هَل أَتىٰكَ حَديثُ الغٰشِيَةِ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر!) ڇا تو وٽ ڇانئجي ويندڙ (قيامت جي) ڳالهه پهتي آهي؟ |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ خٰشِعَةٌ (آيت : 2) |
ڪي منهن ان ڏينهن خوار (۽ ڀيلا هوندا). |
عامِلَةٌ ناصِبَةٌ (آيت : 3) |
(دنياداري يا خيالي ۽ غلط دين ڪارڻ) مشقتن جا ماريل ٿڪل هوندا. (انهن بيجا مشقتن جو ثمر سندن ٿڪاوٽ هوندي.) |
تَصلىٰ نارًا حامِيَةً (آيت : 4) |
تمام گرم باهه ۾ گهڙندا. |
تُسقىٰ مِن عَينٍ ءانِيَةٍ (آيت : 5) |
حد درجي جي گرم چشمي مان کين (پاڻي) پياريو ويندو. |
لَيسَ لَهُم طَعامٌ إِلّا مِن ضَريعٍ (آيت : 6) |
انهن لاءِ زهري ڪانڊيري کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو نه هوندو. |
لا يُسمِنُ وَلا يُغنى مِن جوعٍ (آيت : 7) |
جو نه سٻر ڪندو ۽ نه ڪجهه بک لاهيندو. |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناعِمَةٌ (آيت : 8) |
ڪي (يعني ٻي گروهه وارا) منهن ان ڏينهن سرها (بکندڙ) هوندا. |
لِسَعيِها راضِيَةٌ (آيت : 9) |
(سچي دين ڪارڻ) پنهنجي ڪوشش (مشقتن ۽ جدوجهد) جي ڪري خوش هوندا. |
فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 10) |
مٿاهين عاليشان بهشت ۾ هوندا. |
لا تَسمَعُ فيها لٰغِيَةً (آيت : 11) |
جنهن ۾ ڪابه اجائي ڳالهه نه ٻڌندا. |
فيها عَينٌ جارِيَةٌ (آيت : 12) |
ان ۾ وهندڙ چشما آهن. |
فيها سُرُرٌ مَرفوعَةٌ (آيت : 13) |
ان ۾ (ويهڻ لاءِ) تخت مٿي ڪيل هوندا. |
وَأَكوابٌ مَوضوعَةٌ (آيت : 14) |
۽ (پيئڻ لاءِ ترتيب سان) پيالا رکيل. |
وَنَمارِقُ مَصفوفَةٌ (آيت : 15) |
۽ وهاڻا قطار ڪري رکيل. |
وَزَرابِىُّ مَبثوثَةٌ (آيت : 16) |
۽ (اعليٰ درجي جا) غاليچا وڇايل آهن. |
أَفَلا يَنظُرونَ إِلَى الإِبِلِ كَيفَ خُلِقَت (آيت : 17) |
ڇا پوءِ (انهيءَ مقام تي پهچڻ لاءِ جنهن مشقت ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ) اُٺ ڏي نه ٿا ڏسن ته انکي ڪيئن (هر حال ۾ بار کڻندڙ ڪري) پيدا ڪيو ويو آهي؟ |
وَإِلَى السَّماءِ كَيفَ رُفِعَت (آيت : 18) |
۽ آسمان ڏي ته ان کي ڪيئن (رفعتن سان) مٿي کنيو ويو آهي. (انسان ۾ به روين، سوچ ۽ خيال جي ايتري رفعت ۽ اوچائي گهرجي.) |
وَإِلَى الجِبالِ كَيفَ نُصِبَت (آيت : 19) |
۽ جبلن ڏي ته انهن کي ڪيئن (مضبوط ۽ استقامت سان) کڙو ڪيو ويو آهي؟ |
وَإِلَى الأَرضِ كَيفَ سُطِحَت (آيت : 20) |
۽ زمين ڏي ته ڪيئن (انسانن جي لاءِ) وڇاڻو بڻائي ويئي آهي. |
فَذَكِّر إِنَّما أَنتَ مُذَكِّرٌ (آيت : 21) |
پوءِ (اي پيغمبر پاڻ مجسم انهن خوبين جو بڻجي ٻين کي به) تون نصيحت ڪر! تون ته نصيحت ڪندڙ ئي آهين. |
لَستَ عَلَيهِم بِمُصَيطِرٍ (آيت : 22) |
(نصيحت نه وٺن ته) تون (رڳو انهن کي ياد ڏياريندڙ آهين ۽) مٿن ڪو نگهبان نه آهين. |
إِلّا مَن تَوَلّىٰ وَكَفَرَ (آيت : 23) |
پر جنهن منهن موڙيو ۽ انڪار جي واٽ ورتي. |
فَيُعَذِّبُهُ اللَّهُ العَذابَ الأَكبَرَ (آيت : 24) |
پوءِ تنهن کي الله (پنهنجي مڪافات وارن قانونن هيٺ) تمام وڏي سزا ڏيندو. |
إِنَّ إِلَينا إِيابَهُم (آيت : 25) |
(ويندا آخر ڪيڏانهن) بيشڪ اسان جي ئي طرف انهن جو موٽڻ آهي. |
ثُمَّ إِنَّ عَلَينا حِسابَهُم (آيت : 26) |
وري انهن کان (ذري ذري جوچڪائي) حساب وٺڻ اسان تي ئي آهي. |