وَالفَجرِ (آيت : 1) |
پرهه ڦُٽيءَ (جي وقت) جو قَسم آهي. |
وَلَيالٍ عَشرٍ (آيت : 2) |
۽ ڏهن راتين جو (جن ۾ حج جي موقعي تي پنهنجي باري ۾ سوچڻ ۽ ٻين انسانن جي حالتن پروڙڻ جو موقعو ملي ٿو.) |
وَالشَّفعِ وَالوَترِ (آيت : 3) |
۽ ٻڌيءَ جو ۽ اڪيءَ جو (جن ۾ پوري ڪائنات جڪڙيل آهي.) |
وَالَّيلِ إِذا يَسرِ (آيت : 4) |
۽ رات جو جڏهن گذري ٿي، (۽ ان صورتحال تي ڪوبه فڪرمندي نه ٿو ڪري). |
هَل فى ذٰلِكَ قَسَمٌ لِذى حِجرٍ (آيت : 5) |
ڇا انهن شين ۾ ڪو عقل واري لاءِ پڌرو پيغام آهي. |
أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعادٍ (آيت : 6) |
(اي پيغمبر! اهي اڳين قومن لاءِ خدا جي پڌري پيغام کي ڇو نه ٿا هنڊائن) ڇا تو نه ڏٺو ته، تنهنجي پاليندڙ عاد (جي قوم)، |
إِرَمَ ذاتِ العِمادِ (آيت : 7) |
ٿنڀن وانگر قدآور ارم (جي قوم) سان ڪيئن ڪيو. |
الَّتى لَم يُخلَق مِثلُها فِى البِلٰدِ (آيت : 8) |
جنهن (جي فن ۽ ٺٺ ٺانگر) جهڙو (ان دور جي) شهرن ۾ ڪونه پيدا ڪيو ويو. |
وَثَمودَ الَّذينَ جابُوا الصَّخرَ بِالوادِ (آيت : 9) |
۽ ثمود (جي قوم) سان (به) جن وادي (القريٰ) ۾ (پٿر جي) ڇپن کي (پختا گهر بنائڻ لاءِ) گهڙيو هو. |
وَفِرعَونَ ذِى الأَوتادِ (آيت : 10) |
۽ ميخن (ايذائڻ جي وڏي سگهه) واري فرعون سان (به تنهنجي رب ڪيئن ڪيو؟) |
الَّذينَ طَغَوا فِى البِلٰدِ (آيت : 11) |
جيڪي شهرن ۾ (ڪمزورن تي زيادتيون ڪرڻ ۾) پنهنجي حد کان لنگهي ويا. |
فَأَكثَروا فيهَا الفَسادَ (آيت : 12) |
پوءِ انهن ۾ گهڻو فساد پکيڙيائون. |
فَصَبَّ عَلَيهِم رَبُّكَ سَوطَ عَذابٍ (آيت : 13) |
پوءِ تنهنجي پاليندڙ مٿن عذاب جو چهبڪ وهايو. (۽ هو تباهه و برباد ٿيا.) |
إِنَّ رَبَّكَ لَبِالمِرصادِ (آيت : 14) |
بيشڪ تنهنجو پاليندڙ (ڄڻ ته) گهاٽ واري هنڌ تي آهي، (عملن کي ڏسندڙ آهي ۽ ڪوبه عمل ان کان ڳجهو نٿو رهي). |
فَأَمَّا الإِنسٰنُ إِذا مَا ابتَلىٰهُ رَبُّهُ فَأَكرَمَهُ وَنَعَّمَهُ فَيَقولُ رَبّى أَكرَمَنِ (آيت : 15) |
(اصل ۾ انسان خدائي قانونن ۽ ان جي عمل ۾ اچڻ جي طريقي کان اڻ واقفيت رکي ٿو. ان ڪري) انسان کي جڏهن سندس پاليندڙ آزمائي ٿو، پوءِ ان کي عزت ڏئي ٿو ۽ نعمت ڏئي ٿو ته، (مغروري ۽ فخر ۾) هو چوي ٿو ته، منهنجي پاليندڙ مون کي عزت ڏني. |
وَأَمّا إِذا مَا ابتَلىٰهُ فَقَدَرَ عَلَيهِ رِزقَهُ فَيَقولُ رَبّى أَهٰنَنِ (آيت : 16) |
۽ جڏهن ان کي هن طرح آزمائي ٿو جو مٿس سندس روزي تنگ ڪري ٿو ته، چوي ٿو ته، منهنجي پاليندڙ مونکي خوار ڪيو. (حالانڪ اهو سڀ ڪجهه خدا جي مقرر قانونن جي نتيجي ۾ عمل پذير ٿئي ٿو.) |
