لَهُم وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 103) |
(اي نبيﷺ!) تون ماڻهن جي مالن مان صدقو (يعني زڪوات) وٺ ۽ (زڪوات جي ذريعي) کين پاڪ ڪر ۽ سندن (دلين) کي صاف ڪر ۽ کين دعا به ڏئي ڇوته تنھنجي دعا انهن جي لاءِ سڪون جو سبب بڻجندي. بيشڪ الله تعالى سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
أَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ هُوَ يَقبَلُ التَّوبَةَ عَن عِبادِهِ وَيَأخُذُ الصَّدَقٰتِ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 104) |
(هي ماڻهو نا اميد ڇو ٿي رهيا آهن؟) ڇا کين خبر نه آهي ته الله تعالى ئي پنھنجي ٻانهن جي توبہ ۽ سندن صدقن کي قبول ڪندو آهي. بيشڪ الله تعالى توبہ قبول ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَقُلِ اعمَلوا فَسَيَرَى اللَّهُ عَمَلَكُم وَرَسولُهُ وَالمُؤمِنونَ وَسَتُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 105) |
۽ (اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته توهان عمل ڪندا رهو، هاڻي الله تعالى ۽ ان جو رسول (ﷺ) ۽ ايمان وارا ماڻهو توهان جي عملن کي ڏسندا ۽ توهان جلد ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻندڙ هستي ڏانھن موٽايا ويندا، پوءِ هو توهان کي ٻڌائيندو جيڪو ڪجهه توهان ڪندا رهيا هئا. |
وَءاخَرونَ مُرجَونَ لِأَمرِ اللَّهِ إِمّا يُعَذِّبُهُم وَإِمّا يَتوبُ عَلَيهِم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 106) |
۽ اهڙيءَ طرح ڪجهه ٻيا ماڻهو به آهن، جن جو معاملو الله تعالى جي حڪم اچڻ تائين پوئتي رکيو ويو آهي. هو چاهي ته کين سزا ڏئي ۽ چاهي ته سندن قصور معاف ڪري. الله تعالى سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَالَّذينَ اتَّخَذوا مَسجِدًا ضِرارًا وَكُفرًا وَتَفريقًا بَينَ المُؤمِنينَ وَإِرصادًا لِمَن حارَبَ اللَّهَ وَرَسولَهُ مِن قَبلُ وَلَيَحلِفُنَّ إِن أَرَدنا إِلَّا الحُسنىٰ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 107) |
۽ جن ماڻهن (اسلام کي) نقصان پھچائڻ، (آزاديءَ سان) ڪفر ڪرڻ، مؤمنن جي وچ ۾ اختلاف (۽ جدائي) وجهڻ ۽ انهن ماڻهن جي لاءِ جن الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) سان اڳ جنگ ڪري چڪا آهن، تن سڀني جي لاءِ گهاٽ طور هڪ مسجد (يعني چوڪي) ٺاهي، هو توهان وٽ اچي قسم کڻندا ته (مسجد ٺاهڻ لاءِ) اسان جا ته نيڪ ارادا آهن پر الله تعالى شاهدي ڏئي ٿو ته اِهي سڀ ڪوڙا آهن. |
لا تَقُم فيهِ أَبَدًا لَمَسجِدٌ أُسِّسَ عَلَى التَّقوىٰ مِن أَوَّلِ يَومٍ أَحَقُّ أَن تَقومَ فيهِ فيهِ رِجالٌ يُحِبّونَ أَن يَتَطَهَّروا وَاللَّهُ يُحِبُّ المُطَّهِّرينَ (آيت : 108) |
(اي نبي ﷺ!) اهڙي (گهاٽ واري) جاءِ تي (نماز پڙهائڻ لاءِ) نه بيهجانءِ، ها باقي جنھن مسجد جو بنياد شروع کان وٺي پرهيزگاري تي رکيو ويو آهي، ان مسجد ۾ (نماز لاءِ) بيهڻ ئي تنھنجي لاءِ مناسب آهي، اُن مسجد ۾ اهڙي قسم جا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي (دل سان) پاڪ رهڻ پسند ڪندا آهن ۽ الله تعالى پاڪ رهڻ وارن کي ئي پسند ڪندو آهي. |
