هَل أَتىٰكَ حَديثُ الغٰشِيَةِ (آيت : 1) |
ڇا، تو وٽ ”ڇانئجي ويندڙ“ (قيامت) جي خبر پهتل آهي؟ |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ خٰشِعَةٌ (آيت : 2) |
اُن ڏينهن ڪي منهن نهايت نماڻا، |
عامِلَةٌ ناصِبَةٌ (آيت : 3) |
سخت محنت ڪيل ۽ ٿڪل هوندا. |
تَصلىٰ نارًا حامِيَةً (آيت : 4) |
ساڙيندڙ باهه ۾ پهچندا، |
تُسقىٰ مِن عَينٍ ءانِيَةٍ (آيت : 5) |
گرم چشمن جو پاڻي پياريو ويندن. |
لَيسَ لَهُم طَعامٌ إِلّا مِن ضَريعٍ (آيت : 6) |
سندن کاڌو رڳو ڪنڊن وارو ٻوٽو هوندو، |
لا يُسمِنُ وَلا يُغنى مِن جوعٍ (آيت : 7) |
جو نڪي ٿلهو ڪندو نڪي بک لاهيندو. |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناعِمَةٌ (آيت : 8) |
۽ ڪي منهن ان ڏينهن تازا توانا هوندا. |
لِسَعيِها راضِيَةٌ (آيت : 9) |
سندن ڪمن جي ڪوشش سبب خوش هوندا. |
فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 10) |
مٿانهن باغن ۾ هوندا، |
لا تَسمَعُ فيها لٰغِيَةً (آيت : 11) |
جن ۾ ڪا بڪواس نه ٻڌندا. |
فيها عَينٌ جارِيَةٌ (آيت : 12) |
انهن ۾ چشما وهندڙ هوندا. |
فيها سُرُرٌ مَرفوعَةٌ (آيت : 13) |
انهن ۾ اونچا تخت وڇايل هوندا. |
وَأَكوابٌ مَوضوعَةٌ (آيت : 14) |
ڪوزا رکيل؛ |
وَنَمارِقُ مَصفوفَةٌ (آيت : 15) |
طول وهاڻا قطار ڪيل، |
وَزَرابِىُّ مَبثوثَةٌ (آيت : 16) |
۽ غاليچا پکڙيل! |
أَفَلا يَنظُرونَ إِلَى الإِبِلِ كَيفَ خُلِقَت (آيت : 17) |
ڇا، هو اُٺ ڏي نٿا ڏسن، ته ڪيئن خلقاڻو آهي؟ |
وَإِلَى السَّماءِ كَيفَ رُفِعَت (آيت : 18) |
۽ آسمان ڏانهن ته ڪيئن اونچو ڪيل آهي؟ |
وَإِلَى الجِبالِ كَيفَ نُصِبَت (آيت : 19) |
۽ جبلن ڏانهن، ته ڪيئن کوڙيل آهن؟ |
وَإِلَى الأَرضِ كَيفَ سُطِحَت (آيت : 20) |
۽ زمين ڏانهن ته ڪيئن پکڙيل آهي؟ |
فَذَكِّر إِنَّما أَنتَ مُذَكِّرٌ (آيت : 21) |
پوءِ تون نصيحت ڪر، تون ته رڳو نصيحت ڪندڙ آهين، |
لَستَ عَلَيهِم بِمُصَيطِرٍ (آيت : 22) |
ڪو مٿن چوڪيدار نه آهين، |
إِلّا مَن تَوَلّىٰ وَكَفَرَ (آيت : 23) |
باقي جيڪو منهن ڦيريندو ۽ نه مڃيندو، |
فَيُعَذِّبُهُ اللَّهُ العَذابَ الأَكبَرَ (آيت : 24) |
ان کي پاڻيهي الله وڏو عذاب ڪندو. |
إِنَّ إِلَينا إِيابَهُم (آيت : 25) |
هنن کي پڪ سان اسان وٽ ئي موٽي اچڻو آهي. |
ثُمَّ إِنَّ عَلَينا حِسابَهُم (آيت : 26) |
پوءِ پڪ اسان کي ئي کانئن حساب وٺڻو آهي! |