بَراءَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ إِلَى الَّذينَ عٰهَدتُم مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 1) |
بيزاري جو اعلان آهي الله ۽ سندس رسول طرفان انهن ماڻهن جي لاءِ جن معاهدا ٽوڙيا هئا مشرڪن مان. |
فَسيحوا فِى الأَرضِ أَربَعَةَ أَشهُرٍ وَاعلَموا أَنَّكُم غَيرُ مُعجِزِى اللَّهِ وَأَنَّ اللَّهَ مُخزِى الكٰفِرينَ (آيت : 2) |
سو (اي مشرڪو) گُهمي ڦِري وٺو زمين ۾ چار مهينا، ۽ توهان کي خبر هئڻ گهرجي ته توهان توهان عاجز ڪري نٿا سگهو الله کي، ۽ الله خوار ڪرڻ وارو آهي ڪافرن کي. |
وَأَذٰنٌ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ إِلَى النّاسِ يَومَ الحَجِّ الأَكبَرِ أَنَّ اللَّهَ بَريءٌ مِنَ المُشرِكينَ وَرَسولُهُ فَإِن تُبتُم فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَإِن تَوَلَّيتُم فَاعلَموا أَنَّكُم غَيرُ مُعجِزِى اللَّهِ وَبَشِّرِ الَّذينَ كَفَروا بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 3) |
۽ اعلان آهي الله ۽ سندس رسول جو عام ماڻهن جي لاءِ حج اڪبر جي ڏينهن تي، ته بيشڪ الله بيزار آهي مشرڪن کان، ۽ سندس رسول به. هاڻي اگر توهان توبهه ڪري وٺو ته اها توهان لاءِ چڱي آهي، ۽ اگر منهن ڦيرايو ٿا ته سمجهي ڇڏيو، توهان عاجز ڪري نٿا سگهو الله کي، ۽ (اي نبي!) خوشخبري ٻڌاءِ انهن ڪافرن کي سخت عذاب جي. |
إِلَّا الَّذينَ عٰهَدتُم مِنَ المُشرِكينَ ثُمَّ لَم يَنقُصوكُم شَيـًٔا وَلَم يُظٰهِروا عَلَيكُم أَحَدًا فَأَتِمّوا إِلَيهِم عَهدَهُم إِلىٰ مُدَّتِهِم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 4) |
سواءِ انهن مشرڪن جي، جن سان معاهدا ڪيا توهان، ۽ انهن مشرڪن انهن معاهدن کي پوري ڪرڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي ڪانه ڪئي، ۽ نه توهان جي خلاف ڪنهن جي مدد ڪئي ته اهڙن ماڻهن سان توهان به معاهدن جي مدت پوري ڪريو، بيشڪ الله پسند ڪري ٿو پرهيزگارن کي. |
فَإِذَا انسَلَخَ الأَشهُرُ الحُرُمُ فَاقتُلُوا المُشرِكينَ حَيثُ وَجَدتُموهُم وَخُذوهُم وَاحصُروهُم وَاقعُدوا لَهُم كُلَّ مَرصَدٍ فَإِن تابوا وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ فَخَلّوا سَبيلَهُم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
پوءِ جڏهن حرمت وارا مهينا گذري وڃن ته قتل ڪريو مشرڪن کي جتي به ڏسو، ۽ انهن کي پڪڙيو ۽ انهن کي گهيرو ڪريو ۽ هرهڪ گهٽ تي انهن جي خبر وٺڻ لاءِ ويهو، پوءِ جيڪڏهن اهي توبه ڪن ۽ قائم ڪن نماز ۽ ڏين زڪوات، ته انهن کي ڇڏي ڏيو، بيشڪ الله معاف ڪلندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. |
وَإِن أَحَدٌ مِنَ المُشرِكينَ استَجارَكَ فَأَجِرهُ حَتّىٰ يَسمَعَ كَلٰمَ اللَّهِ ثُمَّ أَبلِغهُ مَأمَنَهُ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعلَمونَ (آيت : 6) |
۽ جيڪڏهن ڪو به مشرڪن مان تو وٽ اچڻ گهري (جيئن الله جو ڪلام ٻڌي) ته ان کي پناهه ڏي، ايستائين جو هو الله جو ڪلام ٻڌي، ان کي امن جي جاءِ تي پهچايو، ان لاءِ ته اهي ڪو علم نٿا رکن. |
كَيفَ يَكونُ لِلمُشرِكينَ عَهدٌ عِندَ اللَّهِ وَعِندَ رَسولِهِ إِلَّا الَّذينَ عٰهَدتُم عِندَ المَسجِدِ الحَرامِ فَمَا استَقٰموا لَكُم فَاستَقيموا لَهُم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 7) |
ڪيئن ٿي سگهي ٿو انهن مشرڪن جي لاءِ ڪوبه وعدو الله ۽ سندس رسول وٽ سواءِ انهن ماڻهن جي جن سان معاهدو ڪيو هو مسجد حرام (احترام واري) وٽ، پوءِ جيستائين هو توهان سان سِڌا هلن ته انهن سان سِڌا هلو، بيشڪ الله پسند ڪري ٿو پرهيزگارن کي. |
كَيفَ وَإِن يَظهَروا عَلَيكُم لا يَرقُبوا فيكُم إِلًّا وَلا ذِمَّةً يُرضونَكُم بِأَفوٰهِهِم وَتَأبىٰ قُلوبُهُم وَأَكثَرُهُم فٰسِقونَ (آيت : 8) |
پر ڪيئن ٿي سگهي ٿو ٻين مشرڪن سان وعدو، اهي توهان تي غالب اچي وڃن ته توهان جي باري ۾ مائٽي جو به خيال نه ڪندا ۽ نه ڪنهن ذميواري جو، پنهنجي زبانن سان توهان کي راضي ڪندا پر سندن دليون انڪار ڪنديون، ۽ گهڻا انهن مان نافرمان آهن. |
اشتَرَوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا فَصَدّوا عَن سَبيلِهِ إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 9) |
انهن الله جي آيتن جي بدلي ٿورڙي قيمت قبول ڪري ورتي، پوءِ الله جي واٽ ۾ رڪاوٽ ٿيا، بيشڪ سندن برا ڪرتوت هئا جيڪي اهي ڪندا رهيا. |
لا يَرقُبونَ فى مُؤمِنٍ إِلًّا وَلا ذِمَّةً وَأُولٰئِكَ هُمُ المُعتَدونَ (آيت : 10) |
ڪوبه لحاظ نه ڪندا آهن ڪنهن مؤمن جي باري ۾، ۽ نه ڪنهن ذميواريءَ جو، ۽ هميشه انهن جي ئي طرفان زيادتي ٿي آهي. |
فَإِن تابوا وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ فَإِخوٰنُكُم فِى الدّينِ وَنُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 11) |
پوءِ جيڪڏهن اهي توبه ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ ڏيندا رهن زڪوات، ته توهان جا ڀائر آهن ديني طور تي، ۽ اسين چٽيءَ طرح پنهنجا حڪم بيان ڪريون ٿا ڄاڻ رکندڙن لاءِ. |
وَإِن نَكَثوا أَيمٰنَهُم مِن بَعدِ عَهدِهِم وَطَعَنوا فى دينِكُم فَقٰتِلوا أَئِمَّةَ الكُفرِ إِنَّهُم لا أَيمٰنَ لَهُم لَعَلَّهُم يَنتَهونَ (آيت : 12) |
۽ جي هي پنهنجا قسم وري ٽوڙي ڇڏين ڪنهن به معاهدي ڪرڻ کان پوءِ، ۽ حملا شروع ڪن توهان جي دين تي، ته جنگ ڪريو ڪفر جي علمبردارن سان، ڇاڪاڻ ته سندن قسمن جو ڪوبه اعتبار ناهي، شايد رڪجي وڃن (تلوار جي زور تي). |
أَلا تُقٰتِلونَ قَومًا نَكَثوا أَيمٰنَهُم وَهَمّوا بِإِخراجِ الرَّسولِ وَهُم بَدَءوكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ أَتَخشَونَهُم فَاللَّهُ أَحَقُّ أَن تَخشَوهُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 13) |
ڇا توهان نه وڙهندؤ اهڙن ماڻهن سان جيڪي پنهنجا وعدا ٽوڙيندا رهيا آهن ۽ جن ملڪ مان رسولن کي ڪڍڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ زيادتي جي اڳرائي اهي ئي ڪندا هئا، ڇا انهن کان ڊڄو ٿا؟ الله ان جو وڌيڪ حقدار آهي ته کانئس ڊڄو، جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو. |
قٰتِلوهُم يُعَذِّبهُمُ اللَّهُ بِأَيديكُم وَيُخزِهِم وَيَنصُركُم عَلَيهِم وَيَشفِ صُدورَ قَومٍ مُؤمِنينَ (آيت : 14) |
انهن سان وڙهو سزا ڏياريندو الله توهان جي هٿان انهن کي، ۽ انهن کي ذليل ۽ خوار ڪندو ۽ توهان جي مدد ڪندو انهن جي مقابلي ۾ ۽ ٺاريندو دلين کي ڪيترن ئي مؤمنن جي. |
وَيُذهِب غَيظَ قُلوبِهِم وَيَتوبُ اللَّهُ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 15) |
۽ وڃائيندو ساڙ انهن جي دلين جو، ۽ توبه جي توفيق به ڏيندو جنهن کي گهرندو، ۽ الله سڀڪجهه ڄاڻندڙ داناءُ آهي. |
أَم حَسِبتُم أَن تُترَكوا وَلَمّا يَعلَمِ اللَّهُ الَّذينَ جٰهَدوا مِنكُم وَلَم يَتَّخِذوا مِن دونِ اللَّهِ وَلا رَسولِهِ وَلَا المُؤمِنينَ وَليجَةً وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 16) |
ڇا توهان سمجهو ٿا ته ائين ئي ڇڏيا ويندؤ؟ جڏهن ته الله توهان مان جهاد ڪندڙن کي پرکيو ئي ڪونهي (سندس راهه ۾) ۽ نه ٺاهيو دوست سواءِ الله جي، سندس رسول ۽ مؤمنن کان سواءِ دلي طور تي، ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ڪريو ٿا. |
ما كانَ لِلمُشرِكينَ أَن يَعمُروا مَسٰجِدَ اللَّهِ شٰهِدينَ عَلىٰ أَنفُسِهِم بِالكُفرِ أُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم وَفِى النّارِ هُم خٰلِدونَ (آيت : 17) |
اهو ڪم مشرڪن جو نه آهي ته اهي خادم ۽ مجاور ٿين مسجدن جا الله لاءِ، جڏهن ته شاهد آهن اهي پنهنجي ئي ڪفر تي پاڻ، انهن جا ته چٽ ٿي ويا سڀ عمل، ۽ انهن کي هميشه جي لاءِ جهنم ۾ ئي رهڻو آهي. |
إِنَّما يَعمُرُ مَسٰجِدَ اللَّهِ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَأَقامَ الصَّلوٰةَ وَءاتَى الزَّكوٰةَ وَلَم يَخشَ إِلَّا اللَّهَ فَعَسىٰ أُولٰئِكَ أَن يَكونوا مِنَ المُهتَدينَ (آيت : 18) |