أَفَمَن أَسَّسَ بُنيٰنَهُ عَلىٰ تَقوىٰ مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنٍ خَيرٌ أَم مَن أَسَّسَ بُنيٰنَهُ عَلىٰ شَفا جُرُفٍ هارٍ فَانهارَ بِهِ فى نارِ جَهَنَّمَ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 109) |
ڇا پوءِ جنھن پنھنجي عمارت جو بنياد الله تعالى جي خوف ۽ ان جي رضامندي تي رکيو، اهو ماڻهو بھتر آهي يا جنھن پنھنجي عمارت جو بنياد نھر جي ڪرندڙ ڀِڪَ (يعني ڪناري) تي رکيو. پوءِ اها ڀِڪ عمارت ٺاهيندڙ سميت سڌو جھنم جي باهه ۾ وڃي ڪري؟ الله تعالى اهڙن ظالمن کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي. |
لا يَزالُ بُنيٰنُهُمُ الَّذى بَنَوا ريبَةً فى قُلوبِهِم إِلّا أَن تَقَطَّعَ قُلوبُهُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 110) |
سندن اها ٺاهيل عمارت سدائين انهن جي دلين ۾ کُٽڪندي رهندي، جيستائين سندن دليون ٽڪرا ٽڪرا نه ٿي وڃن (يعني موت اچڻ تائين سدائين کٽڪي ۾ رهندا) ۽ الله تعالى سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
إِنَّ اللَّهَ اشتَرىٰ مِنَ المُؤمِنينَ أَنفُسَهُم وَأَموٰلَهُم بِأَنَّ لَهُمُ الجَنَّةَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ فَيَقتُلونَ وَيُقتَلونَ وَعدًا عَلَيهِ حَقًّا فِى التَّورىٰةِ وَالإِنجيلِ وَالقُرءانِ وَمَن أَوفىٰ بِعَهدِهِ مِنَ اللَّهِ فَاستَبشِروا بِبَيعِكُمُ الَّذى بايَعتُم بِهِ وَذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 111) |
بيشڪ الله تعالى مؤمنن کان جنت جي بدلي ۾ سندن جانيون ۽ مال خريد ڪري ورتا آهن، هي مؤمن الله تعالى جي راه ۾ جنگ ۾ حصو وٺندا آهن، هو (دشمن کي) قتل ڪندا آهن ته (وري) خود به شھيد ٿي ويندا آهن. جنت جو اهو پڪو وعدو الله تعالى، تورات، انجيل ۽ قرآن مجيد ۾ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪير آهي جيڪو الله تعالى کان وڌيڪ وعدو پورو ڪندڙ هجي؟ پوءِ (اي مؤمنو!) توهان خوش ٿي وڃو پنھنجي ان سودي تي جيڪو توهان الله تعالى سان ڪيو آهي ۽ اِها ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
التّٰئِبونَ العٰبِدونَ الحٰمِدونَ السّٰئِحونَ الرّٰكِعونَ السّٰجِدونَ الءامِرونَ بِالمَعروفِ وَالنّاهونَ عَنِ المُنكَرِ وَالحٰفِظونَ لِحُدودِ اللَّهِ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 112) |
(هي مؤمن هميشه) توبہ ڪندڙ، عبادت ڪندڙ، هر وقت ساراه ڪندڙ الله تعالى جي رستي ۾ (گهرن مان) نڪرندڙ، رڪوع ڪندڙ، سجدو ڪندڙ، نيڪي جو حڪم ڪندڙ، برائين کان روڪيندڙ ۽ الله تعالى جي (مقرر ڪيل) حدن جي حفاظت ڪندڙ هوندا آهن (اهي ئي سچا مؤمن آهن. اي نبي ﷺ) توهان اهڙن مؤمنن کي خوشخبري ٻڌايو. |
ما كانَ لِلنَّبِىِّ وَالَّذينَ ءامَنوا أَن يَستَغفِروا لِلمُشرِكينَ وَلَو كانوا أُولى قُربىٰ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُم أَنَّهُم أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 113) |
