| وَالفَجرِ (آيت : 1) |
|
شاهد آهن؛ صبح جو وقت، |
| وَلَيالٍ عَشرٍ (آيت : 2) |
|
ڏهه راتيون، |
| وَالشَّفعِ وَالوَترِ (آيت : 3) |
|
ٻڌي ۽ اِڪي، |
| وَالَّيلِ إِذا يَسرِ (آيت : 4) |
|
۽ گذرندڙ رات. |
| هَل فى ذٰلِكَ قَسَمٌ لِذى حِجرٍ (آيت : 5) |
|
ڇا، انهن ۾عقل واري لاءِ ڪا شاهديءَ جهڙي چيز ڪانهي؟ |
| أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعادٍ (آيت : 6) |
|
ڇا توکي خبر ڪانهي ته تنهنجي رب ”عاد“ سان ڇا ڪيو؟ |
| إِرَمَ ذاتِ العِمادِ (آيت : 7) |
|
ٿنڀن جهڙي ڊگهي قوم ”ارم“ سان |
| الَّتى لَم يُخلَق مِثلُها فِى البِلٰدِ (آيت : 8) |
|
جن جهڙو ڪو ملڪن ۾ پيدا ڪيل نه هو. |
| وَثَمودَ الَّذينَ جابُوا الصَّخرَ بِالوادِ (آيت : 9) |
|
۽ ثمود (قوم) سان جي (گهرن ٺاهڻ لاءِ) ماٿريءَ ۾ پٿر گهڙيندا هئا. |
| وَفِرعَونَ ذِى الأَوتادِ (آيت : 10) |
|
۽ ميخن واري فرعون سان، |
| الَّذينَ طَغَوا فِى البِلٰدِ (آيت : 11) |
|
جي ملڪ ۾ سرڪش ٿي ويا، |
| فَأَكثَروا فيهَا الفَسادَ (آيت : 12) |
|
۽ ان ۾ گهڻيون خرابيون ڪرڻ لڳا. |
| فَصَبَّ عَلَيهِم رَبُّكَ سَوطَ عَذابٍ (آيت : 13) |
|
پوءِ تنهنجي رب مٿن عذاب جو چهبڪ وسايو. |
| إِنَّ رَبَّكَ لَبِالمِرصادِ (آيت : 14) |
|
بيشڪ تنهنجو رب ته (ڏوهارين جي) تاڪ ۾ هوندو آهي. |
| فَأَمَّا الإِنسٰنُ إِذا مَا ابتَلىٰهُ رَبُّهُ فَأَكرَمَهُ وَنَعَّمَهُ فَيَقولُ رَبّى أَكرَمَنِ (آيت : 15) |
|
مگر انسان ته اهڙو آهي، جو جڏهن کيس سندس رب آزمائيندو آهي، تڏهن کيس عزت ۽ نعمت ڏيندو آهي، ته هو چوندو آهي، ”منهنجي ڌڻيءَ مون کي عزت بخشي.“ |
| وَأَمّا إِذا مَا ابتَلىٰهُ فَقَدَرَ عَلَيهِ رِزقَهُ فَيَقولُ رَبّى أَهٰنَنِ (آيت : 16) |
|
وري جڏهن کيس آزمائيندو آهي، تڏهن سندس رزق تنگ ڪندو آهي، ته وري هو چوندو آهي ته ”منهنجي رب مون کي بي عزت ڪيو آهي.“ |
| كَلّا بَل لا تُكرِمونَ اليَتيمَ (آيت : 17) |
|
(مگر ائين) هرگز ناهي، بلڪ اوهين نڪي يتيم جي دل ٿا وٺو، |
| وَلا تَحٰضّونَ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 18) |
|
نڪي مسڪينن کي ماني کارائڻ لاءِ همٿايو ٿا، |
| وَتَأكُلونَ التُّراثَ أَكلًا لَمًّا (آيت : 19) |
|
۽ ورثي جي مال کي ميڙي هڙپ ٿا ڪريو. |
| وَتُحِبّونَ المالَ حُبًّا جَمًّا (آيت : 20) |
|
۽ مال سان ڏاڍو پيار ٿا رکو. |
| كَلّا إِذا دُكَّتِ الأَرضُ دَكًّا دَكًّا (آيت : 21) |
|
(مگر ائين) هر گز ناهي، جڏهن زمين ڪٽي ڪٽي جهڪي ڪبي. |
| وَجاءَ رَبُّكَ وَالمَلَكُ صَفًّا صَفًّا (آيت : 22) |
|
تنهنجو رب ايندو ۽ ملائڪن جون قطارون قطارون، |
| وَجِا۟يءَ يَومَئِذٍ بِجَهَنَّمَ يَومَئِذٍ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ وَأَنّىٰ لَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 23) |
|
۽ ان ڏينهن دوزخ به حاضر ڪبو، تنهن وقت انسان نصيحت وٺندو، پر اها نصيحت ڪهڙي ڪم جي؟ |
| يَقولُ يٰلَيتَنى قَدَّمتُ لِحَياتى (آيت : 24) |
|
هو چوندو ”هاءِ، جيڪڏهن هن حياتيءَ لاءِ ڪو توشو ڪريان ها!“ |
| فَيَومَئِذٍ لا يُعَذِّبُ عَذابَهُ أَحَدٌ (آيت : 25) |
|
مگر ان وقت نه ڪو ڪنهن کي هن جهڙو عذاب ڏيندو، |
| وَلا يوثِقُ وَثاقَهُ أَحَدٌ (آيت : 26) |
|
۽ نه ڪو ڪنهن کي سندس جڪڙڻ جيئن جڪڙيندو! |
| يٰأَيَّتُهَا النَّفسُ المُطمَئِنَّةُ (آيت : 27) |
|
(۽ نيڪ کي چئبو) اي بيفڪر روح! |
| ارجِعى إِلىٰ رَبِّكِ راضِيَةً مَرضِيَّةً (آيت : 28) |
|
تون پنهنجي رب ڏانهن راضي ٿي هل_ ۽ هو به (توکان) راضي آهي، |
| فَادخُلى فى عِبٰدى (آيت : 29) |
|
پوءِ منهنجن بندن ۾ شامل ٿي |
| وَادخُلى جَنَّتى (آيت : 30) |
|
۽ منهنجي بهشت ۾ گِهڙ! |