| وَالفَجرِ (آيت : 1) |
|
صبح (جي وقت) جو قسم آهي |
| وَلَيالٍ عَشرٍ (آيت : 2) |
|
۽ ڏهن راتين جو |
| وَالشَّفعِ وَالوَترِ (آيت : 3) |
|
۽ ٻڌيءَ جو ۽ اڪيءَ جو |
| وَالَّيلِ إِذا يَسرِ (آيت : 4) |
|
۽ رات جوجڏهن گذري ٿي |
| هَل فى ذٰلِكَ قَسَمٌ لِذى حِجرٍ (آيت : 5) |
|
ڇا انهن شين ۾ ڪو عقل واري لاءِ قسم آهي |
| أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعادٍ (آيت : 6) |
|
(اي پيغمبر) ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پاليندڙ عاد (جي قوم) |
| إِرَمَ ذاتِ العِمادِ (آيت : 7) |
|
ٿنڀن وانگر قدآور ارم (جي قوم) سان ڪيئن ڪيو |
| الَّتى لَم يُخلَق مِثلُها فِى البِلٰدِ (آيت : 8) |
|
جنهن جهڙو شهرن ۾ ڪو نه پيدا ڪيو ويو |
| وَثَمودَ الَّذينَ جابُوا الصَّخرَ بِالوادِ (آيت : 9) |
|
۽ ثمود (جي قوم) سان (به) جن وادي القريٰ ۾ ڇپن کي گهڙيو هو |
| وَفِرعَونَ ذِى الأَوتادِ (آيت : 10) |
|
۽ ڪلن واري فرعون سان (به) |
| الَّذينَ طَغَوا فِى البِلٰدِ (آيت : 11) |
|
جيڪي شهرن ۾ پنهنجي حد کان لنگهي ويا |
| فَأَكثَروا فيهَا الفَسادَ (آيت : 12) |
|
پوءِ انهن ۾ گهڻو فساد ڪيائون |
| فَصَبَّ عَلَيهِم رَبُّكَ سَوطَ عَذابٍ (آيت : 13) |
|
پوءِ تنهنجي پاليندڙ مٿن عذاب جو چهبڪ وهايو |
| إِنَّ رَبَّكَ لَبِالمِرصادِ (آيت : 14) |
|
بيشڪ تنهنجو پاليندڙ گهٽ واري هنڌ ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آهي |
| فَأَمَّا الإِنسٰنُ إِذا مَا ابتَلىٰهُ رَبُّهُ فَأَكرَمَهُ وَنَعَّمَهُ فَيَقولُ رَبّى أَكرَمَنِ (آيت : 15) |
|
پوءِ به انسان کي جڏهن سندس پاليندڙ آزمائي ٿو پوءِ ان کي عزت ڏئي ٿو ۽ نعمت ڏئي ٿو ته هو چوي ٿو ته منهنجي پاليندڙ مون کي عزت ڏني |
| وَأَمّا إِذا مَا ابتَلىٰهُ فَقَدَرَ عَلَيهِ رِزقَهُ فَيَقولُ رَبّى أَهٰنَنِ (آيت : 16) |
|
۽ جڏهن ان کي هن طرح آزمائي ٿو جو مٿس سندس روزي تنگ ڪري ٿو ته چوي ٿو ته منهنجي پاليندڙ مون کي خوار ڪيو |
| كَلّا بَل لا تُكرِمونَ اليَتيمَ (آيت : 17) |
|
ائين نه آهي، پر اوهين يتيم جي عزت نه ٿا ڪريو |
| وَلا تَحٰضّونَ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 18) |
|
۽ نه ڪي هڪ ٻئي کي مسڪين کي کاڌي ڏيڻ جي رغبت ڏيو ٿا. |
| وَتَأكُلونَ التُّراثَ أَكلًا لَمًّا (آيت : 19) |
|
۽ مئلن جو مال ته ميڙي سيڙي کائو ٿا |
| وَتُحِبّونَ المالَ حُبًّا جَمًّا (آيت : 20) |
|
۽ مال سان محبت گهڻي رکو ٿا |
| كَلّا إِذا دُكَّتِ الأَرضُ دَكًّا دَكًّا (آيت : 21) |
|
ائين نه ڪجي. جڏهن زمين کي ڪٽي ڪٽي سنئون ڪيو ويندو |
| وَجاءَ رَبُّكَ وَالمَلَكُ صَفًّا صَفًّا (آيت : 22) |
|
۽ تنهنجو رب ايندو ۽ ملائڪ به قطارن ۾ (ايندا) |
| وَجِا۟يءَ يَومَئِذٍ بِجَهَنَّمَ يَومَئِذٍ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ وَأَنّىٰ لَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 23) |
|
۽ دوزخ کي ان ڏينهن آڻبو تڏهن ان ڏينهن انسان ڌيان ڪندو ۽ ڪٿان نصيحت جو فائدو ٿيندس |
| يَقولُ يٰلَيتَنى قَدَّمتُ لِحَياتى (آيت : 24) |
|
چوندو ته جيڪر (ڪجهه چڱا عمل) پنهنجي حياتيءَ لاءِ اڳي موڪليان ها |
| فَيَومَئِذٍ لا يُعَذِّبُ عَذابَهُ أَحَدٌ (آيت : 25) |
|
پوءِ ا ن ڏينهن الله جي سزا جهڙي سزا ٻيو ڪوبه نه ڏيندو |
| وَلا يوثِقُ وَثاقَهُ أَحَدٌ (آيت : 26) |
|
۽ ان جي ٻَڌڻ جهڙو ٻيو ڪوبه نه ٻَڌندو. |
| يٰأَيَّتُهَا النَّفسُ المُطمَئِنَّةُ (آيت : 27) |
|
(۽ ايمان واري ماڻهوءَ کي چيو ويندو ته) اي اطمينان وارا نفس! |
| ارجِعى إِلىٰ رَبِّكِ راضِيَةً مَرضِيَّةً (آيت : 28) |
|
پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽي هل جو تون ان کان راضي هجين ۽ هو توکان راضي هجي. |
| فَادخُلى فى عِبٰدى (آيت : 29) |
|
پوءِ منهنجن ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ |
| وَادخُلى جَنَّتى (آيت : 30) |
|
۽ منهنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ. |