| سَبِّحِ اسمَ رَبِّكَ الأَعلَى (آيت : 1) |
|
(اي نبي) پنهنجي سڀ کان مٿانهين رب جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر |
| الَّذى خَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 2) |
|
جنهن پيدا ڪيو ۽ پوءِ سنئين لڱين ڪيائين |
| وَالَّذى قَدَّرَ فَهَدىٰ (آيت : 3) |
|
جنهن تقدير بڻائي، پوءِ واٽ ڏسيائين |
| وَالَّذى أَخرَجَ المَرعىٰ (آيت : 4) |
|
جنهن ساوڪ اُپائي |
| فَجَعَلَهُ غُثاءً أَحوىٰ (آيت : 5) |
|
پوءِ ان کي ڪاراٽيل (ڪـِـن ڪــَـچرو) ڪري ڇڏيائين |
| سَنُقرِئُكَ فَلا تَنسىٰ (آيت : 6) |
|
اسان توکي پڙهائينداسون، پوءِ تون نه وساريندين |
| إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ وَما يَخفىٰ (آيت : 7) |
|
سواءِ ان جي جيڪو الله گهري. هو ظاهر ٿيل کي به ڄاڻي ٿو ته جيڪو لڪل آهي ان کي به |
| وَنُيَسِّرُكَ لِليُسرىٰ (آيت : 8) |
|
۽ اسان سهنجائيءَ واري واٽ توکي سؤلي ٿا ڪري ڏيون |
| فَذَكِّر إِن نَفَعَتِ الذِّكرىٰ (آيت : 9) |
|
پوءِ تون نصيحت ڪر، جيڪڏهن نصيحت ڪو فائدو ڏيندي هجي |
| سَيَذَّكَّرُ مَن يَخشىٰ (آيت : 10) |
|
نصيحت اهو وٺندو جيڪو ڊڄندو |
| وَيَتَجَنَّبُهَا الأَشقَى (آيت : 11) |
|
۽ ان کان اهو لنوائيندو، جيڪو وڏو نڀاڳو هوندو |
| الَّذى يَصلَى النّارَ الكُبرىٰ (آيت : 12) |
|
جيڪو تمام وڏيءَ باهه ۾ پوندو |
| ثُمَّ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 13) |
|
پوءِ ان ۾ هو نه مرندو نه جيئندو |
| قَد أَفلَحَ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 14) |
|
بيشڪ اهو ڪامياب ٿيو، جنهن پاڪائي اختيار ڪئي |
| وَذَكَرَ اسمَ رَبِّهِ فَصَلّىٰ (آيت : 15) |
|
۽ پنهنجي رب جو نالو ياد ڪيائين، پوءِ نماز پڙهيائين |
| بَل تُؤثِرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 16) |
|
پر توهان ماڻهو دنيا جي زندگيءَ کي وڌيڪ سمجهو ٿا |
| وَالءاخِرَةُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 17) |
|
حالانڪه آخرت وڌيڪ ڀلي آهي ۽ باقي رهڻ واري آهي |
| إِنَّ هٰذا لَفِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 18) |
|
اهائي ڳالهه آڳاٽن صحيفن (پاڪ ڪتابن) ۾ به ڄاڻائي وئي هئي |
| صُحُفِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ (آيت : 19) |
|
ابراهيم ۽ موسيٰ جي صحيفن ۾ |