| وَالفَجرِ (آيت : 1) |
|
قسم آهي فجر (جي وقت) جو. |
| وَلَيالٍ عَشرٍ (آيت : 2) |
|
قسم آهي ڏهن راتين جو. |
| وَالشَّفعِ وَالوَترِ (آيت : 3) |
|
قسم آهي ٻڌي ۽ اِڪي انگن جو. |
| وَالَّيلِ إِذا يَسرِ (آيت : 4) |
|
۽ قسم آهي رات جو جڏهن اها وڃڻ لڳي. |
| هَل فى ذٰلِكَ قَسَمٌ لِذى حِجرٍ (آيت : 5) |
|
ڇا انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ به عقل وارن لاءِ ڪو قسم باقي رهجي ويو آهي؟ |
| أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعادٍ (آيت : 6) |
|
ڇا تو نه ڏٺو ته الله تعالى عاد قوم سان ڪهڙي حالت ڪئي؟ |
| إِرَمَ ذاتِ العِمادِ (آيت : 7) |
|
وڏن ٿنڀن واري ارم قوم سان (به) |
| الَّتى لَم يُخلَق مِثلُها فِى البِلٰدِ (آيت : 8) |
|
ان جھڙي طاقتور قوم ته ڪنھن به ملڪ ۾ پيدا نه ڪئي وئي. |
| وَثَمودَ الَّذينَ جابُوا الصَّخرَ بِالوادِ (آيت : 9) |
|
ثمود قوم سان جيڪي واديءَ ۾ جبلن کي ٽُڪي گهر ٺاهيندا هئا (تن سڀني سان ڪھڙو سلوڪ ڪيو؟) |
| وَفِرعَونَ ذِى الأَوتادِ (آيت : 10) |
|
۽ ميخن واري فرعون سان ڇا حشر ڪيو؟ |
| الَّذينَ طَغَوا فِى البِلٰدِ (آيت : 11) |
|
جن، شھرن ۾ بغاوت ڦھلائي ڇڏي هئي. |
| فَأَكثَروا فيهَا الفَسادَ (آيت : 12) |
|
۽ انهن ماڻهن شھرن ۾ فساد به مچائي ڇڏيو هو. |
| فَصَبَّ عَلَيهِم رَبُّكَ سَوطَ عَذابٍ (آيت : 13) |
|
۽ پوءِ تنھنجي پالڻھار انهن جي مٿان عذب جو چَهبڪ وسايو. |
| إِنَّ رَبَّكَ لَبِالمِرصادِ (آيت : 14) |
|
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ته (ڏوهارين جي) تاڪ ۾ آهي. |
| فَأَمَّا الإِنسٰنُ إِذا مَا ابتَلىٰهُ رَبُّهُ فَأَكرَمَهُ وَنَعَّمَهُ فَيَقولُ رَبّى أَكرَمَنِ (آيت : 15) |
|
۽ جڏهن انسان کي سندس پالڻھار عزت ۽ نعمتون ڏئي آزمائيندو آهي ته پوءِ چوندو آهي ته منھنجي پالڻھار مون کي وڏي عزت ڏني. |
| وَأَمّا إِذا مَا ابتَلىٰهُ فَقَدَرَ عَلَيهِ رِزقَهُ فَيَقولُ رَبّى أَهٰنَنِ (آيت : 16) |
|
پر جيڪڏهن ان کي گهٽ روزي ڏيئي آزمائيندو آهي ته چوڻ لڳندو آهي ته منھنجي پالڻھار مون کي ذليل ڪري ڇڏيو. |
| كَلّا بَل لا تُكرِمونَ اليَتيمَ (آيت : 17) |
|
هرگز نه! بلڪه توهان يتيم جي عزت نٿا ڪريو. |
| وَلا تَحٰضّونَ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 18) |
|
۽ هڪ ٻئي کي مسڪين کي کاڌي کارائڻ جو شوق به نٿاڏياريو. |
| وَتَأكُلونَ التُّراثَ أَكلًا لَمًّا (آيت : 19) |
|
ميراث جو مال به ميڙي سيڙي کائي ويندا آهيو. |
| وَتُحِبّونَ المالَ حُبًّا جَمًّا (آيت : 20) |
|
(اصل ۾) توهان مال سان تمام گهڻي محبت رکو ٿا. |
| كَلّا إِذا دُكَّتِ الأَرضُ دَكًّا دَكًّا (آيت : 21) |
|
هرگز نه! جڏهن (زمين (جي هيٺ مٿانهين) کي ڪُٽي سُٽي سنوت ۾ آندو ويندو. |
| وَجاءَ رَبُّكَ وَالمَلَكُ صَفًّا صَفًّا (آيت : 22) |
|
پوءِ تنھنجو پالڻھار تشريف کڻي ايندو ۽ ملائڪ قطارون ٺاهي بيٺا هوندا. |
| وَجِا۟يءَ يَومَئِذٍ بِجَهَنَّمَ يَومَئِذٍ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ وَأَنّىٰ لَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 23) |
|
ان ڏينھن دوزخ کي حاضر ڪبو ته پوءِ انسان ڳالهه سمجهي ويندو، پر ان وقت سمجهڻ مان ڪھڙو فائدو؟ |
| يَقولُ يٰلَيتَنى قَدَّمتُ لِحَياتى (آيت : 24) |
|
چوندو ته ڪاش! مان (دنيا جي زندگيءَ ۾ ئي نيڪ عمل) اڳتي لاءِ موڪليان ها. |
| فَيَومَئِذٍ لا يُعَذِّبُ عَذابَهُ أَحَدٌ (آيت : 25) |
|
ان ڏينھن الله تعالى جي عذاب جھڙو ٻيو ڪير به عذاب نه ڏيندو. |
| وَلا يوثِقُ وَثاقَهُ أَحَدٌ (آيت : 26) |
|
ان جھڙو قابو ڪرڻ وارو ٻيو ڪير به قابو نه ڪري سگهندو. |
| يٰأَيَّتُهَا النَّفسُ المُطمَئِنَّةُ (آيت : 27) |
|
(مؤمن کي چيو ويندو ته) اي اطمينان وارا نفس! |
| ارجِعى إِلىٰ رَبِّكِ راضِيَةً مَرضِيَّةً (آيت : 28) |
|
پنھنجي پالڻھار ڏي واپس هل. تون ان کان راضي آهين ۽ هو توکان راضي آهي. |
| فَادخُلى فى عِبٰدى (آيت : 29) |
|
تون منھنجي خاص ٻانهن ۾ شامل ٿي. |
| وَادخُلى جَنَّتى (آيت : 30) |
|
۽ منھنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ. |