| سَبِّحِ اسمَ رَبِّكَ الأَعلَى (آيت : 1) |
|
چئو پَنهن جي پالڻهار جو، نالو پاڪ نِبار، مِڙِني ڪنان مانَ ۾، مَٿاهُون مُختيار، |
| الَّذى خَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 2) |
|
جوڙيا جِنهن جَھان ۾، جوڙون ۽ جِنسار، ضِدن مان ڪَئـِين ذاتيون، |
| وَالَّذى قَدَّرَ فَهَدىٰ (آيت : 3) |
|
توري ڪَيئين تيار، گڏئـِين گَرم، سَرد جا، مُقرّر مِقدار، پوءِ ڏيکارئـِين ڏاهن کي، قُدرتِي ڪِردار، |
| وَالَّذى أَخرَجَ المَرعىٰ (آيت : 4) |
|
۽ ڪَکَه ڪَڍيائـِين قِسم ڪَئـِين وَڻ ٽڻ وِئَ ولهار، |
| فَجَعَلَهُ غُثاءً أَحوىٰ (آيت : 5) |
|
مَٽي مُند مَلهار، پوءِ ڪَيائـِين ڪَرجھڻ اُن کي. |
| سَنُقرِئُكَ فَلا تَنسىٰ (آيت : 6) |
|
جلد پاڙهينداسون توکي، پوءِ حَرف نه هِڪ وِسار، |
| إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ وَما يَخفىٰ (آيت : 7) |
|
مگر مُوجِب تِنهن جي، جو گُھري رَبُّ غَفّار، جيڪِي ڳُجھ ڳوھ ۾، وَهِي ويرو تار، پڻ آهي جو اِظهار، سَچ پَچ سَمجھي سَڀ کي. |
| وَنُيَسِّرُكَ لِليُسرىٰ (آيت : 8) |
|
پوءِ جَلد ڏِينداسونءِ جنت لئي، سُهوليت سُڌير!، |
| فَذَكِّر إِن نَفَعَتِ الذِّكرىٰ (آيت : 9) |
|
جي نصحيت نفعو ڪيو، ته وَر وَر ڪَريو وير! |
| سَيَذَّكَّرُ مَن يَخشىٰ (آيت : 10) |
|
۽ ساڱائـِيندو سو صَحِي، جِنهن سو نڪو مَنجھ سَرِير، |
| وَيَتَجَنَّبُهَا الأَشقَى (آيت : 11) |
|
۽ ڪندو ڪنارو تنهن ڪنان، سِگھو شوم شَرِير، |
| الَّذى يَصلَى النّارَ الكُبرىٰ (آيت : 12) |
|
وِهلو وَڏِئَ باھ ۾، جو ڌوڪِيندو دِلگِير، |
| ثُمَّ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 13) |
|
موٽِي مَري نه تِنهن ۾، ۽ نه جِيئي مَنجھ زَنجِير، |
| قَد أَفلَحَ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 14) |
|
آجو ٿيو، جِنهن اُجرو، رکيو اَندر اَمِير، |
| وَذَكَرَ اسمَ رَبِّهِ فَصَلّىٰ (آيت : 15) |
|
۽ سارئـِين نالو سانيَسِ جو، پوءِ نِمِي وَهايئـِين نِير، |
| بَل تُؤثِرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 16) |
|
هِن عُمر نَنڍِي سان اُٽلندو، ڪريو قُرب ڪَثِير، |
| وَالءاخِرَةُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 17) |
|
۽ بيشڪ ڀَلـِي آخرة، ۽ بَقادار بَشِير! |
| إِنَّ هٰذا لَفِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 18) |
|
خبر اِي خَبِير!، سَڀ پَهريَنِ صَحِيفن ۾. |
| صُحُفِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ (آيت : 19) |
|
اِبراهِيم اِمام جا، پڻ سَندا مُوسٰى مِير، |