| هَل أَتىٰكَ حَديثُ الغٰشِيَةِ (آيت : 1) |
|
تحقيق توهان وٽ غاشيه (قيامت) جي خبر پهتي |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ خٰشِعَةٌ (آيت : 2) |
|
ڪيترا مُنهن ان ڏينهن ذليل ۽ خوار هوندا |
| عامِلَةٌ ناصِبَةٌ (آيت : 3) |
|
(جيڪي فقط دنيا لاءِ) ڪم ڪندڙ (۽) ٿڪجندڙ هوندا |
| تَصلىٰ نارًا حامِيَةً (آيت : 4) |
|
اهي ٻرندڙ باه ۾ پوندا |
| تُسقىٰ مِن عَينٍ ءانِيَةٍ (آيت : 5) |
|
(انهن کي) بيحد ٽهڪندڙ چشمي مان پاڻي پياريو ويندو |
| لَيسَ لَهُم طَعامٌ إِلّا مِن ضَريعٍ (آيت : 6) |
|
انهن لاءِ ضريع (سُڪل زهريلي ڪنڊن) کان علاوهه ڪوبه طعام نه هوندو |
| لا يُسمِنُ وَلا يُغنى مِن جوعٍ (آيت : 7) |
|
جيڪو نه کين ٿلهو ڪندو ۽ نه کانئن بُک دفع ڪندو |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناعِمَةٌ (آيت : 8) |
|
ڪيترا چهرا ان ڏينهن نعمتن ۽ خوشين ۾ هوندا |
| لِسَعيِها راضِيَةٌ (آيت : 9) |
|
جيڪي پنهنجي ڪوشش تي راضي ۽ خوش هوندا |
| فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 10) |
|
اهي بلند جنت ۾ هوندا |
| لا تَسمَعُ فيها لٰغِيَةً (آيت : 11) |
|
جو اُن ۾ ڪا اجائي ڳالهه نه ٻُڌندا |
| فيها عَينٌ جارِيَةٌ (آيت : 12) |
|
انهيءَ ۾ هڪ چشمو وهندڙ آهي |
| فيها سُرُرٌ مَرفوعَةٌ (آيت : 13) |
|
انهيءَ ۾ مٿانهان تخت آهن |
| وَأَكوابٌ مَوضوعَةٌ (آيت : 14) |
|
(۽) (هر وقت انهن جي اڳيان) چونڊيل پيالا هوندا |
| وَنَمارِقُ مَصفوفَةٌ (آيت : 15) |
|
۽ لاڳيتا غاليچا وڇايل هوندا |
| وَزَرابِىُّ مَبثوثَةٌ (آيت : 16) |
|
۽ (انهن تي) سفيد اعليٰ قسم جا ڪپڙا وڇايل هوندا |
| أَفَلا يَنظُرونَ إِلَى الإِبِلِ كَيفَ خُلِقَت (آيت : 17) |
|
ڇا پوءِ اهي اُٺ (جي خِلقت) ڏانهن نٿا ڏسن ته اهو ڪهڙيءَ طرح پيدا ڪيو ويو |
| وَإِلَى السَّماءِ كَيفَ رُفِعَت (آيت : 18) |
|
۽ آسمان ڏانهن نٿا ڏسن ته اهو ڪيئن بلند ڪيو ويو |
| وَإِلَى الجِبالِ كَيفَ نُصِبَت (آيت : 19) |
|
۽ جبلن ڏانهن نٿا ڏسن ته اهي ڪيئن کوڙيا ويا |
| وَإِلَى الأَرضِ كَيفَ سُطِحَت (آيت : 20) |
|
۽ زمين ڏانهن نٿا ڏسن ته اها ڪيئن وڇائي وئي (آهي) |
| فَذَكِّر إِنَّما أَنتَ مُذَكِّرٌ (آيت : 21) |
|
پوءِ رسولِ عربي توهان نصيحت ڪريو، توهان ته نصيحت ڪندڙ آهيو |
| لَستَ عَلَيهِم بِمُصَيطِرٍ (آيت : 22) |
|
توهان هرگز انهن تي تسلط ڪندڙ ناهيو |
| إِلّا مَن تَوَلّىٰ وَكَفَرَ (آيت : 23) |
|
مگر جيڪو ماڻهو مُنهن ڦيري ٿو ۽ ڪفر ڪري ٿو |
| فَيُعَذِّبُهُ اللَّهُ العَذابَ الأَكبَرَ (آيت : 24) |
|
پوءِ الله تعالى ان کي تمام وڏو عذاب چکائي ٿو |
| إِنَّ إِلَينا إِيابَهُم (آيت : 25) |
|
بيشڪ انهن جو ورڻ اسان ڏانهن آهي |
| ثُمَّ إِنَّ عَلَينا حِسابَهُم (آيت : 26) |
|
ان کان پوءِ بيشڪ انهن جو حساب ڪرڻ اسان تي آهي |