| هَل أَتىٰكَ حَديثُ الغٰشِيَةِ (آيت : 1) |
|
ڍَڪرِيندڙ جِي ڍوليا!، تو ڪا آئـِي تار؟ |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ خٰشِعَةٌ (آيت : 2) |
|
اُن ڏينهن مُنهن مِلهاڳڙا، هُوندا ڪي هزار، |
| عامِلَةٌ ناصِبَةٌ (آيت : 3) |
|
مارِيَل مِحنتن جا، کَڙا خُوب خُوار، |
| تَصلىٰ نارًا حامِيَةً (آيت : 4) |
|
گِھڙندا گَرم باھِ ۾، ٻَرندڙ مَنجھ ٻِيهار، |
| تُسقىٰ مِن عَينٍ ءانِيَةٍ (آيت : 5) |
|
تَڙ تَتل تيار مان، ڏِبن آب اُتار، |
| لَيسَ لَهُم طَعامٌ إِلّا مِن ضَريعٍ (آيت : 6) |
|
ڪونهي قُوت اُنهن لئي، ڪَک ڪنِي ڪَنڊڙي ڌار، |
| لا يُسمِنُ وَلا يُغنى مِن جوعٍ (آيت : 7) |
|
لاهي بُک نه لَغار، پڻ مَچائي نه مُورهِين. |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناعِمَةٌ (آيت : 8) |
|
ڪي مُنهن تِنهن مَهل ۾، نِعمت ساڻ نِهال، |
| لِسَعيِها راضِيَةٌ (آيت : 9) |
|
ڪارڻ پَنهنجي ڪوسشِين، خُورم ۽ خُوشحال، |
| فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 10) |
|
بُلند باغ بِهشت ۾، مِڙئـِي مالا مال، |
| لا تَسمَعُ فيها لٰغِيَةً (آيت : 11) |
|
ڪَنِين ٻُڌجي ڪانه ڪا، اُت اَجائـِي ڳالھ، |
| فيها عَينٌ جارِيَةٌ (آيت : 12) |
|
چالو چِشما جِنهن ۾، مِٺي کِير مِثال، |
| فيها سُرُرٌ مَرفوعَةٌ (آيت : 13) |
|
تَخت مَٿاهان تِنهن ۾، |
| وَأَكوابٌ مَوضوعَةٌ (آيت : 14) |
|
گِلاس، گِلاسن نال، |
| وَنَمارِقُ مَصفوفَةٌ (آيت : 15) |
|
سِرا صِفون صِفن ۾، قِيمتِي ڪَمال، |
| وَزَرابِىُّ مَبثوثَةٌ (آيت : 16) |
|
۽ هَنڌ لاکيڻا لال، ۽ پٿراڻيون پَکيڙيليون. |
| أَفَلا يَنظُرونَ إِلَى الإِبِلِ كَيفَ خُلِقَت (آيت : 17) |
|
ڇو اَکينِ نه ڏِسن اُٺ کي؟، ته جُڙيو ڪِيئن جُمل، |
| وَإِلَى السَّماءِ كَيفَ رُفِعَت (آيت : 18) |
|
۽ ري ٿَنڀِـين، ري ٿُوڻِين، اُڀ اُڀا ڪِنهن اَٽڪل، |
| وَإِلَى الجِبالِ كَيفَ نُصِبَت (آيت : 19) |
|
۽ کوڙي ڪِيئن کَڙا ڪَيا، جا ڏاجُنگ جَبَل، |
| وَإِلَى الأَرضِ كَيفَ سُطِحَت (آيت : 20) |
|
۽ هِي ڀُون ڀَلا ڀَل، ڪِيئَن پاڻِي مَٿان پَکڙِي. |
| فَذَكِّر إِنَّما أَنتَ مُذَكِّرٌ (آيت : 21) |
|
پوءِ وَر وَر ڪَندو وَت، نَبِي! نَصِحيت اُن کي، |
| لَستَ عَلَيهِم بِمُصَيطِرٍ (آيت : 22) |
|
تون آهِين ڏِيندڙ ڏيھ ۾، فقط مُوچارِي مَت، اَهنجو ڪَم نه اُنهن تي، جَبَر ۽ جُرِئت، |
| إِلّا مَن تَوَلّىٰ وَكَفَرَ (آيت : 23) |
|
پوءِ جو پُٺيرو پاڻ ٿيو، گھوٻيون ڪيائـِين گَت، ۽ ڪاهي پيو ڪُفر ۾، ڦِريو ڌَڻِي کان دَت، |
| فَيُعَذِّبُهُ اللَّهُ العَذابَ الأَكبَرَ (آيت : 24) |
|
پوءِ اُنهِئَ کي اَلبت، ڏاتر ڏِيندو ڏُک وَڏو. |
| إِنَّ إِلَينا إِيابَهُم (آيت : 25) |
|
لِاڳاپا لاهي، اَٿن اَسان ڏي اَچڻو، |
| ثُمَّ إِنَّ عَلَينا حِسابَهُم (آيت : 26) |
|
پوءِ اَسان کي آهي، ليکو اُنهن جو لاهِڻو. |