| وَالفَجرِ (آيت : 1) |
|
صبح (باک ڦُٽِيءَ) جو قسم. |
| وَلَيالٍ عَشرٍ (آيت : 2) |
|
۽ ڏهن راتين جو قسم. |
| وَالشَّفعِ وَالوَترِ (آيت : 3) |
|
۽ ٻَڌيءَ جو قسم ۽ اِڪيءَ جو قسم. |
| وَالَّيلِ إِذا يَسرِ (آيت : 4) |
|
۽ رات جڏهن گذري ٿي. |
| هَل فى ذٰلِكَ قَسَمٌ لِذى حِجرٍ (آيت : 5) |
|
بيشڪ ان ۾ عقلمند لاءِ وڏو قسم آهي. |
| أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعادٍ (آيت : 6) |
|
ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پالڻهار عاد (جي قوم) سان ڇا ڪيو؟ |
| إِرَمَ ذاتِ العِمادِ (آيت : 7) |
|
ٿنڀن وانگر (قدآور) ارم (جي قوم) سان ڇا ٿيو؟ |
| الَّتى لَم يُخلَق مِثلُها فِى البِلٰدِ (آيت : 8) |
|
جن جي مثل (ڪا قوم) مُلڪن ۾ نه پيدا ڪئي وئي هئي. |
| وَثَمودَ الَّذينَ جابُوا الصَّخرَ بِالوادِ (آيت : 9) |
|
۽ ثمود (جي قوم سان ڇا ٿيو؟) جن وادي ۾ جبلن کي گهڙيو هيو. |
| وَفِرعَونَ ذِى الأَوتادِ (آيت : 10) |
|
۽ فرعون (سان ڇا ٿيو؟) جو ميخن وارو هيو. |
| الَّذينَ طَغَوا فِى البِلٰدِ (آيت : 11) |
|
اُهي ماڻهو (هئا) جن شهرن ۾ سرڪشي ڪئي. |
| فَأَكثَروا فيهَا الفَسادَ (آيت : 12) |
|
پوءِ انهن ۾ گهڻو فساد ڪيائون. |
| فَصَبَّ عَلَيهِم رَبُّكَ سَوطَ عَذابٍ (آيت : 13) |
|
پوءِ تنهنجي پالڻهار انهن تي عذاب جو چهنبڪ وهايو. |
| إِنَّ رَبَّكَ لَبِالمِرصادِ (آيت : 14) |
|
بيشڪ تنهنجو پالڻهار (ڏوهارين جي) گهاٽ ۾ (انهن کي ڏسندڙ) آهي. |
| فَأَمَّا الإِنسٰنُ إِذا مَا ابتَلىٰهُ رَبُّهُ فَأَكرَمَهُ وَنَعَّمَهُ فَيَقولُ رَبّى أَكرَمَنِ (آيت : 15) |
|
مگر انسان کي جڏهن سندس پالڻهار آزمائي ٿو پوءِ ان کي عزت ڏئي ٿو ۽ نعمت ڏئي ٿو ته پوءِ چوي ٿو: ”منهنجي پالڻهار مون تي ڪرم ڪيو آهي“. |
| وَأَمّا إِذا مَا ابتَلىٰهُ فَقَدَرَ عَلَيهِ رِزقَهُ فَيَقولُ رَبّى أَهٰنَنِ (آيت : 16) |
|
۽ پر جڏهن ان کي آزمائي ٿو جو مٿس سندس روزي تنگ ڪري ٿو ته پوءِ چوي ٿو: ”منهنجي پالڻهار مون کي ذليل ڪري ڇڏيو آهي“. |
| كَلّا بَل لا تُكرِمونَ اليَتيمَ (آيت : 17) |
|
ائين نه آهي، (جو بي سبب اوهان کي ڪنگال ڪري) پر توهان (خوشحالي ۾) يتيمن جي عزت نه ٿا ڪيو. |
| وَلا تَحٰضّونَ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 18) |
|
۽ نه ئي توهان مسڪينن کي کارائڻ جي هڪ ٻئي کي رغبت ڏيو ٿا. |
| وَتَأكُلونَ التُّراثَ أَكلًا لَمًّا (آيت : 19) |
|
۽ (مُئن جي) ميراث ته ميڙي سيڙي کائو ٿا. |
| وَتُحِبّونَ المالَ حُبًّا جَمًّا (آيت : 20) |
|
۽ توهان مال مايا سان گهڻي محبت رکو ٿا. |
| كَلّا إِذا دُكَّتِ الأَرضُ دَكًّا دَكًّا (آيت : 21) |
|
يقيناً جڏهن زمين ٽوڙي ڦوڙي برابر ڪئي ويندي. |
| وَجاءَ رَبُّكَ وَالمَلَكُ صَفًّا صَفًّا (آيت : 22) |
|
۽ تنهنجو پالڻهار جلوه گر ٿيندو ۽ ملائڪ صفون ٻڌي (ان جي حضور ۾) بيٺا هوندا. |
| وَجِا۟يءَ يَومَئِذٍ بِجَهَنَّمَ يَومَئِذٍ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ وَأَنّىٰ لَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 23) |
|
۽ ان ڏينهن دوزخ آندو ويندو ان ڏينهن انسان کي سمجهه ايندي مگر ان مهل ان جي سمجهڻ جو ڇا فائدو؟ |
| يَقولُ يٰلَيتَنى قَدَّمتُ لِحَياتى (آيت : 24) |
|
چوندو: ”هائو جي آءٌ پنهنجي (آخرت واري) زندگي لاءِ (صالح عمل) اڳتي موڪليان ها“. |
| فَيَومَئِذٍ لا يُعَذِّبُ عَذابَهُ أَحَدٌ (آيت : 25) |
|
پوءِ ان ڏينهن ان (الله) جي عذاب وانگر ڪو عذاب ڏئي نه سگهندو. |
| وَلا يوثِقُ وَثاقَهُ أَحَدٌ (آيت : 26) |
|
۽ نه ان جي ٻَڌڻ جهڙو ٻيو ڪير ٻَڌي سگهندو. |
| يٰأَيَّتُهَا النَّفسُ المُطمَئِنَّةُ (آيت : 27) |
|
(فرمانبردارن کي سڏ ٿيندو)”اي اطمينان وارا نفس! |
| ارجِعى إِلىٰ رَبِّكِ راضِيَةً مَرضِيَّةً (آيت : 28) |
|
تون پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽي هل (ان حال ۾ جو) تون ان کان راضي هجين ۽ هُو تو کان راضي هجي. |
| فَادخُلى فى عِبٰدى (آيت : 29) |
|
پوءِ تون منهنجي ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ. |
| وَادخُلى جَنَّتى (آيت : 30) |
|
۽ منهنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ“. |