| وَالفَجرِ (آيت : 1) |
|
قسم آهي فجر جو |
| وَلَيالٍ عَشرٍ (آيت : 2) |
|
۽ ڏهن راتين جو |
| وَالشَّفعِ وَالوَترِ (آيت : 3) |
|
۽ ٻڌيءَ ۽ اڪيءَ جو |
| وَالَّيلِ إِذا يَسرِ (آيت : 4) |
|
۽ رات جو جڏهن اها موڪلائي رهي هوندي آهي |
| هَل فى ذٰلِكَ قَسَمٌ لِذى حِجرٍ (آيت : 5) |
|
ڇا هن ۾ ڪنهن عقل واري لاءِ ڪو پيغام آهي؟ |
| أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعادٍ (آيت : 6) |
|
نه ڏٺو اٿئي ڇا ته تنهنجي رب ڇا ڪيو عاد سان |
| إِرَمَ ذاتِ العِمادِ (آيت : 7) |
|
(يعني) اوچن ٿنڀن واري ارم سان |
| الَّتى لَم يُخلَق مِثلُها فِى البِلٰدِ (آيت : 8) |
|
جن جهڙي ڪا قوم دنيا جي ملڪن ۾ پيدا ئي نه ڪئي وئي هئي؟ |
| وَثَمودَ الَّذينَ جابُوا الصَّخرَ بِالوادِ (آيت : 9) |
|
۽ ثمود سان به، جن واديءَ ۾ پٿر ٽــُـڪيا هئا؟ |
| وَفِرعَونَ ذِى الأَوتادِ (آيت : 10) |
|
۽ ميخن واري فرعون سان به؟ |
| الَّذينَ طَغَوا فِى البِلٰدِ (آيت : 11) |
|
اِهي اُهي ماڻهو هئا، جن دنيا جي ملڪن ۾ ڏاڍي سرڪشي ڪئي هئي |
| فَأَكثَروا فيهَا الفَسادَ (آيت : 12) |
|
۽ منجهن ڏاڍو فساد ڦهلايو هو |
| فَصَبَّ عَلَيهِم رَبُّكَ سَوطَ عَذابٍ (آيت : 13) |
|
نيٺ تنهنجي رب مٿن عذاب جو ڏنڊو وسايو |
| إِنَّ رَبَّكَ لَبِالمِرصادِ (آيت : 14) |
|
سچي ڳالهه اها آهي ته تنهنجو رب گــَـهٽَ جهليو ويٺو آهي |
| فَأَمَّا الإِنسٰنُ إِذا مَا ابتَلىٰهُ رَبُّهُ فَأَكرَمَهُ وَنَعَّمَهُ فَيَقولُ رَبّى أَكرَمَنِ (آيت : 15) |
|
پر انسان جي حالت اها آهي ته جڏهن سندس رب آزمائش ٿو لهي ۽ کيس عزت ۽ نعمت ٿو عطا ڪري ته چوي ٿو ته منهنجي رب مونکي عزت وارو ڪيو |
| وَأَمّا إِذا مَا ابتَلىٰهُ فَقَدَرَ عَلَيهِ رِزقَهُ فَيَقولُ رَبّى أَهٰنَنِ (آيت : 16) |
|
۽ جڏهن وري کيس آزمائش ۾ وجهي ٿو ۽ سندس رزق مٿس تنگ ڪري ڇڏي ٿو ته چوي ٿو ته منهنجي رب مونکي ذليل ڪري ڇڏيو |
| كَلّا بَل لا تُكرِمونَ اليَتيمَ (آيت : 17) |
|
ڪڏهن به نه، اصل ڳالهه اها آهي ته توهان يتيم سان عزت وارو سلوڪ نٿا ڪريو |
| وَلا تَحٰضّونَ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 18) |
|
۽ مسڪين کي کاڌو کارائڻ لاءِ هڪ ٻئي کي نه ٿا اڀاريو |
| وَتَأكُلونَ التُّراثَ أَكلًا لَمًّا (آيت : 19) |
|
۽ ميراث جو سارو ئي مال ميڙي کائي ٿا وڃو |
| وَتُحِبّونَ المالَ حُبًّا جَمًّا (آيت : 20) |
|
۽ مال سان ڏاڍي محبت ٿا ڪريو |
| كَلّا إِذا دُكَّتِ الأَرضُ دَكًّا دَكًّا (آيت : 21) |
|
بلڪل نه، جڏهن زمين کي خوب ڪــُـٽي ڪــُـٽي رڻ پٽ بڻايو ويندو |
| وَجاءَ رَبُّكَ وَالمَلَكُ صَفًّا صَفًّا (آيت : 22) |
|
۽ تنهنجو رب هن حال ۾ جلوه افروز ٿيندو، جو ملائڪ صفون ٻڌي بيٺل هوندا |
| وَجِا۟يءَ يَومَئِذٍ بِجَهَنَّمَ يَومَئِذٍ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ وَأَنّىٰ لَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 23) |
|
۽ جهنم انهيءَ ڏينهن آڏو آندو ويندو، انهيءَ ڏينهن انسان کي سمجهه پوندي، پر ان وقت سمجهه پوڻ جو ڪهڙو فائدو؟ |
| يَقولُ يٰلَيتَنى قَدَّمتُ لِحَياتى (آيت : 24) |
|
هو چوندو ته جيڪر مون پنهنجي هن حياتيءَ لاءِ اڳواٽ ڪجهه ڪيو هجي ها! |
| فَيَومَئِذٍ لا يُعَذِّبُ عَذابَهُ أَحَدٌ (آيت : 25) |
|
پوءِ انهيءَ ڏينهن الله جيڪو عذاب ڏيندو تهڙو عذاب ڏيڻ وارو ڪوبه ناهي |
| وَلا يوثِقُ وَثاقَهُ أَحَدٌ (آيت : 26) |
|
۽ الله جيئن ٻـَـڌي قابو ڪندو، تيئن ٻڌي سوگهو ڪرڻ وارو ڪو ناهي |
| يٰأَيَّتُهَا النَّفسُ المُطمَئِنَّةُ (آيت : 27) |
|
(ٻئي پاسي فرمايو ويندو) اي مطمئن ٿيل نفس، موٽي هل پنهنجي رب ڏي |
| ارجِعى إِلىٰ رَبِّكِ راضِيَةً مَرضِيَّةً (آيت : 28) |
|
ائين جو تون (پنهنجي سهڻي پڇاڙيءَ کان) خوش (۽ پنهنجي رب وٽ) ڏاڍو پسند پيل آهين |
| فَادخُلى فى عِبٰدى (آيت : 29) |
|
پوءِ شامل ٿي وڃ منهنجن نيڪ ٻانهن ۾ |
| وَادخُلى جَنَّتى (آيت : 30) |
|
۽ داخل ٿي وڃ منهنجي جنت ۾ |