| سَبِّحِ اسمَ رَبِّكَ الأَعلَى (آيت : 1) |
|
(اي رسول) پنهنجي عاليشان پروردگار جي نالي جي تسبيح ڪر! |
| الَّذى خَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 2) |
|
جنهن سڀ ڪنهن کي پيدا ڪيو پوءِ صحيح سالم بنايو. |
| وَالَّذى قَدَّرَ فَهَدىٰ (آيت : 3) |
|
۽ جنهن (ان جو) اندازو مقرر ڪيو وري راھ ڏسيائين. |
| وَالَّذى أَخرَجَ المَرعىٰ (آيت : 4) |
|
۽ جنهن (حيوانن لاءِ) چارو اڳايو، |
| فَجَعَلَهُ غُثاءً أَحوىٰ (آيت : 5) |
|
پوءِ ان کي ڪارو سڪو سڙيل ڪيائين. |
| سَنُقرِئُكَ فَلا تَنسىٰ (آيت : 6) |
|
اسين تو کي (اهڙو) پڙهائينداسون جو ڪڏهن نه ڀلندين. |
| إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ وَما يَخفىٰ (آيت : 7) |
|
پر جو خدا چاهي (منسوخ ڪري ڇڏي) بيشڪ اهو ظاهر ۽ ڳجھ کي ڄاڻي ٿو. |
| وَنُيَسِّرُكَ لِليُسرىٰ (آيت : 8) |
|
۽ اسين تو کي سولي طريقي جي توفيق عطا ڪنداسون. |
| فَذَكِّر إِن نَفَعَتِ الذِّكرىٰ (آيت : 9) |
|
ته جيترو سمجهائڻ فائدي وارو هجي سمجهائيندو. |
| سَيَذَّكَّرُ مَن يَخشىٰ (آيت : 10) |
|
جيڪو ڊڄي ٿو سو ته يڪدم ڄاڻندو. |
| وَيَتَجَنَّبُهَا الأَشقَى (آيت : 11) |
|
۽ بدبخت ان (ڳالھ) کان پاسو ڪندو، |
| الَّذى يَصلَى النّارَ الكُبرىٰ (آيت : 12) |
|
جيڪو (قيامت ۾) تمام وڏي (تيز) باھ ۾ داخل ٿيندو. |
| ثُمَّ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 13) |
|
وري ان ۾ مرندو ۽ نه جيئندو. |
| قَد أَفلَحَ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 14) |
|
بيشڪ اهو مراد کي پهتو جيڪو (شرڪ کان) پاڪ ٿيو. |
| وَذَكَرَ اسمَ رَبِّهِ فَصَلّىٰ (آيت : 15) |
|
۽ پنهنجي پالڻهار جي نالي جو ذڪر ڪندو ۽ نماز پڙهندو رهيو. |
| بَل تُؤثِرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 16) |
|
پر اوهين ته دنياوي زندگي کي پسند ڪريو ٿا، |
| وَالءاخِرَةُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 17) |
|
هوڏانهن آخرت گهڻو چڱي ۽ گهڻو بقا واري آهي. |
| إِنَّ هٰذا لَفِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 18) |
|
بيشڪ هي بيان ته پهرين صحيفن ۾، |
| صُحُفِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ (آيت : 19) |
|
ابراهيم ۽ موسى جي صحيفن ۾ (به) آهي. |