بيشڪ مجاور ۽ خادم مسجدن جا ته اهي ٿيندا جيڪي الله تي ايمان آڻين ۽ آخرت جي ڏينهن کي به مڃين، ۽ قائم ڪن نماز ۽ ڏين زڪوات، ۽ نه ڊڄن سواءِ الله جي، انهن ۾ ئي اميد آهي ته اهي سنئين راهه تي هلندا رهندا. |
أَجَعَلتُم سِقايَةَ الحاجِّ وَعِمارَةَ المَسجِدِ الحَرامِ كَمَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَجٰهَدَ فى سَبيلِ اللَّهِ لا يَستَوۥنَ عِندَ اللَّهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 19) |
ڇا توهان ماڻهن پاڻي پيارڻ حاجين کي ۽ مجاوري ڪرڻ مسجد الحرام جي کي ان ماڻهو جي ڪم برابر سمجهيو آهي، جيڪو الله ۽ ڏينهن آخرت تي ايمان رکي ٿو ۽ جهاد ڪيائين الله جي راهه ۾؟ ناهن برابر اهي ٻئي الله وٽ، ۽ الله ڪابه رهنمائي نه ڪندو آهي ڪنهن قوم ظالم جي. |
الَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم أَعظَمُ دَرَجَةً عِندَ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 20) |
جن ماڻهن به ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ جهاد ڪيو الله جي راهه ۾ پنهنجي مال ۽ جانين سان، انهن جو وڏو درجو آهي الله وٽ ۽ اهڙا ئي ماڻهو آهن ڪامياب. |
يُبَشِّرُهُم رَبُّهُم بِرَحمَةٍ مِنهُ وَرِضوٰنٍ وَجَنّٰتٍ لَهُم فيها نَعيمٌ مُقيمٌ (آيت : 21) |
انهن کي خوشخبري سندن رب جي طرفان رحمت جي آهي ۽ اهي راضپي الله جي ۾ اهڙن باغن ۾ رهندا جتي انهن جي لاءِ هميشه جو رهڻ آهي. |
خٰلِدينَ فيها أَبَدًا إِنَّ اللَّهَ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 22) |
اتي هو هميشه رهڻ وارا آهن، بيشڪ الله وٽ خدمتن جو بدلو ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا ءاباءَكُم وَإِخوٰنَكُم أَولِياءَ إِنِ استَحَبُّوا الكُفرَ عَلَى الإيمٰنِ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِنكُم فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! نه ڪريو پنهنجن پيئرن ۽ ڀائرن کي پنهنجو دوست رفيق جيڪڏهن اهي ترجيح ڏين ڪفر کي ايمان تي، توهان مان جن ماڻهن ائين ڪيو (انهن کي ساٿي بڻايو) اهڙا ئي ماڻهو ظالم هوندا. |
قُل إِن كانَ ءاباؤُكُم وَأَبناؤُكُم وَإِخوٰنُكُم وَأَزوٰجُكُم وَعَشيرَتُكُم وَأَموٰلٌ اقتَرَفتُموها وَتِجٰرَةٌ تَخشَونَ كَسادَها وَمَسٰكِنُ تَرضَونَها أَحَبَّ إِلَيكُم مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَجِهادٍ فى سَبيلِهِ فَتَرَبَّصوا حَتّىٰ يَأتِىَ اللَّهُ بِأَمرِهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 24) |
(اي نبي!) چؤ ته جيڪڏهن توهان جا پيئر ۽ توهان جا پٽ ۽ توهان جا ڀائر ۽ توهان جون زالون ۽ توهان جا مٽ مائٽ ۽ توهان جا اهي مال جيڪي توهان ڪمايا آهن، توهان جا اهي ڪاروبار جن ۾ نقصان پوڻ جو ڊپ آهي، ۽ اهي گهر جيڪي توهان کي وڻن ٿا، جيڪڏهن اهي توهان کي الله ۽ سندس رسول کان ۽ سندس راهه ۾ جهاد کان وڌيڪ پيارا آهن ته انتظار ڪريو ايستائين جو الله پنهنجو فيصلو آڏو آڻي توهان جي، ۽ الله رهنمائي نه ڪندو آهي فاسق ماڻهن جي. |
لَقَد نَصَرَكُمُ اللَّهُ فى مَواطِنَ كَثيرَةٍ وَيَومَ حُنَينٍ إِذ أَعجَبَتكُم كَثرَتُكُم فَلَم تُغنِ عَنكُم شَيـًٔا وَضاقَت عَلَيكُمُ الأَرضُ بِما رَحُبَت ثُمَّ وَلَّيتُم مُدبِرينَ (آيت : 25) |
مدد ڪئي آهي الله ڪيترن ئي موقعن تي توهان جي ۽ ڏهاڙي حنين جي (اهو شان ته توهان ڏٺو آهي) جڏهن توهان کي غرور هو پنهنجي گهڻائيءَ جو، پر اها توهان کي ڪم نه آئي ڪجهه به ۽ پنهنجي ڪشادگيءَ جي باوجود زمين توهان تي تنگ ٿي پئي، پوءِ توهان پٺي ڏئي ڀڄي نڪتؤ. |
ثُمَّ أَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَعَلَى المُؤمِنينَ وَأَنزَلَ جُنودًا لَم تَرَوها وَعَذَّبَ الَّذينَ كَفَروا وَذٰلِكَ جَزاءُ الكٰفِرينَ (آيت : 26) |
پوءِ نازل ڪيو الله سڪون پنهنجي رسول ۽ مٿان مؤمنن جي، ۽ نازل فرمايا اهي لشڪر جيڪي توهان کي ڏسڻ ۾ نه ٿي آيا ۽ سزا ڏنائين ڪافرن کي، ۽ حق جي منڪرن لاءِ اهو ئي بدلو آهي. |
ثُمَّ يَتوبُ اللَّهُ مِن بَعدِ ذٰلِكَ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 27) |
پوءِ (توهان اهو به ڏٺو ته) الله اهڙي سزا ڏيڻ کان پوءِ جنهن کي گهري توبه جي توفيق بخشي ٿو، ۽ الله بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّمَا المُشرِكونَ نَجَسٌ فَلا يَقرَبُوا المَسجِدَ الحَرامَ بَعدَ عامِهِم هٰذا وَإِن خِفتُم عَيلَةً فَسَوفَ يُغنيكُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ إِن شاءَ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 28) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، بيشڪ مشرڪ پليت آهن تنهن ڪري اهي ويجهو نه وڃن مسجد الحرام (حرمت واري) جي هن سال کان پوءِ، جي توهان کي سڃائيءَ جو خوف آهي ته پوءِ توهان کي آسودو ڪندو الله پنهنجي فضل سان جي هو چاهي، بيشڪ الله ڄاڻندڙ ۽ حڪمت وارو آهي. |
قٰتِلُوا الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلا بِاليَومِ الءاخِرِ وَلا يُحَرِّمونَ ما حَرَّمَ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَلا يَدينونَ دينَ الحَقِّ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ حَتّىٰ يُعطُوا الجِزيَةَ عَن يَدٍ وَهُم صٰغِرونَ (آيت : 29) |
جنگ ڪريو انهن ماڻهن سان (اهلِ ڪتاب مان) جيڪي الله ۽ آخرت تي ايمان نٿا آڻين ۽ حرام نٿا ڪن جيڪي حرام قرار ڏنو آهي الله ۽ سندس رسول ۽ نٿا بنائن پنهنجو دين، حق واري دين کي، انهن سان وڙهو جن تي نازل ڪيل آهي ڪتاب، ايستائين جو اهي جزيو ڏين پنهنجن هٿن سان ۽ اهي ننڍا ٿي رهن. |
وَقالَتِ اليَهودُ عُزَيرٌ ابنُ اللَّهِ وَقالَتِ النَّصٰرَى المَسيحُ ابنُ اللَّهِ ذٰلِكَ قَولُهُم بِأَفوٰهِهِم يُضٰهِـٔونَ قَولَ الَّذينَ كَفَروا مِن قَبلُ قٰتَلَهُمُ اللَّهُ أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 30) |
۽ چوندا آهن يهودي ته عزير پٽ آهي الله جو ۽ چوندا آهن نصارا ته مسيح پٽ آهي الله جو، اهي ڳالهيون (اصلي) حقيقت نه آهن جيڪي اهي چوندا آهن پنهنجي واتان، انهن ماڻهن وانگر جيڪي ڪفر ۾ مبتلا ٿيا ان کان اڳي، مار پوي الله جي انهن تي هي ڪٿان ڌوڪو پيا کائن؟ |
اتَّخَذوا أَحبارَهُم وَرُهبٰنَهُم أَربابًا مِن دونِ اللَّهِ وَالمَسيحَ ابنَ مَريَمَ وَما أُمِروا إِلّا لِيَعبُدوا إِلٰهًا وٰحِدًا لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ سُبحٰنَهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 31) |
انهن ورتو آهي پنهنجن عالمن ۽ درويشن کي پنهنجو رب ڪري، سواءِ الله جي ۽ مسيح پٽ مريم کي، جڏهن ته کين اهو حڪم ناهي ته اهي بندگي ڪن سواءِ الله واحد جي، جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي، اهو پاڪ آهي انهن مشرڪانه ڳالهين کان. |
يُريدونَ أَن يُطفِـٔوا نورَ اللَّهِ بِأَفوٰهِهِم وَيَأبَى اللَّهُ إِلّا أَن يُتِمَّ نورَهُ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 32) |
هي چاهين ٿا ته پنهنجي ڦوڪن سان الله جي روشني وسائين، پر الله پنهنجي روشني مڪمل ڪرڻ بنا مڃڻ وارو نه آهي، ڀلي ڪافر ڇونه ارها ٿين. |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَلَو كَرِهَ المُشرِكونَ (آيت : 33) |
اهو ئي آهي (الله) جنهن موڪليو آهي پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچو دين ڏئي، جيئن غالب ڪري سڀني دينن تي ان کي، پوءِ ڀلي ڪيترو به مشرڪ رنج ڇو نه ٿين. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ كَثيرًا مِنَ الأَحبارِ وَالرُّهبانِ لَيَأكُلونَ أَموٰلَ النّاسِ بِالبٰطِلِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ يَكنِزونَ الذَّهَبَ وَالفِضَّةَ وَلا يُنفِقونَها فى سَبيلِ اللَّهِ فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 34) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! بيشڪ ڪيترا ئي آهن (اهلِ ڪتاب) عالم ۽ درويش جيڪي کائيندا آهن ماڻهن جو مال باطل طريقي سان ۽ روڪيندا آهن الله جي راهه کان، اهي ماڻهو گڏ ڪري رکندا آهن سون ۽ چاندي ۽ نه ڪندا آهن خرچ الله جي راهه ۾، پوءِ انهن کي ڏي خوشخبري دردناڪ سزا جي. |
