| وَالفَجرِ (آيت : 1) |
|
قَسَمُ اهي فجر جو |
| وَلَيالٍ عَشرٍ (آيت : 2) |
|
قَسَمُ آهي ڏهن راتين جو |
| وَالشَّفعِ وَالوَترِ (آيت : 3) |
|
قَسَمُ آهي ٻَڌِي ۽ اِڪِيءَ جو |
| وَالَّيلِ إِذا يَسرِ (آيت : 4) |
|
قَسَمُ آهي رات جو جڏهن اها وڃي ٿي |
| هَل فى ذٰلِكَ قَسَمٌ لِذى حِجرٍ (آيت : 5) |
|
بيشڪ انهيءَ ۾ عقلمندن لاءِ (هڪ عظيم) قَسَمُ آهي |
| أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعادٍ (آيت : 6) |
|
رسولِ عربي ڇا توهان نه ڏٺو ته توهان جي رب عاد وارن سان ڇا ڪيو |
| إِرَمَ ذاتِ العِمادِ (آيت : 7) |
|
اهي اِرَم شهر وارا جيڪي قداور هئا |
| الَّتى لَم يُخلَق مِثلُها فِى البِلٰدِ (آيت : 8) |
|
انهن جهڙا (قداور) شهرن ۾ نه پيدا ڪيا ويا |
| وَثَمودَ الَّذينَ جابُوا الصَّخرَ بِالوادِ (آيت : 9) |
|
۽ ثمود وارا جن وادي قُريٰ ۾ پٿر تراشي ڪري گھر بنايا |
| وَفِرعَونَ ذِى الأَوتادِ (آيت : 10) |
|
۽ فرعون وارا جيڪي مضبوط عمارتون ٺاهيندا هئا |
| الَّذينَ طَغَوا فِى البِلٰدِ (آيت : 11) |
|
انهن ماڻهن شهرن ۾ نافرماني ڪئي |
| فَأَكثَروا فيهَا الفَسادَ (آيت : 12) |
|
پوءِ ان ۾ فساد وِڌايائون |
| فَصَبَّ عَلَيهِم رَبُّكَ سَوطَ عَذابٍ (آيت : 13) |
|
پوءِ توهان جي رب انهن تي سخت عذاب وارو چهبڪ موڪليو |
| إِنَّ رَبَّكَ لَبِالمِرصادِ (آيت : 14) |
|
بيشڪ توهان جو رب يقيناً هڪ مورچي ۾ مخلوق جو انتظار ڪندڙ آهي |
| فَأَمَّا الإِنسٰنُ إِذا مَا ابتَلىٰهُ رَبُّهُ فَأَكرَمَهُ وَنَعَّمَهُ فَيَقولُ رَبّى أَكرَمَنِ (آيت : 15) |
|
پر انسان (ڪافر) کي جڏهن سندس رب آزمائي ٿو پوءِ ان کي عزت ۽ نعمت ڏي ٿو، پوءِ اهو چوي ٿو منهنجي رب مون کي عزت ڏني |
| وَأَمّا إِذا مَا ابتَلىٰهُ فَقَدَرَ عَلَيهِ رِزقَهُ فَيَقولُ رَبّى أَهٰنَنِ (آيت : 16) |
|
۽ پر جنهن وقت اهو ان کي آزمائي ٿو پوءِ ان تي رزق تنگ ڪري ٿو. پوءِ اهو چوي ٿو منهنجي رب مون کي خوار ڪيو |
| كَلّا بَل لا تُكرِمونَ اليَتيمَ (آيت : 17) |
|
خبردار ! بلڪِ توهان يتيمن جي عزت نٿا ڪريو |
| وَلا تَحٰضّونَ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 18) |
|
۽ نه توهان پاڻ ۾ هڪ ٻِئي کي مسڪينن جي کارائڻ جو شوق ڏياريو ٿا |
| وَتَأكُلونَ التُّراثَ أَكلًا لَمًّا (آيت : 19) |
|
۽ توهان (ناحق) ورثي جي ملڪيت کي هڙپ ڪريو ٿا |
| وَتُحِبّونَ المالَ حُبًّا جَمًّا (آيت : 20) |
|
۽ توهان مال کي جمع ڪرڻ جي بيحد محبت رکو ٿا |
| كَلّا إِذا دُكَّتِ الأَرضُ دَكًّا دَكًّا (آيت : 21) |
|
خبردار ! جنهن وقت زمين تي زلزلن کان پوءِ زلزلا ايندا |
| وَجاءَ رَبُّكَ وَالمَلَكُ صَفًّا صَفًّا (آيت : 22) |
|
۽ توهان جي رب جو حڪم پهچندو ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا |
| وَجِا۟يءَ يَومَئِذٍ بِجَهَنَّمَ يَومَئِذٍ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ وَأَنّىٰ لَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 23) |
|
۽ انهيءَ ڏينهن جهنم کي آندو ويندو، ان ڏينهن انسان سوچيندو ۽ (ان ڏينهن) سوچڻ مان ڇا حاصل ٿيندو |
| يَقولُ يٰلَيتَنى قَدَّمتُ لِحَياتى (آيت : 24) |
|
اهو چوندو هاءِ! افسوس! پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪو نيڪ عمل ڪريان ها |
| فَيَومَئِذٍ لا يُعَذِّبُ عَذابَهُ أَحَدٌ (آيت : 25) |
|
پوءِ ان ڏينهن الله تعالى کان وڌيڪ ڪوبه ان تي عذاب نه ڪري سگھندو |
| وَلا يوثِقُ وَثاقَهُ أَحَدٌ (آيت : 26) |
|
۽ الله کان وڌيڪ ان تي ڪوبه پڪڙ نه ڪري سگھندو |
| يٰأَيَّتُهَا النَّفسُ المُطمَئِنَّةُ (آيت : 27) |
|
اي نفسِ مطمئن |
| ارجِعى إِلىٰ رَبِّكِ راضِيَةً مَرضِيَّةً (آيت : 28) |
|
تون پنهنجي رب ڏانهن موٽ (ان حال ۾) جو تون ان کان راضي (۽) اهو توکان راضي هجي |
| فَادخُلى فى عِبٰدى (آيت : 29) |
|
پوءِ تون منهنجي خاص ٻانهن ۾ داخل ٿيءُ |
| وَادخُلى جَنَّتى (آيت : 30) |
|
۽ تون منهنجي جنت ۾ داخل ٿيءُ |