وَالفَجرِ (آيت : 1) |
ساک سُنهاري صُبح جِي، جڏهن کِڙي ٿو کَڙو، |
وَلَيالٍ عَشرٍ (آيت : 2) |
۽ سانده ڏَھ راتيون، |
وَالشَّفعِ وَالوَترِ (آيت : 3) |
۽ جوڙو ۽ ڇَڙهو، |
وَالَّيلِ إِذا يَسرِ (آيت : 4) |
۽ جڏهن رات جَھان ۾، ڏئي مَٿان لوڪ لَڙهو، |
هَل فى ذٰلِكَ قَسَمٌ لِذى حِجرٍ (آيت : 5) |
ڇا، پَڌرو نه آھِ پَڙهو، اُن ۾ عقلدار لئي؟ |
أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعادٍ (آيت : 6) |
واقِعا اُنهِئَ وَقت جا، وِيچارئـِي نَه ويهي؟ ته تُنهنجي آگي، عاد سان، ڪَئـِي چَر ڪيهِي، |
إِرَمَ ذاتِ العِمادِ (آيت : 7) |
اِرَم اُچِيَنِ ماڙِيِين، نِشانيون نيهِي، |
الَّتى لَم يُخلَق مِثلُها فِى البِلٰدِ (آيت : 8) |
جوڙ جِن جيهِي جُڙي ڪانه جَھان ۾. |
وَثَمودَ الَّذينَ جابُوا الصَّخرَ بِالوادِ (آيت : 9) |
۽ سَرڪش قوم ثَمود جِي، ڇاڪِين پَيئـِي تو ڪَر؟ ڏُونگر جي ڏَنِي ۾، جِن گَھڙي ٺاهيا گَھر، |
وَفِرعَونَ ذِى الأَوتادِ (آيت : 10) |
۽ فِڪر نَه ڪيئـِي فِرعون ڏي، جو سِيخُن ساڻ سَٻر، |
الَّذينَ طَغَوا فِى البِلٰدِ (آيت : 11) |
جِنِين مُلڪ مُنجھائـِيا، |
فَأَكثَروا فيهَا الفَسادَ (آيت : 12) |
شَهرِين پَکيڙيئون شَر، |
فَصَبَّ عَلَيهِم رَبُّكَ سَوطَ عَذابٍ (آيت : 13) |
پوءِ اُنهن تي وار عَذاب جو، پَلٽايو پَروَر، |
إِنَّ رَبَّكَ لَبِالمِرصادِ (آيت : 14) |
تُنهن جو رَبّ رَهبر، چارِي پُوري چونڪ تي. |
فَأَمَّا الإِنسٰنُ إِذا مَا ابتَلىٰهُ رَبُّهُ فَأَكرَمَهُ وَنَعَّمَهُ فَيَقولُ رَبّى أَكرَمَنِ (آيت : 15) |
پَر پوءِ اِن اِنسان جا، آهِن اِهڙا پار، ته جڏهن پَرکيسِ پَر ۾، پنهنجو پالڻهار، عطا ڪَريسِ آبرو، ۽ سُکيو رکيسِ سَتار، پوءِ وَاکاڻيسِ تِنهن وار، ته سانيمِ مون سان سُک ڪيو. |
وَأَمّا إِذا مَا ابتَلىٰهُ فَقَدَرَ عَلَيهِ رِزقَهُ فَيَقولُ رَبّى أَهٰنَنِ (آيت : 16) |
پر جڏهن پَرکي اُن کي، پوءِ تَون ڪريسِ تَنگ، پوءِ تڏهن جوٽي جَنگ، ته خُدا کِيـَمِ خُوار ڪيو. |
كَلّا بَل لا تُكرِمونَ اليَتيمَ (آيت : 17) |
خُدا خُوار ڪِين ڪيو، اِي اُٽلو اَنهن جا پار، ته ڏِيو مانَ، نه مُورهِين، ڪِنهن ڇِني ڇوري ٻار، |
وَلا تَحٰضّونَ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 18) |
۽ مانِي مِسڪِين جي، تايا ٿيو نه تيار، |
وَتَأكُلونَ التُّراثَ أَكلًا لَمًّا (آيت : 19) |
۽ کِيَن کي، کايو وَڃو، تَرڪو سَڀ تڪرار، |
وَتُحِبّونَ المالَ حُبًّا جَمًّا (آيت : 20) |
۽ پُورِي رِيت پِيار، رَکو ميڙِيَل مال سان. |
كَلّا إِذا دُكَّتِ الأَرضُ دَكًّا دَكًّا (آيت : 21) |
خبردار ته خاڪ، جڏهن سَٽجِي سَر کي ٿيئـِي، |
وَجاءَ رَبُّكَ وَالمَلَكُ صَفًّا صَفًّا (آيت : 22) |
آيو پاڻ اَمِين ٿِي، تُنهن جو پَروَر پاڪ، مَلڪ قطار، قطارسان، آيا، کَـئون اَفلاڪ، |
وَجِا۟يءَ يَومَئِذٍ بِجَهَنَّمَ يَومَئِذٍ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ وَأَنّىٰ لَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 23) |
۽ آندو وِيو اوڏڙو، دوزخ دَهشتناڪ، تِنهن ڏِينهن سارِيندو گھڻو، هَر بَشر بيباڪ، ۽ ڪٿان آهي ڪاڻ تِنهِين، اُت سارڻ سُودناڪ؟ |
يَقولُ يٰلَيتَنى قَدَّمتُ لِحَياتى (آيت : 24) |
ڪَندو ڳالهيون ڳوٺ جون، هَڻدو هَٿ هَلاڪ، ته جيڪس جِيَڻ لئي پانهنجي، هن ٿاڻي اَندر ٿاڪ، آئون ڪا اِملاڪ، اُماڻيان ها اَڳڀرو! |
فَيَومَئِذٍ لا يُعَذِّبُ عَذابَهُ أَحَدٌ (آيت : 25) |
پوءِ ڪاڙهي، جِيئن قيام ڏِينهن، تِئين ٻِيو نه ڪاڙهي ڪير، |
وَلا يوثِقُ وَثاقَهُ أَحَدٌ (آيت : 26) |
۽ جِيئن ٻَڌي پَروَر پير، تِئين ٻَڌي، ٻِيو نه هيڪڙو. |
يٰأَيَّتُهَا النَّفسُ المُطمَئِنَّةُ (آيت : 27) |
اي آرامِي جِئ! |
ارجِعى إِلىٰ رَبِّكِ راضِيَةً مَرضِيَّةً (آيت : 28) |
وَر پَنهنجي، پالڻهار ڏي،راضِي رَکندڙ رَبّ کي، |
فَادخُلى فى عِبٰدى (آيت : 29) |
۽ ماڻِيندڙ مَرضِي، پوءِ سَندمِ سَچن ٻانهن ۾، سُکِي سَنهنجو ٿِئُ، |
وَادخُلى جَنَّتى (آيت : 30) |
۽ ويھ وَلاري وِئُ، مُنهنجي باغ بِهشت ۾. |