يَومَ يُحمىٰ عَلَيها فى نارِ جَهَنَّمَ فَتُكوىٰ بِها جِباهُهُم وَجُنوبُهُم وَظُهورُهُم هٰذا ما كَنَزتُم لِأَنفُسِكُم فَذوقوا ما كُنتُم تَكنِزونَ (آيت : 35) |
اهو ڏينهن ايندو جو تپايو ويندو ان سون ۽ چاندي کي جهنم جي باهه ۾ ۽ پوءِ ڏنڀيو ويندو انهن ماڻهن جي پيشانين ۽ پاسن ۽ پٺين کي، هي آهي اهو خزانو جيڪو توهان پاڻ لاءِ گڏ ڪيو هو، هاڻي چکو پنهنجي ميڙيل دولت جو مزو. |
إِنَّ عِدَّةَ الشُّهورِ عِندَ اللَّهِ اثنا عَشَرَ شَهرًا فى كِتٰبِ اللَّهِ يَومَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ مِنها أَربَعَةٌ حُرُمٌ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ فَلا تَظلِموا فيهِنَّ أَنفُسَكُم وَقٰتِلُوا المُشرِكينَ كافَّةً كَما يُقٰتِلونَكُم كافَّةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 36) |
بيشڪ مهينن جو ڳاڻيٽو الله وٽ ٻارهن مهينا آهي الله جي ڪتاب ۾، جڏهن کان پئدا ڪيو ويو آهي آسمانن ۽ زمين کي، انهن مان چار مهينا (رجب کان محرم) حرمت وارا آهن، اهو ئي پورو ضابطو آهي تنهن ڪري ظلم نه ڪريو انهن (مهينن) ۾ پاڻ تي، ۽ گڏجي وڙهو مشرڪن سان، جهڙيءَ طرح اهي توهان سان گڏجي وڙهن ٿا، ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته بيشڪ الله متقي (پرهيزگارن) سان گڏ آهي. |
إِنَّمَا النَّسيءُ زِيادَةٌ فِى الكُفرِ يُضَلُّ بِهِ الَّذينَ كَفَروا يُحِلّونَهُ عامًا وَيُحَرِّمونَهُ عامًا لِيُواطِـٔوا عِدَّةَ ما حَرَّمَ اللَّهُ فَيُحِلّوا ما حَرَّمَ اللَّهُ زُيِّنَ لَهُم سوءُ أَعمٰلِهِم وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 37) |
بيشڪ نسي (عزت وارن مهينن ۾ ڦير ڦار) وڌيڪ ڪافراڻي حرڪت آهي ان سان اهي ماڻهو گمراهيءَ ۾ مبتلا ڪيا وڃن ٿا، ڪنهن سال هڪ مهيني کي حلال ڪري ته ڪنهن سال ان کي حرام ڪري الله جي حرام ڪيل مهينن جو ڳاڻيٽو پورو ڪن ٿا، سينگاريا ويا آهن انهن جا برا ڪم ۽ الله هدايت نٿو ڏئي حق جي منڪرن کي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا ما لَكُم إِذا قيلَ لَكُمُ انفِروا فى سَبيلِ اللَّهِ اثّاقَلتُم إِلَى الأَرضِ أَرَضيتُم بِالحَيوٰةِ الدُّنيا مِنَ الءاخِرَةِ فَما مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا فِى الءاخِرَةِ إِلّا قَليلٌ (آيت : 38) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! جڏهن توهان کي چيو ويو ته نڪري پئو الله جي راهه ۾ ته چنبڙي پيؤ زمين سان، ڇا توهان راضي ٿي ويا دنيا جي حياتيءَ تي آخرت جي مقابلي ۾؟ جيڪڏهن ائين آهي ته دنيا جي حياتيءَ جو هي سڀ سامان آخرت ۾ تمام ٿورو ثابت ٿيندو. |
إِلّا تَنفِروا يُعَذِّبكُم عَذابًا أَليمًا وَيَستَبدِل قَومًا غَيرَكُم وَلا تَضُرّوهُ شَيـًٔا وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 39) |
جيڪڏهن توهان نه اٿندؤ ته توهان کي دردناڪ سزا ملندي ۽ توهان جي جاءِ تي ٻئي ٽولي کي اٿاريو ويندو ۽ توهان (خدا کي) ڪجهه نٿا ڪري سگهو، ۽ الله هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو. |
إِلّا تَنصُروهُ فَقَد نَصَرَهُ اللَّهُ إِذ أَخرَجَهُ الَّذينَ كَفَروا ثانِىَ اثنَينِ إِذ هُما فِى الغارِ إِذ يَقولُ لِصٰحِبِهِ لا تَحزَن إِنَّ اللَّهَ مَعَنا فَأَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلَيهِ وَأَيَّدَهُ بِجُنودٍ لَم تَرَوها وَجَعَلَ كَلِمَةَ الَّذينَ كَفَرُوا السُّفلىٰ وَكَلِمَةُ اللَّهِ هِىَ العُليا وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 40) |
جي توهان مدد نه ڪئي نبيءَ جي، (پرواهه ناهي) الله سندس ان وقت به مدد ڪئي جڏهن ڪافرن کيس ڪڍي ڇڏيو، جڏهن ته اهو صرف ٻن ڄڻن مان ٻيو هو جڏهن اهي ٻئي غار ۾ هئا، جڏهن چئي رهيو هو پنهنجي ساٿيءَ کي ته، غم نه ڪر، الله اسان سان گڏ آهي. نازل ڪيو ان وقت الله سڪون ان تي ۽ سندس مدد اهڙن لشڪرن سان ڪئي جيڪي توهان کي نظر نه آيا، ۽ هيٺ ڪيائين انهن ماڻهن جي ڳالهه جيڪي ڪفر ۾ پيل هئا، ۽ الله جي ڳالهه ته آهي ئي مٿاهين، ۽ بيشڪ الله غالب ۽ داناءُ بينا آهي. |
انفِروا خِفافًا وَثِقالًا وَجٰهِدوا بِأَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم فى سَبيلِ اللَّهِ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 41) |
نڪري پئو کڻي هلڪا هجو يا ڳرا، ۽ جهاد ڪريو پنهنجن مالن سان ۽ پنهنجي جانين سان الله جي راهه ۾، اهو توهان جي لاءِ سٺو آهي جيڪڏهن توهان ڄاڻي وٺو. |
لَو كانَ عَرَضًا قَريبًا وَسَفَرًا قاصِدًا لَاتَّبَعوكَ وَلٰكِن بَعُدَت عَلَيهِمُ الشُّقَّةُ وَسَيَحلِفونَ بِاللَّهِ لَوِ استَطَعنا لَخَرَجنا مَعَكُم يُهلِكونَ أَنفُسَهُم وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 42) |
(اي نبي!) جيڪڏهن فائدو سولو ۽ سفر هلڪو هجي ها ته ضرور اهي توهان جي پويان اچن ها پر انهن جي لاءِ هي رستو ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو، پر اهي هاڻي خدا جا قسم کڻي چوندا ته جيڪڏهن اسين نڪري سگهون ها توهان سان ته ضرور گڏ هلون ها، اهي پاڻ کي تباهيءَ ۾ وجهي رهيا آهن، ۽ الله ڄاڻي ٿو ته بيشڪ اهي ڪوڙا آهن. |
عَفَا اللَّهُ عَنكَ لِمَ أَذِنتَ لَهُم حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكَ الَّذينَ صَدَقوا وَتَعلَمَ الكٰذِبينَ (آيت : 43) |
(اي نبي!) معاف ڪري الله توکي، تو ڇو موڪل ڏني انهن کي؟ (تون پاڻ موڪل نه ڏين ها) جيئن ظاهر ٿئي ها ته ڪهڙا ماڻهو سچا آهن ۽ ڄاڻي وٺين ها ڪوڙن کي به. |
لا يَستَـٔذِنُكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ أَن يُجٰهِدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالمُتَّقينَ (آيت : 44) |
اهي ڪڏهن به توکي عرض نه ڪندا جيڪي ماڻهو ايمان رکن ٿا سچيءَ دل سان الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي، ته انهن کي جهاد ڪرڻ کان معافي ڏني وڃي سندن مالن ۽ جانين سان، بيشڪ الله ته چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو پرهيزگارن کي. |
إِنَّما يَستَـٔذِنُكَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَارتابَت قُلوبُهُم فَهُم فى رَيبِهِم يَتَرَدَّدونَ (آيت : 45) |
اهڙا عرض ته رڳو اهي ماڻهو ڪندا آهن جيڪي ايمان نٿا آڻين الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي، ۽ شڪ آهي جن جي دلين ۾، اهي ته پنهنجي شڪ تي ئي حيران آهن. |
وَلَو أَرادُوا الخُروجَ لَأَعَدّوا لَهُ عُدَّةً وَلٰكِن كَرِهَ اللَّهُ انبِعاثَهُم فَثَبَّطَهُم وَقيلَ اقعُدوا مَعَ القٰعِدينَ (آيت : 46) |
۽ سچ پچ سندن ارادو نڪرڻ جو هجي ها ته اهي (ضرور) ان جي لاءِ تياري به ڪن ها، پر سندن اٿڻ پسند نه هو الله کي، ان ڪري انهن کي سُست ڪيائين ۽ چيو ويو ته ويٺا رهو ويهڻ وارن سان. |
لَو خَرَجوا فيكُم ما زادوكُم إِلّا خَبالًا وَلَأَوضَعوا خِلٰلَكُم يَبغونَكُمُ الفِتنَةَ وَفيكُم سَمّٰعونَ لَهُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 47) |
جيڪڏهن اهي نڪرن ها توهان سان ته اهي توهان ۾ خرابيءَ کان سواءِ ڪوبه واڌارو نه ڪن ها ۽ ڊڪ ڊوڙ ڪن ها توهان ۾ فتني جي، ۽ توهان جي ٽولي ۾ اهڙا به آهن جيڪي ڪن ڏئي کين ٻڌن ٿا، ۽ بيشڪ الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو انهن ظالمن کي. |
لَقَدِ ابتَغَوُا الفِتنَةَ مِن قَبلُ وَقَلَّبوا لَكَ الأُمورَ حَتّىٰ جاءَ الحَقُّ وَظَهَرَ أَمرُ اللَّهِ وَهُم كٰرِهونَ (آيت : 48) |
انهن پئدا ڪيو هو فتنو هن کان پهرين به ۽ توهان کي ناڪام ڪرڻ لاءِ سڀ تدبيرون به اختيار ڪيون تان جو حق اچي ويو سندن مرضيءَ خلاف ۽ الله جو ڪم غالب ٿي ويو. |
وَمِنهُم مَن يَقولُ ائذَن لى وَلا تَفتِنّى أَلا فِى الفِتنَةِ سَقَطوا وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحيطَةٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 49) |