كَلّا بَل لا تُكرِمونَ اليَتيمَ (آيت : 17) |
ائين نه آهي (جو خدا ڪنهن کي هروڀرو خوار ڪري) پر اوهين (ڌرتيءَ تي پرگهور جي لائق) يتيم جي عزت نه ٿا ڪريو. |
وَلا تَحٰضّونَ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 18) |
۽ نه ڪي هڪ ٻئي کي (ضرورتمند) مسڪين کي کاڌي ڏيڻ جي رغبت ڏيو ٿا. |
وَتَأكُلونَ التُّراثَ أَكلًا لَمًّا (آيت : 19) |
۽ مئلن جو مال ميڙي سيڙي کائو ٿا. (۽ وارثن تائين پورو حق نٿا پهچايو.) |
وَتُحِبّونَ المالَ حُبًّا جَمًّا (آيت : 20) |
۽ (اٽڪلون سٽڪلون ڪري ٻين جي مال به ڇڪي اچو ٿا، ۽ اوهان) مال سان (ميڙ ميڙان جي) بيحد محبت رکو ٿا. |
كَلّا إِذا دُكَّتِ الأَرضُ دَكًّا دَكًّا (آيت : 21) |
خبردار (اهوئي سبب آهي جنهن اوهان کي خوار ڪيو، سو قيامت ڏينهن) جڏهن زمين کي ڪٽي ڪٽي سنئون (ميدان محشر لاءِ ڊگهو ميدان) ڪيو ويندو. |
وَجاءَ رَبُّكَ وَالمَلَكُ صَفًّا صَفًّا (آيت : 22) |
۽ تنهنجو رب (حساب ڪتاب جي لاءِ) ايندو ۽ ملائڪ به قطارن ۾ (ايندا) |
وَجِا۟يءَ يَومَئِذٍ بِجَهَنَّمَ يَومَئِذٍ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ وَأَنّىٰ لَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 23) |
۽ دوزخ کي ان ڏينهن آڻبو، تڏهن ان ڏينهن انسان (اسان جي نصيحتن ڏانهن) ڌيان ڪندو (پر وقت نڪري چڪو هوندو) ۽ ڪٿان نصيحت جو فائدو ٿيندس؟ |
يَقولُ يٰلَيتَنى قَدَّمتُ لِحَياتى (آيت : 24) |
(ان وقت حسرت وچان) چوندو ته جيڪر (ڪجهه چڱا عمل) پنهنجي حياتيءَ لاءِ اڳي موڪليان ها. |
فَيَومَئِذٍ لا يُعَذِّبُ عَذابَهُ أَحَدٌ (آيت : 25) |
پوءِ ان ڏينهن الله (اهڙي سزا ڏيندو جو ان) جي سزا جهڙي سزا ٻيو ڪوبه نه ڏيندو. |
وَلا يوثِقُ وَثاقَهُ أَحَدٌ (آيت : 26) |
۽ ان جي گرفت جهڙو ٻيو ڪوبه گرفت ۾ نه آڻيندو. |
يٰأَيَّتُهَا النَّفسُ المُطمَئِنَّةُ (آيت : 27) |
(۽ خدا جي قانونن جي پاسداري ڪندڙ ماڻهوءَ کي چيو ويندو ته) اي (نيڪيءَ تي) اطمينان ڪرڻ وارا نفس! |
ارجِعى إِلىٰ رَبِّكِ راضِيَةً مَرضِيَّةً (آيت : 28) |
پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽي هل. جو تون زندگيءَ ۾ ان کي راضي ڪيو ۽ هاڻي هو توکي راضي ڪندو. |
فَادخُلى فى عِبٰدى (آيت : 29) |
پوءِ (زندگيءَ ۾ به) منهنجن (مطمئن) ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ. |
وَادخُلى جَنَّتى (آيت : 30) |
۽ (آخرت ۾ به) منهنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ. |