هَل أَتىٰكَ حَديثُ الغٰشِيَةِ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر) تو وٽ ڍڪيندڙ (قيامت) جي خبر پھتي آھي ڇا؟ |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ خٰشِعَةٌ (آيت : 2) |
اُن ڏينھن ڪيترائي مُنھن خوار ھوندا. |
عامِلَةٌ ناصِبَةٌ (آيت : 3) |
ڪمائيندڙ ڏک ڀوڳيندا ھوندا. |
تَصلىٰ نارًا حامِيَةً (آيت : 4) |
ٻرندڙ باھ ۾ پوندا. |
تُسقىٰ مِن عَينٍ ءانِيَةٍ (آيت : 5) |
بلڪل تتي چشمي مان پاڻي پياربن. |
لَيسَ لَهُم طَعامٌ إِلّا مِن ضَريعٍ (آيت : 6) |
ڪنڊن واري گاھ کانسواءِ (ٻيو) ڪو کاڄ انھن لاءِ نه ھوندو. |
لا يُسمِنُ وَلا يُغنى مِن جوعٍ (آيت : 7) |
(جو اُھو) نڪي (کين) ڀُلھو ڪندو ۽ نڪي بُک لاھيندو. |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناعِمَةٌ (آيت : 8) |
ڪيئي مُنھن اُن ڏينھن تازا ھوندا. |
لِسَعيِها راضِيَةٌ (آيت : 9) |
پنھنجي ڪمائيءَ کان راضي ھوندا. |
فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 10) |
مٿاھين بھشت ۾ ھوندا. |
لا تَسمَعُ فيها لٰغِيَةً (آيت : 11) |
اتي ڪا اجائي ڳالھ نه ٻڌندين. |
فيها عَينٌ جارِيَةٌ (آيت : 12) |
اُتي چشما وھندڙ آھن. |
فيها سُرُرٌ مَرفوعَةٌ (آيت : 13) |
اُتي وڏا تخت مٿي وڇايل. |
وَأَكوابٌ مَوضوعَةٌ (آيت : 14) |
۽ آبخورا رکيل. |
وَنَمارِقُ مَصفوفَةٌ (آيت : 15) |
۽ وھاڻا قطار ڪري رکيل. |
وَزَرابِىُّ مَبثوثَةٌ (آيت : 16) |
۽ غاليچا وڇايل آھن. |
أَفَلا يَنظُرونَ إِلَى الإِبِلِ كَيفَ خُلِقَت (آيت : 17) |
(ماڻھو) اُٺن ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته ڪيئن خلقيا ويا. |
وَإِلَى السَّماءِ كَيفَ رُفِعَت (آيت : 18) |
۽ آسمان ڏانھن ته ڪيئن مٿي ڪيو ويو. |
وَإِلَى الجِبالِ كَيفَ نُصِبَت (آيت : 19) |
۽ جبلن ڏانھن ته ڪيئن کڙا ڪيا ويا. |
وَإِلَى الأَرضِ كَيفَ سُطِحَت (آيت : 20) |
۽ زمين ڏانھن ته ڪيئن وڇائي وئي. |
فَذَكِّر إِنَّما أَنتَ مُذَكِّرٌ (آيت : 21) |
پوءِ (اي پيغمبر) تون، رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آھين. |
لَستَ عَلَيهِم بِمُصَيطِرٍ (آيت : 22) |
تون مٿن ڪو داروغو نه آھين. |
إِلّا مَن تَوَلّىٰ وَكَفَرَ (آيت : 23) |
پر جنھن مُنھن موڙيو ۽ ڪُفر ڪيو. |
فَيُعَذِّبُهُ اللَّهُ العَذابَ الأَكبَرَ (آيت : 24) |
تنھن کي الله وڏي عذاب جي سزا ڏيندو. |
إِنَّ إِلَينا إِيابَهُم (آيت : 25) |
بيشڪ اسان ڏانھن سندن موٽڻ آھي. |
ثُمَّ إِنَّ عَلَينا حِسابَهُم (آيت : 26) |
وري بيشڪ سندن حساب وٺڻ اسان جي ذمي آھي. |