انهن مان ڪو اهڙو به آهي جيڪو چوي ٿو ته، مون کي اجازت ڏيو ۽ آزمائش ۾ نه وجهو. ٻڌي ڇڏيو ته فتني ۾ اهي پاڻ پيل آهن، ۽ بيشڪ دوزخ وڪوڙي رکيو آهي انهن ڪافرن کي. |
إِن تُصِبكَ حَسَنَةٌ تَسُؤهُم وَإِن تُصِبكَ مُصيبَةٌ يَقولوا قَد أَخَذنا أَمرَنا مِن قَبلُ وَيَتَوَلَّوا وَهُم فَرِحونَ (آيت : 50) |
جي تنهنجو ڀلو ٿئي ٿو ته کين تڪليف ٿئي ٿي، ۽ توتي اچي ٿي ڪا مصيبت، ته منهن موڙي خوشيءَ مان چون ٿا ته، چڱو ٿيو اسان ته اڳي ئي پنهنجو معاملو ٺيڪ ڪري ڇڏيو هو. |
قُل لَن يُصيبَنا إِلّا ما كَتَبَ اللَّهُ لَنا هُوَ مَولىٰنا وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 51) |
چؤ (اي نبي!) اسان کي ڪا (برائي يا ڀلائي) نٿي پهچي پر جيڪا الله اسان لاءِ لکي آهي. اهو ئي اسان جو مولا آهي ۽ الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي ايمان وارن کي. |
قُل هَل تَرَبَّصونَ بِنا إِلّا إِحدَى الحُسنَيَينِ وَنَحنُ نَتَرَبَّصُ بِكُم أَن يُصيبَكُمُ اللَّهُ بِعَذابٍ مِن عِندِهِ أَو بِأَيدينا فَتَرَبَّصوا إِنّا مَعَكُم مُتَرَبِّصونَ (آيت : 52) |
چؤ (انهن کي) توهان جيڪو انتظار پيا ڪريو اسان لاءِ، سو سواءِ ٻن ڀلاين مان هڪڙي ڀلائي آهي، ۽ اسان توهان جي باري ۾ جنهن لاءِ انتظار ۾ آهيون سو هي ته الله پاڻ توهان کي عذاب (سزا) ڏئي ٿو يا اهو اسان جي هٿان ڏياري ٿو، هاڻي توهان به انتظار ڪريو ۽ اسان به توهان سان گڏ انتظار ۾ آهيون. |
قُل أَنفِقوا طَوعًا أَو كَرهًا لَن يُتَقَبَّلَ مِنكُم إِنَّكُم كُنتُم قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 53) |
چؤ (اي نبي!) توهان پنهنجا مال سرها ٿي خرچ ڪريو يا ارها ٿي هر حالت ۾ اهي قبول نه ڪيا ويندا، ڇاڪاڻ ته توهين ماڻهو فاسق آهيو. |
وَما مَنَعَهُم أَن تُقبَلَ مِنهُم نَفَقٰتُهُم إِلّا أَنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَبِرَسولِهِ وَلا يَأتونَ الصَّلوٰةَ إِلّا وَهُم كُسالىٰ وَلا يُنفِقونَ إِلّا وَهُم كٰرِهونَ (آيت : 54) |
انهن جا مال قبول نه هئڻ جو سبب ان کان سواءِ ٻيو نه آهي ته انهن ڪيو آهي ڪفر الله ۽ سندس رسول سان، ۽ اهي نماز لاءِ ايندا آهن ته کين آرس هوندي آهي ۽ خرچ ڪندا آهن (الله جي راهه ۾) بلڪل ئي بي دليءَ سان. |
فَلا تُعجِبكَ أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم بِها فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَتَزهَقَ أَنفُسُهُم وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 55) |
ڌوڪو نه کائو سندن مال، دولت ۽ اولاد جي گهڻائي ڏسي، بيشڪ الله چاهي ٿو ته انهن شين جي وسيلي کين عذاب ۾ مبتلا ڪري دنيا جي حياتي ۾ ئي ۽ جي اهي جان به ڏين ته حق جي انڪار واري حالت ۾. |
وَيَحلِفونَ بِاللَّهِ إِنَّهُم لَمِنكُم وَما هُم مِنكُم وَلٰكِنَّهُم قَومٌ يَفرَقونَ (آيت : 56) |
۽ اهي قسم کڻي خدا جو چون ٿا ته اسان توهان مان آهيون، پر اهي هرگز توهان مان نه آهن ۽ اصل ۾ اهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي توهان کان ڊنل آهن. |
لَو يَجِدونَ مَلجَـًٔا أَو مَغٰرٰتٍ أَو مُدَّخَلًا لَوَلَّوا إِلَيهِ وَهُم يَجمَحونَ (آيت : 57) |
جي اهي ڪا پناهه جي جاءِ ڏسن يا ڪا چُر يا ڪا ويهڻ جي جاءِ، ته ڀڄي وڃي ان ۾ لڪي ويهن. |
وَمِنهُم مَن يَلمِزُكَ فِى الصَّدَقٰتِ فَإِن أُعطوا مِنها رَضوا وَإِن لَم يُعطَوا مِنها إِذا هُم يَسخَطونَ (آيت : 58) |
(اي نبي!) ۽ انهن مان ڪي ماڻهو توتي اعتراض ڪن ٿا صدقن جي ورهائڻ ۾، جي کين ان مال مان ڪجهه ڏنو وڃي ته خوش ٿين ۽ جي نه ڏنو وڃي ته اهي ڪاوڙجڻ ٿا لڳن. |
وَلَو أَنَّهُم رَضوا ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَقالوا حَسبُنَا اللَّهُ سَيُؤتينَا اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَرَسولُهُ إِنّا إِلَى اللَّهِ رٰغِبونَ (آيت : 59) |
۽ ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جو اهي راضي رهن ها ان تي جيڪي الله ۽ سندس رسول کين ڏنو آهي ۽ چون ها ته الله ئي اسان لاءِ ڪافي آهي ۽ اهو الله پنهنجي فضل مان اسان کي ٻيو به ڏيندو ۽ سندس رسول به مهربان ٿيندو، اسان جون نگاهون ته الله ڏانهن ئي آهن. |
إِنَّمَا الصَّدَقٰتُ لِلفُقَراءِ وَالمَسٰكينِ وَالعٰمِلينَ عَلَيها وَالمُؤَلَّفَةِ قُلوبُهُم وَفِى الرِّقابِ وَالغٰرِمينَ وَفى سَبيلِ اللَّهِ وَابنِ السَّبيلِ فَريضَةً مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 60) |
بيشڪ اهي صدقا ته اصل ۾ فقيرن ۽ مسڪينن لاءِ آهن ۽ انهن لاءِ جيڪي انهيءَ ڪم تي مقرر آهن ۽ انهن لاءِ جن جون دليون موهڻ مطلوب هجن، پڻ اهي ڳچيون (ٻانهن کي آزاد ڪرائڻ) ۽ قرضدارن جي مدد لاءِ ۽ الله جي راهه ۾ ۽ مسافر نوازي ۾ ڪم آڻڻ لاءِ، هي هڪ فرض آهي الله جي طرفان، ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ دانا بينا آهي. |
وَمِنهُمُ الَّذينَ يُؤذونَ النَّبِىَّ وَيَقولونَ هُوَ أُذُنٌ قُل أُذُنُ خَيرٍ لَكُم يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَيُؤمِنُ لِلمُؤمِنينَ وَرَحمَةٌ لِلَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَالَّذينَ يُؤذونَ رَسولَ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 61) |
۽ ڪي انهن مان اهڙا به آهن جيڪي ڏکوئن ٿا نبيءَ کي (ڳالهين سان) ۽ چون ٿا ته هي شخص ڪنن جو ڪچو آهي. چؤ! اهو توهان جي ڀلائي لاءِ ائين آهي ايمان رکي ٿو الله تي ۽ ڀروسو ڪري ٿو ايماندارن تي، ۽ سراسر رحمت آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايماندار آهن توهان مان، ۽ جيڪي ماڻهو ايذائن ٿا رسول الله کي، انهن جي لاءِ دردناڪ سزا آهي. |
يَحلِفونَ بِاللَّهِ لَكُم لِيُرضوكُم وَاللَّهُ وَرَسولُهُ أَحَقُّ أَن يُرضوهُ إِن كانوا مُؤمِنينَ (آيت : 62) |
قسم کڻن ٿا اهي ماڻهو الله جو توهان جي آڏو جيئن توهان کي خوش ڪن، ته الله ۽ سندس رسول حقدار آهن جو انهن کي خوش ڪرڻ جي ڳڻ ڪن. |
أَلَم يَعلَموا أَنَّهُ مَن يُحادِدِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَأَنَّ لَهُ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدًا فيها ذٰلِكَ الخِزىُ العَظيمُ (آيت : 63) |
ڇا انهن کي خبر نه آهي ته جيڪو مقابلو ڪري ٿو الله ۽ سندس رسول سان، ته بيشڪ ان لاءِ دوزخ جي باهه آهي جنهن ۾ اهو هميشه رهندو، ۽ اها ته خواري آهي تمام وڏي. |
يَحذَرُ المُنٰفِقونَ أَن تُنَزَّلَ عَلَيهِم سورَةٌ تُنَبِّئُهُم بِما فى قُلوبِهِم قُلِ استَهزِءوا إِنَّ اللَّهَ مُخرِجٌ ما تَحذَرونَ (آيت : 64) |
ڊڄن ٿا اهي منافق ته ڪٿي نازل نه ٿئي (مسلمانن تي) ڪائي اهڙي سورة جيڪا سندن دلين جا ڀيد نه کولي وجهي، تون چؤ (اي نبي!) اڃا وڌيڪ ٺٺوليون ڪريو، بيشڪ الله ان ڳالهه کي پڌرو ڪندو آهي، جنهن کان ڊڄو ٿا. |
وَلَئِن سَأَلتَهُم لَيَقولُنَّ إِنَّما كُنّا نَخوضُ وَنَلعَبُ قُل أَبِاللَّهِ وَءايٰتِهِ وَرَسولِهِ كُنتُم تَستَهزِءونَ (آيت : 65) |
جيڪڏهن انهن کان پڇو ته توهان ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪيون، ته هڪدم چوندا اسان کل ڀوڳ پئي ڪئي، انهن کي چؤ، ڇا توهان جا الله ۽ سندس آيتن ۽ رسول سان اهي کل ڀوڳ ڪندا هئا. |
لا تَعتَذِروا قَد كَفَرتُم بَعدَ إيمٰنِكُم إِن نَعفُ عَن طائِفَةٍ مِنكُم نُعَذِّب طائِفَةً بِأَنَّهُم كانوا مُجرِمينَ (آيت : 66) |
هاڻي بهانا نه ڪريو، توهان ڪفر ڪيو آهي ايمان آڻڻ کان پوءِ، جيڪڏهن اسان معاف به ڪريون هڪ ٽولي کي توهان مان، ته ضرور سزا ڏينداسين ٻئي ٽولي کي به، ڇاڪاڻ ته اهو به ڏوهي آهي. |
المُنٰفِقونَ وَالمُنٰفِقٰتُ بَعضُهُم مِن بَعضٍ يَأمُرونَ بِالمُنكَرِ وَيَنهَونَ عَنِ المَعروفِ وَيَقبِضونَ أَيدِيَهُم نَسُوا اللَّهَ فَنَسِيَهُم إِنَّ المُنٰفِقينَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 67) |
