وَالفَجرِ (آيت : 1) |
پرھ جو قسم آھي. |
وَلَيالٍ عَشرٍ (آيت : 2) |
۽ ڏھن راتين جو قسم آھي. |
وَالشَّفعِ وَالوَترِ (آيت : 3) |
۽ ٻڌيءَ ۽ اِڪئيءَ جو قسم آھي. |
وَالَّيلِ إِذا يَسرِ (آيت : 4) |
۽ رات جو قسم آھي جڏھن ھلي. |
هَل فى ذٰلِكَ قَسَمٌ لِذى حِجرٍ (آيت : 5) |
ھان ڌيان واري لاءِ ھن (قسمن) ۾ بيشڪ پورو قسم آھي. |
أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعادٍ (آيت : 6) |
نه ڏٺئي ڇا ته (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو. |
إِرَمَ ذاتِ العِمادِ (آيت : 7) |
(جي) ارم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھوا. |
الَّتى لَم يُخلَق مِثلُها فِى البِلٰدِ (آيت : 8) |
جن جھڙو شھرن ۾ ڪونه بڻايو ويو آھي. |
وَثَمودَ الَّذينَ جابُوا الصَّخرَ بِالوادِ (آيت : 9) |
۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين) جن ميدان (قرٰا) ۾ پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون. |
وَفِرعَونَ ذِى الأَوتادِ (آيت : 10) |
۽ ميخن واري فرعون سان (ڪئن ڪيائين). |
الَّذينَ طَغَوا فِى البِلٰدِ (آيت : 11) |
انھن (مڙني ٽولين) جن شھرن ۾ سرڪشي ڪئي. |
فَأَكثَروا فيهَا الفَسادَ (آيت : 12) |
پوءِ منجھن گھڻو فساد ڪيائون. |
فَصَبَّ عَلَيهِم رَبُّكَ سَوطَ عَذابٍ (آيت : 13) |
تنھنڪري تنھنجي پالڻھار مٿن عذاب جو چھبڪ وھايو. |
إِنَّ رَبَّكَ لَبِالمِرصادِ (آيت : 14) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار گھَٽَ (واري ھنڌ) ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آھي. |
فَأَمَّا الإِنسٰنُ إِذا مَا ابتَلىٰهُ رَبُّهُ فَأَكرَمَهُ وَنَعَّمَهُ فَيَقولُ رَبّى أَكرَمَنِ (آيت : 15) |
پوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو. |
وَأَمّا إِذا مَا ابتَلىٰهُ فَقَدَرَ عَلَيهِ رِزقَهُ فَيَقولُ رَبّى أَهٰنَنِ (آيت : 16) |
۽ جڏھن کيس (ٻئي طرح ھيئن) پرکيندو آھي جو مٿس روزي تنگ ڪندو آھي ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو. |
كَلّا بَل لا تُكرِمونَ اليَتيمَ (آيت : 17) |
(ھرگز) ائين نه آھي بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آھيو. |
وَلا تَحٰضّونَ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 18) |
۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو. |
وَتَأكُلونَ التُّراثَ أَكلًا لَمًّا (آيت : 19) |
۽ مُئن جو مال سموروئي ڳھي ويندا آھيو. |
وَتُحِبّونَ المالَ حُبًّا جَمًّا (آيت : 20) |
۽ گھڻي پيار سان مال کي پيارو رکندا آھيو. |
كَلّا إِذا دُكَّتِ الأَرضُ دَكًّا دَكًّا (آيت : 21) |
ائين نه ڪجي جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪٽي ڪٽي سنئين ڪئي ويندي. |
وَجاءَ رَبُّكَ وَالمَلَكُ صَفًّا صَفًّا (آيت : 22) |
۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ صِف صِف ٿي (ايندا). |
وَجِا۟يءَ يَومَئِذٍ بِجَهَنَّمَ يَومَئِذٍ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ وَأَنّىٰ لَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 23) |
۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل (اھا نصيحت وٺڻ) اُن کي ڪٿي فائدي واري آھي. |
يَقولُ يٰلَيتَنى قَدَّمتُ لِحَياتى (آيت : 24) |
چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر پنھنجي (ھن ھميشه جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا. |
فَيَومَئِذٍ لا يُعَذِّبُ عَذابَهُ أَحَدٌ (آيت : 25) |
پوءِ انھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبه ڪونه عذاب ڪندو. |
وَلا يوثِقُ وَثاقَهُ أَحَدٌ (آيت : 26) |
۽ نڪو ڪو الله جي قيد ڪرڻ جھڙو قيد ڪندو. |
يٰأَيَّتُهَا النَّفسُ المُطمَئِنَّةُ (آيت : 27) |
(مؤمنن کي چئبو ته) اي آرام وٺڻ وارا جيءُ. |
ارجِعى إِلىٰ رَبِّكِ راضِيَةً مَرضِيَّةً (آيت : 28) |
تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِ ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين (ھو توکان) راضي ٿيل آھي. |
فَادخُلى فى عِبٰدى (آيت : 29) |
تنھنڪري (تون) منھنجي ٻانھن (جي ٽوليءَ) ۾ داخل ٿيءُ. |
وَادخُلى جَنَّتى (آيت : 30) |
۽ منھنجي بھشت ۾ گِھڙ |