وَالفَجرِ (آيت : 1) |
قسم آهي فجر جو |
وَلَيالٍ عَشرٍ (آيت : 2) |
۽ راتين ڏهن جو |
وَالشَّفعِ وَالوَترِ (آيت : 3) |
۽ ٻَڌي ۽ اِڪي جو |
وَالَّيلِ إِذا يَسرِ (آيت : 4) |
۽ رات جو جڏهن اها وڃڻ واري هجي |
هَل فى ذٰلِكَ قَسَمٌ لِذى حِجرٍ (آيت : 5) |
ڇا هن ۾ ڪو قسم آهي عقل واري لاءِ؟ |
أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعادٍ (آيت : 6) |
ڇا نه ڏٺو تو ته ڪهڙي ڪار ڪئي هئي تنهنجي رب عاد وارن سان؟ |
إِرَمَ ذاتِ العِمادِ (آيت : 7) |
ارم ٿنڀن وارن سان؟ |
الَّتى لَم يُخلَق مِثلُها فِى البِلٰدِ (آيت : 8) |
جن جهڙي نه پيدا ڪئي وئي هئي قوم دنيا جي ملڪن ۾ |
وَثَمودَ الَّذينَ جابُوا الصَّخرَ بِالوادِ (آيت : 9) |
۽ ثمود (جهڙي قوم) جن گهڙيون هيون ڇپون پٿرن جون وادي ۾ |
وَفِرعَونَ ذِى الأَوتادِ (آيت : 10) |
۽ فرعون ميخن وارن سان؟ |
الَّذينَ طَغَوا فِى البِلٰدِ (آيت : 11) |
هي اهي ماڻهو هئا جن ظلم ڪيا (سرڪشي ڪئي) دنيا جي ملڪن ۾ |
فَأَكثَروا فيهَا الفَسادَ (آيت : 12) |
پوءِ پکيڙيو هو انهن ۾ وڏو فساد |
فَصَبَّ عَلَيهِم رَبُّكَ سَوطَ عَذابٍ (آيت : 13) |
پوءِ وهايو انهن تي تنهنجي رب چهبڪ عذاب جو |
إِنَّ رَبَّكَ لَبِالمِرصادِ (آيت : 14) |
بيشڪ تنهنجو رب (لڪي خاص طور) ڏسي پيو |
فَأَمَّا الإِنسٰنُ إِذا مَا ابتَلىٰهُ رَبُّهُ فَأَكرَمَهُ وَنَعَّمَهُ فَيَقولُ رَبّى أَكرَمَنِ (آيت : 15) |
پوءِ انسان کي جڏهن آزمائي ٿو ان جو رب، ان کي آبرو ۽ عزت ڏئي ٿو ۽ آسودو ڪري ٿو، ته چوندو آهي منهنجي رب مون کي نوازيو آهي |
وَأَمّا إِذا مَا ابتَلىٰهُ فَقَدَرَ عَلَيهِ رِزقَهُ فَيَقولُ رَبّى أَهٰنَنِ (آيت : 16) |
۽ وري جڏهن آزمائي ٿو ان کي، تنگ ڪري ٿو سندس روزيءَ کي، پوءِ چوي ٿو منهنجي رب مون کي ذليل ڪيو آهي |
كَلّا بَل لا تُكرِمونَ اليَتيمَ (آيت : 17) |
هرگز نه، پر نٿا ڪريو توهان سهڻو سلوڪ ڇوري ٻار سان |
وَلا تَحٰضّونَ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 18) |
۽ نه ٿا رغبت ڏياريو کاڌي کارائڻ جو مسڪينن کي |
وَتَأكُلونَ التُّراثَ أَكلًا لَمًّا (آيت : 19) |
۽ کائي ٿا وڃو مئلن جي ميراث کي ساري جي ساري ميڙي |
وَتُحِبّونَ المالَ حُبًّا جَمًّا (آيت : 20) |
۽ محبت مال جي ۾ تمام سخت ڦاٿل آهيو |
كَلّا إِذا دُكَّتِ الأَرضُ دَكًّا دَكًّا (آيت : 21) |
هرگز نه، جڏهن سنئين ڪئي ويندي زمين ڪُٽي (چُورو ڪري) |
وَجاءَ رَبُّكَ وَالمَلَكُ صَفًّا صَفًّا (آيت : 22) |
۽ ايندو تشريف کڻي تنهنجو رب (ان حالت ۾) جو ملائڪ صفن ۾ بيٺا هوندا |
وَجِا۟يءَ يَومَئِذٍ بِجَهَنَّمَ يَومَئِذٍ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ وَأَنّىٰ لَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 23) |
۽ آندي ويندي ان ڏينهن دوزخ آمهون سامهون، ان ڏينهن سمجهه اچي ويندي انسان ۾، پر ڪٿي ڏيندي فائدو سمجهه (ان ڏينهن) |
يَقولُ يٰلَيتَنى قَدَّمتُ لِحَياتى (آيت : 24) |
هو چوندو هاءِ افسوس! جي ڪجهه ڪريان ها اڳواٽ هن حياتيءَ لاءِ |
فَيَومَئِذٍ لا يُعَذِّبُ عَذابَهُ أَحَدٌ (آيت : 25) |
پوءِ ان ڏينهن نه عذاب ڏيندو، ان عذاب جهڙو ڏيندڙ ڪوبه ناهي |
وَلا يوثِقُ وَثاقَهُ أَحَدٌ (آيت : 26) |
۽ نه قيد ڪندو ۽ اهڙي قيد ڪرڻ وارو ڪوبه ناهي |
يٰأَيَّتُهَا النَّفسُ المُطمَئِنَّةُ (آيت : 27) |
(ٻئي طرف فرمايو ويندو) اي نفس اطمينان رکڻ وارا! |
ارجِعى إِلىٰ رَبِّكِ راضِيَةً مَرضِيَّةً (آيت : 28) |
موٽي هل پنهنجي رب ڏي، ان حال ۾ جو (پنهنجي نيڪ پڄاڻي سبب) خوش آهين رب وٽ پسنديده |
فَادخُلى فى عِبٰدى (آيت : 29) |
داخل ٿي منهنجي نيڪ بندن ۾ |
وَادخُلى جَنَّتى (آيت : 30) |
۽ داخل ٿي وڃ منهنجي بهشت ۾ |