منافق مرد ۽ منافق عورتون سڀ هڪ ٻئي جي رنگ ۾ آهن، برائيءَ جو حڪم ڪن ٿا ۽ روڪين ٿا ڀلائيءَ کان ۽ خير کان روڪين ٿا پنهنجا هٿ، هنن وساريو الله کي ته الله به کين وساري ڇڏيو، بيشڪ اهي منافق فاسق آهن. |
وَعَدَ اللَّهُ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالكُفّارَ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها هِىَ حَسبُهُم وَلَعَنَهُمُ اللَّهُ وَلَهُم عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 68) |
وعدو آهي الله جو انهن منافق مردن ۽ منافق عورتن سان، ۽ ڪافرن جي لاءِ ته اهي جهنم ۾ وڌا ويندا جتي هو هميشه رهندا، اها ئي انهن لاءِ ٺيڪ جڳهه آهي، ۽ لعنت آهي انهن تي الله جي، ۽ انهن لاءِ هميشه رهندڙ عذاب آهي. |
كَالَّذينَ مِن قَبلِكُم كانوا أَشَدَّ مِنكُم قُوَّةً وَأَكثَرَ أَموٰلًا وَأَولٰدًا فَاستَمتَعوا بِخَلٰقِهِم فَاستَمتَعتُم بِخَلٰقِكُم كَمَا استَمتَعَ الَّذينَ مِن قَبلِكُم بِخَلٰقِهِم وَخُضتُم كَالَّذى خاضوا أُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 69) |
توهان ماڻهن جا رنگ ڍنگ اهي ئي آهن جيڪي اڳين جا هئا، اهي توهان کان وڌيڪ سگهارا ۽ گهڻي وڌيڪ مال ۽ اولاد ۾ هئا. پوءِ انهن دنيا ۾ پنهنجي حصي جا مزا ماڻيا هئا ۽ توهان به پنهنجي حصي جا مزا ماڻيا، اهڙيءَ طرح انهن توهان کان اڳي ماڻيا ۽ اهڙن ئي اجاين بحثن ۾ توهان پئجي ويا جهيڙن ۾ اهي پيل هئا، انهن جي پڄاڻي اها ئي ٿي جو دنيا ۽ آخرت ۾ سندن ڪمائي ضايع ٿي وئي، ۽ اهي ٽوٽي ۾ پيا. |
أَلَم يَأتِهِم نَبَأُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَقَومِ إِبرٰهيمَ وَأَصحٰبِ مَديَنَ وَالمُؤتَفِكٰتِ أَتَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 70) |
ڇا انهن ماڻهن کي نه پهتي اڳين جي خبر (تاريخ)؟ نوح جي قوم، ۽ عاد ۽ ثمود ۽ ابراهيم جي قوم ۽ ماڻهو جيڪي مدين وارا هئا ۽ اهي وسنديون جن کي اونڌو ڪيو ويو، وٽن کڻي آيا سندن رسول چٽيون نشانيون، پوءِ اهو الله جو ڪم نه هو جو انهن تي ظلم ڪري پر اهي پاڻ ئي پاڻ تي ظلم ڪرڻ وارا هئا. |
وَالمُؤمِنونَ وَالمُؤمِنٰتُ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ يَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَيُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَيُطيعونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ سَيَرحَمُهُمُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 71) |
۽ مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتون هڪ ٻئي جا ساٿي آهن، حڪم ڏين ٿا ڀلائيءَ جو ۽ روڪين ٿا برائيءَ کان، ۽ قائم ڪن ٿا نماز ۽ ڏيندا آهن زڪوات، ۽ اطاعت ڪندا آهن الله جي ۽ سندس رسول جي، هنن ئي ماڻهن تي رحمت نازل ٿئي ٿي الله جي، بيشڪ الله ئي سڀني تي غالب حڪمت وارو آهي. |
وَعَدَ اللَّهُ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فى جَنّٰتِ عَدنٍ وَرِضوٰنٌ مِنَ اللَّهِ أَكبَرُ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 72) |
وعدو آهي الله جو انهن مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن سان، ته کين اهڙا باغ ڏيندو جن جي هيٺان نهرون وهنديون هونديون ۽ اهي انهن ۾ سدائين رهندا، ۽ هونديون انهن ئي سدا بهار باغن ۾ انهن جي لاءِ پاڪ جايون، کين راضپو الله جو وڌيڪ حاصل هوندو، اها ئي وڏي بهترين ڪاميابي آهي. |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ جٰهِدِ الكُفّارَ وَالمُنٰفِقينَ وَاغلُظ عَلَيهِم وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 73) |
اي نبي! مقابلو پوري قوت سان ڪافرن ۽ منافقن جو ڪريو ۽ ساڻن سختيءَ سان پيش اچ، ۽ آخرڪار انهن جي جاءِ ته جهنم ئي آهي، ۽ اهو ڏاڍو برو ٺڪاڻو آهي. |
يَحلِفونَ بِاللَّهِ ما قالوا وَلَقَد قالوا كَلِمَةَ الكُفرِ وَكَفَروا بَعدَ إِسلٰمِهِم وَهَمّوا بِما لَم يَنالوا وَما نَقَموا إِلّا أَن أَغنىٰهُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ مِن فَضلِهِ فَإِن يَتوبوا يَكُ خَيرًا لَهُم وَإِن يَتَوَلَّوا يُعَذِّبهُمُ اللَّهُ عَذابًا أَليمًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم فِى الأَرضِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 74) |
اهي ماڻهو الله جو قسم کڻي چوندا آهن، ته اسان اها ڳالهه ناهي چئي، پر انهن ضرور اها ڪفر واري ڳالهه چئي ۽ انهن اسلام آڻڻ کان پوءِ ئي ڪفر ڪيو، ۽ انهن اهو ڪجهه ڪرڻ جو ارادو ڪيو جيڪو ڪري نه سگهيا، سندن ڪاوڙ انهيءَ تي آهي ته کين مالدار ڪري ڇڏيو آهي الله ۽ سندس رسول پنهنجي فضل سان، هاڻي جي اهي پنهنجي هلت کان باز اچن ته انهن لاءِ بهتر آهي، ۽ جي اهي نه رڪجن ته کين الله ڏاڍو ڏکوئيندڙ عذاب ڏيندو، دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به ، ۽ انهن لاءِ نه هوندو زمين تي سندن ڪوبه حمايتي ۽ مددگار. |
وَمِنهُم مَن عٰهَدَ اللَّهَ لَئِن ءاتىٰنا مِن فَضلِهِ لَنَصَّدَّقَنَّ وَلَنَكونَنَّ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 75) |
انهن مان ڪي اهڙا به آهن جن جو الله سان وعدو هو ته جيڪڏهن ان اسان کي پنهنجي فضل سان نوازيو ته اسين خيرات ڪنداسين ۽ نيڪ ٿي رهنداسين. |
فَلَمّا ءاتىٰهُم مِن فَضلِهِ بَخِلوا بِهِ وَتَوَلَّوا وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 76) |
پر جڏهن کين نوازيو الله پنهنجي فضل سان ۽ دولتمند ڪيو ته انهن ڪنجوسي ڪئي ۽ پنهنجي وعدي تان ڦري ويا ۽ ڪا پرواهه به نه ڪئي. |
فَأَعقَبَهُم نِفاقًا فى قُلوبِهِم إِلىٰ يَومِ يَلقَونَهُ بِما أَخلَفُوا اللَّهَ ما وَعَدوهُ وَبِما كانوا يَكذِبونَ (آيت : 77) |
سندن انهيءَ بد عهديءَ جي ڪري الله سندن دلين ۾ نفاق ويهاريو جيڪو ڏينهن شنوائي تائين انهن جي جند نه ڇڏيندو ڇاڪاڻ ته انهن عهد شڪني ڪئي ۽ ڪوڙ ڳالهائيندا هئا. |
أَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ سِرَّهُم وَنَجوىٰهُم وَأَنَّ اللَّهَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 78) |
ڇا اهي ماڻهو نٿا ڄاڻن ته بيشڪ الله کي معلوم آهن سندن راز ۽ جيڪي هو لڪل صلاحون ڪن ٿا، ۽ بيشڪ الله سڀني ڳجهين ڳالهين کان باخبر آهي. |
الَّذينَ يَلمِزونَ المُطَّوِّعينَ مِنَ المُؤمِنينَ فِى الصَّدَقٰتِ وَالَّذينَ لا يَجِدونَ إِلّا جُهدَهُم فَيَسخَرونَ مِنهُم سَخِرَ اللَّهُ مِنهُم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 79) |
(اهو ڪنجوس دولتمندن کي ڄاڻي ٿو) جيڪي طعنه زني ڪندا آهن رضا خوشيءَ سان صدقا ڏيندڙ مؤمنن تي ۽ انهن ماڻهن وٽ ڪجهه به نه آهي سواءِ محنت ڪشي ڪرڻ جي ته انهن تان ٺٺوليون ڪندا آهن، ٺٺوليون ڪري ٿو الله انهن تي، ۽ انهن لاءِ ڏکوئيندڙ سزا آهي. |
استَغفِر لَهُم أَو لا تَستَغفِر لَهُم إِن تَستَغفِر لَهُم سَبعينَ مَرَّةً فَلَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 80) |
(اي نبي!) تون انهن جي لاءِ معافي جي درخواست ڪرين يا نه ڪرين، تون جي انهن جي لاءِ معافي جي درخواست ستر ڀيرا به ڪرين، تڏهن به الله کين معاف نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته انهن ڪفر ڪيو آهي الله ۽ سندس رسول سان، ۽ بيشڪ الله نٿو نجات جي راهه فاسق ماڻهن کي ڏيکاري. |
فَرِحَ المُخَلَّفونَ بِمَقعَدِهِم خِلٰفَ رَسولِ اللَّهِ وَكَرِهوا أَن يُجٰهِدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ وَقالوا لا تَنفِروا فِى الحَرِّ قُل نارُ جَهَنَّمَ أَشَدُّ حَرًّا لَو كانوا يَفقَهونَ (آيت : 81) |
پوئتي رهڻ جي اجازت جن کي ڏني وئي. سي رسول الله جو ساٿ نه ڏيڻ ۽ گهر ويهڻ تي خوش ٿيا ۽ کين پسند نه هو ته اهي پنهنجي مال ۽ جان سان جهاد ڪن الله جي راهه ۾، ۽ انهن ماڻهن کي چيو ته، هن گرميءَ ۾ نه نڪرو. کين چؤ ته جهنم جي باهه انهيءَ کان وڌيڪ سخت آهي، ڪاش کين ان جو شعور هجي ها. |
فَليَضحَكوا قَليلًا وَليَبكوا كَثيرًا جَزاءً بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 82) |
