| هَل أَتىٰكَ حَديثُ الغٰشِيَةِ (آيت : 1) |
|
ڇا تو وٽ ان ڇانئجي وڃڻ واري (قيامت) جي خبر پھتي آهي؟ |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ خٰشِعَةٌ (آيت : 2) |
|
جنهن ڏينھن ڪيترائي چھرا خوف ۾ ورتل هوندا. |
| عامِلَةٌ ناصِبَةٌ (آيت : 3) |
|
وڏي مشقت ڪرڻ سبب ٿڪجي پيل هوندا. |
| تَصلىٰ نارًا حامِيَةً (آيت : 4) |
|
انتھائي گرم باهه ۾ داخل ٿيندا. |
| تُسقىٰ مِن عَينٍ ءانِيَةٍ (آيت : 5) |
|
(کين) ٽچڪيل چشمي مان (پاڻي) پياريو ويندو. |
| لَيسَ لَهُم طَعامٌ إِلّا مِن ضَريعٍ (آيت : 6) |
|
انهن لاءِ ڪنڊن واري گاهه کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو نه هوندو. |
| لا يُسمِنُ وَلا يُغنى مِن جوعٍ (آيت : 7) |
|
جيڪو (کين) نه ته ٿلهو متارو ڪندو ۽ نه ئي سندن بک مٽائيندو. |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناعِمَةٌ (آيت : 8) |
|
ان ڏينھن ڪجهه چھرا ٻھڪندڙ هوندا. |
| لِسَعيِها راضِيَةٌ (آيت : 9) |
|
پنھنجي عملن تي خوش هوندا. |
| فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 10) |
|
عاليشان باغ ۾ هوندا. |
| لا تَسمَعُ فيها لٰغِيَةً (آيت : 11) |
|
ان ۾ اُهي ڪابه بيھوده ڳالهه نه ٻڌندا. |
| فيها عَينٌ جارِيَةٌ (آيت : 12) |
|
ان ۾ چشما جاري هوندا. |
| فيها سُرُرٌ مَرفوعَةٌ (آيت : 13) |
|
ان ۾ اوچا تخت رکيل هوندا. |
| وَأَكوابٌ مَوضوعَةٌ (آيت : 14) |
|
پيالا (۽ گلاس) رکيل هوندا. |
| وَنَمارِقُ مَصفوفَةٌ (آيت : 15) |
|
وڏا (گول) وهاڻا قطار ۾ رکيل هوندا. |
| وَزَرابِىُّ مَبثوثَةٌ (آيت : 16) |
|
۽ (آرامده) قالين وڇايل هوندا. |
| أَفَلا يَنظُرونَ إِلَى الإِبِلِ كَيفَ خُلِقَت (آيت : 17) |
|
ڇا هي ماڻهو اُٺَ کي نٿا ڏسن ته ڪيئن پيدا ڪيو ويو آهي؟ |
| وَإِلَى السَّماءِ كَيفَ رُفِعَت (آيت : 18) |
|
آسمان کي (نٿا ڏسن) ته ڪيئن بلند ڪيو ويو آهي؟ |
| وَإِلَى الجِبالِ كَيفَ نُصِبَت (آيت : 19) |
|
جبلن کي (نٿا ڏسن) ته ڪيئن کوڙيا ويا آهن؟ |
| وَإِلَى الأَرضِ كَيفَ سُطِحَت (آيت : 20) |
|
۽ زمين کي (نٿا ڏسن) ته ڪيئن وڇائي وئي آهي؟ |
| فَذَكِّر إِنَّما أَنتَ مُذَكِّرٌ (آيت : 21) |
|
(اي نبيﷺ!)تون نصيحت ڪندو رهه، بيشڪ تون نصيحت ڪرڻ وارو ئي آهين. |
| لَستَ عَلَيهِم بِمُصَيطِرٍ (آيت : 22) |
|
تون انهن تي زور زبردستي ڪرڻ وارو نه آهين. |
| إِلّا مَن تَوَلّىٰ وَكَفَرَ (آيت : 23) |
|
پوءِ جنھن منھن موڙيو ۽ انڪار ڪيو. |
| فَيُعَذِّبُهُ اللَّهُ العَذابَ الأَكبَرَ (آيت : 24) |
|
ته الله تعالى کيس وڏي عذاب جي سزا ڏيندو. |
| إِنَّ إِلَينا إِيابَهُم (آيت : 25) |
|
بيشڪ انهن سڀني جو موٽڻ اسان ڏي ئي آهي. |
| ثُمَّ إِنَّ عَلَينا حِسابَهُم (آيت : 26) |
|
بيشڪ انهن کان حساب وٺڻ اسان جو ئي ڪم آهي. |