| هَل أَتىٰكَ حَديثُ الغٰشِيَةِ (آيت : 1) |
|
ڀلا تو کي ڍڪي ڇڏڻ واري مصيبت (قيامت) جو حال معلوم ٿيو آهي؟ |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ خٰشِعَةٌ (آيت : 2) |
|
ان ڏينهن ڪيئي منهن ذليل ۽ خوار هوندا، |
| عامِلَةٌ ناصِبَةٌ (آيت : 3) |
|
(ٻيڙين ۽ ڳٽن سان) محبت ڪندڙ ٿڪل ٿيندا. |
| تَصلىٰ نارًا حامِيَةً (آيت : 4) |
|
ٻرندڙ باھ ۾ گهرندا. |
| تُسقىٰ مِن عَينٍ ءانِيَةٍ (آيت : 5) |
|
انهن کي ٽهڪندڙ چشمي جو پاڻي پياريو ويندو. |
| لَيسَ لَهُم طَعامٌ إِلّا مِن ضَريعٍ (آيت : 6) |
|
انهن لاءِ “ضريع” (ستياناسيءَ ٻوٽيءَ جو هڪ قسم) کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو نه هوندو. |
| لا يُسمِنُ وَلا يُغنى مِن جوعٍ (آيت : 7) |
|
جو نه (کين) ٿلهو ڪندو ۽ نه ڪجھ بک لاهيندو. |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناعِمَةٌ (آيت : 8) |
|
(۽) ڪي منهن ان ڏينهن کلندڙ (تر ۽ تازا) هوندا. |
| لِسَعيِها راضِيَةٌ (آيت : 9) |
|
پنهنجي ڪوشش جي ڪري (شادمان ۽) خوش هوندا. |
| فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 10) |
|
هڪ عاليشان باغ ۾، |
| لا تَسمَعُ فيها لٰغِيَةً (آيت : 11) |
|
جنهن ۾ ڪا به بيهودي ڳالھ نه ٻڌندا. |
| فيها عَينٌ جارِيَةٌ (آيت : 12) |
|
ان ۾ وهندڙ چشما هوندا. |
| فيها سُرُرٌ مَرفوعَةٌ (آيت : 13) |
|
ان ۾ اوچا (اوچا) پلنگ وڇايل هوندا، |
| وَأَكوابٌ مَوضوعَةٌ (آيت : 14) |
|
۽ (ان جي ڪناري) گلاس رکيل هوندا. |
| وَنَمارِقُ مَصفوفَةٌ (آيت : 15) |
|
پڻ طول وهاڻا قطار ڪري رکيل. |
| وَزَرابِىُّ مَبثوثَةٌ (آيت : 16) |
|
۽ نفيس غاليچا (مسندون) وڇايل آهن. |
| أَفَلا يَنظُرونَ إِلَى الإِبِلِ كَيفَ خُلِقَت (آيت : 17) |
|
ته ڇا اهي ماڻهو اٺ ڏي نه ٿا ڏسن ته ڪهڙو نه (عجيب نموني) پيدا ڪيو ويو آهي؟ |
| وَإِلَى السَّماءِ كَيفَ رُفِعَت (آيت : 18) |
|
پڻ آسمان ڏي ته ان کي ڪئين مٿي کنيو ويو آهي؟ |
| وَإِلَى الجِبالِ كَيفَ نُصِبَت (آيت : 19) |
|
۽ جبلن ڏي ته انهن کي ڪئين کڙو ڪيو ويو آهي؟ |
| وَإِلَى الأَرضِ كَيفَ سُطِحَت (آيت : 20) |
|
۽ زمين ڏي ته ڪئين وڇائي ويئي آهي. |
| فَذَكِّر إِنَّما أَنتَ مُذَكِّرٌ (آيت : 21) |
|
پوءِ (اي رسول) تون نصيحت ڪندو رھ! تون ته نصيحت ڪندڙ ئي آهين. |
| لَستَ عَلَيهِم بِمُصَيطِرٍ (آيت : 22) |
|
تون مٿن ڪو نگهبان نه آهين. |
| إِلّا مَن تَوَلّىٰ وَكَفَرَ (آيت : 23) |
|
ها! جنهن منهن موڙيو ۽ ڪفر ڪيو. |
| فَيُعَذِّبُهُ اللَّهُ العَذابَ الأَكبَرَ (آيت : 24) |
|
تنهن کي خدا تمام وڏي عذاب جي سزا ڏيندو. |
| إِنَّ إِلَينا إِيابَهُم (آيت : 25) |
|
بيشڪ اسان جي ئي طرف انهن کي موٽڻو آهي. |
| ثُمَّ إِنَّ عَلَينا حِسابَهُم (آيت : 26) |
|
۽ وري انهن کان حساب وٺڻ اسان جي ذمي آهي. |