هاڻي کين گهرجي ته گهٽ کِلن ۽ وڌيڪ روئن، ڇاڪاڻ ته اها ئي جزا آهي انهن ماڻهن لاءِ، جيڪا برائي هو ڪمائيندا رهيا آهن. |
فَإِن رَجَعَكَ اللَّهُ إِلىٰ طائِفَةٍ مِنهُم فَاستَـٔذَنوكَ لِلخُروجِ فَقُل لَن تَخرُجوا مَعِىَ أَبَدًا وَلَن تُقٰتِلوا مَعِىَ عَدُوًّا إِنَّكُم رَضيتُم بِالقُعودِ أَوَّلَ مَرَّةٍ فَاقعُدوا مَعَ الخٰلِفينَ (آيت : 83) |
جي الله توکي انهن ۾ واپس آڻي ۽ آئنده انهن مان ڪو ٽولو جهاد ۾ نڪرڻ لاءِ توکان اجازت گهري ته کين صاف چئجان ته، هاڻي توهان مون سان گڏ هلي نٿا سگهو ۽ نه مون سان گڏ ڪنهن دشمن سان وڙهي سگهو ٿا، توهان پسند ڪيو هو ويهڻ کي پهرين، سو هاڻي به گهر ويهڻ وارن سان گڏ ويهي رهو. |
وَلا تُصَلِّ عَلىٰ أَحَدٍ مِنهُم ماتَ أَبَدًا وَلا تَقُم عَلىٰ قَبرِهِ إِنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَماتوا وَهُم فٰسِقونَ (آيت : 84) |
۽ آئنده انهن مان ڪو مري ته جنازي نماز نه پڙهه انهن جي ۽ نه سندن قبر تي بيهجان، ڇوته انهن ڪفر ڪيو آهي الله ۽ سندس رسول سان ۽ اهي ان حال ۾ مئا آهن جو اهي فاسق آهن. |
وَلا تُعجِبكَ أَموٰلُهُم وَأَولٰدُهُم إِنَّما يُريدُ اللَّهُ أَن يُعَذِّبَهُم بِها فِى الدُّنيا وَتَزهَقَ أَنفُسُهُم وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 85) |
۽ توکي ڌوڪي ۾ نه وجهي سندن مال ۽ اولاد جي گهڻائي، الله ته ارادو ڪيو آهي ته انهيءَ جي وسيلي کين سزا ڏئي انهيءَ سان دنيا ۾ به ۽ سندن ساهه اهڙي حال ۾ نڪرن جو اهي ڪافر ئي هجن. |
وَإِذا أُنزِلَت سورَةٌ أَن ءامِنوا بِاللَّهِ وَجٰهِدوا مَعَ رَسولِهِ استَـٔذَنَكَ أُولُوا الطَّولِ مِنهُم وَقالوا ذَرنا نَكُن مَعَ القٰعِدينَ (آيت : 86) |
۽ جڏهن به نازل ٿي سورة هن مضمون جي ته مڃو الله ۽ جهاد ڪريو سندس رسول سان گڏجي ته توهان ڏٺو ته جيڪي ماڻهو منجهن آسودا هئا سي چوڻ لڳا ته کين ڇڏيو وڃي ته اهي ويهڻ وارن سان گڏ ويهن. |
رَضوا بِأَن يَكونوا مَعَ الخَوالِفِ وَطُبِعَ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَفقَهونَ (آيت : 87) |
پسند ڪيو انهن ماڻهن گهرن ۾ ويهڻ وارين سان گڏ ۽ مهر هنئي وئي سندن دلين تي، تنهن ڪري کين ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي. |
لٰكِنِ الرَّسولُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ جٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم وَأُولٰئِكَ لَهُمُ الخَيرٰتُ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 88) |
ان جي ابتڙ رسول ۽ اهي ماڻهو جن ايمان آندو هو، انهن جهاد ڪيو پنهنجي مال ۽ جان سان، ته هاڻي انهن لاءِ ئي سڀ ڀلايون آهن، ۽ اهي ئي ڪاميابي ماڻڻ وارا آهن. |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 89) |
تيار ڪيا آهن الله انهن جي لاءِ اهڙا باغ، جن جي هيٺان وهي رهيون آهن نهرون انهن ۾ اهي هميشه رهندا، اها ئي آهي عظيم ڪاميابي. |
وَجاءَ المُعَذِّرونَ مِنَ الأَعرابِ لِيُؤذَنَ لَهُم وَقَعَدَ الَّذينَ كَذَبُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ سَيُصيبُ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 90) |
۽ ڪيترا ئي آيا ماڻهو بدوي عربن مان، جن بهانا ڪيا ته انهن کي به پوئتي رهڻ جي اجازت ملي، اهڙيءَ طرح الله ۽ رسول سان جن ڪوڙو عهد ڪيو اهي به ويهي رهيا، انهن بدوين مان جن ڪفر جو طريقو اختيار ڪيو آهي، اهي جلد ورتل هوندا عذاب دردناڪ ۾. |
لَيسَ عَلَى الضُّعَفاءِ وَلا عَلَى المَرضىٰ وَلا عَلَى الَّذينَ لا يَجِدونَ ما يُنفِقونَ حَرَجٌ إِذا نَصَحوا لِلَّهِ وَرَسولِهِ ما عَلَى المُحسِنينَ مِن سَبيلٍ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 91) |
ضعيف ۽ بيمار ماڻهن تي جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بي سر و ساماني جي حالت ۾ پوئتي رهجي وڃڻ ۾ حرج ناهي، جڏهن ته اهي الله ۽ سندس رسول سان وفادار هجن، اهڙن محسنن تي اعتراض جي گنجائش ناهي، ۽ الله معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. |
وَلا عَلَى الَّذينَ إِذا ما أَتَوكَ لِتَحمِلَهُم قُلتَ لا أَجِدُ ما أَحمِلُكُم عَلَيهِ تَوَلَّوا وَأَعيُنُهُم تَفيضُ مِنَ الدَّمعِ حَزَنًا أَلّا يَجِدوا ما يُنفِقونَ (آيت : 92) |
۽ نه اهڙن ماڻهن تي اعتراض جو ڪو موقعو آهي جن پاڻ اچي توکي عرض ڪيو هو ته سندن لاءِ سوارين جو بندوبست ڪيو وڃي، ۽ جڏهن تو کين چيو ته آئون توهان لاءِ بندوبست ڪري نٿو سگهان ته سندن اکين مان ڏک جا ڳوڙها ڳڙيا هئا، کين ڏک هو ته اهي پنهنجي خرچ تي جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ جي طاقت نٿا رکن. |
إِنَّمَا السَّبيلُ عَلَى الَّذينَ يَستَـٔذِنونَكَ وَهُم أَغنِياءُ رَضوا بِأَن يَكونوا مَعَ الخَوالِفِ وَطَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 93) |
بيشڪ اعتراض انهن ماڻهن تي آهي ته جيڪي مالدار هئڻ جي باوجود توکي عرض ٿا ڪن ته کين جهاد ۾ هلڻ کان معافي ملي ۽ پوئتي رهڻ وارن ۾ هجڻ کي پسند ڪيو، الله سندن دلين تي مهر هڻي ڇڏي، هاڻي اهي ڪجهه نٿا ڄاڻن (ته الله وٽ ان جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو). |
يَعتَذِرونَ إِلَيكُم إِذا رَجَعتُم إِلَيهِم قُل لا تَعتَذِروا لَن نُؤمِنَ لَكُم قَد نَبَّأَنَا اللَّهُ مِن أَخبارِكُم وَسَيَرَى اللَّهُ عَمَلَكُم وَرَسولُهُ ثُمَّ تُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 94) |
اهي طرح طرح جا بهانا ڪندا جڏهن انهن وٽ توهان موٽي ايندؤ، تون صاف چئي ڏجان ته، بهانا نه ڪريو. اسان ڀروسو نه ڪنداسين توهان جي ڪنهن به ڳالهه تي، ٻڌائي ڇڏيون آهن الله توهان جون اسان کي حالتون، هاڻي ڏسندو الله توهان جي عمل کي ۽ رسول به، پوءِ توهان موٽايا ويندؤ انهيءَ عالم الغيب ڏانهن ۽ اهو ئي توهان کي ٻڌائيندو جيڪي ڪجهه توهان ڪندا رهيا آهيو. |
سَيَحلِفونَ بِاللَّهِ لَكُم إِذَا انقَلَبتُم إِلَيهِم لِتُعرِضوا عَنهُم فَأَعرِضوا عَنهُم إِنَّهُم رِجسٌ وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ جَزاءً بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 95) |
اهي توهان جي آڏو قسم کڻندا توهان جي موٽڻ تي، جيئن توهان کين ڇڏي ڏيو، پوءِ ڀلي توهان کين ڇڏي ڏيو، اهي گندگي آهن، ۽ انهن جي اصلي جاءِ دوزخ ئي آهي، جيڪا سندن ڪمائيءَ جي بدلي ۾ کين ملندي. |
يَحلِفونَ لَكُم لِتَرضَوا عَنهُم فَإِن تَرضَوا عَنهُم فَإِنَّ اللَّهَ لا يَرضىٰ عَنِ القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 96) |
اهي قسم کڻندا توهان جي آڏو جيئن توهان کانئن راضي ٿي وڃو، ۽ توهان راضي ٿيو به پر الله ڪڏهن به راضي نه ٿيندو اهڙن فاسق ماڻهن کان. |
الأَعرابُ أَشَدُّ كُفرًا وَنِفاقًا وَأَجدَرُ أَلّا يَعلَموا حُدودَ ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 97) |
اهي بدوي بنهه سخت آهن ڪفر ۽ منافقيءَ ۾، ۽ سندن باري ۾ اهو امڪان وڌيڪ آهي ته اهي ان دين جي باري ۾ حدن کان ناواقف رهن جيڪو الله نازل ڪيو آهي پنهنجي رسول تي، ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، هو حڪمت وارو داناءُ آهي. |
وَمِنَ الأَعرابِ مَن يَتَّخِذُ ما يُنفِقُ مَغرَمًا وَيَتَرَبَّصُ بِكُمُ الدَّوائِرَ عَلَيهِم دائِرَةُ السَّوءِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 98) |
۽ انهن بدوين ۾ اهڙا به آهن جيڪي خير جي راهه ۾ خرچ به ڪندا آهن پر ان کي پاڻ تي زبردستيءَ جي چَٽي به سمجهن ٿا، ۽ توهان تي زماني جي ڦيرين جو انتظار به ڪندا آهن، (جيئن توهان ڦاسجو ته اهي آزاد ٿين) ۽ الله سڀڪجهه ٻڌي ڄاڻي ٿو. |
وَمِنَ الأَعرابِ مَن يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَيَتَّخِذُ ما يُنفِقُ قُرُبٰتٍ عِندَ اللَّهِ وَصَلَوٰتِ الرَّسولِ أَلا إِنَّها قُربَةٌ لَهُم سَيُدخِلُهُمُ اللَّهُ فى رَحمَتِهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 99) |
