| هَل أَتىٰكَ حَديثُ الغٰشِيَةِ (آيت : 1) |
|
(اي نبي!) ڇا پهتي آهي توکي ڳالهه ان آفت (يعني قيامت) جي؟ |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ خٰشِعَةٌ (آيت : 2) |
|
ڪجهه منهن ان ڏينهن خوفزده هوندا |
| عامِلَةٌ ناصِبَةٌ (آيت : 3) |
|
سخت محنت ڪندي ٿڪجي رهيا هوندا |
| تَصلىٰ نارًا حامِيَةً (آيت : 4) |
|
سڙي رهيا هوندا باهه سخت گرم ۾ |
| تُسقىٰ مِن عَينٍ ءانِيَةٍ (آيت : 5) |
|
پياريو ويندو انهن کي پاڻي چشمي ٽهڪندڙ مان |
| لَيسَ لَهُم طَعامٌ إِلّا مِن ضَريعٍ (آيت : 6) |
|
نه هوندو انهن جي لاءِ طعام کائڻ لاءِ سواءِ ان سڪل ڪنڊن واري گاهه جي |
| لا يُسمِنُ وَلا يُغنى مِن جوعٍ (آيت : 7) |
|
نه اهو سڀرو ڪندو ۽ نه لاهيندو ڪا بک |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناعِمَةٌ (آيت : 8) |
|
ڪي منهن ان ڏينهن تازا توانا هوندا |
| لِسَعيِها راضِيَةٌ (آيت : 9) |
|
پنهنجي ڪمائيءَ تي خوش هوندا |
| فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 10) |
|
اهي جنت ۾ مٿاهين مقام تي هوندا |
| لا تَسمَعُ فيها لٰغِيَةً (آيت : 11) |
|
نه ٻڌندا اتي ڪابه اجائي ڳالهه |
| فيها عَينٌ جارِيَةٌ (آيت : 12) |
|
ان ۾ چشما وهندڙ هوندا |
| فيها سُرُرٌ مَرفوعَةٌ (آيت : 13) |
|
ان ۾ تخت مٿانهان وڇايل هوندا |
| وَأَكوابٌ مَوضوعَةٌ (آيت : 14) |
|
۽ صراحيون گلاس هوندا |
| وَنَمارِقُ مَصفوفَةٌ (آيت : 15) |
|
۽ وهاڻا رکيل هوندا قطارن ۾ |
| وَزَرابِىُّ مَبثوثَةٌ (آيت : 16) |
|
۽ غاليچا وڇايل هوندا |
| أَفَلا يَنظُرونَ إِلَى الإِبِلِ كَيفَ خُلِقَت (آيت : 17) |
|
(اهي ماڻهو نٿا مڃن) ڇا اهي نٿا ڏسن اُٺن کي ته اهي ڪيئن خلقيا ويا آهن؟ |
| وَإِلَى السَّماءِ كَيفَ رُفِعَت (آيت : 18) |
|
۽ آسمان نٿا ڏسن ته اهو ڪيئن مٿي کنيو ويو؟ |
| وَإِلَى الجِبالِ كَيفَ نُصِبَت (آيت : 19) |
|
۽ جبلن کي نٿا ڏسن ته ڪيئن کوڙيا ويا |
| وَإِلَى الأَرضِ كَيفَ سُطِحَت (آيت : 20) |
|
۽ زمين کي نٿا ڏسن ته ڪيئن وڇائي وئي؟ |
| فَذَكِّر إِنَّما أَنتَ مُذَكِّرٌ (آيت : 21) |
|
(چڱو اي نبي!) پوءِ نصيحت ڪندو رهه، بيشڪ تون نصيحت ڪندڙ آهين |
| لَستَ عَلَيهِم بِمُصَيطِرٍ (آيت : 22) |
|
ناهي انهن تي ڪابه سختي ڪرڻ وارو |
| إِلّا مَن تَوَلّىٰ وَكَفَرَ (آيت : 23) |
|
البته جيڪو منهن موڙيندو ۽ انڪار ڪندو |
| فَيُعَذِّبُهُ اللَّهُ العَذابَ الأَكبَرَ (آيت : 24) |
|
پوءِ عذاب ان کي الله ڏيندو عذاب وڏو |
| إِنَّ إِلَينا إِيابَهُم (آيت : 25) |
|
بيشڪ انهن ماڻهن کي موٽڻو آهي اسان ڏي |
| ثُمَّ إِنَّ عَلَينا حِسابَهُم (آيت : 26) |
|
پوءِ بيشڪ اسان تي آهي انهن کان حساب چڪائڻ |