(هاڻي مٿيون ڪردار اختيار ڪرڻ کان پوءِ) نبي (ﷺ) ۽ مؤمنن لاءِ ھي مناسب نه آهي ته هو مشرڪن جي بخشش لاءِ دعا گهرن، توڙي سندن مائٽ ئي ڇونه هجن، جڏهن ته کين معلوم به ٿي چڪو آهي ته هو (مشرڪ) پڪا جھنمي آهن. |
وَما كانَ استِغفارُ إِبرٰهيمَ لِأَبيهِ إِلّا عَن مَوعِدَةٍ وَعَدَها إِيّاهُ فَلَمّا تَبَيَّنَ لَهُ أَنَّهُ عَدُوٌّ لِلَّهِ تَبَرَّأَ مِنهُ إِنَّ إِبرٰهيمَ لَأَوّٰهٌ حَليمٌ (آيت : 114) |
(ٺيڪ آ ابراهيم $ پنھنجي پيءُ جي بخشش لاءِ دعا گهري هئي) سو ابراهيم ($) ان جي لاءِ جيڪا دعا گهري هئي، سا ان وعدي جي ڪري هئي، جيڪو هو (پنهنجي پيءُ سان) ڪري چڪو هو، پوءِ جڏهن مٿس اها ڳالهه ظاهر ٿي ته هو الله تعالى جو (پڪو) دشمن آهي ته ان کان بيزار ٿي ويو، بيشڪ ابراهيم ($) وڏو نرم دل ۽ وڏو بردبار هو. |
وَما كانَ اللَّهُ لِيُضِلَّ قَومًا بَعدَ إِذ هَدىٰهُم حَتّىٰ يُبَيِّنَ لَهُم ما يَتَّقونَ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 115) |
۽ (ياد رکو ته) الله تعالى جو اهو طريقو نه آهي ته هو ماڻهن کي هدايت ڏيڻ کان پوءِ وري گمراهي ۾ مبتلا ڪري، جيستائين کين گمراهي کان بچڻ واري ھر شيءِ جي باري ۾ صاف ۽ چٽو نه ٻڌائي ڇڏي. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. |
إِنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُحيۦ وَيُميتُ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 116) |
بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت الله تعالى جي ئي آهي، اهو ئي جيئرو ڪندو آهي ۽ اهو ئي موت ڏيندو آهي. توهان جو الله تعالى کان سواءِ حقيقي دوست ۽ مددگار ٻيو ڪير ٿي نٿو سگهي. |
لَقَد تابَ اللَّهُ عَلَى النَّبِىِّ وَالمُهٰجِرينَ وَالأَنصارِ الَّذينَ اتَّبَعوهُ فى ساعَةِ العُسرَةِ مِن بَعدِ ما كادَ يَزيغُ قُلوبُ فَريقٍ مِنهُم ثُمَّ تابَ عَلَيهِم إِنَّهُ بِهِم رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 117) |
الله تعالى نبي (ﷺ) تي رحمت واري نظر ڪئي ۽ (جنگ تبوڪ ۾ سستي ڪندڙ) انهن مھاجرن ۽ انصارن تي به رحمت واري نظر ڪئي، جن وڏي ڏکي وقت ۾ نبيءَ جو ساٿ ڏنو هو، جيتوڻيڪ انهن مان ڪن ماڻهن جون دليون ڦرڻ تي هيون، تنھن هوندي به انهن نبي سڳوري جو ساٿ ڏنو، تنھنڪري الله تعالى کين معاف فرمايو. بيشڪ هو انهن تي بيحد مھربان ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَعَلَى الثَّلٰثَةِ الَّذينَ خُلِّفوا حَتّىٰ إِذا ضاقَت عَلَيهِمُ الأَرضُ بِما رَحُبَت وَضاقَت عَلَيهِم أَنفُسُهُم وَظَنّوا أَن لا مَلجَأَ مِنَ اللَّهِ إِلّا إِلَيهِ ثُمَّ تابَ عَلَيهِم لِيَتوبوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 118) |
(هاڻي) انهن ٽن ماڻهن (يعني ڪعب بن مالڪ، هلال بن اُميّہ ۽ مُراره بن ربيع&) تي به الله تعالى ٻاجهه جي نظر ڪئي، جن جو معاملو پوئتي رکيو ويو هو، ايستائين جو زمين ڪشادي هجڻ جي باوجود مٿن تنگ ٿي وئي هئي ۽ هو پاڻ به پنھنجي جان کان بيزار ٿي چڪا هئا ۽ انهن محسوس ڪيو هو ته انهن وٽ الله تعالى جي پڪڙ کان بچڻ جو ٻيو ڪوبه رستو نه آهي (سواءِ ان جي جو ان جي آڏو توبہ ڪئي وڃي) پوءِ الله تعالى کين توبہ جي توفيق عطا فرمائي ته جيئن هو (پنهنجي غلطيءَ کي مڃي) توبہ ڪن، بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَكونوا مَعَ الصّٰدِقينَ (آيت : 119) |