انهن بدوين مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي ايمان رکن ٿا الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي، ۽ جيڪو به خرچ ڪن ٿا ان کي قربت جو وسيلو بنائن ٿا الله وٽ ۽ رسول جي طرفان رحمت جون دعائون وٺڻ جو ذريعو سمجهن ٿا، ها! اهو قربت جو وسيلو آهي انهن جي لاءِ، ضرور داخل ڪندو الله انهن کي پنهنجي رحمت ۾ بيشڪ الله معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. |
وَالسّٰبِقونَ الأَوَّلونَ مِنَ المُهٰجِرينَ وَالأَنصارِ وَالَّذينَ اتَّبَعوهُم بِإِحسٰنٍ رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ وَأَعَدَّ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى تَحتَهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 100) |
۽ اهي جيڪي بعد ۾ سچائيءَ سان پهرين ايمان آڻڻ وارن مهاجرن ۽ انصار جي دعوت تي لبيڪ چئي، ۽ اهي ماڻهو جيڪي پويان آيا ۽ اڳرائي ڪئي، راضي ٿيو الله انهن کان ۽ راضي ٿيا اهي الله کان، الله انهن جي لاءِ اهڙا باغ تيار ڪيا آهن جن جي هيٺان نهريون وهنديون هونديون ۽ اهي انهن ۾ رهندا هميشه، اها ئي ڪاميابي عظيم الشان آهي. |
وَمِمَّن حَولَكُم مِنَ الأَعرابِ مُنٰفِقونَ وَمِن أَهلِ المَدينَةِ مَرَدوا عَلَى النِّفاقِ لا تَعلَمُهُم نَحنُ نَعلَمُهُم سَنُعَذِّبُهُم مَرَّتَينِ ثُمَّ يُرَدّونَ إِلىٰ عَذابٍ عَظيمٍ (آيت : 101) |
۽ تنهنجي آسپاس جيڪي رهن ٿا بدوي، انهن مان گهڻا منافق آهن، ۽ ساڳيءَ طرح مديني جي ماڻهن ۾ به آهن، جيڪي پختا ٿي ويا آهن منافقي ۾، تون انهن کان بي خبر آهين، اسان انهن کي ڄاڻون ٿا، وقت ويجهو آهي جو عذاب ٻيڻو ڏنو ويندو انهن کي، اهي وڌيڪ وڏي عذاب ڏي موٽايا ويندا. |
وَءاخَرونَ اعتَرَفوا بِذُنوبِهِم خَلَطوا عَمَلًا صٰلِحًا وَءاخَرَ سَيِّئًا عَسَى اللَّهُ أَن يَتوبَ عَلَيهِم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 102) |
۽ ٻيا ماڻهو جن اعتراف ڪيو آهي پنهنجي گناهن جو، انهن جا گڏيل عمل آهن، چڱا به آهن ته برا به آهن، اميد ته الله مٿن مهربان ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو بيشڪ معاف ڪندڙ رحم ڪندڙ آهي. |
خُذ مِن أَموٰلِهِم صَدَقَةً تُطَهِّرُهُم وَتُزَكّيهِم بِها وَصَلِّ عَلَيهِم إِنَّ صَلوٰتَكَ سَكَنٌ لَهُم وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 103) |
(اي نبي!) تون انهن جي مالن مان صدقو وٺي کين پاڪ ڪر ۽ نيڪيءَ جي راهه ۾ کين اڳتي وڌاءِ، سندن حق ۾ رحمت جي دعا ڪر، بيشڪ تنهنجي اها دعا سندن لاءِ آرام جو سبب آهي، ۽ الله سڀڪجهه ٻڌي ڄاڻي ٿو. |
أَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ هُوَ يَقبَلُ التَّوبَةَ عَن عِبادِهِ وَيَأخُذُ الصَّدَقٰتِ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 104) |
ڇا انهن ماڻهن کي خبر نه آهي ته بيشڪ اهو الله ئي آهي جيڪو قبول ڪري ٿو توبهه پنهنجي بندن جي ۽ انهن جي خيرات کي قبوليت بخشي ٿو ۽ بيشڪ الله ئي آهي جيڪو وڏو معاف ڪندڙ رحم وارو آهي. |
وَقُلِ اعمَلوا فَسَيَرَى اللَّهُ عَمَلَكُم وَرَسولُهُ وَالمُؤمِنونَ وَسَتُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 105) |
۽ (اي نبي!) چئو انهن کي ته عمل ڪريو پوءِ الله توهان جي عملن کي ڏسندو، سندس رسول ۽ مؤمن ڏسندا، ته توهان جو عمل هاڻي ڪهڙو آهي، موٽايا ويندؤ ان ڏي جيڪو لڪل ۽ ظاهر سڀ ڄاڻي ٿو، پوءِ اهو ئي توهان کي ٻڌائيندو ته توهان ڇا ڪندا رهيا آهيو؟ |
وَءاخَرونَ مُرجَونَ لِأَمرِ اللَّهِ إِمّا يُعَذِّبُهُم وَإِمّا يَتوبُ عَلَيهِم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 106) |
۽ ترسيل آهي ڪن ٻين ماڻهن جو معاملو الله وٽ، وڻيس ته کين سزا ڏئي ۽ وڻيس ته مٿن وري مهربان ٿئي، ۽ الله ته سڀڪجهه ڄاڻندڙ حڪيم ۽ داناءُ آهي. |
وَالَّذينَ اتَّخَذوا مَسجِدًا ضِرارًا وَكُفرًا وَتَفريقًا بَينَ المُؤمِنينَ وَإِرصادًا لِمَن حارَبَ اللَّهَ وَرَسولَهُ مِن قَبلُ وَلَيَحلِفُنَّ إِن أَرَدنا إِلَّا الحُسنىٰ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 107) |
۽ ڪي ماڻهو جن هڪ مسجد ان لاءِ ٺاهي ته نقصان رسائين حق جي دعوت کي ۽ ڪفر ڪن ۽ ڏڦيڙ وجهن ايمان وارن جي وچ ۾، ۽ ظاهر ۾ (ان کي) ان شخص لاءِ مورچو ٺاهين، جيڪو هن کان اڳ الله ۽ سندس رسول جي خلاف جنگ جوٽي چڪو آهي، ۽ اهي قسم کڻندا وري وري ته اسان جو ارادو ٻيو ناهي ڀلائيءَ کان سواءِ، ۽ الله پاڻ شاهد آهي ته اهي ڪوڙا آهن. |
لا تَقُم فيهِ أَبَدًا لَمَسجِدٌ أُسِّسَ عَلَى التَّقوىٰ مِن أَوَّلِ يَومٍ أَحَقُّ أَن تَقومَ فيهِ فيهِ رِجالٌ يُحِبّونَ أَن يَتَطَهَّروا وَاللَّهُ يُحِبُّ المُطَّهِّرينَ (آيت : 108) |
تون هرگز نه بيهجان انهيءَ عمارت ۾، جيڪا مسجد پرهيزگاريءَ تي قائم ٿي پهرين ڏينهن کان سا وڌيڪ حقدار آهي ته تون ان ۾ (عبادت لاءِ) بيهين، ان ۾ اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي پسند ڪن ٿا پاڪ رهڻ کي، ۽ الله پسند ڪري ٿو پاڪائي رکندڙن کي. |
أَفَمَن أَسَّسَ بُنيٰنَهُ عَلىٰ تَقوىٰ مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنٍ خَيرٌ أَم مَن أَسَّسَ بُنيٰنَهُ عَلىٰ شَفا جُرُفٍ هارٍ فَانهارَ بِهِ فى نارِ جَهَنَّمَ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 109) |
پوءِ توهان جو ڪهڙو خيال آهي ته عمارت جو بنياد خوفِ خدا تي رکيل هجي ۽ الله جي رضا تي هجي اهو چڱو آهي يا جنهن پنهنجي اڏاوت جو بنياد واديءَ جي پوري ڪنڌيءَ تي اڏيو، ۽ اها اڏيندڙ سميت سڌي وڃي ڪري دوزخ جي باهه ۾؟ ۽ الله ڪڏهن به هدايت نٿو ڪري اهڙن ظالمن کي. |
لا يَزالُ بُنيٰنُهُمُ الَّذى بَنَوا ريبَةً فى قُلوبِهِم إِلّا أَن تَقَطَّعَ قُلوبُهُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 110) |
اها عمارت جيڪا انهن ٺاهي آهي سا هميشھ بي يقينيءَ جو سبب بنيل سندن دلين ۾ رهندي (ان مان نڪرڻ ڏکيو آ) سواءِ سندن دلين جي ٽڪرا ٿيڻ جي، ۽ الله تمام خبردار، حڪيم ۽ داناءُ آهي. |
إِنَّ اللَّهَ اشتَرىٰ مِنَ المُؤمِنينَ أَنفُسَهُم وَأَموٰلَهُم بِأَنَّ لَهُمُ الجَنَّةَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ فَيَقتُلونَ وَيُقتَلونَ وَعدًا عَلَيهِ حَقًّا فِى التَّورىٰةِ وَالإِنجيلِ وَالقُرءانِ وَمَن أَوفىٰ بِعَهدِهِ مِنَ اللَّهِ فَاستَبشِروا بِبَيعِكُمُ الَّذى بايَعتُم بِهِ وَذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 111) |
بيشڪ الله خريد ڪري ورتا آهن مؤمنن کان سندن جانيون ۽ سندن مال عيوض ۾ جنت جي، اهي وڙهندا آهن الله جي راهه ۾، اهي ماريندا ۽ مرندا آهن، انهن سان وعدو (بهشت جو) آهي سچ جو تورات ۾، ۽ انجيل ۾، ۽ قرآن ۾، ۽ ڪير آهي جيڪو وعدو پورو ڪري الله کان وڌيڪ، پوءِ خوشيون ملهايو پنهنجي انهيءَ واپار تي جيڪو الله سان ڪيو آهي، ۽ اها ئي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. |
التّٰئِبونَ العٰبِدونَ الحٰمِدونَ السّٰئِحونَ الرّٰكِعونَ السّٰجِدونَ الءامِرونَ بِالمَعروفِ وَالنّاهونَ عَنِ المُنكَرِ وَالحٰفِظونَ لِحُدودِ اللَّهِ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 112) |
الله ڏي وري وري موٽڻ وارا، بندگي ڪرڻ وارا تعريف جا ڳڻ ڳائڻ وارا، سندس لاءِ زمين ۾ گهمڻ وارا، آڏو رڪوع ۽ سجدا ڪرڻ وارا، نيڪيءَ جو حڪم ڪرڻ وارا ۽ روڪڻ وارا برائيءَ کان، ۽ حفاظت ڪندڙ الله جي حدن جي (ان شان وارا مؤمن الله سان سودو ڪن ٿا) (اي نبي!) خوشخبري ڏي (اهڙن) ايمان وارن کي. |
ما كانَ لِلنَّبِىِّ وَالَّذينَ ءامَنوا أَن يَستَغفِروا لِلمُشرِكينَ وَلَو كانوا أُولى قُربىٰ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُم أَنَّهُم أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 113) |
نبيءَ کي ۽ انهن ماڻهن کي جن آندو آهي ايمان، کين اهو نه جڳائي ته مشرڪن لاءِ بخشش جي دعا گهرن، پوءِ اهي ڀلي سندن مائٽ ئي ڇو نه هجن، جڏهن مٿن اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته اهي دوزخ جا حقدار آهن. |
