| هَل أَتىٰكَ حَديثُ الغٰشِيَةِ (آيت : 1) |
|
ڇا توکي انهيءَ ڇانئجي وڃڻ واريءَ آفت (قيامت) جي خبر ملي آهي؟ |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ خٰشِعَةٌ (آيت : 2) |
|
ڪي منهن انهيءَ ڏينهن هيسيل هوندا |
| عامِلَةٌ ناصِبَةٌ (آيت : 3) |
|
وڏيءَ محنت ۾ پيل هوندا، ٿڪل هوندا |
| تَصلىٰ نارًا حامِيَةً (آيت : 4) |
|
ڀڙڪندڙ باهه ۾ پيا سڙندا هوندا |
| تُسقىٰ مِن عَينٍ ءانِيَةٍ (آيت : 5) |
|
ٽهڪندڙ چشمي جو پاڻي پيئاريو ويندن |
| لَيسَ لَهُم طَعامٌ إِلّا مِن ضَريعٍ (آيت : 6) |
|
ڪنڊن واري سڪي گاهه کان سواءِ ٻيو ڪوبه کاڌو نه ملندن |
| لا يُسمِنُ وَلا يُغنى مِن جوعٍ (آيت : 7) |
|
جيڪو نڪي متارو ڪري ۽ نه بک لاهي |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناعِمَةٌ (آيت : 8) |
|
ڪي منهن ان ڏينهن ٻهڪندڙ هوندا |
| لِسَعيِها راضِيَةٌ (آيت : 9) |
|
پنهنجيءَ ڪيل محنت تي خوش هوندا |
| فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 10) |
|
مٿانهينءَ جنت ۾ هوندا |
| لا تَسمَعُ فيها لٰغِيَةً (آيت : 11) |
|
ڪابه واهيات ڳالهه هو اتي نه ٻڌندا |
| فيها عَينٌ جارِيَةٌ (آيت : 12) |
|
منجهس چشما وهندڙ هوندا |
| فيها سُرُرٌ مَرفوعَةٌ (آيت : 13) |
|
منجهس اوچا تخت هوندا |
| وَأَكوابٌ مَوضوعَةٌ (آيت : 14) |
|
۽ پيالا رکيل هوندا |
| وَنَمارِقُ مَصفوفَةٌ (آيت : 15) |
|
طول وهاڻن جون قطارون لڳل هونديون |
| وَزَرابِىُّ مَبثوثَةٌ (آيت : 16) |
|
۽ عمدا غاليچا وڇايل هوندا |
| أَفَلا يَنظُرونَ إِلَى الإِبِلِ كَيفَ خُلِقَت (آيت : 17) |
|
(اهي نٿا مڃين) ته پوءِ ڀلا اٺن کي نٿا ڏسن ته ڪيئن خلقيا ويا؟ |
| وَإِلَى السَّماءِ كَيفَ رُفِعَت (آيت : 18) |
|
آسمان کي نٿا ڏسن ته ڪيئن مٿي کنيو ويو؟ |
| وَإِلَى الجِبالِ كَيفَ نُصِبَت (آيت : 19) |
|
جبلن کي نٿا ڏسن ته ڪهڙيءَ ريت کوڙيا ويا؟ |
| وَإِلَى الأَرضِ كَيفَ سُطِحَت (آيت : 20) |
|
۽ زمين کي نٿا ڏسن ته ڪيئن وڇائي وئي؟ |
| فَذَكِّر إِنَّما أَنتَ مُذَكِّرٌ (آيت : 21) |
|
پوءِ (اي نبي) تون نصيحت ڪندو رهه، تون ته رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آهين |
| لَستَ عَلَيهِم بِمُصَيطِرٍ (آيت : 22) |
|
ڪو مٿن ڏنڊو هلائڻ وارو ته نه آهين |
| إِلّا مَن تَوَلّىٰ وَكَفَرَ (آيت : 23) |
|
ها باقي جيڪو منهن موڙيندو ۽ انڪار ڪندو |
| فَيُعَذِّبُهُ اللَّهُ العَذابَ الأَكبَرَ (آيت : 24) |
|
ته الله ان کي تمام وڏي سزا ڏيندو |
| إِنَّ إِلَينا إِيابَهُم (آيت : 25) |
|
انهن کي موٽي اچڻو ته اسان ڏانهن ئي آهي |
| ثُمَّ إِنَّ عَلَينا حِسابَهُم (آيت : 26) |
|
پوءِ وري حساب ڪتاب وٺڻ به اسان تي آهي |