| هَل أَتىٰكَ حَديثُ الغٰشِيَةِ (آيت : 1) |
|
(اي پيغمبر!) ڇا توکي ڍڪيندڙ (قيامت) جي ڳالهه پهتي آهي؟ |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ خٰشِعَةٌ (آيت : 2) |
|
ڪي منهن ان ڏينهن خوار |
| عامِلَةٌ ناصِبَةٌ (آيت : 3) |
|
محنت ڪندڙ ٿڪل ٿيندا |
| تَصلىٰ نارًا حامِيَةً (آيت : 4) |
|
تمام گرم باه ۾ گهڙندا |
| تُسقىٰ مِن عَينٍ ءانِيَةٍ (آيت : 5) |
|
حد درجي جي گرم چشمي مان پياربن |
| لَيسَ لَهُم طَعامٌ إِلّا مِن ضَريعٍ (آيت : 6) |
|
انهن لاءِ زهريلي ڪانڊيري کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو نه هوندو. |
| لا يُسمِنُ وَلا يُغنى مِن جوعٍ (آيت : 7) |
|
جو نه ٿلهو ڪندو ۽ نه ڪجهه بک لاهيندو |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناعِمَةٌ (آيت : 8) |
|
ڪي منهن ان ڏينهن آسوده |
| لِسَعيِها راضِيَةٌ (آيت : 9) |
|
پنهنجي ڪوشش جي ڪري خوش هوندا |
| فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 10) |
|
مٿاهين بهشت ۾ |
| لا تَسمَعُ فيها لٰغِيَةً (آيت : 11) |
|
جنهن ۾ ڪابه بيهودي ڳالهه نه ٻڌندا |
| فيها عَينٌ جارِيَةٌ (آيت : 12) |
|
ان ۾ وهندڙ چشما آهن |
| فيها سُرُرٌ مَرفوعَةٌ (آيت : 13) |
|
ان ۾ اوچا پلنگ |
| وَأَكوابٌ مَوضوعَةٌ (آيت : 14) |
|
۽ پيالا رکيل |
| وَنَمارِقُ مَصفوفَةٌ (آيت : 15) |
|
۽ وهاڻا قطار ڪري رکيل |
| وَزَرابِىُّ مَبثوثَةٌ (آيت : 16) |
|
۽ غاليچا وڇايل آهن |
| أَفَلا يَنظُرونَ إِلَى الإِبِلِ كَيفَ خُلِقَت (آيت : 17) |
|
ڇا پوءِ اُٺ ڏي نه ٿا ڏسن ته ان کي ڪيئن پيدا ڪيو ويو آهي؟ |
| وَإِلَى السَّماءِ كَيفَ رُفِعَت (آيت : 18) |
|
۽ آسمان ڏي ته ان کي ڪيئن مٿي کنيو ويو آهي |
| وَإِلَى الجِبالِ كَيفَ نُصِبَت (آيت : 19) |
|
۽ جبلن ڏي ته انهن کي ڪيئن کڙو ڪيو ويو آهي |
| وَإِلَى الأَرضِ كَيفَ سُطِحَت (آيت : 20) |
|
۽ زمين ڏي ته ڪيئن وڇائي ويئي آهي |
| فَذَكِّر إِنَّما أَنتَ مُذَكِّرٌ (آيت : 21) |
|
پوءِ (اي پيغمبر) تون نصيحت ڪر! تون ته نصيحت ڪندڙ ئي آهين |
| لَستَ عَلَيهِم بِمُصَيطِرٍ (آيت : 22) |
|
تون مٿن ڪو نگهبان نه آهين |
| إِلّا مَن تَوَلّىٰ وَكَفَرَ (آيت : 23) |
|
پر جنهن منهن موڙيو ۽ ڪفر ڪيو |
| فَيُعَذِّبُهُ اللَّهُ العَذابَ الأَكبَرَ (آيت : 24) |
|
تنهن کي الله تمام وڏي سزا ڏيندو |
| إِنَّ إِلَينا إِيابَهُم (آيت : 25) |
|
بيشڪ اسان جي ئي طرف انهن جو موٽڻ آهي |
| ثُمَّ إِنَّ عَلَينا حِسابَهُم (آيت : 26) |
|
وري انهن کان حساب وٺڻ اسان تي ئي آهي |