| سَبِّحِ اسمَ رَبِّكَ الأَعلَى (آيت : 1) |
|
(اي محمد) تون پنهنجي سڀني کان مٿاهين پاليندڙ جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر |
| الَّذى خَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 2) |
|
جنهن سڀڪنهن کي پيدا ڪيو |
| وَالَّذى قَدَّرَ فَهَدىٰ (آيت : 3) |
|
پوءِ صحيح سالم بنايو ۽ جنهن (شين جو) انداز و ڪيو پوءِ رستو ڏيکاري ڇڏيو |
| وَالَّذى أَخرَجَ المَرعىٰ (آيت : 4) |
|
۽ جنهن تازو گاهه ڄمايو |
| فَجَعَلَهُ غُثاءً أَحوىٰ (آيت : 5) |
|
پوءِ ان کي ڪارو سڪل سڙيل ڪيائين |
| سَنُقرِئُكَ فَلا تَنسىٰ (آيت : 6) |
|
(اي پيغمبر!) سگهوئي توکي پڙهائينداسون پوءِ تون ڪين ڀلندين |
| إِلّا ما شاءَ اللَّهُ إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ وَما يَخفىٰ (آيت : 7) |
|
مگر جنهن جي ڀلائڻ جو الله ارادو ڪندو. هن ڪري ته اهو ظاهر ۽ ڳجهه کي ڄاڻي ٿو |
| وَنُيَسِّرُكَ لِليُسرىٰ (آيت : 8) |
|
۽توکي تمام آسان شريعت لاءِ آساني پيدا ڪري ڏينداسون |
| فَذَكِّر إِن نَفَعَتِ الذِّكرىٰ (آيت : 9) |
|
پوءِ تون نصيحت ڪر جيڪڏهن نصيحت ڪرڻ فائدو ڏي |
| سَيَذَّكَّرُ مَن يَخشىٰ (آيت : 10) |
|
جيڪو الله کان ڊڄي ٿو سو سگهوئي ڌيان ڪندو |
| وَيَتَجَنَّبُهَا الأَشقَى (آيت : 11) |
|
۽ وڏو نڀاڳو ان کان پري ٿيندو، جو تمام وڏي باهه ۾ گهڙندو |
| الَّذى يَصلَى النّارَ الكُبرىٰ (آيت : 12) |
|
وري نه ان ۾ مرندو ۽ نه (آرام سان) جيئندو |
| ثُمَّ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 13) |
|
بيشڪ اهو مراد کي پهتو جيڪو پاڪ ٿيو |
| قَد أَفلَحَ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 14) |
|
۽ پنهنجي پاليندڙ جو نالو ياد ڪيائين پوءِ نماز پڙهيائين |
| وَذَكَرَ اسمَ رَبِّهِ فَصَلّىٰ (آيت : 15) |
|
پر اوهين تمام ويجهي حياتيءَ کي پسند ڪريو ٿا |
| بَل تُؤثِرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 16) |
|
هوڏانهن آخرت گهڻو چڱي |
| وَالءاخِرَةُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 17) |
|
۽ گهڻو بقا واري آهي |
| إِنَّ هٰذا لَفِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 18) |
|
بيشڪ هيءَ بيان ته پهرين ڪتابن ۾ |
| صُحُفِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ (آيت : 19) |
|
ابراهيم ۽ موسيٰ جي ڪتابن ۾ به آهي. |