| هَل أَتىٰكَ حَديثُ الغٰشِيَةِ (آيت : 1) |
|
ڇا تو وٽ ڇانئجي ويندڙ (يعني قيامت) جي ڳالهه پهتي؟ |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ خٰشِعَةٌ (آيت : 2) |
|
ان ڏينهن ڪيترائي چهرا خوفزده هوندا. |
| عامِلَةٌ ناصِبَةٌ (آيت : 3) |
|
سخت محنت ڪندڙ ٿڪل هوندا. |
| تَصلىٰ نارًا حامِيَةً (آيت : 4) |
|
ڀڙڪندڙ باهه ۾ گهڙندا. |
| تُسقىٰ مِن عَينٍ ءانِيَةٍ (آيت : 5) |
|
ٽهڪندڙ پاڻيءَ واري چشمي مان پياريا ويندا. |
| لَيسَ لَهُم طَعامٌ إِلّا مِن ضَريعٍ (آيت : 6) |
|
انهن لاءِ زهريلي ڪانڊيري کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو ڪو نه هوندو. |
| لا يُسمِنُ وَلا يُغنى مِن جوعٍ (آيت : 7) |
|
جيڪو نه ٿُلهو ڪندو ۽ نه ئي بک لاهيندو. |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناعِمَةٌ (آيت : 8) |
|
ان ڏينهن گهڻا چهرا تروتازه (بارونق حسين) هوندا. |
| لِسَعيِها راضِيَةٌ (آيت : 9) |
|
پنهنجي ڪوشش جي ڪري راضي خوش هوندا. |
| فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 10) |
|
مٿاهين جنت ۾ هوندا. |
| لا تَسمَعُ فيها لٰغِيَةً (آيت : 11) |
|
ان ۾ ڪابه بيهودي ڳالهه نه ٻڌندا. |
| فيها عَينٌ جارِيَةٌ (آيت : 12) |
|
ان ۾ وهندڙ چشما هوندا. |
| فيها سُرُرٌ مَرفوعَةٌ (آيت : 13) |
|
ان ۾ اوچا تخت هوندا. |
| وَأَكوابٌ مَوضوعَةٌ (آيت : 14) |
|
۽ ساغر (سليقي سان) رکيل هوندا. |
| وَنَمارِقُ مَصفوفَةٌ (آيت : 15) |
|
۽ وهاڻا قطار ڪري رکيل هوندا. |
| وَزَرابِىُّ مَبثوثَةٌ (آيت : 16) |
|
۽ (بخمل جا) قالين وڇايل هوندا. |
| أَفَلا يَنظُرونَ إِلَى الإِبِلِ كَيفَ خُلِقَت (آيت : 17) |
|
ڇا پوءِ اُٺ ڏانهن نه ٿا ڏسن ته ڪيئن پيدا ڪيو ويو آهي؟ |
| وَإِلَى السَّماءِ كَيفَ رُفِعَت (آيت : 18) |
|
۽ آسمان ڏانهن ته ڪيئن مٿاهون ڪيو ويو آهي؟ |
| وَإِلَى الجِبالِ كَيفَ نُصِبَت (آيت : 19) |
|
۽ جبلن ڏانهن ته انهن کي ڪيئن کوڙيو ويو آهي؟ |
| وَإِلَى الأَرضِ كَيفَ سُطِحَت (آيت : 20) |
|
۽ زمين ڏانهن ته ڪيئن وڇائي وئي آهي؟ |
| فَذَكِّر إِنَّما أَنتَ مُذَكِّرٌ (آيت : 21) |
|
پوءِ نصيحت ڪر. تون صرف نصيحت ڪندڙ ئي آهين. |
| لَستَ عَلَيهِم بِمُصَيطِرٍ (آيت : 22) |
|
تون انهن مٿان ڪو ڏاڍ ڪندڙ نه آهين. |
| إِلّا مَن تَوَلّىٰ وَكَفَرَ (آيت : 23) |
|
مگر جنهن مُنهن موڙيو ۽ ڪفر ڪيو. |
| فَيُعَذِّبُهُ اللَّهُ العَذابَ الأَكبَرَ (آيت : 24) |
|
ته ان کي الله سڀ کان وڏو عذاب ڏيندو. |
| إِنَّ إِلَينا إِيابَهُم (آيت : 25) |
|
بيشڪ انهن جو موٽڻ اسان ڏانهن آهي. |
| ثُمَّ إِنَّ عَلَينا حِسابَهُم (آيت : 26) |
|
پوءِ بيشڪ انهن جو حساب وٺڻ اسان تي ئي آهي. |