اي ايمان وارؤ! (غلطين کان بچڻ چاهيو ٿا ته) الله تعالى کان ڊڄو ۽ (هميشه) سچن ماڻهن جو ساٿ ڏيو. |
ما كانَ لِأَهلِ المَدينَةِ وَمَن حَولَهُم مِنَ الأَعرابِ أَن يَتَخَلَّفوا عَن رَسولِ اللَّهِ وَلا يَرغَبوا بِأَنفُسِهِم عَن نَفسِهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم لا يُصيبُهُم ظَمَأٌ وَلا نَصَبٌ وَلا مَخمَصَةٌ فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا يَطَـٔونَ مَوطِئًا يَغيظُ الكُفّارَ وَلا يَنالونَ مِن عَدُوٍّ نَيلًا إِلّا كُتِبَ لَهُم بِهِ عَمَلٌ صٰلِحٌ إِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 120) |
مديني جي رهواسين ۽ مديني جي آس پاس رهندڙ عرب جي ڳوٺاڻن لاءِ اهو مناسب نه هو ته هو الله تعالى جي سچي رسول سڳوري کي ڇڏي پاڻ گهرن ۾ ويٺا رهن ۽ نه ئي اهو مناسب هو جو نبيءَ جي جان جي بجاءِ پنھنجي جان کي پيارو سمجهن. (حقيقت هي آهي ته) جيڪڏهن هو الله تعالى جي راهه ۾ نڪرن ها ۽ کين اُڃ، ٿڪاوٽ ۽ بُک جي جيڪا تڪليف پھچي ها ۽ جيڪو به قدم نبي سڳوري سان گڏ هلن ها، ان تي ڪافرن کي جيڪا چڙ لڳي ها ۽ دشمن کان بدلي وٺڻ جي صورت ۾ انهن سڀني ڳالهين تي (الله تعالى جي طرفان) انهن جي لاءِ وڏي نيڪي لکي وڃي ها، الله تعالى ته نيڪي ڪرڻ وارن جو اجر (ڪڏهن به) ضايع نه ڪندو آهي. |
وَلا يُنفِقونَ نَفَقَةً صَغيرَةً وَلا كَبيرَةً وَلا يَقطَعونَ وادِيًا إِلّا كُتِبَ لَهُم لِيَجزِيَهُمُ اللَّهُ أَحسَنَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 121) |
(اهڙيءَ طرح) هو جيڪا به ننڍي يا وڏي شيءِ خرچ ڪندا آهن يا حق جي رستي ۾ ڪا وادي پار ڪندا آهن ته سندن اهو عمل فوراً لکيو ويندو آهي ته جيئن الله تعالى کين ڪيل ڪمن تي سھڻو بدلو عطا فرمائي. |
وَما كانَ المُؤمِنونَ لِيَنفِروا كافَّةً فَلَولا نَفَرَ مِن كُلِّ فِرقَةٍ مِنهُم طائِفَةٌ لِيَتَفَقَّهوا فِى الدّينِ وَلِيُنذِروا قَومَهُم إِذا رَجَعوا إِلَيهِم لَعَلَّهُم يَحذَرونَ (آيت : 122) |
۽ سڀني ايمان وارن لاءِ اهو ضروري نه هو ته هو هميشه سڀ جا سڀ (جھاد لاءِ) نڪرن، کين هن پاسي به ڌيان ڏيڻ گهرجي ته (عرب جي ڳوٺاڻن مان) ڪجهه ماڻهو دين جي سمجهه حاصل ڪرڻ لاءِ (پنهنجي علائقن مان) نڪرن ۽ (دين سمجهي) پنھنجي قوم ڏانھن واپس موٽي وڃن ۽ کين (الله تعالى جي نافرماني جي سزا کان) ڊيڄارين، ٿي سگهي ٿو ته انهن جي اندر ڊپ پيدا ٿئي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا قٰتِلُوا الَّذينَ يَلونَكُم مِنَ الكُفّارِ وَليَجِدوا فيكُم غِلظَةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 123) |
