وَالفَجرِ (آيت : 1) |
صبح (جي وقت) جو قسم آهي، |
وَلَيالٍ عَشرٍ (آيت : 2) |
۽ ڏهن راتين جو، |
وَالشَّفعِ وَالوَترِ (آيت : 3) |
۽ ٻڌيءَ جو ۽ اڪيءَ جو، |
وَالَّيلِ إِذا يَسرِ (آيت : 4) |
۽ رات جو جڏهن اچڻ لڳي ٿي. |
هَل فى ذٰلِكَ قَسَمٌ لِذى حِجرٍ (آيت : 5) |
عقل واري لاءِ ته هي بيشڪ وڏو قسم آهي (ته ڪافرن تي ضرور عذاب ٿيندو) |
أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعادٍ (آيت : 6) |
ڇا اوهان نه ڏٺو ته اوهان جي پروردگار عاد (جي قوم) سان ڇا ڪيو؟ |
إِرَمَ ذاتِ العِمادِ (آيت : 7) |
(يعني) ٿنبن وانگر قد آور “ارم” جي (قوم) سان. |
الَّتى لَم يُخلَق مِثلُها فِى البِلٰدِ (آيت : 8) |
جن جهڙا سموري (دنيا جي) شهرن ۾ ڪو نه پيدا ڪيا ويا. |
وَثَمودَ الَّذينَ جابُوا الصَّخرَ بِالوادِ (آيت : 9) |
پڻ ثمود (جي قوم) سان (به) جي “وادي القرى” ۾ ڇپون گهڙي (گهر ٺاهي رهندا هئا. |
وَفِرعَونَ ذِى الأَوتادِ (آيت : 10) |
۽ فرعون سان (به ڇا ڪيوسين) جيڪو سزا جي لاءِ ڪلا رکندو هو. |
الَّذينَ طَغَوا فِى البِلٰدِ (آيت : 11) |
هي ماڻهو (جدا جدا) شهرن ۾ سرڪش ٿي رهيا هئا. |
فَأَكثَروا فيهَا الفَسادَ (آيت : 12) |
۽ انهن مان گهڻا فساد ڦهلائي رهيا هئا. |
فَصَبَّ عَلَيهِم رَبُّكَ سَوطَ عَذابٍ (آيت : 13) |
پوءِ تنهنجي پروردگار مٿن عذاب جو چهبڪ وسايو. |
إِنَّ رَبَّكَ لَبِالمِرصادِ (آيت : 14) |
پوءِ تنهنجو پالڻهار گهاٽ واري هنڌ ۾ آهي. |
فَأَمَّا الإِنسٰنُ إِذا مَا ابتَلىٰهُ رَبُّهُ فَأَكرَمَهُ وَنَعَّمَهُ فَيَقولُ رَبّى أَكرَمَنِ (آيت : 15) |
پوءِ انسان کي جڏهن کيس سندس پالڻهار (هن طرح) آزمائي ٿو جو ان کي عزت ۽ نعمت ڏئي ٿو ته چوي ٿو ته منهنجي پروردگار مون کي عزت عطا ڪئي آهي. |
وَأَمّا إِذا مَا ابتَلىٰهُ فَقَدَرَ عَلَيهِ رِزقَهُ فَيَقولُ رَبّى أَهٰنَنِ (آيت : 16) |
پر وري جڏهن کيس (هن ريت) آزمائي ٿو جو مٿس سندس روزي تنگ ڪري ٿو، ته چوي ٿو ته منهنجي پالڻهار مون کي خوار ڪيو. |
كَلّا بَل لا تُكرِمونَ اليَتيمَ (آيت : 17) |
ائين نه آهي. پر اوهين ماڻهو يتيم جي عزت نه ٿا ڪريو. |
وَلا تَحٰضّونَ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 18) |
۽ نه مسڪين کي کاڌي کارائڻ جي ريس ٿا ڏياريو. |
وَتَأكُلونَ التُّراثَ أَكلًا لَمًّا (آيت : 19) |
۽ ميراث جي مال (حلال ۽ حرام) کي سميٽي هڙپ ڪري ٿا ڇڏيو. |
وَتُحِبّونَ المالَ حُبًّا جَمًّا (آيت : 20) |
۽ مال (دولت) سان محبت گهڻي ٿا رکو. |
كَلّا إِذا دُكَّتِ الأَرضُ دَكًّا دَكًّا (آيت : 21) |
ياد رکو! جڏهن زمين کي ڪٽي ڪٽي ذرا ذرا ڪيو ويندو. |
وَجاءَ رَبُّكَ وَالمَلَكُ صَفًّا صَفًّا (آيت : 22) |
۽ تنهنجي پروردگار جو حڪم، ۽ فرشتا قطارن ۾ ايندا. |
وَجِا۟يءَ يَومَئِذٍ بِجَهَنَّمَ يَومَئِذٍ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ وَأَنّىٰ لَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 23) |
۽ دوزخ کي ان ڏينهن سامهون آڻبو، تڏهن ان ڏينهن انسان ڌيان ڪندو پر پوءِ ڪٿان (نصيحت يا فائدو) ٿيندس! |
يَقولُ يٰلَيتَنى قَدَّمتُ لِحَياتى (آيت : 24) |
چوندو ته جيڪر (ڪجھ چڱا عمل) پنهنجي (هن) حياتي لاءِ اڳيان موڪليان ها! |
فَيَومَئِذٍ لا يُعَذِّبُ عَذابَهُ أَحَدٌ (آيت : 25) |
پوءِ ان ڏينهن خدا جي سزا جهڙي سزا ٻيو ڪو به نه ڏيندو. |
وَلا يوثِقُ وَثاقَهُ أَحَدٌ (آيت : 26) |
۽ ان جي جڪڙڻ جهڙو ٻيو ڪو به نه جڪڙيندو. |
يٰأَيَّتُهَا النَّفسُ المُطمَئِنَّةُ (آيت : 27) |
(۽ ڪجھ ماڻهن کي چئبو) اي دلجاءِ وارا نفس! |
ارجِعى إِلىٰ رَبِّكِ راضِيَةً مَرضِيَّةً (آيت : 28) |
پنهنجي پالڻهار ڏي موٽي هل! جو تون ان کان خوش هو تو کان راضي. |
فَادخُلى فى عِبٰدى (آيت : 29) |
تون منهنجن (خاص) عبدن ۾ شامل ٿي وڃ. |
وَادخُلى جَنَّتى (آيت : 30) |
۽ منهنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ. |