وَما كانَ استِغفارُ إِبرٰهيمَ لِأَبيهِ إِلّا عَن مَوعِدَةٍ وَعَدَها إِيّاهُ فَلَمّا تَبَيَّنَ لَهُ أَنَّهُ عَدُوٌّ لِلَّهِ تَبَرَّأَ مِنهُ إِنَّ إِبرٰهيمَ لَأَوّٰهٌ حَليمٌ (آيت : 114) |
۽ دعا گهري هئي بخشش جي ابراهيم پنهنجي پيءُ لاءِ سا ان وعدي جي ڪري هئي جيڪو وعدو هن پنهنجي پيءُ سان ڪيو هو، پر جڏهن مٿس اها ڳالهه ظاهر ٿي پئي ته اهو الله جو دشمن آهي ته هو ان کان بيزار ٿي ويو، حقيقت ۾ ابراهيم نرم دل، خدا ترس ۽ بردبار ماڻهو هو. |
وَما كانَ اللَّهُ لِيُضِلَّ قَومًا بَعدَ إِذ هَدىٰهُم حَتّىٰ يُبَيِّنَ لَهُم ما يَتَّقونَ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 115) |
هي طريقو الله جو نه آهي ته ماڻهن کي هدايت ڪرڻ بعد وري گمراهيءَ ۾ وجهي جيستائين کين ٻڌائي نه ته کين ڪهڙين ڳالهين کان بچڻ گهرجي، حقيقت ۾ الله هر شيءِ جو علم رکي ٿو. |
إِنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُحيۦ وَيُميتُ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 116) |
(۽ هيءُ به حقيقت آهي ته) بيشڪ الله جي ئي حڪومت آهي آسمانن ۽ زمين تي، زندگي ۽ موت سندس اختيار ۾ آهي، ۽ ڪوبه اهڙو حمايتي نه آهي جيڪو الله کان توهان کي بچائڻ ۾ مدد ڪري سگهي. |
لَقَد تابَ اللَّهُ عَلَى النَّبِىِّ وَالمُهٰجِرينَ وَالأَنصارِ الَّذينَ اتَّبَعوهُ فى ساعَةِ العُسرَةِ مِن بَعدِ ما كادَ يَزيغُ قُلوبُ فَريقٍ مِنهُم ثُمَّ تابَ عَلَيهِم إِنَّهُ بِهِم رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 117) |
بيشڪ معاف ڪري ڇڏيو الله نبيءَ کي ۽ انهن مهاجرن ۽ انصارن کي جن وڏي تنگيءَ جي وقت نبيءَ جو ساٿ ڏنو جڏهن ته ڪن ماڻهن جون دليون ڦِري وڃڻ جي ويجهو هيون (پر انهن اها تابعداري نه ڪئي ۽ نبيءَ جو ساٿ ڏنو ته) الله کين معاف ڪيو، حقيقت ۾ سندس معاملو اهڙن ماڻهن سان مهربانيءَ جو آهي. |
وَعَلَى الثَّلٰثَةِ الَّذينَ خُلِّفوا حَتّىٰ إِذا ضاقَت عَلَيهِمُ الأَرضُ بِما رَحُبَت وَضاقَت عَلَيهِم أَنفُسُهُم وَظَنّوا أَن لا مَلجَأَ مِنَ اللَّهِ إِلّا إِلَيهِ ثُمَّ تابَ عَلَيهِم لِيَتوبوا إِنَّ اللَّهَ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 118) |
۽ انهن ٽن ماڻهن کي به هن معاف ڪيو جن جو معاملو ملتوي ڪيل هو، جڏهن مٿن تنگ ٿي پئي هئي زمين به ڪشادگيءَ جي باوجود ۽ مٿن بار ٿي پيون هيون سندن جانيون به ۽ کين معلوم ٿيو ته الله کان بچڻ فقط ان جي رحمت ئي آهي، ته پنهنجي ڪرم سان الله موٽيو انهن ڏي جيئن اهي به موٽن، بيشڪ الله وڏو معاف ڪندڙ بخشڻهار آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَكونوا مَعَ الصّٰدِقينَ (آيت : 119) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! ڊڄو الله کان ۽ ساٿ ڏيو سچن ماڻهن جو. |
ما كانَ لِأَهلِ المَدينَةِ وَمَن حَولَهُم مِنَ الأَعرابِ أَن يَتَخَلَّفوا عَن رَسولِ اللَّهِ وَلا يَرغَبوا بِأَنفُسِهِم عَن نَفسِهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم لا يُصيبُهُم ظَمَأٌ وَلا نَصَبٌ وَلا مَخمَصَةٌ فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا يَطَـٔونَ مَوطِئًا يَغيظُ الكُفّارَ وَلا يَنالونَ مِن عَدُوٍّ نَيلًا إِلّا كُتِبَ لَهُم بِهِ عَمَلٌ صٰلِحٌ إِنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُحسِنينَ (آيت : 120) |
هرگز نٿي جڳايو مديني وارن ۽ آسپاس جي (رهندڙن) بدوين کي ته گهر ويٺا رهن ڇڏي الله جي رسول کي، ۽ هن جي طرف کان بي پرواهه ٿي پنهنجي نفس جي فڪر ۾ رُڌل هجن، ان ڪري جو ائين ڪڏهن به نه ٿيندو ته بک، اُڃ ۽ جسماني محنت جي تڪليف اهي سهن الله جي راهه ۾ ۽ حق جي منڪرن کي جيڪا راهه ناپسند آهي ان تي اهي وک وڌائين ۽ حق جي منڪرن کان ان جي بدلي ۾ سندن حق ۾ لکيو نه وڃي سندن واسطي هڪ صالح عمل، بيشڪ الله وٽ حق ماريو نه ويندو آهي احسان ڪندڙن جو. |
وَلا يُنفِقونَ نَفَقَةً صَغيرَةً وَلا كَبيرَةً وَلا يَقطَعونَ وادِيًا إِلّا كُتِبَ لَهُم لِيَجزِيَهُمُ اللَّهُ أَحسَنَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 121) |
۽ هي به ڪڏهن نه ٿيندو ته اهي الله جي راهه ۾ ٿورو يا گهڻو خرچ ڪن ۽ (جهاد جي ڪوشش ۾) ڪا وادي پار ڪن ۽ سندن حق ۾ ان کي لکيو نه وڃي، جيئن الله کين عطا ڪري سٺو بدلو سٺن ڪارنامن لاءِ. |
وَما كانَ المُؤمِنونَ لِيَنفِروا كافَّةً فَلَولا نَفَرَ مِن كُلِّ فِرقَةٍ مِنهُم طائِفَةٌ لِيَتَفَقَّهوا فِى الدّينِ وَلِيُنذِروا قَومَهُم إِذا رَجَعوا إِلَيهِم لَعَلَّهُم يَحذَرونَ (آيت : 122) |
۽ هي ڪو ضروري ڪونه هو ته ايمان وارا سڀ جا سڀ نڪري پون ها، پر ائين ڇو نه ٿيو ته انهن جي آباديءَ جي هر حصي مان ڪجهه ماڻهو نڪري اچن ها ۽ سمجهه پيدا ڪن ها دين جي ۽ پنهنجي علائقي جي ماڻهن کي خبردار ڪن ها موٽي وڃي، جيئن اهي (غير مسلمانه هلت کان) پرهيز ڪن ها. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا قٰتِلُوا الَّذينَ يَلونَكُم مِنَ الكُفّارِ وَليَجِدوا فيكُم غِلظَةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 123) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! جنگ ڪريو انهن ماڻهن سان جيڪي حق جا منڪر آهن، ۽ جيڪي توهان کي ويجها آهن، ڀلي ته توهان ۾ اهي سختي ڏسن ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته بيشڪ الله گڏ آهي پرهيزگارن سان. |
وَإِذا ما أُنزِلَت سورَةٌ فَمِنهُم مَن يَقولُ أَيُّكُم زادَتهُ هٰذِهِ إيمٰنًا فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا فَزادَتهُم إيمٰنًا وَهُم يَستَبشِرونَ (آيت : 124) |
۽ جڏهن به ڪا نازل ٿيندي آهي نئين سورة ته منجهائن ڪي ماڻهو (چرچي طور) پڇندا آهن ته، ان سان ڪهڙو واڌارو ٿيو توهان جي ايمان ۾؟ (جواب هي آهي ته) پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو آهي، واڌارو ئي ٿيو ان سان سندن ايمان ۾، ۽ اهي ان مان (بلڪل) خوش آهن. |
وَأَمَّا الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ فَزادَتهُم رِجسًا إِلىٰ رِجسِهِم وَماتوا وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 125) |
البته جن ماڻهن جي دلين ۾ مرض لڳل هو نفاق جو، ان جي پهرين پليتي ۾ اڃا به اضافو ٿيو (نئي سورة نازل ٿيڻ سان) ۽ اهي مرڻ تائين ئي ڦاٿل رهيا ڪفر ۾. |
أَوَلا يَرَونَ أَنَّهُم يُفتَنونَ فى كُلِّ عامٍ مَرَّةً أَو مَرَّتَينِ ثُمَّ لا يَتوبونَ وَلا هُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 126) |
ڇا اهي ماڻهو ڏسن نٿا ته هر سال هڪ ٻه ڀيرا آزمائش ۾ وڌا وڃن ٿا پر ان تي به اهي ڪن ٿا نه ڪا توبهه ئي ۽ نه ڪو سبق ئي پرائن ٿا. |
وَإِذا ما أُنزِلَت سورَةٌ نَظَرَ بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ هَل يَرىٰكُم مِن أَحَدٍ ثُمَّ انصَرَفوا صَرَفَ اللَّهُ قُلوبَهُم بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 127) |
۽ جڏهن به ڪا نازل ٿئي ٿي سورة، ته اهي ماڻهو اکين ئي اکين ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪندا آهن ته ڪٿي ڪو ڏسي ته نه رهيو آهي پوءِ ماٺ ميٺ ۾ کسڪي نڪري ويندا آهن. ڦيري ڇڏيون آهن الله سندن دليون، ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو بي سمجهه آهن. |
لَقَد جاءَكُم رَسولٌ مِن أَنفُسِكُم عَزيزٌ عَلَيهِ ما عَنِتُّم حَريصٌ عَلَيكُم بِالمُؤمِنينَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 128) |
ڏسو! آيو آهي توهان وٽ هڪ رسول، جيڪو آهي خود توهان منجهان ئي، توهان جو نقصان ۾ وڃڻ مٿس ڏکيو آهي، هو ڪاميابي جو حريص آهي توهان ايمان وارن لاءِ وڏو مشفق مهربان آهي. |
فَإِن تَوَلَّوا فَقُل حَسبِىَ اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَهُوَ رَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 129) |
هاڻي اگر اهي ماڻهو توکان منهن ڦيرين ٿا (اي نبي!) کين چؤ ته، الله ڪافي آهي منهنجي لاءِ، ڪو الله ان کان سواءِ ناهي فقط اهو، مون ان تي ئي ڀروسو ڪيو ۽ اهو ئي مالڪ آهي عرشِ عظيم جو. |