اي ايمان وارؤ! اوهان پنھنجي آس پاس رھندڙ ڪافرن (يعني منافقن) سان (اهڙي طريقي سان) وڙهندا رهو ته جيئن هو توهان جي اندر جي سختي محسوس ڪن ۽ توهان کي معلوم هجڻ گهرجي ته بيشڪ الله تعالى سدائين پرهيزگارن سان گڏ آهي. |
وَإِذا ما أُنزِلَت سورَةٌ فَمِنهُم مَن يَقولُ أَيُّكُم زادَتهُ هٰذِهِ إيمٰنًا فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا فَزادَتهُم إيمٰنًا وَهُم يَستَبشِرونَ (آيت : 124) |
۽ جڏهن به ڪا سورة نازل ڪئي وڃي ٿي، ته انهن مان ڪجهه (منافق) ماڻهو (ٽوڪ واري انداز ۾) چوندا آهن ته (ڀلا) هن سورة (جي نازل ٿيڻ) سان توهان مان ڪھڙن ماڻهن جي ايمان ۾ واڌارو ٿيو آهي؟ (اي منافقو! ٻڌي ڇڏيو) ايمان آڻيندڙن جي ايمان ۾ ته ان سورة جي ذريعي واڌارو ئي ٿئي ٿو ۽ هو (قرآن جي سورة نازل ٿيڻ وقت ڏاڍا) خوش به ٿيندا آهن. |
وَأَمَّا الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ فَزادَتهُم رِجسًا إِلىٰ رِجسِهِم وَماتوا وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 125) |
باقي رهيا اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ (ڪوڙ ڳالهائڻ جي) بيماري آهي (۽ هر نازل ٿيندڙ نئين سورت) سندن دلين ۾ موجود پھرين پليتي سان گڏ ٻي پليتي جو واڌارو ڪري ڇڏي ٿي ۽ هو مرڻ گهڙيءَ تائين منڪر ئي رهندا. |
أَوَلا يَرَونَ أَنَّهُم يُفتَنونَ فى كُلِّ عامٍ مَرَّةً أَو مَرَّتَينِ ثُمَّ لا يَتوبونَ وَلا هُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 126) |
ڇا انهن کي اهو نظر نٿو اچي ته هر سال هڪ يا ٻه ڀيرا مٿن (مصيبتن جي صورت ۾) آزمائش ايندي رهي ٿي، پر پوءِ به (هو پنهنجي برين حرڪتن کان) نٿا مُڙن ۽ نه ئي ڪنھن نصيحت تي ڌيان ڏين ٿا. |
وَإِذا ما أُنزِلَت سورَةٌ نَظَرَ بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ هَل يَرىٰكُم مِن أَحَدٍ ثُمَّ انصَرَفوا صَرَفَ اللَّهُ قُلوبَهُم بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 127) |
۽ جڏهن به ڪا سورت نازل ٿيندي آهي، ته هي (منافق) هڪ ٻئي کي ٽيڏي اک جي اشارن سان چوندا آهن ته پاڻ کي ڪو مسلمان ته نٿو ڏسي (جڏهن پڪ ٿيندي اٿن ته مسلمان ته قرآن کي غور سان ٻڌڻ ۾ لڳا پيا آهن ته) پوءِ هو آهستي آهستي کِسڪي هليا ويندا آهن، الله تعالى ئي اهڙن ناسمجهه ماڻهن جي دلين کي ڦيري ڇڏيو آهي. |
لَقَد جاءَكُم رَسولٌ مِن أَنفُسِكُم عَزيزٌ عَلَيهِ ما عَنِتُّم حَريصٌ عَلَيكُم بِالمُؤمِنينَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 128) |
بيشڪ توهان وٽ توهان مان ئي هڪ رسول اچي چڪو آهي، توهان جو تڪليف ۾ پوڻ کيس غمگين ڪندو آهي، هو (هميشه) توهان جي ڀلائي چاهيندو آهي، مؤمنن تي گهڻو شفقت ڪندڙ ۽ مھربان آهي. |
فَإِن تَوَلَّوا فَقُل حَسبِىَ اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَهُوَ رَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 129) |
پوءِ جيڪڏهن هي ماڻهو منھن ڦيرين ته کين چؤ ته منھنجي لاءِ الله تعالى جي ذات ئي ڪافي آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي، مون ان (هستيءَ) تي ڀروسو ڪيو آهي ۽ هو تمام وڏي سلطنت جو مالڪ آهي. |